”کاري سر کنيم ٿي، ڇڇي ککيءَ هاڻي،
راءِ تنهنجي راز سان، آءٌ ٿيس راڻي.“
(سچل: ڪلياڻ)
”جن ٿي پاليا پيٽ، ڪُمن ڪالورن سان،
سي تا تيل ڦليل سان، ٿيون ملائن ميٽ.“
(سچل: ڪلياڻ)
”پوئڪيون ۽ پلا، ٿي مهاڻن ماريا.“
(سچل: ڪلياڻ)
”ڇڇيءَ سندي ڇٽ، ٿي آئي عام خلق کي.“
(سچل: ڪلياڻ)
”ڪڏهن ڏيهه ڏٺام ٿي ساعت ساعت سومرا،
سي پڻ ڪيڻ ويام، ٿي جن سان ڳرهيم ڳالهڙيون.“
(سچل: کنڀات)
”پنهوارن ٿي پاڻ ۾، اها ڳالهه ڳڻي.“
(سچل: کنڀات)
3. زمان ماضي مدامي: اهو زمان، جنهن مان
گذريل زماني ۾ ڪنهن ڪم جي هميشه جاري هجڻ يا وري
وري ٿيڻ جي خبر پوي، تنهن کي زمان ماضي مدامي چئبو
آهي.
اسم حاليه جي پٺيان ’هئڻ‘ مصدر جو ماضي
مطلق گڏڻ سان زمان ماضي مدامي ٺهندو آهي، مثلاً:
ڪندو هوس، ٺاهيندا هئا ۽ ڳائينديون هيون وغيره.
ماضي مداميءَ جي صيغي ۾ ’پوڻ‘ مصدر جو اسم
مفعول به اضافي طور استعمال ٿيندو آهي، جنهن مان
متواتر يا ڪم جي لاڳيتي ٿيڻ جي معنى نڪرندي آهي،
مثلاً: کائيندو پيو هو، پيو گهمندو وتندو هو
وغيره.
ماضي مداميءَ جي صيغي ۾ فعل، جنس ۽ عدد
سان موافق رهندو آهي. گردان هيٺ ڏجي ٿو:
متڪلم: چوندو هُيس چوندا هئاسون،
چوندِي هُئس چونديون هيون سون
چوندو
هوس، چوندا هئاسين،
چوندِي هُيس، چونديون هيون سين،
چوندو هُس چوندا هياسون،
چوندِي هَس، چونديون هون سين،
چوندا هياسين،
چوندِي
هَس چونديون هون سين،
چوندا هاسون،
چونديون هَسون،
هَسون،
چوندا
هاسين، چونديون هَسين
هَسين
حاضر: چوندو هُئين، چوندا هُئَو، چوندِي
هُئِيئن چونديون هُئَون
چوندو هين چوندا هُيئَو چوندِي
هُيِيئَن، چونديون هُيَئو
چوندا هَئو چوندِي
هِيئن چونديون هَئو
چوندا
هَو چونديون هَو
غائب: چوندو هُئو، چوندا هُئا چوندِي
هُئِي، چونديون هُيون،
چوندو هُيو، چوندا هُيا، چوندِي
هُيِي، چونديون هُون
چوندو هو چوندا ها چوندِي هِي
زمان ماضي مداميءَ جو استعمال:
سلطان ناصرالدين پنهنجن هٿن سان پورهيو
ڪندو هو.
*
اڳئين زماني ۾ ماڻهو پٿر ۽ لوهه جا زيور
پائيندا هئا ۽ اسان جا وڏا سادي زندگي گذاريندا
هئا.
*
جاهليه جي زماني ۾ جنگ جي وقت عورتون
پنهنجن مردن کي همٿائڻ لاءِ رزمي گيت ڳائينديون
هيون.
*
اڳيان ماڻهو بک ڏک ۾ صبر سان وقت پيا ڪاٽيندا
هئا.
4. زمان ماضي قريب: اهو زمان، جنهن مان
ويجهي گذريل عرصي ۾ ڪنهن ڪم جي پوري ٿيڻ جي سڌ
پوي، تنهن کي زمان ماضي قريب چئبو آهي.
اسم مفعول جي پٺيان ’هئڻ‘ مصدر جو زمان
حال آڻڻ سان زمان ماضي قريب ٺهندو آهي، مثلاً: آيو
آهيان، لکيو اٿم ۽ ڏٺو آهي وغيره.
اسم مفعول جي پٺيان ’هئي‘ مصدر جو زمان
حال آڻڻ سان زمان ماضي قريب ٺهندو آهي، مثلاً: آيو
آهيان، لکيو اٿم ۽ ڏٺو آهي وغيره.
زمان ماضي قريب جون صورتون:
1. فعل لازميءَ جي حالت ۾ ماضي قريب جو
صيغو جنس ۽ عدد مطابق ڦرندو آهي. مثال لاءِ گردان
هيٺ ڏجي ٿو:
متڪلم:
ويٺو
آهيان
ويٺا
آهيون
ويٺي آهيان
ويٺيون آهن
حاضر: ويٺو آهين
ويٺا آهيو
ويٺي آهين
ويٺيون
آهيو
غائب: ويٺو آهي ويٺا آهن
ويٺي
آهي
ويٺيون آهن
صيغو هر حالت ۾ ساڳيو رهندو آهي، مثلاً:
واحد: ماريو اَٿئِي ماريا اَٿئِي
مارِي اَٿئي ماريون اَٿئي
جمع: ماريو اَٿوَ ماريا
اَٿوَ مارِي اَٿو ماريون اَٿوَ
غائب:
واحد: ماريو اَٿس، اَٿئين ماريا اَٿس،
اَٿئين مارِي اَٿس، اَٿئين ماريون اٿس،
اَٿئين
جمع:
ماريو
اَٿن، اٿئون ماريا اَٿن، اٿئون مارِي اَٿن،
اَٿئون ماريون اَٿن،
|