مسلمانن جا نالا عام طرح عربيءَ نوع جا هوندا آهن،
جن جي ترڪيب اضافت واري هوندي آهي، مثلاً:
امام الدين
عبدالستار
عبدالڪريم
عبدالله
عبداللطيف
عبدالمجيد
مظهرالحق
نورالعين
حرف اضافت جو استعمال:
”توبهه سندي تسبيح پڙهي سا پڄاءِ.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”سپيريان جي سور جو ماڻهن ڏجي نه منجهه.“
(شاهه:
ڪلياڻ)
”پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي.“
(شاهه:
ڪلياڻ)
”محب جي ميدان ۾، سر جو ڪرم سانگ.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ميا تو مهار، سڄي پايان سون جي.“
(شاهه: کنڀات)
”محب سندو من ۾ ماڻڪ ٻارج مچ.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ڪچ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا.“
(شاهه:
سريراڳ)
”وڻجارن وائي، سدا آهه سفر جي.“
(شاهه:
سامونڊي)
”مون سر وٺا جيڏيون، ڏکن سندا مِينهن.“
(شاهه:
سامونڊي)
”مينهون هن ميهار جون، الا سڀ جين.“
(شاهه: سهڻي)
”مندائتي مينهن جِي، کوڻ نه کوٽي.“
(شاهه:
سارنگ)
”سکن واري سَڌ، متان ڪا مون سان ڪري.“
(شاهه: سسئي)
”ڏکيءَ سنديون ڏونگرين، اوڇنگارون اچن.“
(شاهه:
معذوري)
”اڌ لڳيون آهين، اکين آديسين جون.“
(شاهه:
رامڪلي)
”خالق تنهنجي کاند جو پرو پاند نه ڪو،
نالو رب سندو، رهيو آهي روح ۾.“
(شاهه: ڏهر)
”محبت جون ميڇون ڪور پروڙي ڪين ڪي.“
(شاهه: آسا)
”سرمو سفيدي جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي.“
(شاهه: آسا)
”پکن ۾ پيهي، محلن جِي مر لاهيان.“
(شاهه: مارئي)
”آءُ ڪانگان ٻهه ڪول، سُڌيون ڏي ساڻيهه جون،
جي آندئي
عجيبن جا، سي خط خوشيءَ مان کول،
آءٌ سڻان تون ٻول، سنيهو سڄڻ جو.“
(شاهه: پورب)
”نڌر کي نصيب ٿئي، شل پنهل جو پاڙو.“
(شاهه: پورب)
”رويون چمان رند، آيل اوٺارن جا.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”تماچيءَ تيريون، ڪينجهر جون ڪنيون کڻي.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”مکڻ ۽ ماکين جا چٽن ٿا چاڻا.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”ڪاريون ٿيون ڪڏن، سمي جي سهاڳ تي.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”ڏولائي جا ڏينهڙا، لاٿا پاڻ خداءِ.“
(سچل:
پهاڙي)
”لوئي هڏ نه لاهيان، نيشاني جا نيهه جي.“
(سچل:
کنڀات)
”ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.“
(شاهه: ڪلياڻ)
اوُلٰئِڪ اصحاب الجنة، ماڳ سندن موچار.“
(شاهه:
مارئي)
4. حرف ندا: اهو حرف، جو سڏ يا خطاب ڪرڻ
واسطي استعمال ڪجي، تنهن کي حرف ندا چئبو آهي. ندا
جي معنيٰ آهي آواز يا سڏ، ’اڙي‘، ’اي‘، ’او‘، ’وو‘
۽ ’يا‘ حرف ندا جا لفظ آهن.
محاوري ۾ هروڀرو حرف ندا جا لفظ ڪم ڪونه
آڻبا آهن، ڇاڪاڻ ته مخاطب ماڻهن جي اڳيان اهڙن
لفظن جو استعمال تحقير جوڳو محسوس ٿيندو آهي، البت
ڪن خاص حالتن ۾ اهڙو استعمال مناسب پڻ نظر ايندو
آهي، مثلاً: استغاثه يعني مدد گهرڻ يا عام ميڙ کي
خطاب ڪرڻ جي وقت ندا جا لفظ ڪم آڻبا آهن. اهڙا ڪي
مثال هيٺ ڏجن ٿا:
ياالله، منهنجا دک درد دور ڪر.
*
اي انسانو! پنهنجين ڪوتاهين تي نظر رکو ۽
انهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
*
جيڪڏهن ڪو ماڻهو فاصلي تي يا پري هوندو
آهي، ته هن کي ’او‘ يا ’وور‘ جي لفظ سان سڏبو آهي،
مثلاً:
او ويندڙ، اتي بيهه.
*
وو گاڏيءَ وارا، گاڏي اتي جهل.
’اڙي‘ خاص تحقير جو لفظ آهي، جو گهٽ درجي
وارن ماڻهن يا نوڪرن چاڪرن کي چوڻ يا سڏڻ واسطي ڪم
آڻبو آهي، مثلاً:
اڙي، تو ايترو وقت ڪٿي لاتو، ڇو نه وهندو
ئي موٽي آئين؟
ندا جي الڳ لفظن استعمال ڪرڻ کانسواءِ به
ندا جو مفهوم ادا ٿيندو آهي جو منادي لفظن ۾ سمايل
هوندو آهي. اهڙيون سمايل صورتون هيٺ ڏجن ٿيون:
1. منادي لفظ
جو پويون حرف جيڪڏهن حرف صحيح آهي، يعني حرف علت
نه آهي، ته مذڪر جي حالت ۾ ان تي زبر ۽ مؤنث جي
حالت ۾ ان تي زير ايندي آهي، مثلاً:
فقير، توکي جو ڪجهه ملي ان تي راضي رهه.
*
انسانَ، تون پنهنجي عارضي زندگيءَ تي
مغرور نه ٿي،
جاهلِ، تون انهيءَ ڳالهه کي نه سمجهي
سگهندينءَ.
مٿين مثالن ۾ ’فقيرَ‘ ’انسانَ‘ ۽ ’جاهلِ‘
منادي لفظ آهن، جن جو جدا جدا مفهوم آهي: اي فقير،
اي انسان ۽ اي جاهل (عورت).
استعمال:
”عاشقَ، معشوقن جو وٺي ويهج در.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”واهڙَ، ڀريون نه پاءِ، تو پڻ ليکيو ڏيڻو.“
(شاهه: سهڻي)
”ڏونگرَ، مون مَ ڏکوءِ، آءٌ اڳ ڏکوئي آهيان.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”غافلِ غفلت ڇوڙ، تون ڪين اڻاسي اوجهرين.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”ستر ڪو ستارَ، آءٌ اگهاڙي آهيان.“
(شاهه: ڏهر)
”پٽولا پنهوار کي، عمرَ آڇ مَ تون.“
(شاهه:
مارئي)
”ڪانگلَ، نيئي
ڪانگه، منهنجي ڏي محبوب کي.“
(شاهه: پورب)
”ويٺي ورهه وسايان، ڪانڌَ اچي لهه ڪل.“
(سچل:
ڪوهياري)
ب – منادي لفظ جو پويون حرف ’و‘ هوندو ته
اهو ’و‘ مٽائي ان جي جاءِ تي ’ا‘ آڻبو آهي، مثلاً:
ڇوڪرا، جيڪڏهن تون سعادت ماڻڻ ٿو گهرين،
ته ماءُ پيءُ جو ادب ۽ خدمت ڪر.
*
ابا، دنيا جا ماڻهو ڪهڙا نه لالچي آهن.
شهزادا، تنهنجي ڪنڌ تي سڄي ملڪ جو بار
آهي، تنهنڪري سمجهي قدم کڻ.
مٿين مثالن ۾ ’ڇوڪرا‘، ’ابا‘ ۽ ’شهزادا‘
منادي حالت ۾ آهن، جن جي اصلي صورت آهي: ڇوڪرو،
ابو ۽ شهزادو.
استعمال:
انڌا اونڌا ويڄَ، کل ڪڄاڙئا کانئين.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”ٻيڙياتا، ٻيئي ڳالهيون تو نه ڦٻنديون.“
(شاهه:
سريراڳ)
”هلندي حبيبن ڏي، ڪرها، موڙ مَ ڪنڌ.“
(شاهه: کنڀات)
”اداڙي ٻانڌي، توکي ڪڙهان ڪِ پاڻ کي.“
(شاهه: سهڻي)
”مر ته آئين مڱڻا، چڱو ڪيو تو ڪم.“
(شاهه:
سورٺ)
”سوڍا، توڳر ساهه، نه ته راڻا گهڻا راڄ ۾.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”ڇڏ سٻرايون سومرا، عمرَ، لڳ الله.“
(شاهه: مارئي)
”ميا، اڻ ميا ٿو کنيو وتين بار.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مُلا، سمجهين
ڪين ڪي، تون محبوبن جي مام.“
(سچل: آسا)
”ٻاجهه ٻاروچا ڪر، مون ٿر ٿيليو نه ٿئي.“
(سچل:
ڪوهياري)
ڏاها، گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائين.“
(سچل:
مالڪوس)
”ڪانگا، چؤ ڪيئن، سرها ڏٺئي سپرين.“
(سچل:
مالڪوس)
ت – هيٺين مصرعن ۾ منادي لفظن جي مختلف صورت ڏنل
آهي، جا شعر ۾ ڪم آندي ويئي آهي:
”ادا، انهيءَ پار جا موڙي اچو مڏ.“
(شاهه:
سهڻي)
”جتا شال جيو، جيو ٿا جاڙون ڪريو.“
(شاهه: ديسي)
”شاها، تنهنجي شفقت جو آهي ڪونه شمار.“
(سچل:
ڪلياڻ)
پهرئين مثال ۾ منادي لفظ ’ادا‘ جي اصلي
صورت واحد جي صيغي واري آهي، پر هتي جمع جي معنى ۾
استعمال ڪئي ويئي آهي. ٻئي مثال ۾ ’جَتَ‘ لفظ، جو
جمع جو صيغو آهي، ان ۾ ’ا‘ جو اضافو ڪري منادي
لفظ بڻايو ويو آهي ۽ ٽئين مثال ۾ ’شاهه‘ لفظ جي
منادي صورت ’شاهه‘ هئڻ گهرجي، پر ان ۾ ’ا‘ جو
اضافو ڪري ’شاها‘ ڪيو ويو آهي.
ث – بعضي اسمن جو پويون حرف ’ا‘ هوندو
آهي، پر اهي واحد جي صيغي ۾ هوندا آهن ۽ منادي
صورت ۾ ساڳي حالت ۾ رهندا آهن، مثلاً:
”راجا، پنهنجي روح ۾ آڻج نا ارمان.“
(سچل: سورٺ)
ج – مؤنث اسم عام طرح منادي صورت ۾ به ساڳي حالت ۾
رهندا آهن، مثلاً:
امڙِ، آيلِ، جيجلِ، سانئڻِ، زالَ، مادرِ، ماءُ،
مُنڌَ وغيره.
استعمال:
”روئان رهن نه سپرين، آيلِ، ڪريان ڪيئن؟“
(شاهه:
سامونڊي)
”ويهه مَ منڌَ، ڀنڀور ۾، ڪر ڪو واڪو وس.“
(شاهه:
سسئي)
”ڀينَرُ، آءٌ ڀوري، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.“
(شاهه:
سسئي)
”ٻانڀڻِ، ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کينئي ڪيچ جا.“
(شاهه:
معذوري)
”مادرِ، مٿان مون، ڪانگ لمندا ڪڏهن.“
(شاهه:
حسيني)
”امڙِ اوري اچ، ته سِٽَ سڻاينئي سور جي.“
(شاهه:
حسيني)
”ماءُ، وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پانهنجي.“
(شاهه:
حسيني)
ح – اهي اسم، جن جي پڇاڙي ’اُو‘، ’اُون‘،
’اِي‘، ’اِين‘ يا ’يُون‘ هوندي آهي، سي منادي صورت
۾ به ساڳي حالت ۾ رهندا آهن، مثلاً:
پينُو، ماروُ، ماڻُهو، يا ماڻهُون، ادِي،
پاتڻِي، پرِين، جوڳِي، ڌڻِي، ساٿي، سانئِين،
ماهِي، هادِي وغيره.
استعمال:
”ايهين ڪج پاتڻي، جنهن پر پرينءَ مڙا.“
(شاهه:
سامونڊي)
”رُلِي، ڀانيئي راند، ٻانڀڻ، عشق ٻروچ جو.“
(شاهه: سهڻي)
”اديون، سڀ اندام، چڙن منهنجا چوريا.“
(شاهه:
سسئي)
”پنهون پاڻ پيار، ته اڃ سين اڄ اجهائيان.“
(شاهه: سسئي)
”وريتيون، ورو، آءٌ نه ورندي ور ريءَ.“
(شاهه:
سسئي)
”سڏ تنهنجا سپرين، آءُ ٿي سڃاڻان.“
(شاهه: بروو)
”جوڳي، تنهنجي جوڳ ۾ ڳالهه گهرجي ڳچ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”مارُو ڄام ملير، پڇج ڪِي پهنوار کي.“
(شاهه: مارئي)
”پانڌي، پرين پهنوار کي، چيم تئن چئيج.“
(شاهه: مارئي)
”آرِي، اچين شال، نماڻيءَ جي نجهري.“
(سچل:
ڪوهياري)
”ساقِي، ڏيج سٺي، سرڪ صراحيءَ مان ڪڍي.“
(سچل:
ڀيروي)
”والِي، وسائيج، دردمنديءَ جو ديس.“
(سچل:
سارنگ)
5. حرف تمنا يا دعا: اهو حرف، جنهن مان
تمنا، خواهش يا آرزو ظاهر ٿئي، تنهن کي حرف تمنا
يا دعا چئبو آهي.
هيٺيان لفظ تمنا ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آڻبا
آهن:
اَلا، جيڪر، شال، شل، ڪاش، ڪر، مانَ، مَنَ
وغيره.
استعمال:
”ويڄ مَ ٻُڪي ڏي، اَلا چڱي مَ ٿيان،
سڄڻ مانَ اچي، ڪرلاهو ٿي ڪڏهين.“
(شاهه:
ڪلياڻ)
”جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون.“
(شاهه:
سامونڊي)
”ڏسان شال، اکين سان، هوتاڻو حضور.“
(سچل: ڪوهياري)
”نڌر کي نصيب ٿئي، شل، پنهل جو پاڙو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”هي مون ڏسي
حال، مَنَ ٻاروچل ٻاجهه ڪري.“
(سچل:
ڪوهياري)
1.
حرف تعجب: اهو حرف، جنهن سان عجب يا حيرت جو اظهار
ٿئي، تنهن کي حرف تعجب چئبو آهي.
هيٺيان لفظ عام طرح حرف تعجب ٿي ڪم ايندا آهن:
مارءِ، مارڀيڻي، وّڃُ، هڻ ته سهي وغيره.
استعمال:
مار، حال ته ڪهڙا بڇڙا ٿي ويا اٿس!
*
هڻ ته سهي، پاڻهي ناهي ڄڻ ته آفت اچي ليٽي آهي!
*
وَڃُ اڃا اڳڀرو، پنڌ ته کٽيئي ڪونه ٿو!
7. حرف تاسف: اهو حرف، جو افسوس يا ارمان
ظاهر ڪرڻ لاءِ منهن مان نڪري، تنهن کي حرف تاسف
چئبو آهي.
هيٺيان لفظ حرف تاسف ٿي ڪم ايندا آهن:
اُف، افسوس، اوهه، اوهو، آهه، آها، گهوڙا،
گهوڙا، گهوڙاڙي، ناحق، واءِ، واءِ، هاءِ، هاءِ
هاءِ، هئي، هئي، هيهات وغيره.
استعمال:
”هئي هئي ڪيو هاءِ، ٿي پاڻ هڻي سر پاهڻين.“
(شاهه:
ديسي)
”گهوڙاڙي گهوڙا، آءٌ نه جيئندي ان ري.“
(شاهه:
رامڪلي)
”اُٿي اِئين چيائين، ته گهوڙا، گهر نه سپرين.“
(شاهه:
ڪريم)
اُف، منهنجي ڪري هن ويچاري ڪيڏو نه سور سٺو آهي!
*
اوهو، ڪهڙو نه سٺو وجهه مليو هوم!
*
آهه، ڪهڙو نه چڱو ماڻهو هو، آخر هر ڪنهن کي هلڻو
آهي!
*
ناحق، سندس سڄو گهر اجڙ ٿي ويو!
*
8. حرف تحسين: اهو حرف، جو خوشي ظاهر ڪرڻ
يا ڪنهن جي تعريف يا تحسين ڪرڻ لاءِ ڪم آڻجي، تنهن
کي حرف تحسين چئبو آهي.
اڪثر ڪري هيٺيان لفظ تحسين واسطي ڪم آڻبا
آهن:
آفرين، بلي، بلي بلي، ڀلو ڀلو، جَسَ، خوب،
سبحان الله، شاباش، شابس، واهه، واهه واهه، وغيره.
استعمال:
”وسايائين وڏڦڙو، واٽن تي، واهه واهه.“
(سچل: سارنگ)
”ادا مسڪين کي وهه وهه، وڻي سانگيءَ سندي مصرع.“
(مسڪين)
آفرين، بيشڪ تون دلير آهين.
*
خوب، شعر ڪهڙو نه موزون ۽ ذومعنى آهي.
*
سبحان الله، ڇا مڙس جو آواز هو ۽ ڇا سندس ڪلام.
*
شاباش پٽ شاباش، انسانذات جي ائين خدمت ڪندين، ته
توکي چڱو اجر ۽ ثواب ملندو.
9. حرف نفرين: اهو حرف، جو ڪراهت، لعنت يا نفرت
ظاهر ڪرڻ لاءِ منهن مان ڪڍجي، تنهن کي حرف نفرين
چئبو آهي.
هيٺيان لفظ گهڻو ڪري نفرين طور ڪم آڻبا آهن:
الامان، الامان و الحفيظ، استغفرالله، اُنهُن،
ٻَنِ، ٻوڏُ، تف، توبهه، ٿُو، ٿُوٿُو، پناهه، ڦِٺِ،
ڦوٽُ، ڇِه، کوءِ، کُههِ گهروءِ، گهوريو، لعنت،
لاحول ولاقوت، معاذالله، ماڻهيان، نعوذبالله، هُڏ،
هِٺِ، هيٺ، هُن وغيره.
استعمال:
امڙ، کوءِ گهورءِ، مونهان، ساٿڙو وڃي نڱيو.“
(شاهه:
حسيني)
”کوءِ ٻولي، کوءِ ٻروچ، گهوري ذات جتن جي.“
(شاهه:
حسيني)
”کُههِ پنهون، کُههِ پريتڻو، کُههِ، هاڙهو، ٻَن
هوت.“
(شاهه: ديسي)
”کُههِ سا کاڻي راتڙي، جا پرينءَ ريءَ پيئي.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”وَرَ اباڻن سين اُڃ، کُههِ شربت تنهنجو سومرا.“
(شاهه: مارئي)
”کوءِ سميون،
ٻَن سومريون جي ڄامن جون ڄايون.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”جي هو چونس، ٻوڏ، ته جيءُ سڻائي جڳ ۾.“
(شاهه:
حسيني)
”جنين سندو آهئين، سي جي چونئي هِٺ،
هوجي چونئي ڦِٺِ، ته ڪانيارو ٿئين ڪڙم ۾.“
(شاهه:
معذوري)
”توبهه توبهه، ڪيو تند تاڻي.“
(حافظ پنيو: ڪاپائتي
مت)
”توبهه الامان، ترس نه تن تر جيترو.“
(سچل:
ڀيروي)
”گدڙ ڊاک نه ڀڄي، آکي ٿُو، کٽا.“
*
ٿُو ٿُو، دوا ڏاڍي ڪوڙي آهي.“
*
نعوذبالله، ڇا الله جو شان، ڇا گستاخي.
*
|