سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :42

 

ج- ضمير مبهم ۽ ان جي مثالن جو ذڪر اڳ اچي چڪو آهي، هت فقط اهو ڏسڻو آهي، ته جملي ۾ ضمير مبهم جي حيثيت ڇا آهي، ضمير مبهم به ٻين ضميرن وانگر جملي ۾ فاعل توڙي مفعول، مضاف يا مضاف اليه يا مجرور جي صورت وٺي سگهي ٿو، مثلاً:

فاعل جي صورت:       اسان کان اڳ هتي ڪو رهي ويو آهي

مفعول جي صورت:     ڪجهه نه ڪجهه ڏيندو رهندو آهيان.

مضاف جي صورت:    حشر ۾ ڪير نه هوندو ڪنهن جو ڪوئي.

مضاف اليه جي صورت:    گهر جي ٻاهران ڪنهن جا پير بيٺا آهن

مجرور جي صورت:      جهيڙي ۾ ڪيترن کي ڌڪ لڳا آهن،

ڪن کي ته سڃاڻي ئي نٿو سگهجي.

        ضمير استفهام وانگر ضمير مبهم به صفت ٿي ڪم ايندو آهي ۽ ان جي صفت واري صورت قدري عام هوندي آهي.

        مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”ڪا مت قيمت جهڙي، روز ڏمر کي ڏيج.“
                                            (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”ميي کي مجاز جو ڪڙهه اندر ڪو سور،
سوڪو پرايائين پور، سڪي جيئن ساڻو ٿيو.“
                                            (شاهه: کنڀات)

”متان ڪا منڌ ڪري، موٽڻ جي مزاڪ.“
                                           (شاهه: سسئي)

”اتي آريءَ ڄام جو، قاصد آيس ڪوءِ.“
                                           (شاهه: سسئي)

”رهو رات ڀنڀور ۾ ڪا گهڙي هت گهاريو.“
                                      (شاهه: ڪوهياري)

”ڪنهين ڊاءَ مَ ڊڄ، کريون ويهي ڏي خبرون.“
                                      (شاهه: مومل راڻو)

”ڪو در ناهه جهوءِ، مون ٻيا در گهڻا نهاريا.“
                                             (شاهه: ڏهر)

”لڏي ڪنهن لوءِ ويا، مارو منجهه ملير.“
                                          (شاهه: مارئي)

”ويندينءَ ات وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾.“
                                           (شاهه: مارئي)

”وهندو شال وصال جو، ڪو پڻ وارُ وري.“
                                          (سچل: کنڀات)

”ڪائي پلڪ پري، عمر اباڻيون نه ٿيان.“
                                         (سچل: کنڀات)

”پورب پنڌ نه ڪن، ڪنهين ويلي ڪاپڙي.“
                                           (سچل: جوڳ)

”ڪي دم آڏو دوست جي، ڀلي ڪري ڀڳاءِ.“
                                     (سچل: مالڪوس)

”لَکَن منجهه لڀي ڪا سورائتي سور سان.“
                                      (سچل: مالڪوس)

        ضمير مبهم جا لفظ ’ڪو‘، ’ڪا‘ يا ’ڪِي‘ جملي ۾ بعضي نفيءَ يا گمان جي معنى ڏيندا آهن، مثلاً:

        هيٺين جملن مان نفيءَ جي معنى ٿي نڪري:

        پڙهڻ ۾ ڪو وقت ضايع ٿيندو آهي، اها تنهنجي ڀُل آهي.

*

        ٻين جي خدمت ڪرڻ ۾ انسان ڪو لهي ويندو آهي، پاڻ وڌندو آهي.

*

        آءٌ ڪِي تنهنجو دشمن آهيان، جو مون کان پري ٿو ڀڄين.

*

”روئي ڪندينءَ ڪوهه، هاڻي ڪو هوت وري.“
                                          (شاهه: حسيني)

”هاٿيءَ ڪارڻ هيڪڙي، آءٌ ڪا تند هڻان.“
                                           (شاهه: سورٺ)

”واڳ ڌڻين وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي،
جي تو ڄاتو پاڻ، ته آءٌ ڪو ٻيو آهيان.“
                                              (سچل: آسا)

        هيٺين جملن مان گمان جي معنى ٿي نڪري:

        تون اجايو ٿو هن کان ڇرڪين، هو ڪو ڏنگو ته ڪونهي.

*

        تون مون سان ايتري چالاڪي ڇو ٿو ڪرين، مان ڪو اهڙو ٻالو ڀولو ته ناهيان.

*

”هوت نه ڀانيم هيئن، ڇڏي تون ڪو ڇپرين ويندين.“
                                              (شاهه: ديسي)

        ح – ضمير مشترڪ، جهڙوڪ: پاڻ، سِر، خود جو واسطو گهڻو ڪري فاعل سان هوندو آهي، پوءِ اهو فاعل ظاهر هجي يا ڳجهو، ڪڏهن مفعول سان به شامل ٿيندو آهي، پر جري صورت ۾ يا مجهولي حالت ۾، مثلاً:

        چوڪيدار پاڻ پنهنجي حفاظت نه ڪري سگهيو.

*

        گهر جي مالڪ خود چور کي پڪڙي ورتو.

*

        هو سِر ته چڱو ماڻهو آهي، پر سندس اولاد سڌريل ڪونهي.

*

        پاڻ اچي ته چڱو، ٻئي تي اعتبار ناهي.

        مٿين جملن ۾ ضمير مشترڪ جو لاڳاپو فاعل سان آهي، جو پهرين ٽن جملن ۾ ظاهر آهي ۽ چوٿين ۾ ڳجهو آهي.

        هيٺين جملن ۾ ضمير مشترڪ جو تعلق مفعول سان ڏيکاريو ويو آهي، جو جري ۽ مجهولي حالت ۾ آهي:

        مون پيسا پاڻ کي ڏنا اٿيمانس.

*

        لڙائي ۾ بادشاهه خود مارجي ويو.

        ضمير مشترڪ جو اطلاق فاعل سان سڌو سنئون هوندو آهي، پر اضافي ترڪيب ۾ بعضي ٻطرفو ۽ منجهائيندڙ هوندو آهي، مثلاً:

        سڌي سنئين اطلاق جا مثال:

        اخبار ۾ اهو بيان مون خود ڏنو آهي.

        سمورو سامان پاڻ کڻي پهچايم.

*

        پنهنجو سفر ڏاڍو آرام سان گذريو.

        ٻطرفي اطلاق جا مثال:

        اوهان کي پنهنجي تصوير ڏيکاريان ٿو.

*

        هي اوهان جو پنهنجو گهر آهي.

        هنن جملن ۾ ’پنهنجي تصوير‘ ۽ ’پنهنجو گهر‘ مان هڪ ئي وقت ٻه معنائون نڪرن ٿيون، يعني:

        اوهان کي اوهان جي تصوير ڏيکاريان ٿو يا اوهان کي مان پنهنجي تصوير ڏيکاريان ٿو.

        هي اوهان جو گهر آهي يا هي گهر ته منهنجو آهي پر ان کي پنهنجو گهر ڪري سمجهو.

        ضمير مشترڪ، صفت ٿي ڪم اچڻ جي حالت ۾، مفعول سان به لاڳاپو رکندو آهي، مثلاً:

        سيٺ پنهنجو ڪارخانو وڪڻي ڇڏيو.

*

        هو ته خود غرض ٿي پيو آهي، پنهنجا دوست ئي وساري ڇڏيا اٿس.

*

        چوندا آهن ته ’پنهنجي گهوٽ ته نشو ٿيئي.‘

        جيڪڏهن جملي ۾ فاعل يا مفهوم اسم هجي ۽ اضافي حالت ۾ هجي، ته ان سان ضمير شخصي استعمال ڪجي ۽ نه مشترڪ، ورنه ان جي سمجهڻ ۾ مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو، مثلاً:

        اسان جي فوج جنگ ۾ فتحياب ٿي آهي.

*

        منهنجو ڪتاب مون کي موٽائي ڏي.

*

”مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.“

                                    (شاهه: يمن ڪلياڻ)

        مٿين مثالن ۾ جيڪڏهن ضمير مشترڪ ’پنهن‘ ڪم آڻبو ته مطلب صاف نه نڪرندو.

        مرڪب جملي جي هڪڙي ڀاڱي ۾ يا مخلوط جملي جي مکيه ڀاڱي ۾ جيڪڏهن فاعل استعمال ٿيل هوندو، ته ٻئي يا ضمني ڀاڱي ۾ ان جي نمائندگي ضمير شخصي ڪندو ۽ نه مشترڪ، مثلاً:

        هو هڪ چالاڪ ماڻهو آهي، سندس حرڪتن جي ڪنهن کي خبر ڪانه ٿي پوي.

*

        هر ماڻهوءَ کي علم پرائڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ ته هو زندگي کي چڱي نموني گذاري سگهي.

*

        ڇوڪري امتحان پاس ڪيو آهي ۽ هاڻي هو نوڪريءَ جي جاچ ۾ آهي.

        مٿين جملن ۾ ’سندس‘ ۽ ’هو‘ جي بجاءِ ’پنهنجي‘ ۽ ’پاڻ‘ يا ’خود‘ استعمال ڪبو ته مناسب نه ٿيندو.

        جهڙي طرح صفت بعضي اسم جي جاءِ وٺندي آهي، جيئن اڳ بيان ڪيو ويو آهي، تهڙي طرح ضمير مشترڪ به اسم جي عيوض استعمال ٿيندو آهي، مثلاً:

        پراون جو ڏنل ڏک ايترو محسوس نه ٿيندو آهي جيترو پنهنجن جو.

*

        گهر جو احساس جيترو پاڻ کي ٿيندو، اوترو ٻين کي نه ٿيندو.

*

        توهان پڇا پيا ڪريو، اجهو خود اچي ويو آهي.

*

فعل جي نحوي حيثيت: فعل ڇاڪاڻ ته جملي جي بناوت ۽ معنى کي پورو ڪندو آهي، تنهنڪري اصولن جملي جي پڇاڙيءَ ۾ واقع ٿيندو آهي، جيئن هيٺين مثالن ۾ ڏيکاريل آهي.

        سمنڊ جو پاڻي کارو هوندو آهي.

        سج ۽ چنڊ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ڦرندا آهن.

*

        ائٽمي جنگ ۾ دنيا تباهه ٿي ويندي.

        البت عبارت کي بي تڪلف ۽ سهڻو ۽ معنى کي اثرائتي بنائڻ خاطر فعل کي اڳي پوءِ به استعمال ڪبو آهي ۽ شعر ۾ ٻين لفظن وانگر ان کي ڪٿي به بيهاري سگهجي ٿو، مثلاً:

        آهي ته منهنجو دوست، پر اميد گهٽ اٿم.

*

        پڙهيو ته گهڻو ڪجهه اٿئين، پر نه جهڙو.

*

        زندگيءَ جو دارومدار آهي ئي پاڻيءَ تي.

        شعر مان مثال:

”ڏيندءِ ٻڪي ٻاجهه جي، ويندءِ ٺپ ٺري.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”وسي ٿو وڏڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون.“
                                         (شاهه: سارنگ)

”پهرين ڏيندا پاهه، پوءِ رڱيندا رڱ ۾.“
                                      (شاهه: ڪوهياري)

”ڇڏيندس ڀنڀور، هنئون هت نه وندري.“
                                           (شاهه: حسيني)

”وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونءَ جو.“
                                           (شاهه: حسيني)

”پن ٻوڙين پاتار ۾، پهڻ تارين تون.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”جا ماروءَ ڏنم سرتي، سا لاهيان ڪئن لوئي.“
                                            (شاهه: مارئي)

”پني ۾ پيغام، لکي مڪا سڄڻن،
سي نه سمجهن عام، جي آهن منجهه اشارتين.“
                                          (سچل: ڀيروي)

”ويم نڪري قافلو، ڪائي نه پئي ڪل،
سيني اندر سل، سلي ويم سپرين.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”ساريم سي سنگهار، جنم لنگهايم جن سان.“
                                        (سچل: کنڀات)

”ويٺا ڳالهيون ڪن، مارو مون ملير ۾،
اجها ايندي مارئي، وري هن وطن.“
                                           (سچل: کنڀات)

        جملي ۾ فعل جي هجڻ کانسواءِ به مطلب ڪڍي سگهبو آهي ۽ اهڙا جملا ڳالهه ٻولهه، پهاڪن ۽ شعر ۾ استعمال ٿيندا آهن، مثال هيٺ ڏجن ٿا:

        گفتگو يا ڳالهه ٻول جو مثال:

ڊاڪٽر مريض کي: اوهان کي هاڻي ڪو بخار، زڪام يا مٿي جو سور؟

        مريض: بالڪل نه.

        ڊاڪٽر: دوا؟

        مريض: بس باقي هڪڙو وزن ٿيندو.

*

ميزبان مهمان کي: ڪو حال احوال؟

        مهمان: پاڻ ڏي ۽ مٽن مائٽن ڏي ڪل خير.

        ميزبان: ڪا پوک راهي. اٿي ويٺي، ڪو ڌنڌو ڌاڙي؟

        مهمان: الله جون ڀلايون بس مڇي ماني پئي ملي.

  پهاڪن جو مثال:

’ڪور جي منهن ۾ ڌوڙ.‘

*

’چورن مٿان مور‘

*

’جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا‘

*

’ڏاڍي جي لَٺ کي ٻه مٿا‘

*

’جهڙي نيت تهڙي مراد‘

*

’ڪٿي ڍور سُڃا ڪٿي چور سُڃا‘

*

’ننڍو ٻار مُڇ جو وار‘

        شعرن مان مثال:

”بندر بازاريون سڃا سامونڊين ري.“
                                        (شاهه: سامونڊي)

”دائم جا درياهه م سا مڇي ڪني ڪوهه.“
                                           (شاهه: سهڻي)

”اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”وڳر ۾ وائي ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا.“
                                            (شاهه: پرڀاتي)

”منهن تي موسى جهڙو، اندر ۾ ابليس.“
                                               (شاهه: آسا)

”نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇِلر ڇٽ.“
                                             (شاهه: گهاتو)

”سر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه.“
                                        (شاهه: ڪارايل)

”نڪو تارو اُڀ ۾، نڪو شمس شعاع.“
                                         (شاهه: ڪاموڏ)

نڪا صحبت صراحيءَ سان، نڪي مينا سان مطلب،
ساقي سڀ سبب، سچل سڪ وارن جو.“
                                          (سچل: ڀيروي)

”سکن واريون سوَ، ڏکن واري ڪا.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار.“
                                        (سچل: سارنگ)

”کريون ۽ کوٽيون، ته به آخر ننگ تماچ تي.“
                                         (سچل: ڪلياڻ)

”مکڻو نا محتاج، ماڻڪ موتي مال جو.“
                                        (سچل: سورٺ)

        بعضي فعل ۾ خود فاعل ۽ مفعول، ٻنهي جو مفهوم سمايل هوندو آهي، يعني جملي ۾ فاعل ۽ مفعول نه به هجن، پر فعل ٻنهي جو پورائو ڪندو آهي، مثلاً:

        ڏيئي ڇڏيندوسانس، چوندو هوم، آندا اٿنِنِ وغيره.

استعمال:

        مون کي ڪٿي گڏيو ته چوندوسانس.

*

        بس حال ڪهڙو ٿو پڇين، آڻيون ۽ چاڙهيون.

*

        ٻڌندين ته ماٺ لڳي ويندءِ.

”مارو ڪالهه ملير ۾، پر پري اڄ پيام.“
                                          (سچل: کنڀات)

”هيئن نه ڀانئڻ ڪا هيم، تاڪي هيئن ڪندام.“
                                          (سچل: کنڀات)

”ماروءَ جي مُقام کان دور مَ ڌريجاه.“
                                           (شاهه: مارئي)

”ميڙا لاٿا ماروئين، سڀ اوڍيائون صاف.“
                                            (شاهه: مارئي)

”رهبر ٿي ريڙهيانس، سونهاري ساڻيهه ڏي.“
                                           (شاهه: مارئي)

        مصدر، اسم مفعول، اسم حاليه ۽ اسم استقبال جا صيغا فعل سان لاڳاپو رکندڙ آهن. مصدر ته فعل جو بنياد آهي، جنهن مان ٻيا صيغا جڙندا آهن. جملي ۾ مذڪور صيغا اسم جي جاءِ وٺندا آهن ۽ فاعل، مفعول، مجرور، مضاف يا مضاف اليه جي حيثيت سان استعمال ٿي سگهندا آهن.

        مصدر جا مثال:

        لکڻ پڙهڻ انسان لاءِ لازمي آهي.

*

        نابين به لکڻ پڙهڻ سکندا آهن.

*

        ڪريل جهاز کي ڏسڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو اچي مڙيا.

*

        معذور ماڻهن لاءِ مختلف هنرن سکڻ جا ادارا کوليا ويا آهن.

”تڙ تڪڻ، تار گهڙڻ، اِيءُ ڪانيارن ڪم.“
                                            (شاهه: سهڻي)

”ڏورڻ منجهان ڏس، پوندءِ هوت پنهونءَ جو.“
                                           (شاهه: سسئي)

”ڏونگر نه ڏوري سڪڻ جون سڌون ڪري.“
                                           (شاهه: سسئي)

”موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيومَ جيڏيون.“
                                           (شاهه: سسئي)

”ڏنا جئڻ لئي جيڏيون، ڏيرن مون کي ڏُک.“
                                           (شاهه: سسئي)

”پُرڻ ڇڏ پيرن سين، وهڻ وساريج.“
                                           (شاهه: سسئي)

”سڏ م ڪر سڏڻ ريءَ، هلڻ ريءَ م هل،
جلڻ ريءَ م جل، روئڻ ريءَ متان روئي.“
                                           (شاهه: سسئي)

”توڙي لهين نه پير، توءِ راحت آهه رڙهڻ ۾.“
                                        (شاهه: معذوري)

”سِڪي جان ستياس، تان سِڪ سمهڻ نه ڏي.“
                                           (شاهه: ديسي)

”وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ريءَ.“
                                           (شاهه: مارئي)

”وِڄن وک وڌائي، وَسڻَ وَسُ ڪيو.“
                                        (سچل: سارنگ)

”اجهاپي ڪا اڏ وسڻ کان اڳي وڃي.“
                                        (سچل: سارنگ)

”آريءَ جي اچڻ جو، روز نهاريان راهه.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”مشڪل موٽڻ تن جو، جي هي لڪ لنگهڻ.“
                                           (سچل: کنڀات)

”ٻڌڻ سان روئي ڪري، چولي ڪيائين چڪ.“
                                     (سچل: مالڪوس)

        اسم مفعول جا مثال:

        قيامت ڏينهن مئا جيئرا ٿي اُتندا.

*

        حساب ويل هر ڪنهن کي پنهنجو چيو ۽ ڪيو آڏو ايندو.

*

        هو پنهنجو لکيو پڙهي نٿو سگهي.

*

        ڏٺي تي اعتبار ڪجي ۽ ٻڌي تي نه.

شعر مان مثال:

”اُٺ نه وڃي وڳ سين، ٻڌو چري نه ٻور.“
                                            (شاهه: کنڀات)

”هڪ لکئي ٻئي نينهن، آڻي اوليس اول ۾.“
                                            (شاهه: سهڻي)

”وڍِي ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪو ڪاري.“
                                        (شاهه: معذوري)

”ويا ات ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.“
                                          (شاهه: کاهوڙي)

”پنجن سان پورو رهه، آيا ٽيهه مَ ٽار.“
                                        (شاهه: رامڪلي)

”ڦريا ڦسي ڦيڻ، کَرين کير نه چکيو.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”چريو کريو لوڪ چوي، آهن ڪين چريا.“
                                         (سچل: ڀيروي)

”ڀٽاريون ڀريون، آيون وسائي وڏا ڦڙا.“
                                         (سچل: سارنگ)

”ٿاڻا ٿر ٿيان، ڦٽيون ڦوڙيون گڏيون.“
                                           (سچل: پهاڙي)

”مولا وڇڙيون ميڙيون، اولانگي اوسر.“
                                          (سچل: پهاڙي)

”قسمت قيد ڪٿي ڪيو، ڪٿان جي ڄائي.“
                                         (سچل: کنڀات)

”وَسُ نه ويڙهيچن جو، ٿو لکيو لوڙائي.“
                                          (سچل: کنڀات)

        اسم مفعول ظرفي صورت ۾ به ڪم ايندو آهي، مثلاً:

”ويڄن ويٺي ئي، دوس پيهي در آئيو.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين.“
                                          (شاهه: سسئي)

”ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سپرين.“
                                           (شاهه: سسئي)

”ويٺي مون ويو، لڙي سج لڪن تان.“
                                           (شاهه: حسيني)

”جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.“
                                          (شاهه: حسيني)

”اڀريم انگور سُتي سپيرين جا.“
                                               (شاهه: رپ)

”وين ڏول وچان، اُٺي اچي گڏيون.“
                                           (سچل: پهاڙي)

”اٿيي ويٺي تن جا، اٿم خواب خيال.“
                                           (سچل: کنڀات)

اسم حاليه جا مثال:

ڄڻيندا وسري وڃن، پاليندا ياد رهن.

*

ايندا سدائين سار، نه ويندا ئي ڪڏهن وسار.

*

ايندن جو آڌر ڀاءُ ڪجي ۽ ويندن سان اڳڀرو ٿجي.

*

مرندن جي ميراث تي نه ڀاڙجي.

’جو چڙهندي تاءُ نه ڪري، سو لهندي ڇا ڪندو.‘

*

”اڻ چوندن ڪيم چؤ، چوندن چيو وسار.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”ايندن پڇي خبرون، ويندن پيرين پوءِ.“
                                           (شاهه: حسيني)

اسم حاليه جي ظرفي صورت جا مثال:

”هلندي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ.“
                                            (شاهه: کنڀات)

”جهاڳيندي جر پٽيون، متان ڪرين ڪٿ.“
                                            (شاهه: کنڀات)

”ڦٽيا پير فقيرن جا، چڙهندي چڙهاڪا.“
                                            (شاهه: ديسي)

”ويندي وير چانگن جو، چريو ڪين چڙو.“
                                      (سچل: ڪوهياري)

”ڪڍندي ڪاتي، وڌائين ڪرٽ ڪپار ۾.“
                                           (شاهه: سورٺ)

”مٿي ڪاڻ ڏياچ جي، سڪندي ٿيڙم سال.“
                                         (سچل: سورٺ)

”سٽ پڙهندي سرتيون، منهنجو ساهه سڪو.“
                                          (سچل: ڀيروي)

        اسم حاليه جي پٺيان تاڪيد خاطر ’ئِي‘ يا ’هِي‘ پڇاڙي شامل ٿيندي آهي، مثلاً: ٻڌنديئي، اُٿنديئي وغيره.

”لاتيون ڪندي ئي، ڪانگو هيٺ ڪري پيو.“
                                     (سچل: مالڪوس)

”ڪاڪيون ڪتينديئي، پيم پور پريان سندو.“
                                     (سچل: مالڪوس)

اسم استقبال جا مثال:

مايا اچڻي وڃڻي آهي، ماڻهو ڪڏهن امير آهي، ته ڪڏهن فقير.

*

هڪ ڏينهن هر ڪنهن کي هي جهان ڇڏڻو آهي.

*

مون کي جو ڪجهه چوڻو هو، چئي ڇڏيم.

*

”هو ڀي ڪين اچڻو، هي ڀي ڪين ويو.“

                                  (سچل: آسا)

        فعل معطوفي: سنڌيءَ ۾ فعل معطوفي، ڇاڪاڻ ته گهڻو مرڪب ۽ مخلوط جملن جي ترڪيب م ڪم ايندو آهي، تنهنڪري عبارت ۾ اهو ڪثرت سان استعمال ٿيندو آهي.

        فعل معطوفيءَ جو لاڳاپو گهڻو ڪري مکيه فعل جي فاعل سان هوندو آهي، پر مفعول سان به ان جو جوڙ رهندو آهي، جيڪڏهن اهو جري يا عام صورت ۾ هوندو آهي.

        فاعل سان لاڳاپي جا مثال:

        سج اڀري مٿي ٿيو ته ٻوڏ جو پاڻي به اچي ڪڙڪيو.

*

        مسافر ڊڪي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو.

*

        ٽوٻي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي، ٻُڏل ٻار کي ٻاهر ڪڍيو.

        مفعول سان لاڳاپي جا مثال:

        انسان ماضيءَ جا کنڊر ڏسي، عبرت وٺي سگهي ٿو.

*

        ٻار قيمتي شيشي کي ڀڃي، پرزا پرزا ڪري ڇڏيو.

*

        پرديس ۾ وطن کي ياد ڪندي، اڪثر اکين ۾ پاڻي تري ايندو آهي.

*

        فعل مجهول جي حالت ۾ فعل معطوفيءَ جو لاڳاپو نه فاعل سان ۽ نڪي مفعول سان رهندو آهي، مثلاً:

        بي حس ماڻهن کي ذميداريءَ جو احساس ڏياري ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهبو.

*

        ٻنيءَ ۾ ريج ڪري رونبو ڪبو آهي.

*

        هميشه چڱين ڳالهين تي عمل ڪري نيڪي حاصل ڪجي.

        ڪڏهن فعل معطوفيءَ جو فاعل مکيه فعل جي فاعل کان مختلف هوندو آهي، مثلاً:

        ڌرتي ڌٻندي، سوين جايون ڪِري پيئون.

*

        برسات پوندي، ميدانن ۽ رستن ۾ پاڻي بيهي ويندو آهي.

*

        جنگ لڳندي، ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويندا آهن.

        استعمال:

”سڪ نه آهي سٿري، کڻ پروڙي پير.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”چئج حال حبيب کي، نمي نوڙائي ڪنڌ.“
                                            (شاهه: کنڀات)

”ساٿي سفر هليا، ڀري جُنگ جهاز.“
                                        (شاهه: سريراڳ)

”پلئي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.“
                                        (شاهه: سريراڳ)

”ساريو سپيرين کي، لُڙڪ ڳلن تي پون.“
                                          (شاهه: سارنگ)

”سڪان ٿي سڪرات ۾، رويو پڇان راهه.“
                                        (شاهه: معذوري)

”ڏيئي ڏيکاري، ڦٽي دل فقير ويو.“
                                      (شاهه: مومل راڻو)

”ساري سناسين کي، رُنم ساري رات.“
                                        (شاهه: رامڪلي)

”پکين ۾ پيهي، محلن جي مَرُ لاهيان.“
                                           (شاهه: مارئي)

”آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل.“
                                           (شاهه: مارئي)

”گهمي مٿان گهر، ڏج پارانڀا پرينءَ کي.“
                                            (شاهه: پورب)

”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون.“
                                           (شاهه: ڪاموڏ)

”پڙهي پرجهي علم تي، عمل نه آڻن.“
                                              (سچل: آسا)

”سُڃي ڪري سنڌڙي، واچوڙو ويندو.“
                                              (سچل: آسا)

”روئي زارو زار، پرزو پرينءَ ڏي لکيم.“
                                          (سچل: ڀيروي)

”وٺي هليو خط، پانڌي پار پرينءَ جي،
روئي روئي رت، تنهن هلندي حال وڃايو.“
                                          (سچل: ڀيروي)

”جبل سڀ جهاڳي وڃي، جيڏيون ڏسان جت.“
                                    (سچل: ڪوهياري)

”ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾، ور بنا ويهي.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”ڪيچان آيو قافلو، کٿوري کڻي.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”سلهاڙي ساٿ سان، کڻي هوت ويام.“
                                    (سچل: ڪوهياري)

”پَسي مِينهن مهر جا، مينهون اڄ موٽيون.“
                                        (سچل: سارنگ)

”ٻر ڇڏي ٻاهر ٿيا، نيلا نڪري نَرَ.“
                                        (سچل: ڪاريهر)

”چڙهيو سا چوڏول ۾، ٿي حڪم هلائي حور.“
                                          (سچل: ڪلياڻ)

”مٿي ٻَڌي موڙ، گهريو تماچي تن ۾.“
                                          (سچل: ڪلياڻ)

”رڙيون سُڻي رُلين جون، سايو ڪيو ستار.“
                                          (سچل: پهاڙي)

”آندءِ اُڏائي، پکن مان پهنوار جي.“
                                           (سچل: کنڀات)

”پڙهي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي.“
                                      (سچل: مالڪوس)

”ڪِري قدمن تي پيئي، سوَ لک ڏج سلام.“
                                      (سچل: مالڪوس)

        فعل معاون جي نحوي صورت: جملي ۾ فعل معاون هميشه مکيه فعل سان گڏ ۽ ان جي پويان ايندو آهي، پر تاڪيد خاطر ان جي اڳيان به ايندو آهي ۽ شعر ۾ ته ٻين لفظن وانگر پوءِ اچي سگهي ٿو، مثلاً:

        مِينهن پوي ٿو ته ساوڪ ٿئي ٿي.

*

        دل ٿي چوي ته بوند پيئي وسي ۽ ملهار لڳو پيو هجي.

*

        اڄڪلهه نابين به لکي پڙهي ۽ راندين ۾ مقابلو ڪري سگهن ٿا.

*

                مان ٿو چوانس، ڏسان ته ڪيئن نه ٿو مڃي.

*

        شعر مان مثال:

”مون کي ٿا مارين، لونهان لهارن جا.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”اچن ٿا آواز، سٽاڻي سمنڊ جا.“
                                        (شاهه: سريراڳ)

”ڪارون ٿي ڪريان، تو در اڀي ناکئا.“
                                        (شاهه: سامونڊي)

”جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.“
                                         (شاهه: سارنگ)

”سڪن ٿيون سهاڳڻيون، سوڍا تنهنجي سٿ.“
                                      (شاهه: مومل راڻو)

”اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.“
                                     (شاهه: مومل راڻو)

”ڪري نه سگهان ڪاءِ، انهن سندي ڳالهڙي.“
                                        (شاهه: کاهوڙي)

”آهيان عيبدار، سڪان ٿي سهاڳ کي.“
                                  (شاهه: ليلان چنيسر)

ڪونجون ٿيون ڪڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون.“
                                               (شاهه: ڏهر)

”سهم پسان ٿي سومرا، پرينءَ ريءَ پيئي.“
                                            (شاهه: مارئي)

”اڄ ڪِ سنجهه صباح، ٿو ڍٻيءَ ۾ ڍير ٿئين.“
                                          (شاهه: ڪارايل)

”ليون لاڻا لاسيون، ٿو ليڙو لواڙي.“
                                    (سچل: ڪوهياري)

”توکي ڪري درد مان ٿي دردمندي دانهون.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”ڇڇيءَ سندي ڇٽ ٿي آئي عام خلق کي.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

”ناد وڄن ٿا ناطقا، ٻيا ڀي رود رباب.“
                                          (سچل: ڪلياڻ)

”جو ٿو ڪانگ چوي، سو سڻيجو سرتيون.“
                                     (سچل: مالڪوس)

        شعر ۾ فعل معاون گهڻو ڪري حذب ٿيل هوندو آهي، مثلاً:

”جانب جدائيءَ جا پلپل پون پور.“
                                      (شاهه: مومل راڻو)

”مٿي راهه رئان گهڻو، ڪارڻ ڪيچيئڙن.“
                                     (سچل: ڪوهياري)

        ڪن حالتن ۾ جملي ۾ فعل جي اڳيان ڪو ضمير استفهام يا ظرف ايندو آهي، ته فعل معاون ڪري پوندو آهي، مثلاً:

        ڇا ڏسي، ته سارو گهر ڀينگ ٿيو پيو آهي.

*

        جان کڻي جاڳي نهاري، ته ڪاريءَ وارا ڪک.

        جي اچي ته سڄو گهر مٿي تي ٿو کڻي.

*

        جيئن چوي، تيئن اسان ڪريون ٿا.

        مٿين جملن ۾ ’ڏسي‘، ’نهاري‘، ’اچي‘ ۽ ’چوي‘ اصل فعل جا حال صيغا آهن، جن ۾ فعل معاون استعمال ٿيڻ گهرجي، پر سندن اڳيان ضمير استفهام ’ڇا‘ ۽ ظرف جا لفظ ’جان‘، ’جي‘ ۽ ’جيئن‘ آيل آهن، جن جي ڪري فعل معاون ’ٿو‘ ڪيرايو ويو آهي.

        19- جملي ۾ لفظن جو پاڻ ۾ ربط يا لاڳاپو: هن کان اڳ جملي جي تعريف ۽ ترڪيب ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ته جملو انهيءَ ڪلام کي چئبو آهي، جو لفظن جو مجموعو هجي، جنهن مان پورو مطلب نڪرندو هجي. ان مان ظاهر آهي معنى يا مطلب پورو تڏهن نڪرندو، جڏهن جملي ۾ استعمال ٿيل لفظن جو پاڻ ۾ صحيح ربط يا لاڳاپو هوندو. هڪڙي لفظ جو ٻئي لفظ سان ڪهڙو لاڳاپو ٿي سگهي ٿو، تنهن جو حال جملي جي تجزيه يا ورهاست مان معلوم ٿي سگهندو ۽ اهڙي تجزيه کي تفريق، تحليل يا ڇيد چئجي ٿو.

        اڳي ڄاڻايل بيان مطابق جملي ۾ ڇهن قسمن جا لفظ استعمال ٿي سگهن ٿا، اهي آهن:

        اسم، ضمير، صفت، فعل، ظرف ۽ حرف.

        هر ٻوليءَ کي لفظن جي ترتيب ۽ جوڙجڪ جو پنهنجو نظام آهي. سنڌيءَ کي به اهڙي ئي قاعدي تي ٻڌل مستند نظام آهي، جنهن موجب اصل محرڪ اسم هوندو آهي ۽ ضمير ان جو عيوضي يا قائم مقام ٿي ڪم ڪندو آهي، تنهنڪري اسم يا ضمير جو فاعل يا مفعول جي حيثيت ۾ سڌوسنئون فعل سان واسطو رهندو آهي. صفت، جو خاصيت جو ٻيو نالو آهي، ان جو اسم يا ضمير سان طبعي لاڳاپو هوندو آهي. ظرف جو تعلق به اڪثر ڪري فعل سان رهندو آهي، ڇاڪاڻ ته ظرف جو لفظ ئي فعل بابت مڪان، زمان ۽ طور طريقي جو تعين ڪندو آهي ۽ حرف اسم يا ضمير جي حالت ظاهر ڪندو آهي.

        جملي کي مکيه ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

1.      هڪڙي ڀاڱي ۾ ڪم ڪندڙ ڄاڻايل هوندو آهي، جو جملي جي ابتدا ڪندو آهي، جنهن کي فاعل يا مبتدا چئبو آهي.

2.     ٻئي ڀاڱي ۾ ڪم ۽ ان جي نوعيت بيان ڪيل هوندي آهي، جنهن کي خبر چئبو آهي.

جملي جو فاعل، ڪو اسم، ضمير يا صفت جو لفظ ٿي سگهي ٿو، يعني ’مبتدا‘ ۾ فاعل پنهنجي صفت يا اضافت سان گڏ شامل هوندو آهي ۽ ’خبر‘ ۾ فعل ۽ ان سان واسطو رکندڙ لفظ، جهڙوڪ: ظرف، حرف، اسم مفعول، اسم حاليه، ۽ انداز يا مقدار ظاهر ڪندڙ لفظ شامل هوندا آهن. صفت سان لاڳاپو ظرف کي صفت سان شامل ڪبو آهي.

    ’خبر‘ جو ’مبتدا‘ سان ٽن نمونن ۾ لاڳاپو هوندو آهي.

    1- فاعل جي تعريف يا ان بابت ڪا ڳالهه ڪرڻ سان،

    مثلاً: انسان مٽيءَ مان ٺهيل آهي.

*

    سج روشني ۽ گرمي پيدا ڪندو آهي.

*

    فقير کي دنيا جي لالچ نه هئڻ گهرجي.

3.     فاعل بابت سوال ڪرڻ سان:

در ڪنهن کڙڪايو؟

جنگ ڪنهن کٽي؟

*

  هن گهوڙي جو مالڪ ڪير آهي؟

3- فاعل کي امر يا حڪم ڪرڻ سان:

    کاءُ پيءُ ۽ الله جو شڪر بجا آڻ.

*

  اُٿ ۽ سفر جي تياري ڪر.

*

  ڪتابن مان علم حاصل ڪريو.

اسم يا ضمير، فاعل يا مفعول جي حيثيت ۾، ڪڏهن مجرد ٿي ڪم ايندو آهي ۽ ڪڏهن موصوف. مجرد جي معنى آهي ڇڙو يا اڪيلو ۽ موصوف جي معنى آهي، صفت وارو. جيئن ته صفت جو لاڳاپو فقط پنهنجي موصوف سان هوندو آهي، تنهنڪري تفريق ۾ به صفت هميشه موصوف سان گڏ ڏيکاربي آهي ۽ ان کي فاعل يا مفعول جو لڳاءُ ڪوٺبو آهي.

سادي جملي جي تفريق، جنهن ۾ فاعل مجرد ۽ فعل لازمي استعمال ٿيل آهن:

جملا:

1.      هيرو سخت ڌاتو آهي.

2.     مڇي پاڻيءَ ۾ رهندي آهي،

3.     پکي هوا ۾ اُڏامندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com