بڇڙي نتيجي بعد انسان پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندو
آهي.
*
بجليءَ جي باعث زندگيءَ ۾ آساني ٿي آهي.
*
الله وٽ اجورو نيڪ عملن جي عيوض ئي ملندو.
*
دنيا ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ان متعلق ڪنهن کي به ڄاڻ
ڪانهي.
*
ٻوڏ سبب ماڻهو بي گهر ٿي پوندا آهن.
*
انسان جي زندگي جر جي ڦوٽي مثل آهي.
*
هر شهر واسيءَ تي لازم آهي، ته ملڪ جي قانون موجب
عمل ڪري.
*
مون جنگ بابت ڪتاب ۾ پڙهيو آهي.
*
انتقام بجاءِ درگذر ڪرڻ نيڪيءَ جو ڪم آهي.
*
هر انسان کي هڪ ڏينهن خالق جي روبرو پيش ٿيڻو آهي.
*
مان هي تحفو پنهنجي دوست لاءِ آندو آهي.
*
بدپرهيزيءَ ڪري اڪثر بيماري ٿئي ٿي.
2. حرف جملو يا حرف عطف: اهو حرف، جو ٻن
لفظن، جملي جي ٻن ڀاڱن يا ٻن جملن کي پاڻ ۾ ڳنڍي،
تنهن کي حرف جملو يا حرف عطف چئبو آهي.
معنيٰ جي لحاظ کان حرف عطف جا پنج قسم
آهن:
1.
حرف عطف
2.
حرف عطف بياني
3.
حرف عطف استدراڪي
4.
حرف عطف سببي
5.
حرف عطف شرطي
1-
حرف عطف: هن لفظ جي تعريف مٿي بيان ڪئي ويئي آهي.
هيٺيان لفظ حرف عطف جو حڪم ڏين ٿا:
۽ تِئن،
تِيئن
بِه پِڻِ
ڀِه پُڻُ
ڀِي نِيز
توڙي هَم
توڻي وَ
حرف عطف جو استعمال:
”آءٌ به وجهان هٿڙا، اَئِين پڻ وجهو ڄار.“
(شاهه:
سهڻي)
”رئڻ ۽ راڙو، مون نماڻيءَ جي نجهري.“
(شاهه:
حسيني)
”اَتِ اُڪنڊي آهيان تئن آتڻ تئن ڏيهه.“
(شاهه:
مارئي)
”ننڊن ۾ نهاريان پکڙا ۽ پهنوار.“
(سچل: کنڀات)
”تون ڀي ڄاين وارو، آءٌ به ڪنهن ڄائي.“
(سچل: کنڀات)
”نيڪ و بد جيڪي ڪو چوي سو چوي.“
(سانگي)
”امير توڙي فقير خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهن.
*
مان هن کي مسئلي کان آگاهه ڪيو، نيز ڪم
ڪرڻ جي ترتيب پڻ ٻڌائي.
2. حرف عطف بياني: اهو حرف، جنهن جي اڳئين
جملي يا جملي جي ڀاڱي جي وضاحت سندس پوئين جملي يا
جملي جي ڀاڱي ۾ ڪيل هجي، تنهن کي حرف عطف بياني
چئبو آهي.
هيٺيان لفظ اڪثر حرف عطف بياني ٿي ڪم
ايندا آهن: ته، تا، تان، يعني وغيره.
حرف عطف بيانيءَ جو استعمال:
”ڪنهن کي ائين چوان، ته مون کي ماريو سڄڻين.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”سگهن سُڌ نه سور جي، ته گهايل ڪيئن گهارين.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن.“
(شاهه: ڪيڏارو)
”پيهي پروڙيوم، تا پنهون پاڻئي آهيان.“
(سچل: ڪوهياري)
خدا سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪجي، يعني خدا کي هڪڙو
ڪري مڃجي.
3. حرف عطف استدراڪي: مرڪب يا ملتف يعني
مخلوط جملي جي پوئين ڀاڱي اڳيان ايندڙ حرف، جو
پهرئين ڀاڱي جي معنيٰ کي موٽ کارائي يا ذهن نشين
ڪرائي، تنهن کي حرف عطف استدراڪي چئبو آهي.
هيٺيان لفظ عام حرف عطف استدراڪي طور ڪم
ايندا آهن:
اڃا به ته
به ليڪن
ان ڪري به
توءِ مگر
انهيءَ ڪري به ته
پوءِ نه ته
ان هوندي به تڏهن
به نات
انهيءَ هوندي به تنهنڪري
به ورنه
ان جي باوجود
تنهن
هوندي به هٿان
بلڪ
توڙي هٿانئين
ته پر
هٿئون
تان
ڪِه يا
تاهم ڪِي
حرف عطف استدراڪيءَ جو استعمال:
”توڻي چڪنن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام کي.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”کٽين جي هارائين، ته هنڌ تنهنجو هيءُ.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”ڪيو وَسُ ويڄن، تان ڪِريءَ ري ڪين ٿئي.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”مادر مون مَ چور، نات پڌر پوندي پرينءَ ري.“
(شاهه: سامونڊي)
”توڻي لهين نه پير، ته پڻ راحت رڻ ۾.“
(شاهه: سسئي)
”جيڪر ڪريان رِيهه، پر چوندا منڌ چري ٿي.“
(شاهه: معذوري)
”ڪيچن جي ڪڙي ٿي، توءِ تنهين جي تات.“
(شاهه: ديسي)
”ڀينر آءٌ ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي.“
(شاهه: ديسي)
”جَتُنُ ڪج جتَن جو، آيا ڪِ ايندا.“
(شاهه: ديسي)
”ڪِ جتن جڙون هنيئي، ڪِ پاڻهي نينهن لڳوءِ.“
(شاهه: حسيني)
”ڪاغذ مڪئين ڪيترا، پر ريڌو نه راڻو.“
(سچل: راڻو)
”لٽا ليڙون ليڙ ٿيا، ٿي پوتي پراڻي،
ته به راڻي جي راڻِي، سرتيون سڏن ساڻيهه ۾.“
(سچل: راڻو)
”توڙي اهڙيون اويڙيون، ته به سمي ڄام سهايون.“
(سچل: ڪلياڻ)
”لنگهو لائق هو مگر، لک ڪيس لاچار.“
(سچل: سورٺ)
”حال اسان هِت ههڙا، ڪي هُت ڀي هئا هِينءَ.“
(سچل:
مالڪوس)
هنن گهڻو ئي چيو آکيو، بلڪ ڪجهه ڏيڻ به
قبول ڪيائون، پر هن نه مڃيُن.
*
هو بلڪل نٿو مڃي تاهم وري چئي ٿو ڏسانس.
*
تنهنجو ارادو هجي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ هٿ وجهجي.
*
دل کي ڪيترائي دم دلاسا ڏيان ٿو، تنهن هوندي به
سرچي ئي
نٿي.
*
گهڻو ئي سمجهايانس ٿو، ليڪن هو هڪ تي ٿي بيٺو آهي.
*
هن کي رحم اچي ويو، ورنه تهبارون ڪڍي ڇڏيس ها.
*
ٿورو مڃي ها، سو ته ٺهيو، هٿائين وڙهڻ پيو اچي.
*
تون پاڻ ڪوشش ڪندين، يا مان ڪنهن کي چوان.
4. حرف عطف سببي: اهو حرف جو جملي ۾ سبب
يا وجهه بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي، تنهن کي حرف
عطف سببي چئبو آهي.
هيٺيان لفظ گهڻو ڪري حرف عطف سببيءَ جي
صورت ۾ ڪم ايندا آهن:
انهيءَ ڪري جنهنڪري
ته
انهيءَ لاءِ
جيلاهين ڇا جي ڪري ته
تنهنڪري جيلهن
ڇا جي ڪري جو
تنهن لاءِ
جيلان ڇو ته
تيلاهين
جو ڇو جو
تيلهن ڇا
جو سبب ته
تيلان ڇاڪاڻ
ته سو
جيئن ته ڇاڪاڻ
جو لهٰذا
جيئن جو ڇا لاءِ
ته متان
حرف عطف سببيءَ جو استعمال:
”پاڙي ويڄ هئام، تان مون مور نه پڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”مٿو ڏي ملوڪ، ته ڏيکاريان آءٌ ڏيهه کي.“
(شاهه:
سورٺ)
”اِيءُ عشق جو آچار، جو دانهن ديوانا ڪري.“
(شاهه: بروو
سنڌي)
”مُنهن منهنجو سومرا، مر ميروئي هوءِ،
متان مارو چوءِ، ته ڌوتوءِ ڌوراڻن ۾.“
(شاهه:
مارئي)
”قاصد آئيو ڪونه ڪو، ڪونه لکيائون خط،
پهنوارن پاهت، تيلهان مون سان نه رکيو.“
(سچل:
کنڀات)
زاغ نه ٿي زبون، وئون اڏامي اوڏهين،
نه ته خاصو
منهنجو خون، ڳچيءَ پوندءِ ڪانگڙا.“
(سچل: مالڪوس)
هو ڏاڍو سخي ۽ رحمدل هو، جنهنڪري سندس
نالو ملڪان ملڪ مشهور هو.
*
ماڻهن ۾ محنت ڪرڻ جو جذبو گهٽيو ٿو وڃي،
تنهنڪري ملڪ ۾ بک ۽ بيروزگاري وڌندي ٿي وڃي.
*
تعليم عام ۽ مفت هئڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ
ته هرڪو ماڻهو علم پرائي سگهي.
*
دولتمند ماڻهو مسڪينن کي پاڻ جهڙو نه
سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته کين انسانيت جو قدر ڪونهي.
*
گهڻي ڀاڱي ماڻهن کي دل جي سعادت ۽ قرار
نصيب ڪونهي، ڇو جو دنيا جو حرص وڌي ويو آهي.
*
غريب کي پيٽ پالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، سبب ته
مهانگائي وڌي ويئي آهي.
*
ماڻهو عام طرح خود غرض ٿي پيا آهن، سو
قربانيءَ جو جذبو تقريباً ختم ٿي چڪو آهي.
*
دنيا ۾ ائٽمي تجربن ۽ تشدد جي ڪارواين جو
رجحان وڌي رهيو آهي، لهٰذا انسان پاڻ کي غير محفوظ
ٿو سمجهي.
5. حرف عطف شرطي: اهو حرف، جو جملي ۾ ڪنهن
ڪم ٿيڻ لاءِ ڪو شرط ڄاڻائي، يا هڪ جملي ۾ ڄاڻايل
ڪم جو مدار ٻئي جملي ۾ بيان ڪيل ڪم يا شرط تي
ڏيکاري، تنهن کي حرف عطف شرطي چئبو آهي.
هيٺيان لفظ عام طرح حرف عطف شرطي ٿي ڪم
ايندا آهن:
اگر
جان
اگرچه
جيڪڏهن
باوجوديڪ
جيتوڻي
ته
جيتوڻيڪ
توڙي
چاهي
توڻي
خواهه
جي
کڻِي
حرف عطف شرطيءَ جو استعمال:
”ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”اڱڻ آيا جان، ته سرتيون مون سک
ٿيا.“
(شاهه: سامونڊي)
”ڏورج پاسي ڏک، ته پوي ٻاجهه ٻروچ
کي.“
(شاهه: حسيني)
”ڪو ڳنڍيندڙ هوءِ، ته پريت پراڻي
نه ٿئي.“
(شاهه: حسيني)
”اُٿي ڪمر ٻڌ، لوچ ته لهين
سپرين.“
(سچل: ڪوهياري)
تون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي، اگر تنهنجو ارادو
نيڪ آهي.
*
سچ ڳالهائڻ اگرچ ڏکيو هوندو آهي، پر ان جو نتيجو
چڱو نڪرندو آهي.
*
مون ٿڪ بلڪل محسوس نه ڪيو، باوجوديڪ سفر ڊگهو ۽
اڙانگو هو.
*
انسان چڱو اخلاق پرائيندو، جيڪڏهن سندس صحبت چڱي
هوندي.
*
مان پوري ڪوشش ڪندس، جيتوڻيڪ اهو ڪم منهنجي وس کان
ٻاهر آهي.
*
موت اوس ايندو، چاهي انسان بچڻ جا ڪيترا به حيلا
هلائي.
*
بري ڪم ۾ ڪڏهن به توسان شريڪ نه ٿيندس،
خواهه رنج رهين توڙي راضي.
*
مان پنهنجو وعدو ضرور پاڙيندس، کڻي
ڪيتريون به تڪليفون پهچنم.
3. حرف اضافت: اهو حرف، جو اسم يا ضمير جو
تصرف يا مالڪي ڏيکاري، تنهن کي حرف اضافت چئبو
آهي. متصرف چيز يا ملڪيت کي مضاف ۽ مالڪ کي مضاف
اليه چئبو آهي.
معنى جي لحاظ کان اضافت جون ڇهه مختلف
صورتون آهن، جي اڳ حالت اضافت بابت ڏنل تفصيل ۾
بيان ڪيون ويون آهن.
هيٺيان لفظ عام طرح حرف اضافت ٿي ڪم ايندا
آهن:
جو
سندو وارو
جا
سندا وارا
جِي
سندي واري
جُون
سنديون واريون
حرف اضافت جو وضع ۽ عمل:
1. سنڌيءَ ۾ عام اصول مطابق مضاف، مضاف
اليه جي پٺيان ايندو آهي. مثلاً:
بادشاهه جو محل
وڻ جا پن
درياهه جو پاڻي
مٿين مثالن ۾ ’محل‘، ’پن‘ ۽ ’پاڻي‘ مضاف
آهن، جي پنهنجي پنهنجي مضاف اليه جي پٺيان آيل
آهن.
شعر ۾ البت مضاف ڪڏهن اڳيان به ايندو آهي،
مثلاً:
”پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي،
ڀلائيءَ جا ڀير.“
(شاهه: کنڀات)
مٿين مصرع ۾ ’پيشانيءَ مضاف آهي، جو مضاف
اليه ’پرين‘ جي اڳيان آيو آهي.
ب – جيڪڏهن مضاف جو لاڳاپو جملي ۾ هڪ کان
وڌيڪ مضاف اليه سان هوندو آهي، ته ان حالت ۾ مضاف
جمع جي صيغي ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ پوئين مضاف
اليه جي پٺيان ايندو آهي، مثلاً:
1. بادشاهه، وزير ۽ شهزادي جا گهوڙا نهايت
عمدي نموني ۾ سينگاريل هئا.
2. غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جي ملڪيتن تي
حريص ماڻهن جون نظرون هونديون آهن.
3. انسانن، جانورن، پکين ۽ جيتن جي رهڻ
سهڻ جا طريقا پنهنجا پنهنجا هوندا آهن.
مٿين مثالن ۾ ’جا‘، ’جون‘ ۽ ’جي‘ حرف
اضافت آهن، جن جا مضاف آهن ’گهوڙا‘، ’نظرون‘ ۽
’رهڻ سهڻ جا طريقا‘ جي جمع ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته انهن
جو تعلق هڪ کان وڌيڪ مضاف اليه سان آهي.
ت – حرف اضافت جي موافقت جملي ۾ هميشه
مضاف سان هوندي آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:
مضافاليه حرف
اضافت مضاف
مهاڻي جو
ڄارُ
مهاڻي جا
ڄارَ
مهاڻي جي
ڄارِي
مهاڻن جُون
ڄاريون
مهاڻيءَ جو
ڄارُ
مهاڻيءَ جا
ڄارَ
مهاڻيءَ جِي
ڄارِي
مهاڻيءَ جُون
ڄاريُون
مهاڻين جو
ڄارُ
مهاڻين جا
ڄارَ
مهاڻين جِي
ڄارِي
مهاڻين جُون
ڄاريُون
مٿئين گردان مان ظاهر آهي، ته مضاف اليه
جي جنس ۽ عدد ۾ ڦير گهير سان حرف اضافت بلڪل ساڳي
حالت ۾ ٿو رهي ۽ فقط مضاف سان ئي هر حالت ۾ موافق
رهي ٿو.
ث – فارسي ۽ عربيءَ جي اضافت جون ترڪيبون
به سنڌيءَ ۾ عام استعمال ٿينديون آهن، تنهنڪري
انهن جي ڄاڻ به ضروري آهي.
فارسي توڙي عربيءَ ۾ مضاف هميشه مضاف اليه
جي اڳيان ايندو آهي.
فارسيءَ ۾ حرف اضافت جون صورتون:
جيڪڏهن مضاف جو پويون حرف، حرف صحيح
هوندو، ته ان جي هيٺان اضافت جي زير (-ِ) ايندي
آهي، مثلاً:
آبِ
رُخِ يار
آتشِ نمرود
رنگِ گل
باغِ ارم
زبانِ خلق
جامِ جم
ميدانِ جنگ
خاکِ پا
نُورِ آفتاب
جيڪڏهن مضاف جو پويون حرف ’ا‘ يا ’و‘ آهي
ته زير جي بدران ’ي‘ سواءِ نقطن جي، ڏبي آهي،
مثلاً:
مضاف
بُو
بوي گل
دانا
داناي راز
دوا
دواي مريض
ردا
رداي فقير
رُو
روي دوست
ڪُو
ڪوي يا
جيڪڏهن مضاف جو پويون حرف ’ه‘ آهي ته زير
جي بدران ان جي مٿان همزه ’ء‘ ڏبو آهي، مثلاً:
پرده
پردهء حيا
جامه
جامهء درويش
خانه
خانهء خدا
غنچه
غنچهء گل
نامه
نامهء دوست
نعره
نعرهء حق
عربيءَ ۾ اسم معرفه يا خاص جي حالت ۾ مضاف
۽ مضاف اليه جي وچ ۾ اضافت جي علامت ’ال‘ ايندي
آهي، پر اسم عام يا نڪره جي حالت ۾ اهڙي علامت
استعمال نه ٿيندي آهي. بهرحال مضاف اليه جي پوئين
حرف تي هميشه زير ( -ِ ) ايندي آهي.
|