(9) صفت جا درجا
سنڌيءَ ۾ صفت جا درجا، سنسڪرت ۽ فارسيءَ
وانگر تشبيهي علامتن ملائڻ سان نٿا ٺهن، پر صفت جي
درجن ظاهر ڪرڻ لاءِ ڀيٽ ڪيل شيءِ جي پٺيان حرف جر
جا لفظ، جهڙوڪ: ’کان‘ ۽ ’۾‘ وغيره استعمال ٿين ٿا،
البت صفت سان گڏ ظرف جا لفظ به، جهڙوڪ: ’وڌيڪ‘،
’گهٽ‘ ۽ ’ڪجهه‘ استعمال ٿيندا آهن. هيٺيان جملا
مثال طور ڏجن ٿا:
مور هڪ سهڻو پکي آهي.
مور ڪبوتر کان سهڻو آهي.
مور ڪبوتر کان وڌيڪ سهڻو آهي.
ڪبوتر مور کان گهٽ سهڻو آهي.
ڪبوتر ڳيري کان ڪجهه سهڻو آهي.
مور سڀني پکين ۾ سهڻو آهي.
ڀيٽ جي لحاظ کان صفت جا ٽي درجا آهن:
1.
صفت نفسي
2.
صفت تفضيلي
3.
صفت مبالغو
1. صفت نفسي:
اها صفت، جنهن جو تعلق فقط پنهنجي موصوف
سان هجي، يعني فقط موصوف جي وصف بيان ڪري، تنهن کي
صفت نفسي چئبو آهي. مثلاً:
”اڇي پڳ مَ پس اندر مڙيوئي اڳڙيون .“
’اونداهي رات ۾ تارا واٽ ڏَسيندا آهن.‘
’ڪلراٺي زمين ۾ عمدو فصل پيدا نه ٿيندو
آهي.‘
’وضو يا غسل پاڪ پاڻيءَ سان ڪرڻ گهرجي.‘
مٿين جملن ۾ ڏنل لفظ: ’اڇي‘، ’اونداهي‘،
’ڪلراٺي‘، ’عمدو‘ ۽ ’پاڪ‘ صفت نفسيءَ جا مثال آهن.
صفت نفسيءَ جو استعمال:
”اڄ پڻ اڍنگا ويڻ، مون کي مڪا جيڏيين.“
(شاهه: مارئي)
”آيل سامونڊين جي آهي اڙانگي جُوءِ.“
(شاهه:
سامونڊي)
”مون ٿي چيئي ڪانڌ، ڀُتي ڀاڙ مَ مڪڙي.“
(شاهه:
سريراڳ)
”مينهون پاڻ مراديون ٿڌا چرن ٿر،
وڏي اوهه آئيون، پٺيءَ لائي ڦر،
ساري اچيو سَمهِيون ڏين کير سڄر.“
(شاهه: سارنگ)
”ٿڌي مٽي ٿر جي وليءَ وسائجاه.“
(شاهه: مارئي)
”پڪا رڇ ڪنڀار جا، پڪي نهائين.“
(شاهه: سهڻي)
”چڱا چنڊ چئيج، سنيها کي سڄڻين.“
(شاهه: کنڀات)
”سرهو سر وڃائيو ڪوڙن ڪانيرن.“
”سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا.“
(شاهه: کاهوڙي)
”سٻر سيءُ پيو، نه مون سوڙ نه گبرو.“
(شاهه: رپ)
”سنهي سئيءَ سبيو مون ماروءَ سين ساهه.“
(شاهه: رپ)
”ڪوهيارو قهري، ويو نهوڙي ننڊ ۾.“
(شاهه: ديسي)
”کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ.“
(شاهه: مارئي)
”خبر ڏي کري ڪا مومل جي مجاز جي.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”ننڍي وڏي ڳالهڙي سڄي ٿا سمجهن.“
(شاهه: پرڀاتي)
”وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مرن.“
(شاهه: معذوري)
”ٻيون سڀ ڪوڙيون ڳالهيون سچا! سچو عشق الستي.“
(سچل: گجري)
2. صفت تفصيلي:
اهو صفت جو لفظ جو ٻن يا وڌيڪ اسمن يا
ضميري جي پاڻ ۾ مشابهت، سبقت يا فضيلت ظاهر ڪري،
تنهن کي صفت تفصيلي چئبو آهي، مثلاً:
’هوائي جهاز ريل کان رفتار ۾ تيز آهي.‘
’ذلت جي رزق کان عزت جي بک چڱي آهي.‘
’مصيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صبر کان وڌيڪ
مناسب طريقو ٻيو ڪونهي.‘
مٿين جملن ۾ لفظ: ’تيز‘، چڱي‘ ۽ ’مناسب‘
صفت تفصيليءَ جا مثال آهن.
3. صفت مبالغو:
اهو صفت جو لفظ، جو هڪ موصوف جي ٻين
مڙني جي ڀيٽ يا مقابلي ۾ برتري يا فضيلت بيان ڪري،
تنهن کي صفت مبالغو چئبو آهي. مثلاً:
’سڀني مندن ۾ بهار جي مند وڻندڙ آهي.‘
’انسان سمورن ساهوارن ۾ اشرف آهي.‘
دنيا ۾ سڀ کان چڱو ماڻهو اهو آهي، جو
خدا جي خلق جي خدمت ڪري.‘
مٿين جملن ۾ لفظ ’وڻندڙ‘، ’اشرف‘ ۽ چڱو
’صفت‘ مبالغي جا مثال آهن.
صفت جي درجن جي سڃاڻپ:
1. صفت جي درجن ٺهڻ جو ڪو خاص طريقو يا
قاعدو ڪونه آهي. ڪنهن به صفت جي معلومات جملي ۾
سندس لاڳو اسمن يا ضميرن جي ڏيکاريل مقابلي مان
پئجي سگهي ٿي. صفت جي ڀيٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ جي اکر
عام طرح ڪم ايندا آهن، سي آهن: ’کان‘، ’کؤن‘،
’مان‘، ’منجهان‘ ۽ ’۾‘ وغيره. البت مبالغي جي حالت
۾ مذڪور اکرن اڳيان لفظ، جهڙوڪ: ’سڀ‘، ’سڀڪنهن‘،
’هرڪنهن‘، ’سڀني‘، ’مڙني‘ يا ’هڙني‘ استعمال ڪبا
آهن، مثلاً:
’سڀ کان سڀ کون سڀ
مان سڀ منجهان،
سڀ ۾
سڀڪنهن کان سڀ ڪنهن کون سڀڪنهن مان
سڀڪنهن منجهان
سڀڪنهن ۾
هرڪنهن مان هر ڪنهن کون هرڪنهن مان هر
ڪنهن منجهان،
هر ڪنهن ۾
سڀني کان سڀني کون سڀني
مان سڀني منجهان
سڀني ۾
مڙني کان مڙني کون مڙني
مان مڙني منجها،
مڙني ۾
هڙني کان هڙني کون هڙني
مان هڙني منجهان،
هڙني ۾
2. تشبيهه يا ڀيٽ جي اکرن استعمال ڪرڻ کان سواءِ
صفت جي لفظن مان تفصيل يا مبالغي جو مفهوم حاصل
ڪري سگهجي ٿو. مثال طور چند جملا درج ڪجن ٿا:
’هيءَ چڱيري تصوير آهي.‘
’ڳوٺ ۾ ڪو موچارو مڪان ڪونه آهي.‘
’اهڙو ٻيو ڪو روشن تارو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.‘
’ايشيا کنڊئي آهي جو وڏو ليکيو وڃي ٿو.‘
’گهڻي دولت فقط تجارت ڪرڻ سان ئي حاصل
ٿي سگهي ٿي.‘
پهرين ٻن جملن ۾ ’چڱيري‘ ۽ موچارو‘ صفت جا
لفظ ڏيکارين ٿا ته موصوف جي ڀيٽ سڀني سان نه، پر
ڪن ٿورن سان ڪئي ويئي آهي، تنهنڪري انهن صفتن کي
صفت تفصيلي شمار ڪبو، اهڙيءَ طرح پوين ٽن جملن ۾
صفت جا لفظ: ’روشن‘، ’وڏو‘ ۽ ’گهڻي‘ ڏيکارين ٿا ته
موصوف جو درجو مڙني ۾ مٿانهون آهي، تنهنڪري انهن
کي صفت مبالغو سڏبو.
3. هونئن ته صفت هميشه موصوف سان عدد ۽
جنس ۾ متفق هوندي آهي، پر درجن مٽائڻ سان صفت جي
صورت ساڳي رهندي آهي، ان ۾ ڪوبه ڦيرو نه ايندو
آهي، مثلاً:
’هيرو هڪ سخت ڌاتو آهي.‘
’هيرو لوهه ۾ ٽامي کان سخت ڌاتو آهي.‘
’هيرو سڀني ۾ سخت ڌاتو آهي.‘
4. سنڌيءَ ۾ فارسي ۽ عربيءَ جو تفصيل ۽
مبالغي واريون ترڪيبون به استعمال ٿينديون آهن، جن
جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
فارسيءَ جون ترڪيبون:
فارسيءَ ۾ صفت جي لفظ کي پٺيان ’تر‘ ملائڻ
سان صفت تفصيلي ۽ ’ترين‘ ملائڻ سان صفت مبالغو
جڙندي آهي.
مثلاً:
صفت نفسي صفت تفصيلي
صفت مبالغو
بہ
بهتر بهترين
بد
بدتر بدترين
خوب
خوبتر خوبترين
خوش خوشتر
خوشترين
ڪم
ڪمتر ڪمترين
عربيءَ ۾ صفت تفصيلي توڙي مبالغي جي ترڪيب
’اَفعَلُ‘ جي وزن تي هوندي آهي، مثلاً:
صفت نفسي صفت تفضيلي
صفت مبالغو
حُسِين اَحسَن
اَحسَن
حَقِير
اَحقَر اَحقَر
صَغِير
اَصغَر اَصغَر
عِظِيم اِعظَم
اِعظَم
ڪَبِير
اڪبَر اَڪبَر
صفت تفصيلي ۽ مبالغي جو استعمال:
”اوچو ٿيو اڳ، مون ڪَرُ ملاحن ۾.“
(شاهه:
ڪاموڏ)
”پير پٽانئي ڪنئرا، ڏونگر مٿي ڏئي.“
(شاهه: سسئي)
”ڏاهي هيس ڏيهه ۾، سرتين منجهه سڄاڻ.“
(شاهه: ليلان چنيسر)
”ساهان اوڏو سپرين لوچيو تان نه لهن.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”مٺائيان مٺو گهڻو، ڪڙو ناهه ڪلام.“
(شاهه:
ڪلياڻ)
”وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾.“
(شاهه: ليلان
چنيسر)
”نفي ۽ اثبات کان پري پنڌ پيو.“
(سچل:
آسا)
*
’وير وٺڻ کان معاف ڪرڻ احسن ڪم آهي.‘
*
’شيطان انسان جو بدترين ويري آهي.‘
*
’ننڊ کان نماز بهتر عمل آهي.‘
(10) ضمير
جملي يا فقري ۾ ساڳي اسم کي هڪ کان وڌيڪ
دفعا استعمال ڪرڻ بدران، جو لفظ اسم جي جاءِ تي ڪم
آڻجي تنهن کي ضمير چئبو آهي، يعني ضمير انهيءَ لفظ
کي چئجي ٿو جو اسم جي بجاءِ ڪم اچي ۽ ان اسم جو
عمل ڪري.
اسم جيتوڻيڪ مطلب ۾ ضمير کان وڌيڪ واضح
هوندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ ضمير جو استعمال نهايت
اڻٽر ٿي پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته عبارت کي سهڻي بڻائڻ
۽ اسمي لفظن جي تڪرار کي روڪڻ لاءِ ضمير ئي ڪم اچي
سگهي ٿو. مثال طور هيٺين عبارت ڏجي ٿي:
”هڪڙو انسان جيڪڏهن پاڻ کي ٻين انسانن کان
برتر سمجهندو ته هو ڪڏهن به پاڻ ۾ انساني اخلاق
پيدا ڪري نه سگهندو.“
مٿين عبارت ۾ ٿلها لفظ ضمير جا لفظ آهن جي
واسطيدار اسمي لفظن جي جاين تي ڪم آيل آهن. هاڻي
جيڪڏهن انهن ضميرن جي بدران اصلي اسمي لفظ استعمال
ڪبا ته عبارت اڻوڻندڙ ۽ عجيب پيئي لڳندي، جنهن جي
صورت هيءَ ٿيندي:
”هڪڙو انسان جيڪڏهن انسان کي ٻين انسانن
کان برتر سمجهندو ته انسان ڪڏهن به انسان ۾ انساني
اخلاق پيدا ڪري نه سگهندو.“
ضمير جا مختلف قسم آهن جي هيٺ ڏجن ٿا:
1.
ضمير شخصي
2.
ضمير متصل
3.
ضمير اشارو
4.
ضمير موصول
5.
ضمير جواب موصول
6.
ضمير استفهام
7.
ضمير مبهم يا ڪنايه
8.
ضمير مشترڪ
1. ضمير شخصي:
اهو ضمير جو ڳالهائيندڙ يا جنهن سان
ڳالهائجي يا جنهن بابت ڪا ڳالهه ڪجي، ان مان ڪنهن
جي لاءِ به ڪم اچي، تنهن کي ضمير شخصي چئبو آهي.
ضمير شخصي ٻن نمونن ۾ ڪم ايندو آهي: هڪڙو
الڳ لفظ جي صورت ۾، مثلاً: آءٌ، مان، اسين، تون،
توهان، هو ۽ اهي وغيره. اهڙن ضميرن کي ضمير منفصل
چئبو آهي. منفصل جي معنى آهي جدا يا علحده. ٻيو
حرفي يا ضميري پڇاڙيءَ جي صورت ۾، جو اسم، فعل يا
حرف جر سان ملحق ٿيندو آهي، جنهن کي ضمير متصل
چئبو آهي. متصل جي معنى آهي گڏيل يا ڳنڍيل. ضمير
متصل کي ضميري پڇاڙي به ڪري سڏبو آهي. ضمير متصل
جو تفصيلي بيان اڳتي ايندو.
ضمير شخصيءَ جا ٽي قسم آهن:
1.
ضمير متڪلم
2.
ضمير حاضر يا مخاطب
3.
ضمير غائب
1. ضمير متڪلم:
اهو لفظ جو ڳالهائيندڙ شخص پنهنجي پاران
ڪم آڻيندو آهي، تنهن کي ضمير متڪلم چئبو آهي.
’متڪلم‘ لفظ جي معنيٰ آهي ٻئي سان ڪلام ڪندڙ يا
ڳالهائيندڙ، مثلاً: آءٌ، مان، مون، اسان ۽ اسين
وغيره.
ضمير متڪلم جو گردان:
حالت
فاعلي عام صورت
واحد: آءٌ، آئون، مان، مون
مُنهِن، مان، مون
جمع: اسان،
اسين اسان
ضمير متڪلم جو استعمال:
”آءٌ ڪيئن سوڙئين سمهان، مون ور گهاري ولهه.“
(شاهه: مارئي)
”مون کي ڏنءُ ڏيئي وڃي ڍوليو ڍٽ قراريو.“
(شاهه: مومل راڻو)
”جيڪي ڏٺو مان، سو جو ڏٺو جيڏئين.“
(شاهه: سهڻي)
”ننگا آهيو نکتا اسين مارو لوڪ.“
(شاهه: مارئي)
”روز ازل استاد اسان کي، سٽ پريت جي پاڙهي.“
(سچل: گجري)
”منهنجو پيچ پنهونءَ سان ازل لاڪون آهه.“
(سچل:
ڪوهياري)
2. ضمير حاضر يا مخاطب:
جنهن لفظ سان حاضر يا موجود شخص کي خطاب
ڪجي. يا جو لفظ حاضر ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ وقت سندس
نالي وٺڻ بدران ڪم آڻجي، تنهن کي ضمير حاضر يا
مخاطب چئبو آهي. ’تون‘، ’توهين‘ ۽ ’اوهان‘ وغيره
ضمير حاضر جا مثال آهن.
ضمير حاضر جو گردان:
حالت فاعلي عام صورت
واحد: تو، تون تو، تُنهِن
اوهان، اوهان، اوان، آن تو، تُنهِن
جمع: اوِهين، اهِين، توان، تئانِ،
اوهان، اهان، آن، توهان، تهان
توهِين، تهِين، توِين تئِين
ضمير حاضر جو استعمال:
”ويڄ ويڄائي ڇڏ، توکي سڌ نه سور جي.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”سڏ تنهن جا سپرين آءٌ ٿي سڃاڻان،
توکي ڏسيو سپرين دعوى ڪن گهڻا،
آءٌ ٿي هٿ
هڻان، ته تون ڪنهن جو ٿيندين سپرين.“
(شاهه: بروو)
”وڃو سڀ وري، آئيــن جي ورن واريون.“
(شاهه: سسئي)
”مارئڙا ماندي، آءٌ اوهان ريءَ آهيان،
سکيا آن ساڻيهه ۾، مان هتي باندي.“
(سچل: کنڀات)
3. ضمير غائب:
جو لفظ غير حاضر يا غير موجود ماڻهوءَ جي
نالي وٺڻ بدران ڪم آڻجي، تنهن کي ضمير غائب چئبو
آهي. مثلاً: هُو ۽ اُهي وغيره.
ضمير غائب جو گردان:
حالت فاعلي عام
صورت
مذڪر مؤنث مذڪر مؤنث
واحد: هِي، هيءُ، هيءَ،
اِيءَ، (هِنَ اِنَ هُنَ، اُنَ)
اِيءُ، هُو، اِي،
(هِنَن، اِنَن، اِنِن، هُنَن،
هُوءِ، اُوءِ
(اُنَن، اُنِن)
هيٺيان ضمير اشاري جا لفظ پڻ ضمير شخصي
طور غائب جي صيغي ۾ ڪم ايندا آهن:
حالت
فاعلي عام صورت
مذڪر مؤنث
مذڪر مؤنث
واحد:
اِهو،
اُهو اِها، اُها
(انهيءَ، اُنِهيءَ، اِنهَن، اُنَهن)
جمع: اِهي، اُهي اِهي، اُهي
ضمير غائب جو استعمال:
”سانوڻ گهڙي سڀڪا، هيءَ سرهي سياري.“
(شاهه: سهڻي)
”هُو جي چونئي ڦٺ، ته ڪانيارو ٿئين ڪڙم ۾.“
(شاهه: معذوري)
”هُوءِ جي حق ڀڃن، سي ڪيئن سَتيون سومرا.“
(شاهه: مارئي)
”آءٌ اُنهن جي آهيان، توڙي مون نه مڃين.“
(شاهه: مارئي)
”ڪا جا مام مٺن، هِــن پڻ هئي هُــن سين.“
(شاهه: ديسي)
”هڏهن ڪونهي هِيءُ، هُو پڻ ڪونهي هِن ري.“
(شاهه: آسا)
”اهو پسي آئون، بيخود ٿيڙس سرتيون.“
(سچل:
ڀيروي)
”هُو هلي ويڙا حال ۾، هي قابو مٿي قال.“
(سچل: جوڳ)
2. ضمير متصل:
اهو ضمير ٻئي لفظ سان ملحق ٿي استعمال
ٿئي، تنهن کي ضمير متصل چئبو آهي.
جملي ۾ لفظن کي ترتيب ڏيڻ ۽ ان کي ڊيگهه
کان بچائڻ خاطر ضمير شخصيءَ کي ٻين لفظن سان ضميري
نشانين يا پڇاڙين جي صورت ۾ لڳائبو آهي. مثلاً:
پٽمِ، سندءِ ۽ وٽسِ وغيره، انهن لفظن ۾ ’مِ‘، ’ءِ‘
۽ ’سِ‘ ضمير متصل جا مثال آهن.
ضمير متڪلم جون پڇاڙيون:
واحد
جمع
مِ، سِ نِ، اُون، هُون،
سون، سين
مثال:
اسم: ڀائمِ ڀائِن،
ڀائنئُون
فعل: اٿمِ، آهيم، چيمِ، اٿنئُون،
آهينئُون، چيوسون،
چوندس. چونداسين
حرف جر: ساڻمِ ساڻنئُون،
ساڻنهُون
ضمير حاضر جون پڇاڙيون:
واحد
جمع
هِن، هِين، ءِ، ي،
وَ، ؤ يا اَو
ين، نِي، ئِي
مثال:
اسم: پاڻي، ڀاڻين، پُٽَهِن
ڀاڻَوَ، پُٽَنِوَ
فعل: اَٿئِي، اٿئي، آهِني
اٿَوَ، آهِنوَ
چيُئِي، چوندين
چَيَوُ، چوندؤ
حرف جر: ساڻُءِ، ساڻُئِي
ساڻَوَ
ضمير غائب جون پڇاڙيون:
واحد
جمع
سِ، او، اِين
آ، نِ، نِن، اؤن
مثال:
اسم: ڀاڻَسِ
ڀاڻَنِ، ڀائُنِنِ
فعل: اٿسِ، آهيسِ، چيو،
اٿنِ، آهينِ، چوندا،
چوندو، چيائِين
چيائُون
حرف جر: ساڻُءِ، ساڻُئِي
ساڻَوَ
ضمير متصل جو الحاق ۽ ان جون ترڪيبون:
ضمير متصل جو الحاق گهڻو ڪري عام اسمن سان
نه ٿيندو آهي، مگر انهن اسمن سان ٿيندو آهي جي
رشتي يا قرابت جا نالا هوندا آهن، ان کانسواءِ ان
جو الحاق فعل ۽ حرف جر سان به ٿيندو آهي، جيئن
مثال طور مٿي ڏيکاريو ويو آهي.
ضمير متصل جڏهن ڪنهن اسم سان لاڳو ٿيندو
آهي ته گهڻو ڪري اسم جي اضافت بيان ڪندو آهي.
مثلاً: ’پُٽمِ‘ جنهن جي معنى آهي ’منهنجو پٽ‘، پر
فعل يا حرف جر سان لڳڻ جي حالت ۾ ضمير منفصل جي
معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. مثلاً: ’چوندس‘ يا
’چوندم‘ يعني ’مان چوندس‘ ’وٽم‘ يعني ’مون وٽ‘
وغيره.
ضمير متصل جي الحاق سان ڪن حالتن ۾ اسم جي
پوئين حرف ۾ هيٺيون تبديليون اينديون آهن:
1. اهي اسم جن جي واحد جي صيغي جو پويون
حرف همزه (ء) هوندو ته متصل صورت ۾ اهو مٽجي ’ڻ‘
يا ’ڻهه‘ ٿي پوندو آهي. مثلاً:
اسم
متصل صورت
ڀاءُ ڀاڻمِ
پيءُ
پڻهمِ
ڌِيءُ
ڌيڻمِ
جوءِ
جوڻهمِ
ماءُ
ماڻَهمِ
2. ’اِ‘ پڇاڙيءَ وارا اسم، جهڙوڪ: جوءِ،
ڇوڪَرِ وغيره، فاعلي توڙي عام صورت ۾ يا ته ساڳي
حالت ۾ رهندا آهن،يا وري انهن جي ’اِ‘ پڇاڙي مٽجي
’اَ‘ ٿي پوندي آهي، جيئن ’جوءِ‘ مان ’جويَم وغيره.
گردان:
واحد
جمع
(جوءِ)
(جويون، جوئِرُ)
متڪلم: جوڻَمِ، جوڻهمِ، جوڻِمِ، (جوئِرُم،
جوئرنِمِ،
جهوڻمِ، جوئِم، جويَم جوئِنِم،
جويُنِمِ، جويُمِ
حاضر: جوڻِي، جوڻهي، جوڻهينِ، جوئِرُنِي،
جوئنِي، جوئِرُنوَ
جويَئي، جوڻَوَ،
جوڻَهوَ، جوئِرُو، جوئِرُئَن، جوئِنِوڍ
جوڻِوَ، جوڻهِوَ، جوئِوَ،
جويُنِوَ
جويَوَ
غائب: جوڻَسِ، جوڻَهسِ، جوئِرُس،
جوئِرُس، جوئِرُنِسِ،
جوڻِسِ، جوڻهِسِ، جوئِنِسِ،
جويُنِسِ،
جوئِس، جويَسِ، جوئِرن،
جوئِرُنِنِ،
جوڻِنِ، جوڻهِنِ، جوئِنِنِ،
جويُنِنِ
جوئِنِ، جويَنِ
(ڇوڪَرِ) (ڇوڪريون)
متڪلم: ڇوڪَرِمِ، ڇوڪَريَمِ، ڇوڪَرِنِم،
ڇوڪَرِيُمِ،
ڇوڪَرِنِئُون ڇوڪَرينِمِ،
ڇوڪُريُنِئُون
حاضر: ڇوڪَرئِي، ڇوڪَريَئي، ڇوڪَرنِي،
ڇوڪَريُئي،
ڇوڪَرِيَههِ، ڇوڪُرِوَ، ڇوڪَرنوَ،
ڇوڪَرِيُنِوَ،
ڇوڪَريَوَ
ڇوڪَريُئَن
غائب: ڇوڪَرسِ، ڇوڪَريَسِ، ڇوڪَرنِس،
ڇوڪَريُنِسِ،
ڇوڪَرِن، ڇوڪَرِيَنِ ڇوڪَريُسِ،
ڇوڪَرِنِنِ،
ڇوڪُرِيُنِنِ،
ڇوڪَرِيُنِ،
3. اهي اسم جن جي واحد جي صيغي جي پڇاڙي
’اِي‘ هوندي ته ضمير متصل جي صورت ۾ ’اِي‘ پڇاڙي
مٽجي ’اِ‘، ’يَ‘ يا ڪن حالتن ۾ ’يُ‘ ٿي پوندي آهي،
يا حرف ’ي‘ مٽجي ’هه‘ ۽ ’هن‘ ٿي پوندو آهي، جيئن
هيٺ ڏنل گردان مان ظاهر آهي.
واحد
جمع
متڪلم: ڌَڻِمِ، ڌَڻيَم،
ڌَڻِيُمِ، ڌَڻَيُنِمِ،
ڌَڻِنِئُون، ڌَڻيَنِئُون
ڌَڻيُنِهُون، ڌَڻُنئُون
حاضر: ڌَڻيئِي،
ڌَڻيَههِ، ڌَڻيُئِي، ڌڻُيُنِئِي،
ڌڻيُنِههِ،
ڌڻيَهِن، ڌَڻِوَ، ڌَڻيُوَ
ڌَڻيُنِوَ، ڌَڻيُوَ
غائب: ڌَڻِسِ، ڌَڻيَسِ،
ڌَڻيُسِ، ڌَڻيُنِسِ،
ڌَڻِنِ، ڌڻِنِههِ، ڌَڻيَنِ
ڌَڻيُسِ، ڌڻيُنِسِ،
واحد
جمع
(چاچِي) (چاچيُون)
متڪلم: چاچِمِ،
چاچِهِمِ، چاچِيُم، چاچِيُنِم،
چاچِيم، چاچِنِهُون
چاچِينِهُون، چاچِيُنِئُون
چاچنِئُون
حاضر: چاچِهِن، چاچِيهِن،
چاچِيُنِي، چاچِيُئِي،
چاچِيَئِي،
چاچِيَههِ، چاچِيُنِوَ، چاچِيُوَ،
چاچِوَ،
چاچِهِوَ، چاچِيُهِوَ
غائب: چاچِس، چاچِهِس،
چاچِيُسِ، چاچِيُنِ،
چاچِهِنسِ، چاچِهيَهِس،
چاچِيُنِسِ، چاچِيُهِنِسِ
چاچِيَهِنِ، چاچِيَنِ
واحد
جمع
(ماسي) (ماسيُون)
متڪلم: ماسِمِ،
ماسِهِمِ، ماسِيُمِ،
ماسِيُنمِ،
ماسِيَم، ماسِنِهُون،
ماسِيُنهُون، ماسِيُنِئُون
ماسِنِئُون
حاضر: ماِسِهِن، ماسِيَهِن،
ماسِيُنِي، ماسِيُئِي،
ماسِيئي،
ماسِيههَ ماسِيُنِو، ماسِيَوَ،
ماسِوَ، ماسِهِوَ،
ماسِيُهِوَ
ماسِهِنوَ،
ماسِيُوَ، ماسِيُهِوَ
ماسِهِنو، ماسِيُوَ
غائب: ماسِسِ، ماسِهِسِ، ماسِيُسِ،
ماسِيُن،
ماسِهِنس، ماسِيَهِسِ،
ماسِينُسِ، ماسيُهِنِسِ،
ماسِيسِ،
ماسِنِ، ماسِيُنِنِ،
ماسِيَهِن، ماسِيَنِ
4. اسمن جي ’اُ‘ پڇاڙي متصل جي صورت ۾
قائم رهندي آهي، پر ساڳئي وقت ’آ‘ ۾ تبديل به
ٿيندي آهي. مثلاً: ڀاڻُمِ ۽ ڀاڻَمِ وغيره.
’اُ‘ پڇاڙيءَ جي ڪن اسمن ۾ حرف ’ڻ‘ جو
اضافو ٿيندو آهي، مثلاً: نُهڻَم ۽ سَسُڻَسِ وغيره.
’اُ‘ پڇاڙيءَ وارن اسمن جو گردان:
واحد
جمع
متڪلم: ڀاڻَم، ڀاڻُمِ، ڀاڻُمِ،
ڀائُرَم، ڀائُرَنِم، ڀائُنِم،
ڀامِ، ڀاڻَنِهُون،
ڀائُرَنِهُون، ڀائُرَنئُون،
ڀاڻَنِئُون،
ڀائُنِئُون، ڀائُنِهُون، ڀائُنِئُون
حاضر: ڀاڻي، ڀاڻين، ڀاڻِهين، ڀائُرَنِي، ڀائُنِي،
ڀائُرَنِوَ،
ڀاءِ،
ڀاڻَوَ ڀائُنِوَ
غائب: ڀاڻَسِ، ڀاڻِسِ، ڀاڻَهِسِ،
ڀائُرَنِس، ڀائُنِسِ،
ڀاڻَنِ،
ڀاڻَهِن ڀائُرَنِنِ، ڀائُنِنِ
(پُٽُ)
(پُٽَ)
متڪلم: پُٽَمِ، پُٽُمِ،
پُٽُهُمِ، پُٽَمِ، پُٽَنِمِ،
پُٽَنِهُون،
پُٽَهَمِ،
پُٽُنِهُون، پُٽَنِئُون
پُٽُنِئُون
حاضر: پُٽُئِي، پُٽُهِن، پُٽَهِن، پُٽَئِي،
پُٽَنِي، پُٽَنِوَ
پُٽُوَ،
پُٽَهِنوَ پُٽوَ
غائب: پُٽُسِ، پُٽُهنِسِ،
پُٽَسِ، پُٽَنِسِ، پُٽَنَ،
پُٽَسِ، پُٽَهِنسِ،
پُٽَنِنِ
پُٽُنِ، پُٽُهِنِ
(پيءُ) (پِئُرَ، پِئَرُ)
متڪلم: پِئُمِ، پئَمِ، پِئامِ،
پِئُرَمِ، پِئَرُنِمِ، پِئُنِمِ،
پَنَهمِ، پِڻهِمِ،
پِئُرَنِئُون، پِئُنِئُون
پِڻَهِنِئُون، پِئُنِئُون،
پِئُنِئُون
حاضر:
پِئُيءِ، پِئاءِ، پِڻهي، پِئُرَءِ،
پِئَرَني، پِئُنِي،
پِڻهِين، پِڻَهوَ،
پِئُوَ، پئُرَوَ، پِئُرَنِوَ،
پِئُنِوَ
پِئاوَ
غائب: پِڻَسِ، پِڻَس،
پِئُرَسِ، پِئُنِسِ، پِئُرَنِ،
پِئُسِ، پِئاسِ،
پِئُرَسِ، پِئُنِسِ، پِئُرَنِ،
پِڻَهِنِ، پِئُنِ
(ڀيڻ) (ڀينَرُ، ڀينَرُون)
متڪلم: ڀيڻُمِ، ڀيڻَمِ، ڀيڻِمِ،
ڀينَرُمِ، ڀيڻُنِمِ،
ڀيڻُنِئُون،
ڀيڻَنِئُون، ڀينُرنِئُون،
ڀينَرُنِهُون
ڀيڻَنِهُون
حاضر: ڀيڻُيءِ، ڀيڻَي، ڀيڻي،
ڀيڻُنِي،
ڀينَرُنِي،
ڀيڻين، ڀيڻِهين، ڀيڻُوَ،
ڀينَرُنِوَ،
ڀيڻُنِوَ
ڀيڻَوَ
غائب: ڀيڻَسِ، ڀيڻِس، ڀيڻُنِ،
ڀيڻُنِسِ، ڀينَرُنِسِ،
ڀيڻَنِ،
ڀيڻَهِنِ، ڀيڻُنِنِ، ڀينَرُنِنِ
(ڌيءُ) (ڌئَرُ، ڌيئَرُ،
ڌِئون)
متڪلم: ڌِئُمِ، ڌِئَمِ،
ڌيِڻَمِ، ڌِئَرُم، ڌِئُنِم،
ڌِيڻِمِ،
ڌِئُنِئُون، ڌِئَرُنِئُون،
ڌِئَنِئُون،
ڌِئَنِئَون،
ڌِيڻَنِئُون
حاضر:
ڌِيڻَيءِ، ڌييءِ، ڌيِڻي
ڌئَرُنِي،
ڌئُنِي،
ڌِيڻين، ڌِئُوَ،
ڌِئَوَ، ڌِئرُنِوَ، ڌِئُنِو
ڌِئڻَوَ
غائب: ڌِئُسِ،
ڌَئَسِ، ڌئَرُنِسِ، ڌئُنِس،
ڌِيڻَسِ، ڌِيڻِسِ،
ڌِئَرُنِن، ڌِئنِنِ
ڌِيڻَنِ، ڌِئَنِ
(ماءُ)
(مائُرُ، مائُرُون، مائُون)
متڪلم: مائُم، ماڻهَمِ، ماڻِهمِ، مائُرُمِ،
مائُرُنِم، مائُنِمِ،
مامِ،
ماڻَهنِئُون، مائُرُنِئون،
مائُنِئُون
مائُنِئُون
حاضر: ماڻهِي، ماڻهين، ماءِ،
مائُرُنِي، مائُنِي،
ماڻَهَوَ،
مائُوَ مائُرُنِوَ، مائُنوَ
غائب: ماڻَسِ، ماڻَهسِ، مانِ،
مائُرُنِسِ،
مائُنِس،
ماڻَهنِ،
مائُنِ مائُرُنِنِ، مائُنِنِ
(نُهُن)
(نُهَرُ، نُهَرُون، نُهُون)
متڪلم: نُهُم، نُهَم، نُهِمِ،
نُهَرُمِ، نُهَرُنِمِ،
نُهِڻَمِ، نُهِڻِمِ،
نُهُنِمِ، نُهَرُنِئُون،
نَهَنِئُون،
نُهڻَننِئُون نُهُنِئُون
حاضر: نُهُڻي، نُهِڻي، نُهڻينِ،
نُهَرُنِي، نُهُنِي
نُهين، نُهُنَو،
نُهُوَ، نُهَرُنِوَ، نُهُنِوَ
نُهَوَ، نُهُڻَوِ
غائب: نُهُسِ، نُهَسِ،
نُهِسِ، نُهَرُنِنِ، نُهُنِنِ
نُهڻَسِ، نُهَنِ،
نُهڻَنِ، نُهَرُنِن، نُهُنِنِ
(سَسُ)
(سَسُون)
متڪلم: سَسُمِ،
سَسُڻَمِ، سَسُنِمِ، سَسُهُون،
سَسُڻِمِ،
سَسُنهُون، سَسُنِئُون
سَسُنِئُون
حاضر: سَسُئِي، سَسُڻِي،
سَسُنِي، سَسُنِوَ
سَسُڻين، سَسُوَ،
سَسُڻِوَ
غائب: سَسُڻَسِ،
سَسُڻِسِ، سَسُنِسِ، سَسُنِنِ
سَسُنِ، سَسُڻَنِ
5. ضميري پڇاڙين لڳڻ سان اسمن جي ’او‘ پڇاڙي مٽجي
’اُ‘ َ يا ’اَ‘ ٿي پوندي آهي، جيئن هيٺ ڏنل گردان
مان معلوم ٿيندو. شعر ۾ بعضي ’او‘ پڇاڙي قائم
رهندي آهي. مثلاً: مٿوءِ وغيره.
واحد
جمع
(ڄاٽو) (ڄاٽا)
متڪلم: چاٽُمِ، چاٽَم، چاٽُهِمِ، ڄاٽَمِ،
چاٽَنِمِ، چاٽهِنِمِ،
ڄاٽَهِمِ،
چاٽُنِهُون، چاٽُنِهُون، چاٽَنِئُون
چاٽُنِئُون
حاضر:
ڄاٽُئِي، ڄاٽُهِن ڄاٽَنِي، ڄاٽَنِئُوَ،
ڄاٽهِن، ڄاٽُوَ،
ڄاٽَهِنِو، ڄاٽَوَ
ڄاٽُهِنوَ
غائب: ڄاٽُسِ، ڄاٽِس، ڄاٽُسِ،
چاٽَنِسِ،
ڄاٽُهِنسِ،
ڄاٽَهِنسِ، ڄاٽَهِنِس، ڄاٽَنِسِ،
ڄاٽُنِ، ڄاٽُهِنِ،
ڄاٽَنِنِ، ڄاٽَهِنِنِ
(سَهُرو)
(سَهُرا)
متڪلم: سَهُرُمُ، سُهَرَمِ،
سَهُرَنِمِ، سَهُرنِئُون
سَهُرنِئُون
حاضر: سَهُرُءِ، سَهُرَهِن، سَهُرنِي،
سَهُرَنِوَ
سَهُرُوَ، سَهُرَسِ، سَهُرَنِسِ،
سَهُرنِنِ،
سَهُرَهنس، سُهُرنُ، سهَرِنهن
اسم سان ضمير متصل جو استعمال:
”ڌَڻيڻمِ، ڪرمَ ڌار، پاڙو تن پرين کان.“
(شاهه:
بروو)
”چوڏِهنءِ ماهه چنڊ جئن پڙ ۾ پاڳڙياس.“
(شاهه:
ڪيڏارو)
’مون کان پوءِ پُٽَنِمِ کي ڪم سنڀالڻو
آهي.‘
’پيءُ ته اڻ پڙهيل اٿن باقي ڇوڪريُنِسِ،
چڱي تعليم حاصل ڪئي آهي.‘
’اهڙي ڏکئي وقت ۾ ڀائُنِوَ ئي اوهان جي
مدد ڪئي آهي.‘
’پُٽَنِسِ، ۾ ته شرافت جو انگ ئي ڪونهي،
پر پڻَهِن ڏاڍو پرهيزگار هوندو هو.‘
’ادا‘ چاچَهِن ڪيڏانهن ويو آهي جو ڪيترن
ڏينهن کان ڪچهريءَ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي.‘
ضمير متصل جو فعل سان الحاق:
وڃڻ مصدر جي فعل جو گردان:
واحد
جمع
متڪلم:
مذڪر:
وڃان، ويُسِ، وِيُمِ، وڃون، ياسون،
وياسين،
ويندُسِ، ويندُمِ، وينداسون،
وينداسين
مؤنث:
وڃان، وَيَسِ، وِيَمِ،
وڃون، ويونسُون، ويونسِين،
ويندَسِ، وينديَس،
وينديونسُون، وينديونسِين
حاضر:
مذڪر: وڃين، وئين، ويندين وڃو، ويَئو، ويندؤ
مؤنث: وڃين، وئيِنءَ، ويندينءَ وڃو، ويَئو، ويندؤ
غائب:
مذڪر: وڃي، ويو، ويندو، وڃن، ويا،
ويندا
مؤنث: وڃي، وئِي، ويندِي وڃن، ويُون،
وينديون
لکڻ مصدر جي فعل جو گردان:
واحد
جمع
متڪلم:
مذڪر: لکان، لکيُم، لکُون، لکيوسون، لکيوسين،
لکندُسِ، لکندُمِ لکنداسون، لکنداسين
مؤنث: لکان، لکيُمِ، لکندَسِ، لکون، لکيوسون، لکيوسين،
لکنديَسِ، لکندَمَ، لکنديُونسون،
لکنديونسين
لکنديَمِ
حاضر:
مذڪر: لکين، لکيُيءِ، لکندين
لکو،
لکُيوَ، لکندؤ
مؤنث: لکين، لکيُئِي، لکنديِنءَ لکو، لکُيوَ،
لکندَيؤ
غائب:
مذڪر: لکي، لکيو، لکيائين، لکن، لکيو، لکيائُون،
لکندو
لکندا
مؤنث: لکي، لکيو، لکيائِين، لکن، لکيو، لکيائُون،
لکندِي لکنديُون
فعل سان ضمير متصل جو استعمال:
”پاڙي ويڄ
هئام تان مون مور نه پڇيا،
تيلاهين پيــام، موريسر اکين ۾.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ساجهر سنڀارن جي ڪنڌيءَ ڪن ڏنام،
آسانگي ارواح جي اڀي تڙ تڪيامِ.“
(شاهه:
سهڻي)
”ڪڇ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪوهه ڄاڻان ڪهڙا پرين،
سهسين سج اُلهي، واجهائيندي ويام،
تن ري سال پيام، جن ري ساعت نه سران.“
(شاهه:
سهڻي)
”ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو.“
(شاهه:
ديسي)
”شال مَ وڃيم ساهه، ڌاران پسڻ پرينءَ جو.“
(شاهه:
معذوري)
”لڳم پاڻ ٻروچ جو، امڙ پل مَ مون،
سڀ رڱينديس رت سين ڪيچان اوري ڀون.“
(شاهه:
حسيني)
”ساري سناسين کي رُنم ساري رات.“
(شاهه:
رامڪلي)
”اڀريــم انگور، ستي سپرين جا.“
(شاهه: رپ)
”سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيومِ،
وڃڻ تت پيومِ جت هلڻ ناهه حسن ري.“
(شاهه:
مارئي)
”پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجهاءِ.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”واهڙ ڀريون نه پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،
سدا سانوڻ ڏينهڙا هيئن نه هونداءِ.“
(شاهه:
سهڻي)
”ڏورڻ منجهان ڏَس، پوندءِ هوت پنهونءَ جو.“
(شاهه:
سسئي)
”حشر ويل حساب ۾ ڇڏي نه ويندوم،
ساريو سڏ ڪندومِ، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.“
(شاهه:
ديسي)
”ڪانگل ڪوهه ٿيوءِ، جو پيو آهين پٽ ۾،
اڳي اس تڙڪو
نه سهين، اڄ سارو ڏينهن سٺوءِ.“
(شاهه:
پورب)
”اڄ ڪِ سنجهه صباح، نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،
وهامي ويندياءِ گهڻا هڻندين هٿڙا.“
(شاهه: ڏهر)
”آءُ اُڏامي هنجهڙا، سر ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پاڙهيري پهــه ڪري.“
(شاهه:
ڪارايل)
”ساريم سي سنگهار، جنم گذاريم جن سان.“
(سچل:
کنڀات)
”ڪوئي خيال نه هومِ، هيس هيڪاندي مارئين،
تان هي قدر پيوم، جان جو وڇويس ويڙهه کان.“
(سچل:
کنڀات)
”همير ههڙي حال تي چوندُءِ ڇا ته جهان،
نالائق ۽ نادان، سڏيندءِ سڀ سومرا.“
(سچل:
کنڀات)
”ڍرڻ ڪاڻ دُٻن ۾، ڀن وڌا ڀاڻسِ،
هوئي مهاڻي
ماڻس، هن سان ڪرم ڪريم ڪيو.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”آڻي ڪانگ ڏنوسِ، ڪو عريضو عجيب جو،
ڀينر سڀ ڀنوسِ، ڳاڙيندي ڳوڙهن سين.“
(سچل:مالڪوس)
”ماٿر مينهن پيانِ، روجهون موٽي آيون،
اوسر سندا ڏينهڙا، وسري سڀ ويانِ،
ٿاڻا ٿر ٿيانِ، ڦَٽيون ڦوڙيون گڏيون.“
(سچل:
پهاڙي)
”ڪارون ڪيئن نه ڪريانسِ، ٿو ڏئي سنيها سڄاڻ،
پُئي پر پکيءَ جا، پاڻ جواهر جڙيانسِ،
موتن ۽ لعلن سان، ڀينر کنڀ ڀريانس،
پيرين دست ڌريانسِ، آءِ نياپا ڏيندڙ نينهن جا.“
(سچل: مالڪوس)
سنڌيءَ ۾ ڪثرت سان اهڙا فعل استعمال ٿيندا
آهن، جن سان ضميري پڇاڙيون الڳ نه لڳنديون آهن، پر
ضمير جي سڃاڻپ سندن فعل مان ٿيندي آهي. مثلاً:
’ويو‘ جو مطلب آهي ’هو ويو‘ ۽ ’ايندا‘ جو مطلب آهي
’هو يا اهي ايندا‘ وغيره. اهڙن فعلن مان ڪن جو
گردان هيٺ ڏجي ٿو:
واحد
جمع
متڪلم: اچان،
آهيان، اچون، آهيون،
ڏسان،
هجان ڏسون، هجون
حاضر:
اچين، آهين، اچو، آهيو
ڏسين، هجين
ڏسو، هجو
غائب: اچي،
آهي، اچن، آهن
ڏسي،
هجي ڏسي، هجن
استعمال:
”ٽِمو مَ نيڻان ته پير نهاريان پرينءَ جو.“
(شاهه:
معذوري)
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وران.“
(شاهه:
ديسي)
”سڀ ننگيون ٿي نڪرو لالچ ڇڏي ووڀ.“
(شاهه:
معذوري)
”توڻي لهين نه پير، توءِ راحت آهه رڙهن ۾.“
(شاهه:
معذوري)
”طمع جي تنوار متان ڪرين مڱڻا.“
(شاهه:
پرڀاتي)
”ڏکيءَ سنديون ڏونگرين وڻ ٽڻ وايون ڪن.“
(شاهه:
معذوري)
”مون کي ماريائون، ٻاروچي ٻولي ڪري.“
(شاهه:
ديسي)
”پليتيءَ کان پنهنجا پاڪ رکيائون پنڌ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”وساري ويهي رهيئو حال ٻڌي هيئي،
جي آهيو اتيئي، تا لهو سڌ سنگهار جي.“
(سچل:
کنڀات)
”پريان جا پيغام، ٿو ڏئي مڙئي مام ۾.“
(سچل:
مالڪوس)
|