فعل معاون جو استعمال:
”ڪوهه ٿو ڪاغذ ڪورئين، ويٺو وڃائين مس.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”رهيا آهن روح ۾، نت جني جا نيڻ.“
(شاهه: کنڀات)
”مون ٿــي چيُيءِ ڪانڌ، ڀتي ڀاڙ مَ مڪڙي.“
(شاهه:
سريراڳ)
”جن ڏٺا تن چيا ته اجهي ٿــا اچن.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻرين، پچان مر پيئي.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ويچاريءَ وڻڪار، اڳ نه ڏٺو هــو ڪڏهن.“
(شاهه: سسئي)
”پيرِيءَ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻي.“
(شاهه:
معذوري)
”پريان پير ڀري، تو لئي آئيو آهيـــان.“
(شاهه: سورٺ)
”ڪري نه سگهان ڪاءِ، انهين سندي ڳالهڙي.“
(شاهه:
کاهوڙي)
”تني کي ٻوڙي، ساهڙ ســگهي ڪين ڪي.“
(شاهه: سهڻي)
”اکر لکن نه دل تي، ٿــا ڪاغذ ڪارا ڪن.“
(سچل: آسا)
”ڏيو ٻاري سج کي، ٿــي ڏاهرين ڏٺو.“
(سچل: آسا)
”ابرو ڪش ڪمان، مارن ٿـــا محتاجن کي.“
(سچل:
ڀيروي)
”اوتي اکڙين مان پيو، باراني بحر.“
(سچل:
ڀيروي)
”اٺئي پهر اٺ، ٿـــو اوڳو اوڳاري.“
(سچل:
ڀيروي)
”هڪ واچوڙا واٽ تي، ٻي وسي ٿــي واري.“
(سچل:
ڪوهياري)
”سر سريلا سوز جا، سارنگ ٿــو سوري.“
(سچل:
سارنگ)
”جن ٿي پاليا پيٽ، ڪمن ڪالورن سان،
سي تا تيل ڦليل سان، ٿيون ملائن ميٽ.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”مکڻ ۽ ماکين جا چٽن ٿــا چاڻا.ۡ“
(سچل:
ڪلياڻ)
”ڪاريون ٿيــون ڪڏن، سمي جي سهاڳ تي.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”سورٺ مٿان منگتي، گهوران ٿِــي گهوري.“
(سچل:
سورٺ)
”عمر مون ڏي آيا، اباڻون عتاب،
کِئين محلين مارئي، ٿِـــي قورما ڪباب.“
(سچل:
کنڀات)
”وس نه ويڙهيچن جو، ٿــو لکيو لوڙائي.“
(سچل:
مالڪوس)
”آندو اٿـــم پاڻ سان، نيهه ڀريو نامو.“
(سچل:
مالڪوس)
”ويٺو آهــه وڳوڙجي، کنڀن کي کوڙي.“
(سچل:
مالڪوس)
”سنيهن ۾ سور، چوي ٿو چهنب سان.“
(سچل:
مالڪوس)
”ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿــو ڏيم دلاسا دل کي.“
(سچل:
مالڪوس)
2. فعل متعدي:
اهو فعل جن هن جي مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ فاعل
سان گڏ مفعول جي ضرورت پوي، تنهن کي فعل متعدي
چئبو آهي. مثلاً:
1.
الله هر جيوَ کي رزق پهچائي ٿو.
2.
سج سارو جهان روشن ڪري ٿو.
3.
شيطان انسان جي دل ۾ وسوسا پيدا ڪندو آهي.
مٿين جملن ۾ ’پهچائي ٿو‘، ’روشن ڪري ٿو‘ ۽ ’پيدا
ڪندو آهي‘ متعدي فعل آهن. ’پهچائي ٿو‘ فعل جو فاعل
آهي. ’الله‘، فقط فاعل سان فعل جو مطلب واضح نه ٿو
ٿئي، تنهنڪري جملي ۾ مفعول آندو ويو آهي، جو آهي
’رزق‘. ساڳي طرح ٻئي ۽ ٽئين جملي ۾ فاعل آهن. ’سج‘
۽ ’شيطان‘ جي پڻ مطلب جي وضاحت لاءِ مفعول جا
محتاج آهن، انهن جا مفعول جدا جدا آهن. ’جهان‘ ۽
’وسوسا‘. هن مان معلوم ٿيو ته فعل متعدي جو لاڳاپو
فاعل توڙي مفهول ٻنهي سان هوندو آهي.
فعل متعدي جا هيٺيان قسم آهن:
1.
متعدي معروف.
2.
متعدي مجهول.
3.
متعدي بالواسطه يا فعل سببي.
1. فعل متعدي معروف:
متعدي معروف اهو فعل آهي جنهن جو فاعل
ڄاڻايل هجي. مٿي ڏنل جملن ۾ ڪم آندل فعل: ’پهچائي
ٿو‘، ’روشن ڪري ٿو‘ ۽ ’پيدا ڪندو آهي‘. متعدي
معروف جا مثال آهن.
بعضي عبارت ۾ فاعل ڄاڻايل نه هوندو آهي،
تڏهن به فعل معروف ئي سڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته فاعل يا
ڳجهو هوندو آهي يا وري فعل ۾ خود فاعل جو مفهوم
سمايل هوندو آهي. مثلاً:
1.
تو ڏي جلد خط لکندس.
2.
ڪجهه پاڇي بچاءِ ته مينهن وسندي ڪم آڻي سگهين.
مٿين جملن ۾ فاعل استعمال ٿيل ڪونهي، پر ڪم آندل
فعل:
’لکندس‘، ’بچاءِ‘ ۽ ڪم آڻي سگهين، متعدي معروف
آهن، ڇاڪاڻ ته ’لکندس‘ فعل جو مطلب آهي ’مان
لکندس‘ ۽ ’بچاءِ‘ ۽ ’ڪم آڻي سگهين، فعلن جو فاعل
آهي ’تون‘، جو ڳجهو آهي.
فعل متعدي معروف جو استعمال:
”چانگا چندن نه چرين، ميا پئين نه موڪ.“
(شاهه: کنڀات)
”دنگيءَ ۾ داڻا وٺي وجهه وکر جا.“
(شاهه:
سريراڳ)
”جيڪي ڏٺئي تار ۾ ڪنڌيءَ سو ڪهيج.“
(شاهه: سهڻي)
”اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ســاريا.“
(شاهه: بروو)
”آءٌ ڪيئن لوئي لاهيــان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.“
(شاهه:
مارئي)
”سوريه سارو ابر ۾ لوٺين ڪين لــڌو.“
(سچل: آسا)
”عشق اهو آئيءَ کان ســکيو ساميئڙن.“
(سچل: آسا)
”روز ازل
استاد اسان کي سٽ پريت جي پاڙهي.“
(سچل:
گجري)
”عاشق پيــن زقوم هٿان حبيبن جي.“
(سچل:
ڀيروي)
”پڙهي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي.“
(سچل:
مالڪوس)
”آڻي ڪانگ ڏنيــاس، ڪتابت قريب جي.“
(سچل:
مالڪوس)
”ڪانگا ڪتابت، ساري سانڍج ساهه سين،
اها امانت، ٻي ڪنهن عام نه آڇئين.“
(سچل:
مالڪوس)
”ننڊن ۾ نهاريـــان، پکڙا ۽ پنهوار.“
(سچل:
کنڀات)
”اوڏهن اڏاريام، ڪل لهڻ لاءِ ڪانگڙا.“
(سچل:
کنڀات)
2. فعل متعدي مجهول:
اهو فعل متعدي، جنهن جو فاعل ڄاڻايل نه
هجي ۽ ان جو مفعول فاعل جو قائم مقام هجي، تنهن کي
فعل متعدي مجهول چئبو آهي. مجهول جي معنيٰ آهي:
’اڻڄاتل‘.
مثلاً:
1.
ڪائنات کي هڪ مقرر عرصي لاءِ خلقيو ويو آهي.
2.
مغرور انسان کي دوزخ جي باهه ۾ وڌو ويندو.
3.
زمين هر سان کيڙبي آهي.
مٿين جملن ۾ ’خلقيو ويو آهي‘، ’وڌو ويندو‘ ۽
’کيڙبي آهي‘ متعدي مجهول جا صيغا آهن، جن ۾ اصل
فاعل: ’ڪائنات جو خالق‘، ’باهه ۾ وجهڻ وارو‘ ۽
’زمين کيڙڻ وارو‘ ڄاڻايل ڪونهن ۽ انهن جي جاين تي
مفعول جي لفظن: ’ڪائنات‘، ’انسان‘ ۽ ’زمين‘ کي
نمايان ڪيو ويو آهي.
فعل متعدي مطلق هجي يا مشتق، ان جي صورت
معروفي توڙي مجهول ٿي سگهي ٿي.
مجهول جي صيغي جو استعمال خاص طرح چئن
حالتن ۾ ٿيندو آهي:
1.
جڏهن فاعل جي حيثيت غير معمولي يا اعلى درجي جي
هوندي آهي.
2.
جڏهن فاعل جي خبر نه هوندي آهي.
3.
جڏهن فاعل کي هروڀرو لڪايو يا ڳجهو رکيو ويندو
آهي.
4.
جڏهن مفعول کي فاعل کان وڌيڪ نمايان ڪرڻ جو خيال
هوندو آهي.
متعدي مجهول جون ترڪيبون:
1.
اسم مفعول جي پٺيان ’وڃڻ‘ مصدر جو گهربل صيغو جنس
۽ عدد مطابق آڻڻ سان متعدي مجهول ٺهندي آهي،
مثلاً:
2. متعدي مجهول جي مصدر جا صيغا جنس ۽ عدد مطابق
آڻڻ سان فعل متعدي مجهول ٺهندو آهي. عام طرح متعدي
معروف جي مصدر جي پوئين ’ڻ‘ جي اڳيان حرف ’ج‘ آڻڻ
سان متعدي مجهول جي مصدر ٺهندي آهي، مثلاً:
متعدي معروف
متعدي مجهول
جي مصدر جي
مصدر
پَڙهڻ
پَڙهجڻ
ڇَڏڻ
ڇَڏجڻ
سَگهڻ
سَگهجڻ
گَڏڻ
گَڏجڻ
وَٺڻ
وٺجڻ
وَڍڻ
وَڍجڻ
ڪاهڻ
ڪاهجڻ
کائڻ
کائجڻ
مارڻ
مارجڻ
هارڻ
هارجڻ
ڏِسڻ
ڏِسجڻ
سِبڻ
سِبجڻ
لِکڻ
لِکجڻ
چِيرڻ
چيِرجڻ
ليڪڻ
لِيڪجڻ
ڪُٽڻ
ڪَٽجڻ
گُهرڻ
گُهرجڻ
لُٽڻ
لُٽجڻ
چُوسڻ
چُوسجڻ
لوپڻ
لوپجڻ
کولڻ
کولجڻ
ڳولڻ
ڳولجڻ
لوئڻ
لوئجڻ
ليکڻ
ليکجڻ
ويڙهڻ
ويڙهجڻ
مجهول جي ڪن ترڪيبن ۾ معروف جي مصدر جا ڪي
حرف. جهڙوڪ:
’ڌ‘، ’ر‘، ’هه‘ ۽ ’ء‘ جداجدا ’جهه‘، ’ج‘، ’ڀ‘ يا
’س‘ ۽ ’پ‘ يا ’ڄ‘ ۾ تبديل ٿيندا آهن. مثلاً:
ٻَڌڻ
ٻَجهڻ، ٻَڌجڻ
رَڌڻ
رَجهڻ، رَڌجڻ
ڪَرڻ
ڪَجڻ
ڏُهڻ
ڏُڀڻ
لَهڻ
لَڀڻ
ڪُهڻ
ڪُسڻ
گَهڻ
گَسڻ
کائڻ
کاڄڻ
ڌوئڻ
ڌوپڻ، ڌوئجڻ
گردان:
لکجي
ٿو، پيو لکجن ٿا، پيا لکجي ٿِي، پيئي
لکجن ٿيون، پيئون
لِکي سگهجي ٿو لِکي سگهجن ٿا
لکي
سگهجي ٿي، لکِي سگهجن ٿيون
لکجِي ويو آهي لکجِي ويا آهن لکجي ويئي آهي
لکجِي ويئون آهن
لکجِي ويندو آهي لکجِي ويندا آهن
لکجِي ويندي آهي لکجِي ويئون آهن
لکجِي ويو آهي لکجِي ويا لکجِي ويئي
لکجِي ويئون
لکجِي ويو هو لکجِي ويا هئا
لکجِي ويئي هئي لکجِي ويئون هيون
لکجِي ويندو هو لکجِي ويندا هئا لکجِي
ويندي هئي لکجِي ويئون هيون
لکجِي ها لکجن ها
لکجِي
ها لکجن ها
لکجِي وڃي ها لکجِي وڃن ها لکجِي وڃي ها
لکجِي وڃن ها
لکجِي ويندو لکجِي ويندا لکجِي ويندي
لکجِي وينديون
3. مجهول جي هڪ ٻي صورت، مجهول جي مصدر جي
حرف ’ج‘، ’ب‘ ۾ تبديل ڪرڻ سان ٺهندي آهي، جا جنس ۽
عدد ۾ ڦري سگهندي آهي. مثلاً: چئبو، ڳولبو ۽ ليکبو
وغيره. مجهول جي هن ترڪيب مان مستقبل ۾ ڪم ٿيڻ يا
هلندڙ يا گذريل زماني ۾ هميشه جاري رهڻ جي معنيٰ
نڪرندي آهي، جيئن هيٺ ڏنل گردان مان معلوم ٿيندو: |