جملي ۾ فاعل، مفعول يا مجرور اسمن سان
لاڳاپو رکندڙ لفظن کي ڪاما جي ضرورت نه هوندي آهي،
مثلاً:
گندي پاڻيءَ جون ناليون ڍڪيل هئڻ گهرجن.
*
سياري جي اُس وڻندي آهي.
*
ڪڪرن سان ڇانيل آسمان مان سج جا سونهري
ڪرڻا جهاتيون پائي رهيا هئا.
ش – جملي ۾ احساس ظاهر ڪندڙ لفظن جي پٺيان
ڪاما ايندي آهي، مثلاً:
الله ڪري، مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان!
*
مار، مون ته يقين ئي نٿي ڪيو!
*
هاءِ هاءِ، منهنجون سڀ اميدون خاڪ ۾ ملي
وئيون!
*
واهه واهه، بيشڪ تون مڙس آهين!
*
اُنهن، مان ته کين نهاريندس ئي ڪونه!
ص – جملي ۾ ڪڏهن ڪڏهن لفظن يا عبارت کي
حذف ڪري ڇڏبو آهي ۽ اهڙن ڇڏيل لفظن جي جاءِ تي
ڪاما ڏبي آهي، مثلاً:
سياري ۾ ٿڌ گهڻي ٿيندي آهي ۽ اونهاري ۾،
گرمي.
*
انسان مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي ۽ شيطان،
باهه مان.
*
دنيا ڪافر لاءِ آهي ۽ آخرت، مومن لاءِ.
پهرئين جملي جي ٻئي ڀاڱي ۾ به لفظ ’گهڻي
ٿيندي آهي‘ استعمال ٿيڻ گهرجن، پر فني اعتبار کان،
يعني عبارت کي مختصر ڪرڻ ۽ تڪرار کان بچڻ خاطر
انهن کي حذف ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي بدران هلڪو دم
ڏنو ويو آهي، جو مذڪور لفظن جي ترجماني ڪري ٿو.
اهڙيءَ طرح ٻئي جملي ۾ ’پيدا ٿيو آهي‘ لفظن کي
ورجائڻ بدران ڪاما ڏني ويئي آهي. ٽئين جملي ۾ فعل
’آهي‘ حذف ٿيل آهي، جنهن جي جاءِ تي ڪاما آيل آهي.
ض – ندائي يا خطابي لفظن جي پٺيان هميشه
ڪاما ايندي آهي، مثلاً:
ادا، اوهان سان ملي ڏاڍو خوش ٿيا آهيون.
*
اي انسان، تون پنهنجو قدر سڃاڻ.
*
يا الله، اسان کي نيڪ بنجڻ جي توفيق عطا
ڪر.
*
عزيزو ۽ دوستو، اوهان کي هميشه حق جي
حمايت ڪرڻ گهرجي.
خط يا درخواست ۾ خطابي يا مرحبائي لفظن جي
پٺيان ڪاما ايندي آهي، مثلاً:
پيارا ڀاءُ، خوش هجو شال.
*
جناب اُستاد صاحب، منهنجي ٽن ڏينهن جي
موڪل منظور ڪرڻ فرمائيندا.
ط – مڪالمي يا گفتگوءَ ۾ ڳالهائيندڙ کي
ڪاما ڏيئي علحدو ڪبو آهي، مثلاً:
سروير ٻڌايو، ته بچاءُ بند ڀڄي پيو آهي.
*
وزيراعظم يقين ڏياريو، ته ملڪ کي خوشحال،
مضبوط ۽ طاقتور بڻايو ويندو.
*
خليفي باغائيءَ کان پڇيو، ”تنهنجي سالاني
آمدني ڪيتري آهي؟“
باغائي وراڻيو، ”حضور، بس ٻچن جو گذران
مَس ٿئي ٿو.“
ظ – ائڊريس ۾ شهر ۽ ملڪ جو پتو ڏجي ته شهر
کي ڪاما جي رستي جدا ڪجي، مثلاً:
حيدرآباد، سنڌ.
تاريخ لکڻ ۾ مهينو ۽ ڏينهن سال کان ڪاما
ڏيئي جدا ڪجي، مثلاً:
7 جنوري، 1987
سيميڪولن يا اڌ دم (؛): سيميڪولن يا اڌ دم
جملي جي انهن ڀاڱن کي جدا ڪندو آهي، جي ترڪيب ۽
معنى جي لحاظ کان مڪمل ۽ هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا
آهن. سيميڪولن اهڙي وقفي يا بيهڪ جي نشاني هوندي
آهي، جا پوري دم کان ڪجهه گهٽ ۽ ڪاما کان وڌيڪ
يقين ڪرڻ واري هوندي آهي.
سيميڪولن هيٺين حالتن ۾ استعمال ٿيندو
آهي:
1. سيميڪولن اهڙي مرڪب جملي ۾ ڪم ايندو
آهي، جنهن جا ڀاڱا حرف عطف سان ڳنڍيل نه هوندا
آهن، مثلاً:
مينهن ڏاڍو ٿو وسي، ڇنا مَنَهن سڀ وهي
ڇڙيا آهن.
*
جهنگ ۾ سج لهڻ سان اوندهه ٿي ويئي، اسان
کي رستو هٿ ئي نه پيو اچي.
ب – جيڪڏهن مرڪب جملي جا ڀاڱا ڊگها هجن يا
وقف جي ٻين نشانين سان جدا ٿيل هجن، ته ان حالت ۾
ڀاڱن کي ڳنڍيندڙ حرف عطف جي اڳيان سيميڪولن ڏيئي
سگهجي ٿو، مثلاً:
ڳالهائيندا ٻولائيندا، ٻئي ڄڻا وڃي اسٽيشن
تي پهتاسون، پر جيسين گاڏي اچي، اخبارون وٺي پڙهڻ
لڳاسون.
*
رات جو اڃا اسان نڪتاسون ئي مس، ته اچي
مينهن ڪڙڪيو، سو اسان جا سمورا ڪپڙا ڀِڄي پيا.
ت – حرف عطف جي اهڙن لفظن جي اڳيان
سيميڪولن ايندو، جي ظرفي معنى ڏيندا هجن ۽ مرڪب
جملي جي ڀاڱن کي ڳنڍيندا هجن، جهڙوڪ: تنهنڪري،
البت، ته پوءِ، تنهن هوندي به ۽ نيٺ وغيره. مثلاً:
هاڻي سج لهڻ تي آهي، تنهنڪري، اسان کي هلڻ
گهرجي.
*
هو ته مڃي ئي نه پيو، نيٺم ڪجهه ڏئي وٺي
جند ڇڏائي آيس.
ث – جملي جي انهن ڀاڱن کي سيميڪولن ڏيئي
جدا ڪبو آهي، جنهن ۾ عبارت جي سلسليوار لفظن کي
ڪاما ڏنل هجي، مثلاً:
ميٽنگ ۾ سوسائٽيءَ جا هي عهديدار چونڊيا
ويا: گل محمد، صدر، رحيمداد، نائب صدر، الهڏتو،
سيڪريٽري، ۽ ڪريم بخش، خزانچي.
*
اسان جي انجمن جا خاص مقاصد هي آهن: جي
غريب ۽ يتيم هجن، تن جي مالي مدد ڪرڻ، جن جو پاڻ ۾
جهڳڙو هجي، تنهن کي نبيرڻ، ۽ جن جو جائز ڪم ڪٿي
ڦاٿل هجي، تنهن کي سرانجام ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
ڪولن يا دم (:) : ڪولن يا دم جو استعمال
هيٺين حالتن ۾ ٿيندو آهي:
1. جڏهن شين جو تفصيل، انهن جي فهرست يا
ياداشت ڏيڻي هوندي آهي، مثلاً:
انسانن تي ٽن قسمن جا حق آهن: الله جا،
انسانن جا ۽ نفس جا.
*
پنج وقت نماز فرض آهي: فجر، ٻپهري، ٽپهري،
سانجهي ۽ سومهڻي.
*
هيٺيان شهر ڇا کان مشهور آهن:
ڪشمور، نصرپور، هالا.
*
سوسائٽيءَ جي فنڊ مان هيٺيان ڪم ڪيا ويا
آهن:
غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويئي آهي،
يتيم خاني ۾ کاڌو ۽ ڪپڙو ورهايو ويو آهي، بيوهه
عورتن کي امداد ڏني ويئي آهي، ۽ ڪجهه رقم ڏڪاريل
ماڻهن لاءِ رکي ويئي آهي.
ب – جڏهن ڪنهن جي قول، بيان يا تقرير جو
حوالو ڏبو آهي، مثلاً:
شاهه صاحب فرمايو آهي: نِينهن جي حقيقت
نهائينءَ کان سکڻ گهرجي، جيڪا اندر ۾ پيئي پچي ۽
پڄري، پر ٻاهر ٻاڦ نه ٿي ڪڍي.
*
ڳالهه ڪندا آهن: هڪڙو بادشاهه ساري عمر
تخت تي نه ويٺو. پر زمين تي ويهي حڪمراني ڪندو هو.
*
ملڪ جي صدر تقرير ڪندي چيو: عوام کي
گهرجي، ته ٿوري ٿوري ڳالهه تي برهم نه ٿين، صبر
کان ڪم وٺن، ۽ همت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪن.
ت – جنهن جملي ۾ ڪنهن عبارت يا بيان جي
تصديق ۾ ڪو جامع اصول يا دليل ڏنل هجي، مثلاً:
منهنجو دوست بازار ۾ هليو، ته حساب ڪرڻ ئي
نه اچيس. نيٺ اڍائي روپيا وڌيڪ ڏيئي اچي گهر نڪتو:
علم کانسواءِ اوندهه آهي.
ٻاهر وڃي نفعو ته چڱو حاصل ڪيائين، پر گهر
ٻار سڄو برباد ٿي ويس: اهو سون ئي گهوريو جو ڪن
ڇني.
ڊَيش يا ننڍي ليڪ (- ): ڊَيش يا ننڍي ليڪ
هيٺين حالتن ۾ استعمال ٿيندي آهي:
1. جملي جي هلندي بيان ۾ اوچتو ٻيو ڪو
خيال ظاهر ڪيو وڃي يا ان جي سلسلي کي ٽوڙي ڪا ٻي
ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جي اڳيان ڊيش استعمال ڪجي،
مثلاً:
مريم ماءَ سان پئي ڳالهايو – آخر ڪهڙو سبب
آهي، جو ماڻهن ۾ سچ چوڻ جي جرئت نٿي ٿئي.
*
مان ته توکي سهڻي صلاح ڏني – يار، تون ته
ڪو عجيب شخص آهين.
*
ب – ڪنهن واقعي بابت خيال يا راءِ ظاهر
ڪرڻ کان اڳ ڊَيش ڏبي آهي، مثلاً:
هڪڙي جوان هام ڀري، ته هو اڪيلو دنيا جي
چوڌاري چڪر لڳائيندو - ۽ هن ائين ڪري ڏيکاريو.
*
دنيا جي گذريل وڏي لڙائيءَ ۾ ائٽم بم
تباهي مچائي ڇڏي – انسان ڪهڙو نه سخت دل ۽ بيرحم
ٿي پيو آهي،
ت – جملي ۾ بيان يا عبارت جي وضاحت ۾
جيڪڏهن ڪي لفظ يا اصطلاح استعمال ٿين، ته انهن جي
اڳيان ڊَيش ايندي، مثلاً:
بس گهڻو سامان ڪونهي – هڪڙي پيتي، هڪڙو
بسترو، ۽ هڪ ڇٽي.
*
اسان شاديءَ ۾ ٿورا ماڻهو گهرايا آهن –
پنهنجا ويجها مائٽ، خاص دوست، ۽ ڪي ڄاڻ سڃاڻ وارا
ڪامورا.
*
قرآن – مسلمانن جو ديني ڪتاب – عربي
ٻوليءَ ۾ آهي.
*
هماليه – دنيا جو اُتاهون جبل – سڄو سال
برف سان ڇانيو پيو هوندو آهي.
ث – جملي ۾ عبارت جي لفظن يا اصطلاحن جي
سلسلي کي ڊَيش ڏيئي، پٺيان ان جو خلاصو پيش ڪبو
آهي، مثلاً:
هو ٽپو ڏيئي ڀت تي چڙهيو، اندر وڃي دروازو
کوليائين، ۽ بند ٿيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيائين – اهو
سڀڪجهه هن اک ڇنڀ ۾ ڪري ورتو، نه ته ڪيتريون
جانيون ضايع ٿين ها.
*
شين جي گهٽ پيدائش، ذخيره اندوزي، ۽ گهرج
۾ اضافو – اهي مهانگائيءَ جا مکيه ڪارڻ آهن.
ج – جملي ۾ انهن لفظن کي ڊَيش جي ذريعي
الڳ ڪبو آهي، جيڪي غير ضروري هوندا آهن، ۽ عبارت ۾
خلل وجهندا آهن، مثلاً:
تون درياهه جي ڪپ تي پهچندين – ڌيان ڏيئي
ٻڌ – توکي پار پهچائڻ لاءِ ٻيڙي ملندي.
*
تو ڪافي عرصو ڪم ڪيو آهي – ڪيئن، سمجهين
ٿو نه – هاڻي توکي آرام ڪرڻ گهرجي.
ڏنگيون ليڪون (()) ۽ بياني ليڪون ([ ]):
الف – جڏهن ڪنهن جملي ۾ معنيٰ يا اشاري
طور ڪي لفظ ڪتب آڻبا آهن، ته اهي ڏنگين ليڪن جي وچ
۾ رکبا آهن، مثلاً:
سوڊاني ماڻهو (حبشي) رنگ جا ڪارا ٿيندا
آهن.
*
سکر براج (پاڻيءَ جو بند) سنڌ جي زراعت
لاءِ هڪ وڏو وسيلو آهي.
ب – جملي ۾ ڏنل وضاحت يا سمجهاڻي، جنهن جو
جملي ۾ مکيه عبارت سان گهاٽو تعلق نه هجي، ۽ جنهن
کانسواءِ جملو گرامر جي لحاظ کان مڪمل هجي، تنهن
کي ڏنگين ليڪن ۾ وجهجي، مثلاً:
منهنجو پٽ (هاڻي) خير سان جوان ٿيو آهي
ننڍي هوندي مون کانسواءِ رهي نه سگهندو هو.
*
منهنجو دوست گذريل عيد جي ڏينهن (ويچارو
ڪيترو عرصو بيمار رهيو) گذاري ويو.
ت – جملي ۾ ڪو انگ يا ڪا رقم تصديق خاطر
ڄاڻائجي، ته اها ڏنگين ليڪن ۾ وجهجي، مثلاً:
سيٺ پنهنجي منشيءَ کي پنجويهه هزار
(25000) روپيا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ڏنا.
*
دستاويز ۾ ڪل رقم 175000 (اکرين هڪ لک
پنجهتر هزار) روپيا ڏيکاريل آهن.
*
ث – جملي ۾ ڏنگين ليڪن ۾ ڏنل عبارت جي
لاءِ وضاحت جي ضرورت هجي، ته اها بياني ليڪن ۾
وجهجي، مثلاً:
مون دڪاندار کي چيو، ته پئسا تمام گهڻا
آهن (پنجاهه روپيا [50 رپيا] قيمت ٻڌايائين)، ڪجهه
نه ورتم ۽ موٽي آيس.
*
دنيا ۾ جيتري قدر آدم وڌي رهيو آهي (انسان جي
تخليق [روز مرهه جو اضافو] ته قدر تي امر آهي)،
اوتري قدر موت جي رفتار به تيز ٿي ويئي آهي.
*
اقتباس يا واڪ جي نشانين جي اندر انهي
عبارت کي بياني ليڪن ۾ وجهجي، جيڪا ڄاڻايل قول جو
حصو نه هجي، مثلاً:
اجلاس ۾ هڪ آزاد ميمبر چيو: ”اسان جو ملڪ
تڏهن صحيح معنيٰ ۾ آزاد رهندو ۽ ترقي ڪندو، جڏهن
الله جي احڪامن [قرآني دستور] موجب عمل ڪيو
ويندو.“
*
خليفي پنهنجي خطاب ۾ چيو: ”ماڻهن کي بنا
ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي [خوف فقط خدا جو هجي] اخلاص ۽
ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي.“
ج – حسابي ڪم ۾ عام طرح ڏنگين ليڪن ۽
بياني ليڪن جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي، انهن کي
بعضي ضرب جي نشانيءَ طور به استعمال ڪبو آهي،
مثلاً:
1..............................................
(1 + 1)2
8 4
2..............................................
(3 + 1) (1 + 1)
8 4 5 3
3..............................................
[(5 - 3) 7 + 5] 9
14 7 9 9 11
1.
جملي آخر ۾ ايندڙ نشانيون:
پورو دم: ( . )
سوال جي نشاني: ( ؟)
احساس جي نشاني: (!)
پورو دم (.): جملي ۾ ڪا عبارت يا ڪو بيان
ختم ٿيندو آهي، ته پڇاڙيءَ ۾ پورو دم ڏبو آهي،
مثلاً:
اسان جو ملڪ معدني شين جي خزانن سان ڀرپور
آهي.
*
سيالڪوٽ ۾ راندين جو بهترين سامان ٺهندو
آهي.
انگريزيءَ ۾ خاص طرح، لفظن جون مقصر يا
مختصر صورتون استعمال ٿينديون آهن، جن جي پٺيان
پورو دم ڏنو ويندو آهي. اهڙو رواج ٻي ڪنهن عام
ٻوليءَ ۾ نه آهي، البت سنڌيءَ ۾ بعضي، ماڻهن جا
نالا يا انهن جون علمي لياقتون انگريزيءَ جي طرز
تي ليکيون وينديون آهن، مثلاً:
ايم. ڪي. عباسي،
ايم. اي.
پي. ايڇ. ڊي
*
مملڪتي وزير يو. اين. او ۾ ملڪ جي
نمائندگي ڪرڻ لاءِ ويل آهي.
سوال يا استفهام جي نشاني (؟): جنهن جملي
۾ ڪا ڳالهه پڇڻي هوندي آهي، تنهن جي آخر ۾ استفهام
يا سوال جي نشاني ڏبي آهي، مثلاً:
انسان جي جسم ۾ رت ڪيئن ٿو ٺهي؟
*
شيشو ڇا جو ٺهيل آهي ۽ ڪهڙي ڪم ايندو آهي؟
*
آبهوا جو مدار ڪهڙين ڳالهين تي هوندو آهي؟
احساس جي نشاني (!): جنهن جملي ۾ آرزو،
عجب افسوس، ساراهه يا نفرت جو اظهار ٿيل هجي، تنهن
جي آخر ۾ احساس جي نشاني ايندي آهي، ان کي تاثر جي
نشاني به چئبو آهي، مثلاً:
الله ڪري، شل منهنجي پڇاڙي سرهي ٿئي!
*
سمنڊ ڪيترو نه اونهو آهي، جو ان ۾ جبل
جيڏا جهاز ٿا ترن!
*
جو ٻار ننڍيئي يتيم ٿو ٿئي، سو ڪيڏن نه
ڏکن ۾ ٿو پلجي!
*
آهه، هڪ نيڪ ۽ معتبر عالم جو موت دنيا
لاءِ ڪيڏو نه نقصان آهي!
*
واهه، حياتي ڪهڙي نه وڻندڙ ۽ پياري آهي!
*
کڏ ۾ پوي، بڇڙي بلا ٽري چڱي آهي!
اقتباس يا واڪ جون نشانيون ( ” “ ):
اصطلاح ۽ اقوال، پهاڪا ۽ چوڻيون، يا ڪنهن جو چيل
قول يا الفاظ، هوبهو تضمين طور، جڏهن ڪنهن جملي يا
عبارت ۾ ڪم آڻبا آهن، ته انهن کي اقتباس يا واڪ
جون نشانيون ڏيئي پڌرو ڪبو آهي، مثلاً:
شاهه صاحب فرمائي ٿو: ”ڏات نه آهي ذات، جو
وهي سو لهي.“
*
سچل سائينءَ جو قول آهي: ”ٻيون سڀ ڪوڙيون
ڳالهيون سچا، سچو عشق الستي.“
*
سياڻن چيو آهي: ”وت کان وڌيڪ وک نه کڻجي.“
*
هڪ بزرگ تقرير ڪندي چيو: ”نالي ۽ نسل تي
ناز ڪرڻ، سوڀيا ۽ مايا تي مغرور ٿيڻ، اڻ هوندي
اسباب تي آسرو ڪرڻ، بي بنياد ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ
۽ الله کي ڇڏي انسانن تي ڀروسو ڪرڻ نادانن جو ڪم
آهي.“
21- تقويم يا جنتري يا ڪئلينڊر:
قدرت جي ڪارخاني ۾ وقت جو تعين يا حدبندي
انسان جي زندگيءَ لاءِ نهايت ضروري آهي، جنهن
کانسواءِ زندگي هوند بي معنيٰ ٿي پوي ها. انسان کي
هر قدم تي وقت جي ضرورت پوي ٿي، ۽ انهيءَ ڪري
خداوند تعاليٰ ۽ خود وقت جي تجديد ڪئي آهي، جهڙوڪ:
سال جو مدو، مهينن جو تعداد ۽ ڏينهن جي ڦيرڦار
وغيره. سج ۽ چنڊ خود انهيءَ وقت جي تعين لاءِ بنا
تبديل ۽ تعطل جي هميشه گردش ۾ رهن ٿا.
هرهڪ سال، بلا استثنيٰ، ٻارنهن مهينن جو
ٿيندو آهي. تاريخ جي لحاظ کان سال کي سن چيو ويندو
آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٻه سن استعمال ٿيندا آهن:
1.
اسلامي يا هجري سن.
2.
عيسوي سن.
اسلامي يا هجري سن هجرت کان شمار ڪيو ويندو آهي.
هجري سن عيسوي سن مطابق 18 جولاءِ 622 کان شروع
ٿئي ٿو. هجري سال جي هر مهيني جي شروعات چنڊ ڏسڻ
سان ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري ڏينهن جو تعداد هڪ ڪرو
نه هوندو آهي- ڪنهن مهيني ۾ ٽيهه (30) ڏينهن ٿين
ته ڪنهن ۾ اوڻٽيهه (29). انهيءَ حساب سان سال ۾
اٽڪل 354 ڏينهن ٿين ٿا، مگر انگريزي ڪئلينڊر موجب
سال ۾ ڪل 365 ڏينهن ٿيندا آهن، ۽ هر مهيني جي
ڏينهن جو تعداد مقرر هوندو آهي، اهڙيءَ طرح جو هڪ
مهيني ۾ ايڪٽيهه (31) ڏينهن ٿيندا آهن، ته ٻئي ۾
ٽيهه (30) ڏينهن.
اسلامي مهينن کي قمري مهينا به چئبو آهي. ڇاڪاڻ ته
مهينن جو حساب چنڊ ڏسڻ سان ٿيندو آهي. اسلامي سال
محرم کان شروع ٿيندو آهي.
اسلامي مهينا:
1. محرم ڏينهن
2. صفر 29 ڏينهن
3. ربيع الاول 30
ڏينهن
4. ربيع الاخر يا ربيع الثاني 29 ڏينهن
5. جمادي الاول 30 ڏينهن
6. جمادي الاخر يا جمادي الثاني 29 ڏينهن
7. رجب 30 ڏينهن
8. شعبان 29 ڏينهن
9. رمضان 30 ڏينهن
10. شوال 29 ڏينهن
11. ذي القعده 30 ڏينهن
12. ذي الحج 29 ڏينهن
بعضي مسلمانن جي ڏيتي ليتي هندو واپارين سان هوندي
آهي، يا کيتي واڙي ڪندڙ ڪڙمي ڪاري هندڪن مهينن ۾
حساب ڪندا آهن. هندڪي سال جا مهينا وڪرماجيت جي
زماني کان شمار ۾ ايندا آهن، جنهن کي سنبت چئبو
آهي، جو عيسوي سن کان اٽڪل ستونجاهه (57) سال پوءِ
شروع ٿئي ٿو، ۽ ان جو پهريون مهينو ڪَتِي ليکجڻ ۾
ايندو آهي، يا وري 78 عيسويءَ کان، جنهن کي
شاليوان چئبو آهي، جنهن جو پهريون مهينو چيٽ ليکيو
ويندو آهي.
هندڪو سال به ٻارهن مهينن ۾ ورهايل هوندو آهي، ۽
هرهڪ مهيني ۾ پورا 30 ڏينهن هوندا آهن. هرهڪ مهينو
وري ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هوندو آهي: پَکُ ۽ پُڇُ،
پهرئين اڌ کي چون سُدِي ۽ پوئين کي چون بَدِي
تاريخ کي تٿ چوندا آهن.
هندن ۽ عيسائين جو سال شمسي مهينن ۾ ورهايل هوندو
آهي.
هندڪي سال جا مهينا:
1. چيٽ اڌ مارچ کان اڌ
اپريل
2. ويساک اڌ اپريل کان اڌ
مئي
3. ڄيٺ اڌ مئي کان اڌ جون
4. آکاڙ اڌ جون کان اڌ جولاءِ
5. ساوڻ يا سِراڻ اڌ جولاءِ کان
اڌ آگسٽ
6. بَڊو اڌ آگسٽ کان
اڌ سيپٽمبر
7. اَسُو اڌ سيپٽمبر کان
اڌ آڪٽوبر
8. ڪَتِي اڌ آڪٽوبر کان اڌ
نومبر
9. ناهري يا منگهر اڌ نومبر کان اڌ
ڊسمبر
10. پوهه اڌ ڊسمبر کان
اڌ جنوري
11. مانگهه اڌ جنوري کان اڌ
فيبروري
12. ڦاڳ يا ڦڳڻ اڌ فيبروري کان اڌ
مارچ
مندن کي هڪ ڪرو رکڻ لاءِ هندو ڇهين ڇهين
سال هڪ مهينو گڏيندا آهن، جنهن کي لُنڊ يا اڌڪ
چئبو آهي.
پڙهيل ماڻهو گهڻو ڪري پنهنجو حساب ڪتاب
انگريزي مهينن ۾ رکندا آهن. انگريزي سال به ٻارهن
مهينن ۾ ورهايل هوندو آهي، جن مان ڪنهن مهيني ۾
ٽيهه ڏينهن ته ڪنهن ۾ ايڪٽيهه ڏينهن هوندا آهن، پر
فيبروري مهيني ۾ اٺاويهه (28) ڏينهن هوندا آهن، ۽
انگريز چوٿين چوٿين سال هڪ ڏينهن منجهس وڌائي 29
ڪندا آهن.
انگريزي سال جنوري مهيني کان شروع ٿيندو
آهي، ۽ ان جا مهينا هي آهن:
1. جنوري 31
ڏينهن
2. فيبروري 28
يا 29 ڏينهن
3. مارچ 31
ڏينهن
4. اپريل
30 ڏينهن
5. مئي 31
ڏينهن
6. جون
30 ڏينهن
7. جولاءِ
31 ڏينهن
8. آگسٽ 31
ڏينهن
9. سيپٽمبر 30
ڏينهن
10. آڪٽوبر 31
ڏينهن
11. نومبر
30 ڏينهن
12. ڊسمبر 31
ڏينهن
سال جو هرهڪ مهينو چئن هفتن جو هوندو آهي
۽ هر هفتو بنا اختلاف ستن ڏينهن تي مشتمل هوندو
آهي، البت، ڏينهن جا نالا جدا جدا هوندا آهن.
مسلمانن ۽ عيسائين ۾ ڏينهن جي شروعات بابت به
اختلاف آهي. مسلمانن جو هر ايندڙ ڏينهن سج لهڻ
کانپوءِ شمار ٿيندو آهي ۽ عيسائين جو اڌ رات گذرڻ
کانپوءِ، مثلاً: مسلمانن لاءِ جا جمع جي رات هوندي
آهي (يعني خميس جي ڏينهن کانپوءِ ايندڙ رات)، سا
عيسائين ۽ هندن جي لاءِ خميس جي رات هوندي آهي.
مسلمانن ۽ هندن جي ڏينهن جا نالا به نرالا
هوندا آهن:
مسلمانن جا ڏينهن
هندن جا ڏينهن
1.
ڇنڇر ڇنڇر
2.
آچر آڏتوار، آرتر، آرتوار،
آئتوار
3.
سومر سومر
4.
اڱارو منگل
5.
اربع
ٻُڌَر
6.
خميس وِسپَت
7.
جمعه، جمعو ٿانور، ٺارون،
شڪر
|