ڀاڱو ٻيو – نحوَ
17- جملو
جملو زبان جو اهم ترڪيبي جزو آهي، تنهنڪري
ان کي سکڻ ۽ سمجهڻ نهايت ضروري آهي. عبارت جي
سونهن ۽ نُدرت جملن جي ساخت ۽ انهن جي ترتيب تي
مدار رکي ٿي. لکڻ يا ڳالهائڻ جي عبارت جدا جدا
فقرن ۾ ورهايل هوندي آهي. مثال طور عبارت جو هڪ
ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو:
’دنيا ۾ سڀ انسان هڪجهڙا نه آهن، ڪي امير
ته ڪي فقير، ڪي سگها ۽ متارا ته ڪي ڏٻرا ۽ نحيف ۽
ڪي سهڻا، ته ڪي ڪوجها آهن، مگر الله تعالى وٽ انهن
جو ڪو فرق ڪونه آهي.“
مٿين عبارت ۾ ٽي فقرا آهن ۽ هرهڪ فقري کي
معنيٰ جي لحاظ کان جملو، سڏجي ٿو. اهي ٽي فقرا هي
آهن:
1.
دنيا ۾ سڀ انسان هڪجهڙا نه آهن.
2.
ڪي امير ته ڪي فقير، ڪي سگها ۽ متارا ته ڪي ڏٻرا ۽
نحيف ۽ ڪي سهڻا ته ڪي ڪوجها آهن.
3.
مگر الله تعالى وٽ انهن جو ڪو امتياز ڪونه آهي.
1. جملي جي ساخت يا جوڙجڪ: مٿي ڄاڻايل جملن مان،
هرهڪ کي ننڍن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، مثلاً:
پهرئين جملي جا ننڍا ننڍا ڀاڱا ٿيندا: دنيا ۾ - سڀ
انسان – هڪجهڙا نه آهن. انهن ڀاڱن مان هرهڪ کي ڌار
ڌار لکبو يا پڙهبو ته ان مان پورو مطلب نه نڪرندو.
هرهڪ ڀاڱي کي اڃا به مزيد جزن ۾ ورهائي سگهجي ٿو،
دنيا - ۾ - سڀ – انسان – هڪجهڙا – نه – آهن. انهن
مان هرهڪ جزي کي لفظ چئجي ٿو. هن مان معلوم ٿيو ته
جملو ڪن لفظن جو مجموعو يا ميڙ آهي.
جملي جو هرهڪ لفظ خود ڪن حرف يا اکرن جو
ٺهيل آهي، مثلاً: ’دنيا‘ هڪ لفظ آهي، جو چئن حرفن:
د-ن-ي ۽ الف جو مرڪب آهي.
جملي ۾ لفظن جي ترتيب ٻن نمونن ۾ ٿي سگهي
ٿي.
1.
دنيا ۾ سڀ انسان هڪجهڙا نه آهن.
2.
آهن دنيا سڀ هڪجهڙا ۾ انسان نه.
مٿين ٻنهي مجموعن ۾، لفظ صورت ۽ تعداد ۾ بلڪل
ساڳيا آهن، فقط انهن جي ترتيب بدليل آهي، پهرئين
مجموعي مان پورو مطلب يا معنيٰ نڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته
ان ۾ لفظن جي ترتيب اصولن مطابق ڪئي ويئي آهي، پر
ٻئي مجموعي مان ڪابه معنيٰ مطلب نه ٿو نڪري،
انهيءَ ڪري جو لفظ جي ترتيب ۾ ڪوبه نحوي اصول نه
رکيو ويو آهي، تنهنڪري انهيءَ مجموعي کي فقط لفظن
جو ميڙ چئي سگهجي ٿو ۽ نه جملو. هن تجزيي مان هڪ
بنيادي اصول معلوم ٿيو ته جملو اهڙن لفظن جو
مجموعو آهي، جي نحوي اصول تي ترتيب وار هجن ۽ جن
مان پورو مطلب نڪري سگهي.
مٿئين مثالي جملي ۾، جي لفظ استعمال ٿيل
آهي، سي آهن:
دنيا : اسم
۾ : حرف جر
سڀ : صفت
انسان : اسم (فاعل)
هڪجهڙا
: ظرف
نه : ظرف
آهن : فعل
ڪنهن به جملي کي مڪمل معنيٰ دار بنائڻ
لاءِ لازمي آهي، ته ان ۾ فاعل ۽ فعل موجود هجن ۽
مختلف لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي. مذڪور جملي ۾
لفظن جي ترتيب مطابق ’دنيا‘ اسم آهي، جو مجرور
صورت ۾ آهي ۽ ’۾‘ حرف جر سندس پويان آيل آهي. نحوي
اصول موجب سنڌيءَ ۾ حرف جر هميشه مجرور جي پٺيان
ايندو آهي. ’سڀ‘ صفت آهي ۽ سندس موصوف آهي
’انسان‘، جو هت فاعل جي صورت ۾ آيل آهي. سنڌيءَ ۾
صفت هميشه موصوف جي اڳيان ايندي آهي. ’هڪجهڙا‘ ۽
’نه‘ ٻيئي ظرف آهن، جن جو لاڳاپو ’آهن‘ فعل سان
آهي. سنڌيءَ ۾ ظرف جو لاڳاپو هميشه فعل، صفت يا
ٻئي ظرف سان هوندو آهي. ’آهن‘ فعل آهي، جو جملي جي
آخر ۾ آيل آهي. سنڌيءَ ۾ عام طرح فعل جملي جي آخر
۾ واقع ٿيندو آهي. هن مان ظاهر ٿيو ته جملي ۾ لفظن
جي بيهڪ نحوي اصول پٽاندر ئي ٿيندي آهي. البت، شعر
۾ وزن قائم رکڻ يا نثري عبارت ۾ ڪن لفظن کي زوردار
بنائڻ خاطر لفظن جي ترتيب ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي،
پر اها تبديل اهڙي نه هوندي آهي، جا جملي کي
ڊانوانڊول ۽ بي معنى ڪري ڇڏي. مثلاً:
1. شعر جي مصرع: ”مٿي ڪاڻ ڏياچ جي، سڪندي ٿيڙم
سال.“
(سچل: سورٺ)
2. نثري جملو: مينهن تي ئي ٿر وارن جو گذر هوندو
آهي.
مٿين مثالن ۾ جملن جي نحوي ترتيب هيٺينءَ
ريت ٿيندي:
1.
ڏياچ جي مٿي ڪاڻ سڪندي سال ٿيڙم.
2.
ٿر وارن جو مِينهن تي ئي گذر هوندو آهي.
ٻئي جملي ۾ ’مِينهن‘ لفظ جي اهميت ظاهر ڪرڻ لاءِ
ان کي شروع ۾ آندو ويو آهي ۽ انهي تبديل سان معنيٰ
۾ ڪو ڦيرو نه آيو آهي.
جملي ۾ جي لفظ استعمال ٿيندا آهن، اهي ٻن
قسمن جا هوندا آهن:
هڪڙا اهي، جن مان ڪو مطلب يا معنيٰ نڪري
سگهي ۽ ٻيا اهي جي بي معنيٰ هوندا آهن، جي فقط
جملي کي ڊگهو ڪرڻ يا زيبدار بنائڻ لاءِ ڪم آڻبا
آهن، مثلاً:
پاڻي ٻاڻي، گهر ٻر ۽ ماني ڌاني وغيره. انهن جوڙن ۾
پويان لفظ، جهڙوڪ: ٻاڻي، ٻر ۽ ڌاني بي معنى لفظ
آهن، پر ڳالهائڻ ۾ اهڙا لفظ اڪثر استعمال ڪبا آهن.
گفتگو يا مڪالمي ۾ گهڻو ڪري ڊگهن يا پورن جملن جي
بدران، مختصر عبارت يا ٿورا لفظ ۽ اڻپورا جملا ڪم
آڻبا آهن، ۽ اهڙي مختصر عبارت کي به معنيٰ جي لحاظ
کان جملو چئي سگهجي ٿو، حالانڪ لفظ ٿورا آهن، پر
انهن مان معنيٰ پوري جملي واري نڪرندي آهي. مثال
خاطر گفتگو جي عبارت هيٺ ڏجي ٿي:
هڪڙو دوست ٻئي کي : يار، ڪيتري وقت کان توسان
ملاقات نه ٿي آهي. ڪاٿي ٿو وتين؟
ٻيو دوست: : اتي ئِي.
پهريون دوست : آخر ڏسڻ ۾ نٿو اچين، ڇو؟
ٻيو دوست : بس مڙيوئي دنيا جي
مجبوري.
پهريون دوست : ڪاڏي ٻاهر ويو هئين ڇا؟
ٻيو دوست : نه.
2. جملي جا قسم: نحوي ترڪيب جي لحاظ کان
جملو ٽن قسمن جو ٿيندو آهي:
1. مفردِ يا مُجَرد يعني اڪيلو يا جدا
2. مُرڪَبُ يعني ڳنڍيل
3. مَخلُوطُ يا مُلتَف يعني گڏيل
1. مفرد جملو: مفرد جملو انهيءَ جملي کي
چئبو آهي، جنهن ۾ فقط هڪڙو فعل هوندو آهي ۽ معنيٰ
جي لحاظ کان مڪمل هوندو آهي. هن کي سادو جملو به
چئبو آهي، مثلاً:
علم انسان جو زيور آهي.
*
اڄڪلهه هوائي جهاز جو سفر عام ٿي پيو آهي.
*
مينهن وسڻ سان هوا ۾ گهم پيدا ٿيندي آهي.
مفرد جملن جو استعمال:
”محبت جي ميدان ۾، سر جو ڪر مَ سانگ.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ڪين مائيندا من ۾ خودي ۽ خدا.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”اونداهي آهي اجهو عاشقن جو.“
(شاهه: کنڀات)
”پاڻي ويا پرت جو زوراور زنجير.“
(شاهه: سسئي)
”سورن اسان ساڻ، ننڍيئي نينهن ڪيو.“
(شاهه: حسيني)
”مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون.“
(شاهه: مارئي)
”پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي وڇايائون وار.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.“
(سچل: آسا)
”اٺئي پهر اڇ ۾، عاشق گم رهن.“
(سچل: آسا)
”نابوديءَ جي نشي اندر، ستگر سير ڪرايو.“
(سچل:
گجري)
”عشاقن آڙاهه ۾ پسيو نظارو.“
(سچل:
ڀيروي)
”پورن منجهه پيو واچيندڙ ورق جو.“
(سچل:
ڀيروي)
”آريءَ جي اچڻ جو روز نهاريان راهه.“
(سچل:
ڪوهياري)
”گلزاريون ۽ گاهه پٽن تي پڌرا ٿيا.“
(سچل:
سارنگ)
”کنوڻين ڪيا کيج اڄ ڏاڏاڻي ڏيهه تي.“
(سچل:
کنڀات)
2. مرڪب جملو: مرڪب جملو اهو آهي، جنهن ۾
هڪ کان وڌيڪ فعل يا جملا ڪم آندل هجن، جي پاڻ ۾
حرف عطف سان ڳنڍيل هجن، جن کي جيڪڏهن هڪ ٻئي کان
جدا ڪجي، ته پنهنجي سر ڌار ڌار پورا جملا جُڙي
پون. مرڪب لفظ جي معنيٰ آهي ڳنڍيل.
مثال طور ڪي مرڪب جملا هيٺ ڏجن ٿا:
ساري دنيا انسان لاءِ پيدا ٿي آهي ۽ انسان
فقط الله جي عبادت لاءِ پيدا ٿيو آهي.
*
ڪوڙو ماڻهو قسم کڻندو، ته به ڪوئي مٿس ويساهه نه
ڪندو.
*
انسان جي حياتي پوري ٿي ويندي، مگر سندس خواهشون
پوريون ٿي نه سگهنديون.
مرڪب جملن جو استعمال:
”اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”اڻ چوندن ڪيم چؤ، چوندن چيو وسار.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ڪڍج ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ مَ ڪمائج.“
(شاهه:
سريراڳ)
”جهنگ کامي پٽ ٿيو، لٿي چوران لِڪ.“
(شاهه:
سريراڳ)
”لڳي اترهير، سامونڊين سڙهه سنباهيا.“
(شاهه:
سامونڊي)
”اٿيس آءٌ اوير، ڪري سُڃ سنجهي ويا.“
(شاهه:
ديسي)
”آءُ ڪانگا، وڻ ويهه، سُڌيون ڏي ساڻيهه جون.“
(شاهه:
پورب)
”اکر لکن نه دل تي، ٿا ڪاغذ ڪارا ڪن.“
(سچل: آسا)
”ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا.“
(سچل: آسا)
”ويم نڪري قافلو، ڪل نه مون پيئي.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مون کي
گهرجين تون، لوڪ رٺوئي گهوريو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مومل ناهه ميار، سوڍي سڱ ڇني ڇڏيو.“
(سچل:
راڻو)
”پاٺ نه ڪري ماٺ، ويٺو سازن کي سوري.“
(سچل:
سورٺ)
”قاصد آيو ڪونه ڪو، ڪونه لکيائون خط.“
(سچل:
کنڀات)
”آڻي ڪانگ ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو،
ڀينر سڀ ڀنوس، ڳاڙيندي ڳوڙهن سين.“
(سچل: مالڪوس)
3. مخلوط جملو: مخلوط جملو اهو آهي، جنهن
۾ مطلق يا مکيه جملي سان گڏ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ
تابع يا ذيلي جملا هجن. مخلوط جي معنيٰ آهي گڏيل.
مخلوط جملي ۾ مطلق جملو فقط هڪڙو هوندو
آهي ۽ باقي ٻيا ذيلي جملا هوندا آهن، جن جو انحصار
مطلق جملي تي هوندو آهي. ڪوبه تابع يا ذيلي جملو
پنهنجي سر بيهي نه سگهندو آهي. هڪ ذيلي جملو ٻئي
ذيلي جملي سان حرف عطف جي ذريعي ڳنڍيل هوندو آهي
يا وري ڪ ذيلي جملو ٻئي ذيلي جملي جي ماتحت هوندو
آهي. ذيلي جملو مطلق جملي سان ضمير موصول، ضمير
استفهام، ظرف يا ٻين استدراڪي لفظن وسيلي ڳنڍيل
هوندو آهي ۽ صفت، ظرف يا فعل جو پورائو ٿي ڪم
ايندو آهي.
مخلوط جملي جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
*
’اهو سون ئي گهوريو، جو ڪَنَ ڇنِي.‘
*
اها حقيقت آهي، ته هر جاندار شيءِ پاڻيءَ
مان پيدا ٿي آهي.
*
انسان کي معلوم ناهي، ته سندس مقدر ۾ ڇا
لکيل آهي ۽ سندس حياتي ڪيتري آهي.
پهرئين مثال ۾ ’اهو سون ئي گهوريو‘ مطلق
يا مکيه جملو آهي ۽ ’جو ڪن ڇني‘ ذيلي جملو آهي، جو
’جو‘ ضمير موصول سان مکيه جملي سان ڳنڍيل آهي. ٻئي
مثال ۾، ’اها حقيقت آهي‘ مکيه جملو آهي، جنهن سان
ذيلي جملو ’هر جاندار شيءِ پاڻيءَ مان پيدا ٿي
آهي، ’ته‘ حرف عطف استدراڪي ذيلي ڳنڍيل آهي. اهڙي
طرح ٽئين مثال ۾ ’انسان کي معلوم ناهي‘ مکيه جملو
آهي ۽ ’سندس مقدر ۾ ڇا لکيل آهي‘، ۽ ’سندس حياتي
ڪيتري آهي‘ ٻيئي ذيلي جملا آهن جي مکيه جملي سان
حرف عطف سان ڳنڍيل آهي.
مخلوط جملي جي ڀيٽ ۾ مرڪب جملا آسان هوندا
آهن، ڇو جو مرڪب جملن ۾ سڀ جملا مطلق هوندا آهن ۽
حرف عطف ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن، جن کي
آسانيءَ سان هڪٻئي کان جدا ڪري سگهبو آهي، پر
انهيءَ جي برعڪس مخلوط جملي ۾ ذيلي جملا مکيه جملي
جا محتاج هوندا آهن ۽ انهن کي معنيٰ ۾ خلل پيدا
ڪرڻ کانسواءِ الڳ ڪري يا ڪڍي نه سگهبو آهي.
عبارت ۾ مخلوط جملي کي وڏي اهميت هوندي
آهي، ڇاڪاڻ ته مخلوط جملا استعمال ڪرڻ سان ئي
عبارت سهڻي ۽ وڻندڙ ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري جو انهن
جي وسيلي خيالن جي اظهار ۾ نرمي يا شدت پيدا ڪري
سگهبي آهي. ٻئي طرف مرڪب جملن واري عبارت خشڪ ۽
اڻوڻندڙ لڳندي آهي، جو انهن ۾ خيال جو اظهار هڪ
ڪرو هوندو آهي.
اصول مطابق، اهميت وارن جملن کي مطلق جي
شڪل ۾ ۽ گهٽ اهميت وارن جملن کي ذيلي جملن جي شڪل
۾ رکبو آهي. اهميت کي وڌائڻ يا يا گهٽائڻ خاطر،
جملن کي مطلق يا ماتحت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. مثال
لاءِ هڪ جملو هيٺ ڏجي ٿو:
انسان خرچ ڪري ٿو ۽ هن کي گهرج ٿئي ٿي.
هي جملو مرڪب آهي، جنهن ۾ ٻئي جملا مطلق
آهن ۽ هڪ ڪري اهميت وارا آهن. انهن کي هيٺينءَ ريت
مخلوط جملي ۾ ڦيرائي سگهجي ٿو:
’انسان خرچ ڪري ٿو، جڏهن هن کي گهرج ٿئي
ٿي.‘
هي مخلوط جملو آهي، جنهن ۾ ’انسان خرچ ڪري
ٿو‘ مطلق جملو آهي ۽ ’جڏهن هن کي گهرج ٿئي ٿي‘
ذيلي يا ماتحت جملو آهي. هن جملي ۾ مطلق جي هجڻ
ڪري ’خرچ‘ کي اهميت ڏني ويئي آهي. هاڻي ذيلي جملي
کي مطلق ۽ مطلق جملي کي ذيليءَ ۾ تبديل ڪجي ٿو:
انسان کي گهرج ٿئي ٿي، جڏهن هو خرچ ڪري
ٿو.
هتي مطلق جملي ۾ ’گهرج‘ تي زور ڏنو ويو
آهي.
ڪن حالتن ۾ معنيٰ ۽ مطلق کي وڌيڪ واضح ڪرڻ
لاءِ مرڪب ۽ مخلوط جملن کي گڏي استعمال ڪبو آهي،
مثلاً:
1. جڏهن مينهن پوندو آهي ته گهرن ۽ گهٽين
۾ گپ ٿيندي آهي، پر هوا ۽ وڻن ٽڻن ۾ تازگي پيدا
ٿيندي آهي.
2. جهاز، جيڪو وڏي بلنديءَ تي اڏامي رهيو
هو، سو وڏي ڌماڪي سان پرزا پرزا ٿي ڪِري پيو،
جنهنڪري جهاز جا سمورا مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا.
پهرئين جملي ۾ ’جڏهن مينهن پوندو آهي‘ ۽
ٻئي جملي ۾ ’جيڪو وڏي بلنديءَ تي اڏامي رهيو هو‘
ذيلي جملا آهن، جن کي عبارت مان الڳ ڪبو ته باقي
مرڪب جملا رهجي ويندا.
مخلوط جملي جو استعمال:
”وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.“
(شاهه: سريراڳ)
”جي نه سڃاڻن سچ کي، وِهه مَ تني وٽ.“
(شاهه: سريراڳ)
”جڏهن ڄام پنهون ڄائو، تڏهن ٿي وس وڻڪار ۾.“
(شاهه: ديسي)
”جيڪي مئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.“
(شاهه: حسيني)
”کلي جو کنيوءِ، سو متان ور وسارئين.“
(شاهه: حسيني)
”آن جي ڏٺا هونِ، ته الله لڳ ڳالهه ڪريو.“
(شاهه: حسيني)
”سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مونسين ڳالهه ڪي،
سا جي پڌر پوءِ، ته سرتيون ڪا نه سمهي.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته ترڪ طمع کي ڪر.“
(شاهه:
رامڪلي)
”عشق جنين سان مزو لاتو، علم نه سي ٻيو پڙهندا.“
(سچل: گجري)
”ساريم سي سنگهار، جنم لنگهايم جن سان.“
(سچل: کنڀات)
”کڻي ساڻ کٿي، جا آندم ملڪ ملير کان،
مٿي مارئيءَ تان، اها لحظو ڪين لٿي.“
(سچل: کنڀات)
معنى جي لحاظ کان جملي جا هيٺيان قسم آهن:
1. جملو بياني 2. جملو استدراڪي 15. جملو تمثيلي
2. جملو سوالي 9. جملو تنبيهي
16. جملو تضميني
3. جملو اقراري 10. جملو
ندائي 17. جملو تلميحي
4. جملو انڪاري 11. جملو
قَسمَي 18. جملو مدلل
5. جملو معطوفي 12. جملو اظهاري
19. جملو معترضه
6. جملو شرطي 13. جملو دعائي
7. جملو سببي 14. جملو تشبيهي
1. جملو بياني: جملو بياني انهيءَ جملي کي
چئجي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن شيءِ جي وصف بيان ڪيل هجي يا
ڪنهن ڳالهه جو تفسير يا وضاحت ڏنل هجي. اهڙي جملي
کي جملو وصفي يا تفسيري به چئبو آهي. هن جملي جا
ٻه ڀاڱا هوندا آهن. پهرئين ڀاڱي ۾ ڪا ڳالهه بيان
ڪيل هوندي آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ان جي وضاحت هوندي
آهي. عام طرح جملي بيانيءَ ۾ حرف عطف بياني
استعمال ٿيل هوندو آهي. جملي بيانيءَ جا ڪي مثال
هيٺ ڏجن ٿا:
چڱن جو چوڻ آهي، پوڍائي کان قرض نه کڻجي.
*
هن جي دل ۾ سدائين کٽڪو رهندو هو، ته ڪڏهن
نه ڪڏهن مٿس اوچتو حملو ٿيندو.
*
مؤمن کي فقط ايمان جي طاقت هوندي آهي،
يعني هن کي الله تي ڀروسو هوندو آهي.
”سگهن سُڌ نه سورجي، ته گهايل ڪيئن گهارين.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”وڃي ڪيچ چئيج ته ويچاري واٽ مئي.“
(شاهه: معذوري)
”مون لوڏان ئين لَکيا، ته هاڃو ڪندا هِي،
ماريندا مون کي، پنهون نيندا پاڻسين.“
(شاهه: ديسي)
”سنجهي مون نه سنڀاليو، ته اوٺي ڪندا ايئن.“
(شاهه: ديسي)
”هيئن نه ڀانيم جيڏيون، ته ڏاڍي ڪندا ڏير.“
(شاهه: ديسي)
”پاڙي ناهه پروڙ، ته رات رنجائي گذري.“
(شاهه: حسيني)
”ٿيو غلغو گرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو،
ٻيجل ٻولايو، ته سر سوالي آهيان.“
(شاهه: سورٺ)
”خبر نه پيئي، ته ڏيج ڏنائون ڪيترو.“
(شاهه: بروو)
”ڀورو
ائين نه ڀانئين، ته ڪو لوڪ لاڏائو ساعت جو.“
(شاهه: مارئي)
”جان تڪ پيئي
توريان، تان ڏک موچارا سکن کان.“
(سچل:
ڪوهياري)
”پيهي پروڙيوم، تان پنهون، پاڻئي آهيان.“
(سچل:
ڪوهياري)
”هاڻي نه ڄاڻان، ته موٽي ملندس مارئين.“
(سچل: کنڀات)
2. جملو سوالي: جملو سوالي اهو جملو آهي،
جنهن ۾ ڪو سوال ڪيل هجي يا ڪا ڳالهه دريافت ڪيل
هجي. هيٺيان لفظ جملي کي سوالي بڻائيندا آهن:
ڇا، ڇو، ڪٿي، ڪڄاڙو، ڪنهن، ڪو، ڪوهه،
ڪهڙو، ڪيترو، ڪير، ڪيهو، ڪيئن وغيره.
جملي سواليءَ جا مثال:
”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“
(شاهه: ڪلياڻ)
”ڪنهن کي ائين
چوان، ته مون کي ماريو سڄڻين؟“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”هئين ته ويڄن وٽ، تون ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين؟“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”رهڻيءَ رهيو نه سپيرين، ته ڪهڻيءَ ڪيو ڪوهه؟“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”لاڻي وچان لوڪ، تو ڪهڙي اکي آئڙي؟“
(شاهه: کنڀات)
”قضا ريءَ ڪير ڌري، مٿي پاڻيءَ پير؟“
(شاهه: سهڻي)
”ملڪ مڙئي منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا؟“
(شاهه: سهڻي)
”هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پهي؟“
(شاهه: سسئي)
”ڪيئن آڙايئي پاند، پلؤ پرڏيهين سين؟“
(شاهه: ڪوهياري)
”ڇاکي وڃيو ڇو، ٻيلي رهين ٻين جو؟“
(شاهه: بروو)
”سا سڪ سلان ڪيئن، جنهن اندر آهيرا ڪيا؟“
(شاهه: بروو)
”ڪٿان سکئين سپرين، ڪاسائڪي ڪار؟“
(شاهه: بروو)
”نينهن نهائينءَ جيئن، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪئين؟“
ڄر ڄيري ڇڏي، ته رڇ پچندا ڪيئن؟“
(شاهه: رپ)
”ڪندئن ڪوهه رهي، سر ۾ سپرين ري؟“
(شاهه: ڏهر)
”سي ڪيئن پرينءَ پسن، ڪٽر جن اکين ۾؟“
(شاهه: آسا)
”سونهن وڃايم سومرا، ٿينديس ڪيئن قبول؟“
(شاهه: مارئي)
”مٿان مَنَهه منهنجي، ڪنهن اُڏايو ڪانءُ؟“
(شاهه: پورب)
”ڪنڌيءَ تي ڪيهي، حاج تنهنجي هنجهڙا؟“
وڃين نه پيهي، پٿوئن لئي پاتار ۾؟“
(شاهه: ڪارايل)
3. جملو اقراري: جملو اقراري انهيءَ جملي
کي چئبو آهي جنهن ۾ ڪنهن ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو
هجي يا ان جي حقيقت کي مڃيو ويو هجي. انهيءَ جملي
کي جملو هاڪاري به چئبو آهي.
جملي اقراريءَ جا مثال:
”وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن ور وڏو ڪيو.“
(شاهه: ديسي)
”حجت هوت پنهونءَ سين مون ڪميڻيءَ ڪيهي،
هوءَ جا پائين پير ۾، تنهن جُتيءَ نا جيهي.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”دارونءَ جا داڻا، ڏنم هوت هٿن سين.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”ٻيا در ڏيئي ٻين کي، آيس تنهنجي در.“
(شاهه: سورٺ)
محبوبن منٿون ڪري، سڪڻ سيکاريوم،
تهانپوءِ ٿيوم، جيئري پسڻ پرينءَ جو.“
(شاهه: بروو)
”مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چِت.“
(شاهه: ليلان
چنيسر)
”سهم پسان ٿي سومرا، پرينءَ ري پيئي.“
(شاهه: مارئي)
”سهکيءَ ڀائي سڀڪو، اهکيءَ تون هين تون.“
(شاهه: مارئي)
”سَتي تنهنجي ست ۾، ڳالهه گهرجي ڳچ.“
(شاهه: مارئي)
مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون.“
(شاهه: مارئي)
”هِنئون منهنجو هُت ٿيو، هت مٽي ۽ ماهه،
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.“
(شاهه: مارئي)
”سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙن مينهن،
نير منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو.“
(شاهه: مارئي)
”سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم.“
(شاهه: مارئي)
”مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.“
(شاهه: مارئي)
”اِيءُ قضا ڪم ڪيو، جيئن ٿر مارو، آءٌ ماڙئين.“
(شاهه: مارئي)
”لکئي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريس هيءُ.“
(شاهه: مارئي)
”اصل منهنجي انگ، جڙيو هو زنجير.“
(شاهه: مارئي)
4. جملو انڪاري: جملو انڪاري انهيءَ جملي
کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ڳالهه يا حقيقت جو
انڪار ڪيل هجي. هن جملي کي جملو ناڪاري به چئبو
آهي.
جملي انڪاريءَ جا مثال:
سُڌ لڏيندي ساٿ جي، ڏيرن ڪانه ڏني.“
(شاهه: ديسي)
”هي جو ڏنڀ ڏهاڳ جو، سگهان ڪين سهي.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”اجهو ريءَ الله، ڪونهي ڪاپڙين جو.“
(شاهه:
رامڪلي)
”نه کِلن نه کِين ڪي، نڪي ڳالهائين.“
(شاهه:
رامڪلي)
”مون وٽ آيو ڪونه ڪو، ڀائرنئون ڀري پير.“
(شاهه: مارئي)
”لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي.“
(شاهه: مارئي)
”جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.“
(شاهه: مارئي)
”پريان سندي پار جو ڪانگل نه ڪوڙو.“
(شاهه: پورب)
”پٽ دعا پاراتي واري، ناهي راهه رباني.“
(سچل: گجري)
وار نه سي ويهن، جني مٿي مامرا.“
(سچل:
ڪوهياري)
”سپ سڃاتئون ڪين ڪي، جوڳن ماري جک.“
(سچل:
ڪاريهر)
”هردي اندر هير جي، آهي ڪونه ٻيو.“
(سچل:
ڪاريهر)
”لوئي اها لوءِ جي، ڇن نه ڇڏيندياس،
تهباران توڙي ٿئي، مور نه مٽيندياس.“
(سچل:
کنڀات)
5. جملو معطوفي: جملو معطوفي انهيءَ جملي کي چئبو
آهي، جنهن ۾ فعل معطوفي ڪم آندل هجي، مثلاً:
اڻ ڏٺي رستي تي سوچي سمجهي ۽ اکيون کولي
وک کڻجي.
*
ننڍڙو ٻار ماءُ جي تات ۾ روئي روئي سمهي
پيو.
مٿين جملن ۾ ’سوچي سمجهي‘، ’اکيون کولي‘ ۽
’روئي روئي‘ فعل معطوفي آهن، تنهنڪري مٿيان ٻئي
جملا معطوفي چئجن ٿا.
جملي معطوفيءَ جا مثال:
”پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لکيو لوح ۾.“
(شاهه: سهڻي)
”مون کي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍٽ قراريو.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”مڻئي مٿي موهجي، چريو چت ٿيو.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”پسي ککيءَ کوڙ، متان ماڱر مٽئين.“
(شاهه: ڪاموڏ)
لاڳاپا لاهي، ويندس ڪڍ ڪوهيار جي.“
(سچل:
ڪوهياري)
”پارس لڳي سون ٿيون، لوهاڻيون لوريون.“
(سچل: ڪلياڻ)
”ملي مهاڻا مير سان، ٿيڙا مير بحر.“
(سچل: ڪلياڻ)
”سنڀري سرودن سان، سالڪ ڪيا ساٺ،
ڦيري سازن ٺاٺ، سوريئين سر سورٺ کي.“
(سچل: سورٺ)
”رويو رويو رت، ٿو پکي پارانڀا ڏئي.“
(سچل:
مالڪوس)
”پکي سوئي پر، اڄ اڏاڻو اوڏهين.“
(سچل:
مالڪوس) |