’ورثي ۾ زال جون اٺون حصو ملڪيت جو مقرر
آهي.‘
’هر سرند مسلمان تي فرض آهي ته هر سال
پنهنجي ملڪيت جو چاليهون حصو زڪواة طور صدقو ڪري.‘
5. صفت ضميري يا اشارو:
اهو ضمير جو لفظ جو ڪنهن اسم يا ٻئي ضمير
جي اڳيان اچي ۽ ان جي وصف يا تخصيص ظاهر ڪري يا ان
ڏانهن اشارو ڪري، تنهن کي ’صفت ضميري‘ يا ’اشارو‘
چئبو آهي. مثلاً: هيءَ دنيا، ڪي ماڻهو، هر ڪو
انسان، سڀڪا عورت، جو ڪتاب، جيڪو ملڪ، سوهنڌ، هي
جو، سي جي، جيڪا سا، ڪاجا وغيره، انهن ترڪيبن ۾
’هيءَ‘، ’ڪي‘، ’هرڪو‘، ’سڀڪا‘، ’جو‘، ’جيڪو‘،
’سو‘، ’هي‘، ’سي‘ جيڪا ۽ ’ڪا‘ ضمير جا لفظ آهن جي
صفت جي صورت ۾ يا اشاري طور استعمال ٿيل آهن.
هيٺ مختلف ضميرن جا لفظ جيڪي صفت طور
استعمال ٿيندا آهن:
مذڪر مؤنث
واحد جمع
واحد جمع
انَ، اِنهيءَ انهن انَ،
انهيءَ انَهن
اُنَ، اُنهيءَ اُنهن اُنَ،
اُنهيءَ اُنهن
ايءُ اِي
ايءَ اي
اُو اُو، اوءِ
اُوءَ
اُو، اوءِ
اِهو اِهي
اِها اِهي
جو، جيڪو جي، جيڪي جا،
جيڪا جي، جيڪي
سو سي
سا سي
ڪو ڪي
ڪا ڪي
آءٌ، مون، مان اسان آءٌ، مون،
مان اسان
تو، تون
توهان
تو،
تون توهان
هُو، هُنَ هو، اُهي هُننَ هوءَ،
هُنَ هوءَ، اُهي هُنَن
هِي، هِيءُ، هِنَ هِي، اِهي، هِننَ هِيءَ،
هِنَ هِي، اِهي، هِنَن
تَنهِن، تِنهِن تَن، تِن تَنهِن،
تِنهِن تَن، تِن
جَنهِن، جِنهِن جَن، جِن
جَنهِن، جِنهِن جَن، جِن
ڪَنهِن، ڪِنهِن ڪَن، ڪِن ڪَنهِن،
ڪِنهِن ڪَن، ڪِن
اوترو
اوترا اوترِي اوتريون
ايترو
ايترا ايترِي ايتريون
تيترو تيترا
تيترِي تيتريون
جيترو جيترا
جيترِي جيتريون
ڪيترو
ڪيترا
ڪيترِي ڪيتريون
هيترو هيترا
هيترِي
هيتريون
اهڙو اهڙا
اهڙِي اهڙيون
تهڙو تهڙا
تهڙِي تهڙيون
جهڙو جهڙا
جهڙِي جهڙيون
ڪهڙو
ڪهڙا
ڪهڙِي ڪهڙيون
ههڙو ههڙا
ههڙِي ههڙيون
ايڏو تيڏا
تيڏِي تيڏيون
تيڏو تيڏا
تيڏِي تيڏيون
جيڏو جيڏا
جيڏِي جيڏيون
ڪيڏو ڪيڏا
ڪيڏِي
ڪيڏيون
هيڏو هيڏا
هيڏِي هيڏيون
ايهو ايها، ايهَن
ايهِي ايهِن، ايهون
تيهو تيها، تيهَن
تيهِي تيهِن، تيهيون
جيهو جيها، جيهَن
جيهِي جيهِن، جيهون
ڪيهو ڪيها، ڪيهَن ڪيهِي ڪيهِن، ڪيهيون
سڀڪو، هرڪو- سڀ، سڀني- سڀڪا، هرڪا- سڀ سڀني-
سڀڪنهن- هرڪنهن سڀئي سڀڪنهن هرڪنهن سڀيئي
صفت ضميريءَ جو استعمال:
”ڄاڻين ته مَ ڄاڻ، اِيءُ در اٻوجهن جو.“
(شاهه: پرڀات)
”اِيءَ گت غواصن، جين سمنڊ سوجهيائون.“
(شاهه: سهڻي)
”اِي ڪم الاهي نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي.“
(شاهه: سهڻي)
”اِنَ گهوڙن هنئي گهڻيون، دوسنئان دور ڪيون.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”اِنهيءَ وائيءَ ور، سمجهي ڪو سچو چوي.“
(سچل: آسا)
”لوئي اِها لوءِ جي، ڇن نه ڇڏيندياس.“
(سچل: کنڀات)
”سي لانگوٽيا لعل، ڀينر ڀاڳ مڙن مون.“
(سچل: جوڳ)
”راڻو ڪا رات ويو ڳجهي ڳالهه ڪري.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”سا سڪ سلان ڪيئن، جنهن اندر آهيرا ڪيا.“
(شاهه: کنڀات)
”سوڪو پرايائين پور، سُڪي جيئن ساڻو ٿيو.“
(شاهه: کنڀات)
”مون گهر اچي جي ٿئي مينڌرو مهمان.“
(شاهه: مومل راڻو)
”تو ور وهون ڪيتريون، مون ورتون وريج.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”تو ور ورهون ڪيتريون، مون ورتون وريج.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”تو در آيس داسڙا اوگڻ ڪري اپار.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”هن گام نالو ڪهڙو، هي گهر سندا ڪن،
هيءُ گام مڙيوئي گوجرو جت راٺوڙيون رهن.“
(شاهه: مارئي)
”هِي منهن ڏيئي ٻن، تون وِههُ کائي نه مرين.“
(شاهه: مارئي)
”هن مند مارو سنرا، ڍنگر ڍار رهن.“
(شاهه: مارئي)
”هوءِ جي حق ڀڃن، سي ڪئن ستيون سومرا.“
(شاهه: مارئي)
”سا پَرِ سامي سکيا جا پَرِ جوڳ جڳاءِ.“
(شاهه: رامڪلي)
”لڌيئي جت لائون، سو ڏيهه پسندينءَ مارئي.“
(شاهه: مارئي)
”هيءَ اُهائي جوءِ، جنهن مڻئي تي ور مٽيو.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”سالڪ مون سيکار ڪو پهه اِنهيءَ پاند جو.“
(شاهه: آسا)
”منهنجي آهه اِها، ڪڏهن ڪيريندي ڪوٽ کي.“
(شاهه: مارئي)
”هي هڏو ۽ چم گهوريو محب ميهار تان.“
(شاهه: سهڻي)
”جنهن وَلِ گهڻا وهاٽيا ان سين آر لڳياس.“
(شاهه: کنڀات)
”تنهن واحد کي واهه، جو ستڙ سڀيئي ڪري.“
(شاهه: سريراڳ)
”لکيو جو نراڙ سو انگ ڪياڙيءَ نه ٿئي.“
(شاهه: سريراڳ)
”جي ماڻهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان.“
(شاهه: سسئي)
”ڀوريءَ ٻي نه تات، جيڪا سا جتن جي.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”ڪنهن ڊاءَ مَ ڊڄ، کريون ويهي ڏي خبرون.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”لکن منجهه لڀي، ڪا سورائتي سور سان.“
(سچل:
مالڪوس)
”جوڳي جال ٻجهن، پر ڪونه لڌو ڪو ڪاپڙي.“
(سچل: جوڳ)
”هاري هيڪاندي ڪنهن پر ٿيندِينءَ هوت سين.“
(شاهه: حسيني)
”هيءُ جو ٿيڻو هو، سو اکر مٽبو ڪونه ڪو.“
(سچل: راڻو)
”اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”جهڙي تهڙي ڳالهه کي جمع جوڙيو ڪن.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”لاڻي وچان لوڪ، تو ڪهڙي اکر آئڙي.“
(شاهه: کنڀات)
”جهڙو پنهون پاڻ تهڙي سٽا ساٿ جي.“
(شاهه: ديسي)
”ههڙا سيڻ سڌير، ڪين لهندينءَ ڪي ٻيا.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”سسئي سرواڻن سان، ڪهڙو لِههُ لڳوءِ.“
(شاهه: حسيني)
”جهڙا اچن ڏينهڙا تهڙا ويٺي گهار.“
(شاهه: مارئي)
”بيهودن ڀلا، ڪهڙو قدر قرب جو.“
(شاهه: ڀيروي)
”هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.“
(شاهه: حسيني)
”تنهين ڏوهه ڪيها، جن ڏيئي ڏوراپا چائيان.“
(شاهه: مارئي)
”ڪنڌيءَ تي ڪيهي، حاج تنهنجي هنجڙا.“
(شاهه: ڪارايل)
”ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي.“
(شاهه: سسئي)
”جتي جيتريون لکيون لوح قلم ۾،
تتي تيتريون گهڙيون گهارڻ آئيون.“
(شاهه: معذوري)
’هرڪو ماڻهو هوند تي خوش نه هوندو آهي.‘
*
’سڀڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪيو آڏو ايندو.‘
*
’سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي.‘
6. صفت مرڪب:
اها صفت جا هڪ کان وڌيڪ لفظن جي ٺهيل هجي،
تنهن کي صفت مرڪب چئبو آهي. مرڪب لفظ ٻن يا وڌيڪ
لفظن گڏڻ سان ٺهندو آهي، صفت مرڪب ٺهڻ جا ڪي خاص
طريقا هيٺ ڏجن ٿا:
1.
اسم جي پٺيان صفت گڏڻ سان، مثلاً:
اکين سڄو
درياء لانگهو مڙس تار
زبان دراز منهن ڪنئرو
گوندر گاڏئون نڪ سنئون
2. اسم جي پٺيان ضمير گڏڻ سان، مثلاً:
تر جيترو
جبل جيڏو
چنڊ جهڙو
3. اسم جي پٺيان اسم مفعول گڏڻ سان، مثلاً:
اکين ڏٺو
ٻيڙيءَ ٻڏو
درد ڀريو
دل گهريو
نانءَ چڙهيو
ڏاڙهيءَ ڪوڙيو
کُٽيءَ کنيو
مٿي ڦريو
نانگ کاڌو
نڪاح ٻڌِي
4. اسم جي پٺيان امر جو صيغو آڻڻ سان، مثلاً:
اکين ٻوٽ ڳنڍ ڇوڙ
پِنيءَ ٻوڙ لڄ پال
ڇيڻي ڀور ننگ پال
غم ٽار هٿ ڦاڙ
ڪنئان مار هنئانءَ ٺار
5. ضمير جي پٺيان ٻئي ضمير آڻڻ سان، مثلاً:
ان جيترو
تو جهڙو
پاڻ جيڏو
6. ظرف جي پٺيان اسم مفعول آڻڻ سان، مثلاً:
گڏ ويٺل
مٿي ڦريل
هيٺ پيل
7. عام طرح اسم مرڪب جڏهن ٻئي ڪنهن اسم جي اڳيان
ايندو آهي ته صفت مرڪب جو ڪم ڏيندو آهي، مثلاً:
اڍنگي (چال)
سلڇڻو (نوڪر)
اڻ واقف (ماڻهو)
مڇڏو (فقير)
اورچ (هاري)
نِستو
(بدن)
بي چيو (ڇوڪر)
نِهٺو (آدمي)
بي دين (شخص) نيڪ
بخت (عورت)
سٻاجهو (سائين) وڏو
ڦڙو (مينهن)
ششماهي (امتحان) هڏ
ڏوکي (انسان)
8. فارسي ۽ عربيءَ جون صفتي ترڪيبون به سنڌيءَ ۾
استعمال ٿينديون آهن، جن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
دردمند جهانديده خونخوار
سريع القدم
دولتمند غمزده
خوبصورت شريف النفس
حاجتمند خداداد
خوشحال عجيب الخلقت
المناڪ ايماندار خوشخلق غريب الوطن
خطرناڪ خداترس همخيال
ڪريم الطبع
خوفناڪ سودخور
همدرد نحيف البدن
صفت مرڪب جو استعمال:
”پاڻي پِنيءَ ٻوڙ، سهڻيءَ ليکي سير جو.“
(شاهه:
سهڻي)
”آڏ ترڇيا آهڙا ڏونگر کي ڏاڪا.“
(شاهه:
ديسي)
”درد ڀريون دانهون ڪري ٿي ڪافن ۾.“
(شاهه:
ديسي)
”منهن مٽيءَ ميرا، هئا بيهودا بڇڙا.“
(سچل: ڪلياڻ)
*
’ڪي مُنهن مٺا ماڻهو اندر جا کوٽا هوندا آهن.‘
*
’اکين ڏٺو احوال به اڌ ڪوڙو هوندو آهي.‘
*
’بي چيو ٻار هميشه خطا کائيندو آهي.‘
*
’حاجتمند ماڻهو جتي ڪٿي هٿ ٽنگيندو آهي.‘
*
خداداد نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي.‘ |