ڀاڱو ٻيو
12. زمان
فعل هميشه اسم يا ضمير بابت گذريل، هلندڙ
ايندڙ وقت جي خبر ڏيندو آهي، تنهنڪري فعل جا مکيه
يا بنيادي زمان ٽي مقرر ڪيا ويا آهن. اهي آهن:
1.
مضارع
2.
ماضي
3.
مستقبل
مذڪوره زمان بنيادي طرح مفرد آهن ۽ ٻيا زمان، جي
انهن مان فعل معاون يا ٻئي ڪنهن فعل گڏڻ سان ٺهندا
آهن، سي مرڪب زمان ليکجن ٿا.
1. زمان مضارع: اهو فعل، جنهن مان حال توڙي
مستقبل جي معنى نڪرندي هجي، تنهن جي زمان کي مضارع
چئبو آهي. مضارع جي معنيٰ آهي: شريڪ يا مشابهت
رکندڙ هي فعل حال ۽ مستقبل ٻنهي سان لڳندو آهي،
مثلاً: ’پڙهي‘ يا ’ڪري‘ زمان مضارع جا صيغا آهن،
جن مان مراد آهي، ته هاڻي پڙهي يا ڪري، يا ايندڙ
وقت ۾.
مضارع مان، گهڻو ڪري، امڪان يا خواهش جو مطلب به
نڪرندو آهي.
مضارع جي ترڪيب:
اصل فعل کي شخصي پڇاڙين گڏڻ سان زمان مضارع
ٺهندو آهي. وضاحت يا تاڪيد لاءِ مضارع جي اڳيان
ضمير منفصل استعمال ٿيندو آهي، ورنه عام حالت ۾
شخصي پڇاڙيون ڪم آڻبيون آهن. مضارع جي مطلق صورت ۾
مذڪر يا مؤنث جو فرق نه هوندو آهي، مثلاً:
واحد مذڪر ۽ مؤنث جمع مذڪر ۽ مؤنث
متڪل: پڙهان (مان پڙهان) پڙهون (اسان پڙهون)
حاضر: (پڙهين (تون پڙهين) پڙهو (توهان پڙهو)
غائب: پڙهي (هُو يا هُوءِ پڙهي)
پڙهڻ (هُو يا اُهي پڙهن)
مضارع جون صورتون:
1. اصل فعل جو پويون حرف جيڪڏهن ’و‘ هوندو ته
مضارع جي صيغي ۾ اهو ’و‘ مٽجي همزه ’ء‘ جي صورت ۾
به وٺندو آهي، مثلاً: اصل فعل ’چو يا چؤ‘ جو گردان
هيٺ ڏجي ٿو:
واحد جمع
متڪلم: چوان، چئان چئون
حاضر: چوين، چئين چئو
غائب: چوي، چئي
چَون، چئن
2. اصل فعل جو پويون حرف، جيڪڏهن همزه ’ء‘ هوندو
ته مضارع جي متڪلم واحد جمع ۽ حاضر جمع جي صيغن ۾
اهو مٽجي ’ي‘ جي صورت وٺندو آهي، مثلاً: اصل فعل
’ٻڌاءِ‘ جو گردان هيٺ ڏجي ٿو:
واحد جمع
متڪلم: ٻڌايان ٻڌايون
حاضر: ٻڌائين ٻڌايو
غائب: ٻڌائي
ٻڌائن
3. اصل فعل جو پويون حرف، جيڪڏهن ’ي‘ هوندو ته
مضارع جي صيغي ۾ اهو مٽجي همزه ’ء‘ جي صورت به
وٺندو آهي، مثلاً: اصل فعل ’ڏي‘ جو گردان هيٺ ڏجي
ٿو:
واحد جمع
متڪلم: ڏيان، ڏئان ڏيون،
ڏئون
حاضر: ڏين، ڏئين ڏيو، ڏئو
غائب: ڏي، ڏئي
ڏيَن، ڏِئن
4. ’ڪرڻ‘ مصدر جي اصل فعل جو پويون حرف ’ر‘ مضارع
جي متڪلم واحد، جمع ۽ حاضر جمع جي صيغن ۾ مٽجي ’ي‘
به ٿي پوندو آهي، پر غائب جمع ۾ حذف ٿي ويندو آهي.
گردان هيٺ ڏجي ٿو:
واحد جمع
متڪلم: ڪريان، ڪيان
ڪريون،
ڪيون
حاضر: ڪرين
ڪريو، ڪيو
غائب: ڪري ڪن
5. فعل معطوفيءَ جي پٺيان ’سگهڻ‘ مصدر جو مضارع
استعمال ڪيو آهي، مثلاً:
واحد
جمع
متڪلم: لکي سگهان
لکي سگهون
حاضر:
لکي
سگهين
لکي
سگهو
غائب: لکي سگهي
لکي سگهن
6. اسم مفعول يا اسم حاليه جي پٺيان ’هئڻ‘ مصدر جو
مضارع آڻبو آهي، مثلاً:
واحد جمع
متڪلم: لکيو هجيم لکيو هجئوِن،
هجيئون
حاضر:
لکيو هجئي، هجيئي لکيو هجيوَ
غائب: لکيو هجي لکيو هجينِ
متڪلم: ڪندو هجان
ڪندا هجون
حاضر:
ڪندو هجين ڪندا هجو
غائب: ڪندو هجي ڪندا هجن
7. مضارع جي صورت ۾ مرڪب فعل به استعمال ٿيندا
آهن، مثلاً:
متڪلم: ڏسي
اچان ڏسي اچون
حاضر:
ڏسي اچين ڏسي اچو
غائب: ڏسي
اچي ڏسي اچن
متڪلم: ويٺو
رهان ويٺا رهون
حاضر:
ويٺو رهين
ويٺا رهو
غائب:
ويٺو
رهي
ويٺا رهن
متڪلم: گهمندو وتان
گهمندا وتون
حاضر:
گهمندو وتين
گهمندا وتو
غائب: گهمندو وتي
گهمندا وتن
زمان مضارع جو استعمال:
”پرين تنهنجي گهاء، جي مران ته مانُ لهان.“
(شاهه:
ڪلياڻ)
”دانهون ڪن درياهه، جون اونهي جا آگاهه،
سونَهنِ جي صلاح، وٺ ته وير لنگهي وڃين.“
(شاهه:
سريراڳ)
”کامان پچان پڄران ٻران ۽ ٻڙڪان،
ڪاري ڪارونڀار ۾ واڳن جيئن وڙڪان،
لهرين ۾ لڙڪان، ساهڙ رسج سير ۾.“
(شاهه: سهڻي)
”سگها محب ملو، ته اونهي منجهان اڪران.“
(شاهه: سهڻي)
”مون کي سڪ ساهڙ جي، مر محبت منجهه مران،
وچان ڪيئن وران، ڪنڌيءَ منهنجو ڪارڻي.“
(شاهه: سهڻي)
”اچين جي پرڀات، ته آءٌ سيءَ نه ساريان.“
(شاهه:
سارنگ)
”وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولئين هوت کي.“
(شاهه: سسئي)
”وندر جي وڃن، سي مر ٻڌن سندرا،
ٻيون ڪوهه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.“
(شاهه: سسئي)
”ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
آڱر آڳوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جتي ذات نه پائيان.“
(شاهه:
معذوري)
”ڏونگر ڏک سنداء، پرين گڏجان ته چوان.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرين کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.“
(شاهه: حسيني)
”وير ڳاء مَ وير، وڍي ڏي ته وٺي وڃان.“
(شاهه: سورٺ)
”مڻيو وجهان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار،
ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مان لهان.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”تون پارس آءٌ لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان،
ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.“
(شاهه: مارئي)
”پکيڙا
پويانءِ، لڙهو موتن موڙ ۾،
آءٌ اڏامي اوڏڙو، جهوليءَ ۾ جهويانءِ،
سڀ کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻا لويانَ -،
سڄر پر سويانءِ، هڪ هڪ ڪري هٿن سين.“
(سچل:
مالڪوس)
زمان مضارع مان يا ان جي مدد سان ٺهندڙ زمان:
1.
زمان حال يا حال استمراري
2.
زمان حال مدامي
3.
زمان حال متشڪي يا احتمالي
4.
زمان حال امڪاني
5.
زمان حال التزامي
1. زمان حال يا حال استمراري: اهو زمان، جو هلندڙ
وقت ۾ ڪنهن ڪم جي جاري ٿيڻ يا هجڻ جي خبر ڏئي،
تنهن کي زمان حال يا حال استمراري چئبو آهي. مضارع
جي پٺيان ’ٿيڻ‘ يا ’پوڻ‘ مصدر جو معاون فعل گڏڻ
سان يا ٻنهي مصدرن جا معاون فعل گڏ استعمال ڪرڻ
سان زمان حال يا حال استمراري ٺهندو آهي، مثلاً:
لکان ٿو،
لکان ٿو پيو
ڏسين پيو،
ڏسين ٿو پيو
ڳائي ٿو،
ڳائي ٿو پيو
پڙهن پيا،
پڙهن ٿا پيا.
حال استمراريءَ کي جدا زمان ڪري به ليکيو
ويندو آهي، جنهن جي ترڪيب ۾ مضارع سان ’پوڻ‘ مصدر
جو معاون فعل مخصوص ڪبو آهي، جنهن مان استمراري جي
معنيٰ ظاهر ٿيندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته ٻنهي زمانن –
حال ۽ استمراريءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونه آهي، تنهنڪري
ٻنهي جي ترڪيبي صورت ساڳي ڏيکاري ويئي آهي.
زمان حال، مستقبل جي معنى ۾ به استعمال
ٿيندو آهي، مثلاً: ’تون هل ته مان اچان ٿو.‘ هن
جملي ۾ ’اچان ٿو‘ فعل جو مطلب آهي، ته هاڻي (توسان
گڏجي) نٿو هلان، پر پوءِ ايندس. هتي فعل جو اجراء،
ٿڏي تي نه، پر ايندڙ وقت ۾ ٿئي ٿو.
معاون فعل، مضارع جي اڳيان به ايندو آهي،
مثلاً: ’هو ٿو لکي ۽ آءُ ٿو پڙهان.‘ انڪاري معنيٰ
جي حالت ۾ معاون فعل، گهڻو ڪري، مضارع جي اڳيان ئي
آڻبو آهي، مثلاً: ’هو نٿو مڃي‘، ’اُهي نٿا اچن‘
وغيره.
شعر ۾ معاون فعل بعضي حذف ٿيل هوندو آهي.
نثر ۾ به جڏهن فعل جي اڳيان ضمير استفهام ’ڇا‘ يا
ظرف ’جان‘ ايندو آهي ته معاون فعل ڪِري پوندو آهي.
مثلاً: ’ڇا ڪريان، ’جان ڏسان‘ وغيره.
زمان حال يا حال استمراريءَ جو گردان:
(فعل معروف) :
متڪلم: ڏسان ٿو، ڏسون ٿا
ڏسان ٿي، ڏسون ٿيون
پيو پيا
پيِئي
پيئون
حاضر:
ڏِسين ٿو، ڏسو ٿا،
ڏِسي ٿي، ڏِسو ٿيون،
پيو
پيا پِيِئي پيئون
غائب:
ڏسي ٿو، ڏسن ٿا، ڏسي ٿي، ڏسن
ٿيون،
پيو
پيا پيئِي پيئون
(فعل مجهول) :
متڪلم: سڏجان ٿو، سڏجون ٿا، سڏجان
ٿي، سڏجن ٿيون،
پيو
پيا پيِئي پيئون
حاضر: سڏجين ٿو، سڏجو ٿا
سڏجين ٿي، سڏجن ٿيون،
پيو
پيا پيِئي پيئون
غائب: سڏجي ٿو، سڏجن ٿا، سڏجي
ٿي، سڏجن ٿيون
پيو
پيا پيِئي پيئون
|