سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :13

 

 (7) اسم جي حالت

        جملي ۾ اسم يا ان جي بدل يعني ضمير جي جا بيهڪ ۽ حيثيت رهي ٿي يا ان جو ٻئي ڪنهن لفظ سان جو لاڳاپو رهي ٿو، تنهن کي حالت چئجي ٿو. اسم جي حالت جا ڪل پنج قسم آهن، اگرچه سنسڪرت جي قاعدي موجب اسم جون اٺَ حالتون هونديون آهن، پر اهي سنڌيءَ ۾ استعمال ڪونه ٿينديون آهن. اهي اٺ حالتون هيٺيون آهن:

1.      حالت فاعلي

2.     حالت مفعولي

 

3. حالت جري:                          3. حالت جري

                                         4. حالت سببي

                                         5. حالت امدادي

                                         6. حالت مڪاني

                                         7. حالت اضافت يا فاعلي

                                         8. حالت ندائي

سنسڪرت ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان حالت جريءَ جا چار قسم ڏيکاريا ويا آهن، جن جا مثال هيٺئين جملي ۾ ڏجن ٿا:

استاد ڪلاس ۾ ٻار کي بورڊ تي چاڪ سان حساب سيکاري ٿو.

مٿين جملي ۾ ’استاد‘ فاعل ۽ ’حساب‘ مفعول کان سواءِ باقي جيڪي چار اسم ڪم آندل آهن، تن جي حالت هيٺ بيان ڪجي ٿي:

ڪلاس: هيءُ لفظ هنڌ يا مڪان ظاهر ڪري ٿو، تنهنڪري سندس حالت مڪاني يا ظرفي چئبي.

ٻار:    ٻار کي استاد کان سکيا جي امداد ملي ٿي، تنهنڪري ان جي حالت امدادي ٿيندي.

بورڊ:   حسابن جي سکيا جو بنياد بورڊ تي رکيو ويو آهي، تنهنڪري ’بورڊ‘ جي حالت جــري ليکبي.

چاڪ:  ’چاڪ‘ کي وسيلو يا اوزار ڪري استعمال ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ان جي حالت سببي شمار ڪبي.

        مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو ته حالت جريءَ جي چئن مختلف صورتن جي وچ ۾ جو معنوي فرق آهي، اهو بالڪل لطيف ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ خاص ۽ جدا جدا پڇاڙين استعمال نه ٿيڻ جي ڪري مذڪور صورتن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿو لڳي، انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ حالت سببي، امدادي ۽ مڪاني، ٽنهي کي حالت جريءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ فقط پنجن حالتن کي تسليم ڪيو ويو آهي.

1. حالت فاعلت:

        جملي ۾ جڏهن ڪو اسم يا ضمير فاعل جو ڪم ڪندو آهي، ته ان جي حالت فاعلي سڏبي آهي.

        مثال:

”اُٺ نه وڃي وڳ سين، چري نه چــانگو.“
                                      (شاهه: کنڀات)

”اوڏا ڪين آيا عقــل وارا عشق کي.“
                                          (سچل: آسا)

”وسي ٿو وڏڦــڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون.“
                                      (شاهه: سارنگ)

”ويو ڪين وري مانجهي هن ميدان ۾.“
                                        (سچل: راڻو)

        ’انسان تڪليف ۾ پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪندو آهي.‘

*

        ’ڌوٻــي ميرا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪري ٿو.‘

*

        ’مــاءُ پنهنجي ٻچن لاءِ سوين ڏک سور سهي ٿو.‘

*

        مٿيان ٿلها مثالي لفظ: اُٺ، چانگو، عقل وارا، وڏڦڙو، ٽاريون، مانجهي، انسان، ڌوٻي ۽ ماءُ فاعل جي حيثيت رکن ٿا، تنهنڪري انهن جي حالت فاعلي آهي.

        ’فاعل‘ جي لغوي معنى آهي ’ڪم جو ڪندڙ‘، پر نحوي لحاظ کان سندس مطلب آهي، اهو لفظ جنهن جو سڌو سنئون واسطو فعل سان هجي.

2. حالت مفعولي:

        جملي ۾ جڏهن ڪم اسم يا ضمير مفعول ٿي ڪم ايندو آهي، ته ان جي حالت مفعول چئبي آهي.

        مثال:

”پکي سوئي پر، اڄ اڏاڻو اوڏهين،
خاص وٺي خبر، موٽيو ماڳن پانهنجي.“
                               (سچل: مالڪوس)

”مـال نه مڱي مڱڻو، جاجڪ گُهري جـيءُ.“
                                    (شاهه: سورٺ)

”وٺ ڪاتي، وڍ انگــڙا، ادب ڪرمَ ڪوءِ.“
                               (شاهه: بروو سنڌي)

”وکــر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.“
                                  (شاهه: سريراڳ)

”سائنس دنيا کي آرام به ڏنو آهي ته خوف به.“

*

’حڪومت جو فرض آهي ته رعيت لاءِ هرڪا سهوليت پيدا ڪري.‘

*

        ’شادي يا ڪنهن خوشي جي محفل ۾ ماڻهو عطر ۽ گل ڇٽيندا آهن.‘

مٿيان ٿلها مثالي لفظ: پر، خبر مال، جيءُ، ڪاتي، انگڙا، وکر، آرام، خوف، سهولت، عطر ۽ گل مفعول ٿي ڪم آيل آهن، تنهنڪري انهن جي حالت مفعولي آهي.

’مفعول‘ جي لغوي معنيٰ آهي ’ڪم آندل يا ڪم آيل‘، پر سندس نحوي مطلب آهي اهو لفظ جنهن جو فعل سان واسطو فاعل جي ڪري هجي.

3. حالت جري:

جملي ۾ جڏهن ڪو حرف جر ڪنهن اسم يا ضمير جي پٺيان يا ڀر ۾ ايندو آهي ۽ ان جي حالت بيان ڪندو آهي ته ان اسم يا ضمير جي حالت جري چئبي آهي.

”منهنجو پيچ پنهون سان، ازل لاڪون آهه.“
                                    (سچل: ڪوهياري)

”پنــن مٿان پلٽيون، هيرُون منجهان هيــج.“
                                        (سچل: سارنگ)

”جن مان بڇڙي بانس، آئي عــام خلــق کي،
تــن سان سمي ڄام جا ايڏا ٿيا اخلاص.“
                                        (سچل: ڪلياڻ)

”ڏاهي هيس ڏيهه ۾، ســرتين منجهه سڄاڻ.“
                                  (شاهه: ليلان چنيسر)

”ڏاتر لڳ ڏيکار، سو سومرا ساڻيهه،
ريُ پنهوارن پرڏيهه، ماڳ مڙيوئي ڀانئيان.“
                                         (سچل: کنڀات)

”راڻي لاءِ ڙي، ويئي وهامي راتڙي.“
                                     (شاهه: مومل راڻو)

”روهن اندر روجهڙيون، ڪيون ڏکيون ڏولاون.“
                                         (سچل: پهاڙي)

”سامي تون سلوڪ کي هٿان همَ ڇڏ.“
                                        (شاهه: رامڪلي)

        ’علم بنا آدمي، آهي پسونءَ سمان.‘

*

        ’هڪ ڏينهن هيءَ دنيا هر شئي سميت ختم ٿي ويندي.‘

*

        ’صبح جو ننڊ مان اٿي ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ لازمي آهي.‘

*

        مٿيان ٿلها مثالي لفظ: پنهون، ازل، پَٽن، هيڄ، جن، علم، خلق، تن، ڏيهه، سرتين، ڏاتر، پنهوارن، راڻي، روهن، سلوڪ، علم، پسون، شئي، ننڊ ۽ ڌڻي جري حالت ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته حرف جر: سان، لاڪون، مٿان، منجهان، سان، ۾، منجهه، لڳ، ريءَ، لاءِ، اندر، بنا، سمان، سميت، مان ۽ کي جدا جدا اسمن يا ضميرن جي پٺيان يا ڀر ۾ آيل آهن ۽ انهن جي حالت بيان ڪن ٿا.

        ڪن حالتن ۾ اسم يا ضمير خود مجرور صورت ۾ هوندو آهي، اگرچه حرف جي جدا استعمال ٿيل ڪونه هوندو آهي. پر اهو متعلق اسم يا ضمير ۾ مدغم ٿيل يا مليل هوندو آهي، مثلاً: ’ڏيهان ڏور‘ جنهن جو مطلب آهي ’ڏيهه کان ڏور.‘ لفظ ۾ ’کان‘ حرف جر سمايل آهي. ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”اجلان اڳي سسئي، منڌَ جئري ئي مَرُ.“
                                      (شاهه: معذوري)

”اُسَ مَ لڳي اوٺئين، ليڙنِ لُڪ مَ لڳ.“
                                           (شاهه: ديسي)

”وڏي اوهــه آئيون پٺــيءَ لائي ڦَرَ.“
                                       (شاهه: سارنگ)

”پاند ڳچيءَ پائي، چاهون چمان پيرڙا.“
                                          (سچل: راڻو)

”پرڏيهان پنڌ ڪري هلي آيو هيءُ.“
                                         (شاهه: سورٺ)

”سونهن وڃايم سومرا، وطــنِ وڃان ڪيئن؟“

                                       (شاهه: مارئي)

”نوري ڄام تماچ سان، کلي چڙهي کَــٽُ.“
                                       (شاهه: ڪلياڻ)

”وڻــنِ ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري.“
                                       (شاهه: سهڻي)

        ’ڪي ماڻهو شاديءَ کانپوءِ ٻارين ٻچين ساهرين وڃي رهندا آهن.‘

*

        ’غريب ۽ مسڪين ماڻهو پيرين پنڌ حج تي ويندا آهن.‘

*

        ’پرديس ۾ ڳوٺان ڪو خط ايندو آهي، ته بيحد خوشي ٿيندي آهي.‘

        مٿي ڏنل مجرور لفظن جي تشريح هيٺ هجي ٿي:

                اجلان                يعني             اجل کان

                اوٺئين “                                اوٺين کي

                ليڙنِ                   “               ليڙن کي

                اوهه                    “               اوهه سان

                پٺيءَ                   “               پٺيءَ سان

                ڳچيءَ                  “               ڳچيءَ ۾

                چاهون          “               چاهه مان يا منجهان

                پرڏيهان                “               پرڏيهه کان

                وطن                    “               وطن ڏي يا ڏانهن

                کَٽَ                    “               کٽ تي

                وڻنِ                    “               وڻن تي

                ٻارين ٻچين            “               ٻارن ٻچن سان

                ساهرين        “                       ساهرن ۾

                پيرين                  “               پيرن سان

                پنڌِ                     “               پنڌ سان پنڌ وسيلي

                ڳوٺان                  “               ڳوٺ کان يا مان

3.                 حالت اضافت يا اضافي:

جڏهن ڪنهن اسم يا ضمير جي پٺيان حرف اضافت: جو، جي، سندو، سندي، يا وارو، واري ايندو آهي ۽ ان جو ٻئي ڪنهن لفظ سان لاڳاپو ڏيکاريندو آهي ته ان اسم يا ضمير جي حالت اضافت يا اضافي چئبي آهي.

  اضافي ترڪيب جا ٻه ڀاڱا هوندا آهن:

  1- مُضاف،                     2. مضاف اليہ.

  مضاف جي معنى آهي اها شئي جنهن جو ٻئي ڪنهن شئي سان لاڳاپو هجي ۽ مضاف اليه جو مطلب آهي اها شئي جنهن سان ٻي شئي جو لاڳاپو ڏيکاريل هجي، مثلاً: ’ڪاغذ جي ٻيڙي‘، هن ترڪيب ۾ ’ٻيڙي‘ آهي مضاف ۾ ’ڪاغذ‘ آهي مضاف اليه.

  حالت اضافت جون ڇهه مختلف صورتون آهن، جتي هيٺ ڏجن ٿيون:

1.      اضافت تمليڪي

2.     اضافت ظرفي

3.     اضافت بياني يا توضيحي

4.     اضافت ذاتي يا صفاتي

5.     اضافت مجازي يا تشبيهي

6.     اضافت نسبتي

(الف) حالت اضافت تمليڪي:

        اضافت واري جملي ۾ جيڪڏهن مضاف ۽ مضاف اليه جو تعلق مالڪي هوندو، يعني مضاف ڪنهن مضاف اليه جي ملڪيت ڏيکاريل هوندو ته مضاف اليه جي حالت اضافت تمليڪي چئبي، مثلاً: بادشاهه جو تخت، حڪومت جو ڪارخانو، منهنجو قلم، الله جو ٻانهو، دوست سندو در، طبيب واري دوا وغيره. انهن ترڪيبن ۾ بادشاهه، حڪومت، منهن، الله دوست ۽ طبيب جي حالت اضافت تمليڪي آهي.

        اضافت تمليڪيءَ جو استعمال:

”عاشق، معشوقن جي وٺي ويهج رَندُ.“
                                   (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”نوح جَنهين جو ناکئو، ثابت ويا سيئي.“
                                     (شاهه: سريراڳ)

”مجتبي ميهار جي چڙن چوريا چاڪ.“
                                        (شاهه: سهڻي)

”اديون آريءَ ڄــام جا ويا روڏا رئاريون.“
                                   (سچل: ڪوهيارو)

”ڏيهه ڏکــيءَ جو ڏور، رهبر رسج رُڃ ۾.“
                                   (سچل: ڪوهياري)

(ب) حالت اضافت ظرفي:

        اضافت واري جملي ۾ جيڪڏهن مضاف، مضاف اليه جو حصو هوندو يا ان ۾ سمايل هوندو يا ان جي اثر جو نتيجو هوندو ته مضاف اليه جي حالت اضافت ظرفي ٿيندي. ظرف جي معنى آهي ٿانءُ، هنڌ يا جاءِ جنهن ۾ ڪا شئي پيل يا سمايل هجي، مثلاً: گهر جو در، گل جي خوشبوءِ، بدن جو رت، درياء جو پاڻي، اسڪول جا شاگرد، ڪتاب جي ڳالهه ۽ سياري جي ٿڌ وغيره. هنن مثالن ۾ ڏسبو ته در، خوشبوءِ، رت، پاڻي، شاگرد، ڳالهه ۽ ٿڌ، جي مضاف آهن، اهي پنهنجي مضاف اليه، يعني گهر، گل بدن، درياء، اسڪول، ڪتاب ۽ سياري ۾ داخل آهن، تنهنڪري هرهڪ مضاف اليه جي حالت اضافت ظرفي چئبي.

        اضافت ظرفيءَ جو استعمال:

”توڏي تنهن وڻ تات، جنهن ۾ بود بادام جي.“
                                           (شاهه: کنڀات)

”پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.“
                                            (شاهه: ڪلياڻ)

”سگهو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.“
                                    (شاهه: بروو سنڌي)

”چڪو انهنءَ چــاش جو، چکي ٿيا چريا.“
                                          (سچل: ڀيروي)

”پسي دور دريــاء جو، دهلج ڪيم دلا.“
                                            (شاهه: سهڻي)

”ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون.“
                                         (شاهه: حسيني)

”سٽون سيپارن جون، پڙهڻ ٿيون ثواب.“
                                          (سچل: ڀيروي)

(ت) حالت اضافت بياني يا توضيحي:

        اضافت جي جملي ۾ جيڪڏهن مضاف اليه ۽ مضاف جو لاڳاپو بياني هوندو يا مضاف اليه مضاف جي توضيف يا وضاحت ڪندڙ هوندو ته ان حالت ۾ مضاف اليه جي حالت اضافت بياني يا توضيحي ٿيندي، مثلاً: سون جي منڊي، رڪ جي ترار، مس جو داغ، جمع جو ڏينهن، دنبي جو گوشت، اپريل جو مهينو ۽ ڪراچيءَ جو شهر وغيره. انهن ترڪيبن ۾ سون، رڪ، مس، جمع، دنبي اپريل ۽ ڪراچي، جي مضاف اليه آهن، انهن جي حالت اضافت بياني آهي.

        اضافت بيانيءَ جو استعمال:

”اکر پڙهه الــف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.“
                                (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”دارونءَ جا داڻا ڏنم هوت هٿن سين.“
                                  (شاهه: ڪوهياري)

”جيڪس منجهه قطار، ڪا ول چنائين وهه جي.“
                                           (شاهه: کنڀات)

”سدا آهي ســور جي واڍوڙين وائي.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”محبت جي ميدان ۾ سر جو سانگ نه ڪر.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.“
                                         (شاهه: معذوري)

”ڏونگر مونسين روءِ، ڪڍي پار پنهونءَ جا.“
                                      (شاهه: ڪوهياري)

”سامونڊين سعيو، سدائين ســفر جو.“
                                       (شاهه: سامونڊي)

”ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيــام جو.“
                                            (شاهه: ديسي)

’لا‘ نفيءَ جو ڪلمو مون کي، مرشد پاڻ پڙهايو.“
                                          (سچل: گجري

”ڳل ڳانا يــاقوت جا، موتين ڳتيس مال.“
                                          (شاهه: کنڀات)

        مٿين سٽن ۾ ٿلها لفظ مثالي آهن، جن جي حالت اضافت بياني آهي.

(ث) حالت اضافت ذاتي يا صفاتي:

        اضافت واري جملي ۾ جيڪڏهن مضاف لفظ مضاف اليه جي خاصيت يا ذاتي وصف ظاهر ڪندڙ هوندو ته ان مضاف اليه جي حالت کي اضافت ذاتي يا صفاتي سڏبو، مثلاً: سج جي گرمي، چنڊ جي روشني، رات جي اونداهي، دنيا جي لذت، انسان جي ڪمزوري ۽ باهه جو تؤ وغيره. انهن ترڪيبن ۾ سج، چنڊ، رات، دنيا، انسان ۽ باهه جي حالت ذاتي يا صفاتي آهي، ڇاڪاڻ ته مضاف لفظ: گرمي، روشني، اونداهي، لذت، ڪمزوري ۽ تؤ، هرهڪ پنهنجي پنهنجي مضاف اليه جي وصف يا خصوصيت ظاهر ٿو ڪري.

        اضافت ذاتي جو استعمال:

”اوٻارا عنبير جا، جر سان اچن جال.“
                                      (شاهه: سهڻي)

”تن ۾ تونس پريــنءَ جي، پيان نه ڍاپان.“
                                     (شاهه: سهڻي)

”آهي ڪو جو جهلي، تکو تاب حسن جو.“
                                    (سچل: ڀيروي)

”قضا ڪم ڪيو، ڪونهي ڏوهه ڪُلال جو.“
                                 (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”مدَيون پسي منهنجون شرمايا شيطان.“
                                    (شاهه: سريراڳ)

”ملا، سمجهين ڪين ڪي، تون محبوبن جي مام.“
                                         (سچل: آسا)

”طعنا تنڪا لوڪا جا، سر چڱا چايام.“
                                 (سچل: ڪوهياري)

”ڏکــيءَ سنديون ڏونگرين، اوڇنگارون اچن.“
                                    (شاهه: معذوري)

”وڪڙ ور ونــدر جا، جت جبلن جا جهاڪا.“
                                 (سچل: ڪوهياري)

        مٿين سٽن ۾ ٿلها لفظ مثالي آهن، جن جي حالت اضافت ذاتي يا صفاتي آهي.

(ج) حالت اضافت مجازي يا تشبيهي:

        اضافت واري جملي ۾ جيڪڏهن مضاف ۽ مضاف اليه جي وچ ۾ لاڳاپو مجازي يا تشبيهي هوندو ته مضاف اليه جي حالت مجازي يا تشبيهي چئبي، مثلاً: اکين جي اُڃ، دل جي ڪَٽُ، قدرت جو هٿ، محبت جو مچ، ڏکن جو ڏاج، غلاميءَ جو طوق وغيره، انهن ترڪيبن ۾ اکين، دل، قدرت، محبت، ڏکن ۽ غلامي جي حالت مجازي يا تشبيهي آهي. اضافت مجازي يا تشبيهي جو مطلب آهي اهو لاڳاپو جو معنوي هجي يا تشبيهه طور بيان ڪيل هجي. هن اضافت کي اضافت ’استعاره‘ به چئبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com