(16) اسم فعلي:
مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي باقي لفظ ۾ حرف علت يا ٻئي
حرف يا ڪن حرفن گڏڻ سان جو لفظ ٺهي ۽ اسم ٿي ڪم
اچي يا اهو اسم جنهن مان ڪنهن ڪم يا فعل جي معنى
نڪري تنهن کي اسم فعلي چئبو آهي. اسم فعلي ٺهڻ جا
ڪيترا مختلف طريقا آهن جي هيٺ ڏجن ٿا:
(1) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍڻ ان جي جاءِ تي حرف علت
آڻڻ سان اسم فعلي ٺهندو آهي، مثلاً:
حرف علت ’ا‘ آڻڻ سان:
ڀيٽا رٿا
پُڇا سِٽا
پوُڄا ڳولا
ڦولا مَٽا
حرف علت ’و‘ آڻڻ سان:
اُڊيڙو
ڦَٿڪو رَڙِڪو
ٻُرڪو
جهيڙو
سَهڪو
ٿيلهو چُڀڪو
کجڪو
ڀُڻڪو چوُنڊو
کَڙڪو
ٽهڪو ڌَڙڪو ليپو
حرف علت ’ي‘ آڻڻ سان:
اوسارِي ڦيري
ڏَڪڻِي
ٻولِي چاڙهِي
رَهڻِي
ٽُٻِي چُمِي
ريڙهِي
ڦاسِي
ڇَوڻِي وائِي
(2) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي ان جي جاءِ تي ’ت‘،
’پ‘، ’ج‘، ’چ‘، ’ڙ‘ يا ’ڪ‘ حرف آڻڻ سان اسم فعلي
ٺهندو آهي، مثلاً:
حرف ’ت‘ آڻڻ سان:
اَڏتِ
رَهتِ کَڻتِ
بَچَتِ
رَکتِ گَهڙتِ
ڀَرتُ
سَڙتِ مِلتِ
جَڙتِ
ڪِرتِ نِوڙتَ
چڙهتِ
کَپتِ هَلتِ
حرف ’پ‘ آڻڻ سان: ٻانهپ
سُڃاڻپَ
ڳڻپَ
گهَڙپَ
لهپ
سهپ
حرف ’ج‘ يا ’چ‘ آڻڻ سان:
گُهرجَ
چُرچَ
حرف ’ڙ‘ آڻڻ سان:
ٿَڦڙَ
جهَپڙَ
سَٿَڙَ
لَتڙَ
حرف ’ڪ‘ آڻڻ سان:
بيهڪَ
رَنڊڪَ
وَهُڪَ
وِهَڪُ
(3) ڪن لفظن جي مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍڻ سان
اسم فعلي ٺهندو آهي، مثلاً:
اُڇل
تِياڳ ڦوُڪ
ٻيڪ
ٽَڪور
جوٽ
تور
پَڪڙ جهوڪ
چَڪاس
ڇَٽ ڪاهه
چوُس
ڇِڪ کَنگهه
چوُنڊ
سوچ وَسَ
(4) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي باقي لفظ جي
پٺيان ’آءٌ‘ يا ’آئو‘ پڇاڙي ملائڻ سان اسم فعلي
ٺهندو آهي، مثلاً:
بَڻاء جَڙاء
ڀَراء ڏولائو
پڇتاء ميڙائو
پَرچاء وَڌاء
جَٽاء ورتاء
(5) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي ان جي پهرئين
حرف پٺيان حرف علت آڻڻ سان اسم فعلي ٺهندو آهي،
مثلاً:
ڀاڄِ گهاڙِ
سوڄِ ڦيرُ
چالِ
لاٿِ
ڪوسُ
ڏيٺِ
ڳاٺَ
ٻوڏِ لوڏُ ويڙهه
(6) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي باقي لفظ جي
پٺيان ’آڻِي‘، ’آڻي‘ يا ’آئي‘ پڇاڙي ملائڻ سان اسم
فعلي ٺهندو آهي، مثلاً:
ڀنواٽِي
پڙهائي
ڦراٽِي يا
ڦيراٽِي چڙهائي
چاراڻِي
ڇڙائِي
سباڻِي
رسائِي
وڍاڻِي کوٽائِي
وراڻِي
لڙائِي
(7) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي باقي لفظ کي ’آٽ‘،
’آر‘، ’آن‘ يا ’يان‘ ملائڻ سان اسم فعلي ٺهندو
آهي، مثلاً:
ڀُڻڪاٽ
ڇِڻڪار
چَمڪاٽ
سُڏڪار
چِيڪاٽ
هِڻڪار
رانڀاٽ
جهڻِڪار
ڪَڙِڪاٽ
کَنگهڪار
ڪوُڪاٽ
ٻنڌيان
لُڙاٽ
گذران
(8) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي باقي لفظ کي
’اَٽو‘ يا ’ايٽو‘، ’آپو‘، ’آرو‘، ’آڪو‘ يا ’آڻو‘
پڇاڙي ملائڻ سان اسم فعلي ٺهندو آهي، مثلاً:
ڳاڻاٽو
يا ڳاڻيٽو
چاڙهاڪو
جياپو
ڇَنڊڪو
سيڙاپو
ميڙاڪو
موُنجهارو
جهوراڻو
وَسڪارو لاڏاڻو
(9) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي ان جي جاءِ تي
’ڪو‘ پڇاڙي ملائڻ سان اسم فعلي ٺهندو آهي، مثلاً:
ٽپڪو
سَٽڪو
پِٽڪو
ڪُٽڪو
چُرڪو کِلڪو
ڇَنڊڪو
گَهڪو
دَٻڪو
لُڇڪو
(10) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي ان جي جاءِ تي
’و‘ آڻڻ ۽ مصدر جي پهرئين حرف جي پٺيان حرف علت جي
اضافي ڪرڻ سان اسم فعلي ٺهندو آهي، مثلاً:
چارو کاپو
راڙو لاڙو
راڱو
واڄو،
واڄٽ
رونبو وارو
ڪاٿو واسو
(11) مصدر جو پويون ’ڻ‘ ڪڍي ان جي جاءِ
تي ’ت‘ ۽ ’ڻ‘ جي اڳئين حرف ’ء‘ جي جاءِ تي حرف ’و‘
آڻڻ سان اسم فعلي ٺهندو آهي، مثلاً: ’اَڏائڻ‘ مصدر
مان اسم فعلي ٿيندو: ’اڏاوت‘. ٻيا ڪي مثال هي آهن:
بَناوت
مِلاوت
وِرهاست
(12) مصدرجو پويون ’ڻ‘ ڪڍي ان جي جاءِ تي
مختلف حرف جهڙوڪ: ’ب‘ ’ڀ‘، ’ت‘، ’ڄ‘ يا ’ڌ‘ وغيره
آڻڻ ۽ وچون حرف ڪڍي ان جي جاءِ تي حرف علت آڻڻ سان
اسم فعلي ٺهندو آهي، مثلاً: ’لُڻڻ مصدر مان اسم
فعلي جڙندو: ’لوب‘. اهڙا ڪي ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
ڏيبُ
(ڏِئڻ يا ڏيڻ مصدر مان)
پوتِ
(پُئڻ يا پوئڻ مصدر مان)
ڇوتِ
(ڇُهڻ مصدر مان)
روتِ
(رُنبڻ مصدر مان)
اوڄُ
(اُڻڻ مصدر مان)
روڄُ
(روئڻ مصدر مان)
ڏوڌِ
(ڏهڻ مصدر مان)
(13) ڪي اسمي لفظ اهڙا آهن جن کي معنيٰ جي
لحاظ کان اسم فعلي چئي سگهجي ٿو، مثلاً:
اڀياس
شڪار
پنڌ
ڪم
پورهيو
ننڊ
راڳ
واپار
راند
وهانءُ
(14) مصدر جي عام صورت خود اسم فعليءَ
واري هوندي آهي، مثلاً: ’ترڻ‘، ’پڙهڻ‘، ’ڪرڻ‘،
’کيڏڻ‘، ’ڳائڻ‘، ’لکڻ‘، ’هلڻ‘ وغيره. اهڙين مصدرن
کي اسم طور ڪم اچڻ جي حالت ۾ اسم فعلي چئي سگهجي
ٿو.
(15) فارسي ۽ عربيءَ جا اسم فعليءَ وارا
لفظ ۽ ترڪيبون به سنڌيءَ ۾ عام استعمال ۾ اينديون
آهن، جن جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
فارسيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون:
(الف) آواز آبپاشي
آمد
آمدرفت
تلاش پاسباني
برداشت بندوبست
پرواز پاسداري
پرداخت بود و باش
جنگ راي شماري
ديد جستجو
فرياد سرڪشي ساخت
خريدفروخت
ماتم شادماني
گرفت گفت شنيد
نماز نظرداري
گشت گفتگو
هنگامه
يادگيري ڪاشت
نشست
برخاست
(ب) انداز پوشاڪ
بندش سازش
تاب خوراڪ
تپش فرمائش
پوش ڪردار
پرورش
ڪشش
پيچ گذر
پيمائش ڪوشش
جوش گردان
جنبش گردش
ديدار گفتار
خواهش
مالش
رفتار گريه
ريزش نمائش
عربيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون:
(الف) بحث سفر
حفظ جهد
رقص عمل
ذڪر خلق
سير طلب
عشق شغل
قتل نظر
فڪر ظلم
(ب) صلواة جهاد
جلوس
جلسہ
طواف
خطاب طلوع حملہ
فساد دفاع
ظهور خطبہ
ڪلام فرار
نزول غلبہ
(ت) خدمت هجرت تصنيف
رحلت تجارت
تعليم
قسمت
زيارت تفسير
محنت عبادت تقسيم
(ث) اجراء اعتراض
مشاعره
اخراج افتتاح
مظاهره
اطلاع امتحان
مقابلہ
اظهار انتظار
مناظرہ
اسم فعليءَ جو استعمال:
”ڪي سمهه، ڪي جاڳ، نـنڊ نه ڪجي ايتري.“
(شاهه: ڏهر)
”عشق نه آهي راند، جيئن ڪي کيلين ڳڀرو.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”جيئن ٿا پڇن ان کي، تئين جي پڇن پنــڌ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”جي وڃون ڪنهن وهــانءِ ته پڻ مٿهون کٿيون.“
(شاهه: مارئي)
”مون ڪر اڳي ڪونه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪـــم.“
(شاهه: مارئي)
”سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”پورهيــو سندو پورهيتن، والي ڪيم وڃانءِ،“
(شاهه: سسئي)
”ڪــتڻ جي ڪانه ڪرئين، سُتي ساهئين هڏ.“
(شاهه:
ڪاپائتي)
”وهــڻ وهه ٿيوم، جاڳيو ٿي جر هاريان.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”ڪسڻ ڌاران ڪير، ڪري سڌ سڪڻ جي.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”من اندر جا لــوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.“
(شاهه: حسيني)
”سوري جنين سيج، مــرڻ تن مشــاهدو.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”نماڻيءَ جي نجهري روئـــڻ ۽ راڙو،
ڪٺل جي قلــب ۾ قرب جو ڪــاڙهو.“
(شاهه: سسئي)
”اتر ڏئي اوت، نه مون سوڙ نه گبرو.“
(شاهه: رپ)
”جي ڀانئين وس چران ته سنگهارن سين گهار.“
(شاهه: ڏهر)
”هلو هلو ڪاڪ تڙ، جتي نينهن اڇــل،
نه ڪا جهــل نه پــل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”ڪيچ تنهن کي ڪـوٺ، ڪين جنهين جي ڪڇ ۾.“
(شاهه: رامڪلي)
”ڪيهي ڪام ڪاپڙي ٿا اهڙي روش رون.“
(شاهه: رامڪلي)
”وهــڪ مون ويئي، پڇايو پڇان پهي.“
(شاهه: مومل راڻو)
”جي رهــڻيءَ رهيو نه سپرين ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوهه.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”چؤ تون الله هيڪڙو، وائــي ٻي وسار.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”گند جن جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پــوشاڪ.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”واڄــٽ وڄي وجود ۾ رهيو روح رباب.“
(شاهه: سهڻي)
”سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني منهن جڙاء.“
(شاهه: آسا)
”طلب ۽ تحصيل اوريان ئي آهي.“
(شاهه: آسا)
”ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشــون ڪن.“
(شاهه: آسا)
”سر نايو ســجدا ڪرين تن تواضع تو نه.“
(شاهه: آسا)
”طمع جي تنــوار متان ڪرين مڱڻا.“
(شاهه: پرڀات)
”نه ڪتا نه ڪوڪــار، نه سي سڏ شڪارئين.“
(شاهه: کاهوڙي)
”جيئن مينهن
ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين.“
(شاهه:
بروو سنڌي)
”ڏونگر، ڏولائــو، ڏيندا مون ڏير ويا.“
(شاهه: حسيني)
”هنگامـــا ۽ هور، ڪتا ڪرئين ڪن تي؟“
(شاهه:
معذوري)
”ڪٽارو ۽ ڪوس، اڱڻ آريءَ ڄام جي.“
(شاهه:
سسئي)
”عاشقن آرام ڪڏهن تان ڪونه ڪيو.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”سامونڊين سعيو سدائين سفر جو.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”نه خبر نه خواب، نڪو اوٺي آئيو،
هتيجو هت ڪنهين ڏنو ڪونه جواب،
حميرن حســاب، ڪہ ڄاڻان ڪيئن ٿيو.“
(شاهه: مارئي)
”اکين پنهنجي مت پاڻ سين پاڻهي ڪئي،
اتي وڃي اڙيون، جتي جان کپت.“
(شاهه: آسا)
”ڪانگا ڪتابت، ساري سانڍج ساهه سين.“
(سچل: مالڪوس)
”جت ماڻهن ميڙاڪو ٿئي، سا جوٺي جوڳن جاءِ.“
(سچل جوڳ)
”اڪنڊ مون ميلاپ جي، آهه جهانگين کي جيهي.“
(سچل: کنڀات)
”ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان ويا ٽهي مال.“
(سچل:
سارنگ)
’اوڄ جو ڪم آڏاڻن تي ٿيندو آهي.‘
’پاڻيءَ جي وهڪ هميشه هيٺاهينءَ تي هوندي آهي.‘
’زراعت لاءِ آبپاشيءَ جو سرشتو فائدي وارو آهي.‘
’ماڻهن سان اٿ ويهه ۽ ڏيٺ ويٺ انساني قدرن جي ڄاڻ
وڌائيندي آهي.‘
’واريءَ تي اڏاوت جٽادار نه ٿيندي آهي.‘
(17) اسم حاصل مصدر:
مصدر جي پوئين ’ڻ‘ حذف ڪرڻ سان جو لفظ جڙي ۽ اسم
ٿي ڪم اچي تنهن کي اسم حاصل مصدر چئبو آهي. اسم
حاصل مصدر جا اهي لفظ جن مان ڪنهن ڪم يا فعل جي
معنى نڪرندي هجي تن کي اسم فعلي به چئي سگهجي ٿو.
اسم حاصل مصدر جي لفظن جا مثال:
(الف) اُٿلَ ٺوڪَ
ڇيڙَ گَپَ
اَٽڪَ پَچارَ ڌُوڻَ
گُڏَ
اُپٽارَ پِٽَ ڊوڙَ
گِهلَ
اَڙَ پَرک روڪَ
ڳاڙَ
باسَ پَڪڙَ
سارَ گهرَ
ٻيڪ پَهچَ
سِٽَ گهورَ
ڀؤنڪَ ڦُوڪَ
سِڪَ
لَڏَ
ڀُلَ
جاچَ
سنڀالَ لوڏُ
ڀيٽَ جَڙَ
سوچَ لوڙَ
تانگههَ جَهلَ
ڪاههَ مُرڪَ
تورِ
چِنگههَ ڪَڍَ
هارَ
ٿَڦَ
ڇَٽَ ڪوٺَ هوڏَ
ٽاڪورَ
ڇِڪَ کِلَ
هِينگَ
ٽوڪَ ڇَنڊ
کيڏَ هيرَ
(ب)
آڪڙ ڳَنڍِ
گيسرِ واڙِ
ڳاڻِ وَٽِ
(ت) اُڪلاءُ ٺاههُ
ڦَڙُ سَڏُ
اَنگُ ٺڳُ
ڏَسُ ڪُڏُ
تَپُ
پَگهرُ ڊِڄُ کَپُ
ٽَهڪُ ڦاڙُ
ڍَڪُ گُذرُ
ٺارُ
ڦَٽَ ساڙَ ڳاههُ
ڳَنڍُ لَڳُ
وَٽُ وَههُ
لَٽُ
مَچُ وَرُ ويچارُ
اسم حاصل مصدر جو استعمال:
”تان اُٿل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي.“
(شاهه: سورٺ)
”آيس من اُڇل، ٽيلاهين تو ڳري.“
(شاهه: سورٺ)
”لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙيءَ نه ٿئي.“
(شاهه: معذوري)
”ٻيائيءَ کي ٻک جن وڌو سي ورسيا.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”سڄڻ سان نه ڀيٽ، ڳجهه ڳرهيان ڪين سين.“
(شاهه: رپ)
”آهئين ٺار اکين جو، وٽان مون مَ وڃيج.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”آءٌ ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پنهوارن پچار،
جڙ جنهين جي جان ۾ لڳي ريءَ لهارَ.“
(شاهه: مارئي)
”هيس هندورن ۾، پيم ڪانه پروڙ.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”اڄ پڻ جُڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو.“
(شاهه:
بروو سنڌي)
”جنهين جي جهڙپ، هاٿي هنڌانئي نه چُري.“
(شاهه: ڪارايل)
”ڏورڻ منجهان ڏس، پوندءِ هوت پنهونءَ جو.“
(شاهه: سسئي)
”ڏُکي ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر سسئي.“
(شاهه: سسئي)
”ڪونج نه پسين ڪکَ، ڍٻ جنهين سين ڍٻيو.“
(شاهه: ڏهر)
”ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيڙن جو.“
(شاهه: مارئي)
”سارنگ سار لهيج، الله لڳ اُڃين جي.“
(شاهه: سارنگ)
”جنهن ستيءَ ست نه ڇڏيو سا مارئي مرڄائي،
انهيءَ عمر ڪوٽ ۾ لڄ نه لڄائي.“
(شاهه: مارئي)
”ساسٽ نه سارين، الف جنهن جي اڳ ۾.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“
(شاهه: ڪلياڻ)
”جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ.“
(شاهه: سهڻي)
”وڏي سگهه سندياءِ، ٻاجهن ڀريو آهئين.“
(شاهه: ڏهر)
”کٿيريءَ تان کل، عمر ڪج مَ اهڙي.“
(شاهه: مارئي)
”پکي ڇنا پاند، ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻيو.“
(شاهه: ڏهر)
”ورلڪن جي لوڏ، گهوريا سک ڀنڀور جا.“
(شاهه: حسيني)
”مون جهڙ ڏٺو اُڀ ۾، ڍوليا لڏ مَ لاهه.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”پتنگ چائين پاڻ کي پسي مچ مَ موٽ.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”سو مرڪ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.“
(شاهه: مارئي)
”وٽ سوريندي ولها، ويو تيل ٻري.“
(شاهه: مومل راڻو)
”ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو.“
(شاهه: ديسي)
”وس بادل وس، تو وسندي وس ٿئي.“
(شاهه: سارنگ)
”جان واهڙ ۾ هو وهه تان تون مڇَ نه موٽئين.“
(شاهه: ڏهر)
”هنئين منهنجي هوڏ، ٻڌي ٻاروچن سين.“
(شاهه: حسيني)
’آزمودو هوندو ته ڪم ۾ اَٽڪ نه ٿيندي.‘
’ڦُرڙيءَ کي ڇڏي ڏبو ته نيٺ ڦٽ ٿي پوندو.‘
’ٺرئي کير کي ڦوڪ نه ڏبي آهي.‘
’سمجهه ۽ سوچ سان ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو خطا نه
کائيندو.‘
’گيسر جو نتيجو پڇتاء ۾ ظاهر ٿيندو آهي.‘
’سڀني ۾ بڇڙو آواز گڏهه جي هينگ آهي.‘
(18) اسم فائل: اهو اسم، جو مصدر مان جڙي
يا فعل ۽ ٻين حرفن يا لفظن جو مرڪب هجي ۽ جملي ۾
فاعل يا مفعول جي صورت ۾ ڪم اچي، تنهن کي اسم فاعل
چئبو آهي.
فاعل ۽ اسم فاعل ۾ فرق آهي. اسم جامد هجي
يا مشتق، ٻيئي فاعل جي صورت وٺي سگهن ٿا، فاعل
جملي اندر هميشه فاعل جي صورت ۾ هوندو آهي، مگر
اسم فاعل، جو مشتق هوندو آهي، فاعل توڙي مفعول،
ٻنهي مان ڪابه صورت وٺي سگهي ٿو، اسم فاعل صفت به
ٿي ڪم ايندو آهي.
اسم فاعل جي ٺهڻ جا مختلف طريقا آهن، جن
جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
1. اسم کي پٺيان حرف ’ي‘ سان زير يا ’آئي‘
پڇاڙي ملائڻ سان يا اسم جي پهرئين حرف بعد حرف علت
آڻي پڇاڙيءَ ۾ حرف ’ي‘ ساڻ زير ملائڻ سان اسم فاعل
(مذڪر) جڙندو آهي ۽ اسم کي پٺيان حرف ’ڻ‘، ’بڻي‘
يا ’ياڻِي‘ پڇاڙي ملائڻ سان اسم فاعل (مؤنث) جڙندو
آهي، مثلاً: ’جوڳ‘ اسم مان اسم فاعل (مذڪر) ٿيندو
’جوڳي‘ ۽ اسم فاعل (مؤنث) ٿيندو ’جوڳڻ‘ يا
’جوڳياڻي.‘
اسم فاعل جا ٻيا مثال:
اسم فاعل (مذڪر):
آچارِي اولادِي بنواسي
ٺيڪرِي اوٺِي آهَتِي
ڀيدِي پاتڻِي
اوطاقِي باغائِي تيلِي
پانڌِي
پسارِي ڊاڙِي سوالِي ناٽڪِي
پيرِي راهِي شڪارِي
ننگِي
جوهرِي
سائِي
ڪاپڙي
نانوائِي
جهانگِي سانگِي ڪارڻِي لاهوتِي
حاجِي سراڻِي
ڪاسبِي لوڀِي
حلوائِي سنگتِي ڪانڌِي واپارِي
ڏوٿِي سنياسِي گيانِي
ويرِي
اسم فاعل (مؤنث)
اولاد
ڏوٿياڻِي
بنواسڻِ سڱيڻي
بيکارڻِ سانگياڻي
پوڄارڻِ سنياسڻِ
حاجياڻِي سوالڻِ
جهانگياڻِي شڪارڻِ
ڌياڻِي ويرياڻِي
2. اصل فعل (امر) جي پٺيان يا امر جي
پهرئين حرف کان پوءِ حرف علت آڻي پڇاڙيءَ ۾ حرف
’ي‘ ساڻ زير آڻڻ سان اسم فاعل (مذڪر) ۽ ’ي‘ جي
جاءِ تي حرف ’ڻ‘ آڻڻ سان اسم فاعل (مؤنث) ٺهندو
آهي، مثلاً:
اسم فاعل (مذڪر) اسم
فاعل (مؤنث)
پيچِي ڀيچڻِ
پوڄارِي
پوڄارِڻ
ڌوٻِي ڌوٻڻِ
ڏوڌِي ڏوڌڻِ
مارِي مارڻِ
مٿين مثالن ۾ ’ڌوٻي‘ ۽ ’ڏوڌي‘ لفظن جي جدا
جدا مصدر آهي ’ڌئڻ‘ ۽ ’ڏهڻ‘، جن جي اسم فاعل جي
صيغي ۾ ’ء‘ جي جاءِ تي حرف ’ٻ‘ ۽ ’هه‘ جي جاءِ تي
حرف ’ڌ‘ آيل آهي. پُوڄاري‘ اسم فاعل جي صورت نرالي
آهي جنهن ۾ امر جي پٺيان ’آرِي‘ پڇاڙي ملائي ويئي
آهي.
3. امر يا اسم جي پٺيان يا ان جي پهرئين
حرف بعد حرف علت آڻي پڇاڙيءَ ۾، حرف ’و‘ ساڻ پيش
گڏڻ سان اسم فاعل ٺهندو آهي. مثلاً: ’کائڻ‘ مصدر
جو اصل فعل يا امر آهي ’کاءُ‘ جنهن کي ’و‘ ساڻ پيش
ملائڻ سان اسم فاعل ٿيندو ’کائوُ‘ ۽ ’خبر‘ اسم مان
اسم فاعل ٺهندو ’خابروُ‘ ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
4. امر مان ٺهندڙ اسم فاعل جا مثال:
پارکُو
خاطُو لاڏوُ
پينُو
ڏيئوُ لاهوُ
ڄاڻوُ
ڊيڄوُ ناچوُ
جهالوُ
سمجهوُ وهوُ
چاڙهؤ
کاٽوُ ويڙهوُ
ڇيڪُو
گهومو
هالوُ
اسم فاعل جي ڪن ترڪيبن ۾ ’آئوُ‘، ’آڪوُ‘
يا ’ڙائوُ‘، پڇاڙي استعمال ٿيل هوندي آهي، مثلاً:
پينڙائوُ
رهاڪُو
جٽائوُ
گهومڙائوُ
خرچائوُ
لاڏائوُ
کاٽائو
لاڙائوُ
کاپائوُ
لوڙهائوُ
5. اسم مان ٺهندڙ اسم فاعل جا مثال:
ڳڀروُ
واٽهڙوُ
گهاتو
واهرُو
6. اسم جي پٺيان حرف ’و‘ يا ’يو‘ ۽ ’ڙيو‘
پڇاڙي گڏڻ سان اسم فاعل ٺهندو آهي.
اسم فاعل (مذڪر) جا مثال:
اوڳاهيو
ڏونگريو
ڪپتيو
بکيو
ڊوهو ڪوڏيو
ٻانگو
ڍوليو
ڪوڏاريو
ڀاڳيو
راڄيو گودڙيو
جويو
سَتو لانگوٽيو
ڄانگهو
سڦلو ماٺو
ڏڪاريو
سينڌو متڙيو
اسم جي پٺيان ڪي ٻيون پڇاڙيون به استعمال
۾ اچن ٿيون، جهڙوڪ:
’آکو‘ يا ’آکرو‘، ’هتو‘ ۽ ’هٿ‘ وغيره.
مثال:
ننڊاکو يا ننڊاکرو
پيٽ هتو
خيرهٿو
اسم فاعل (مؤنث) جا مثال:
بُکِي سڌڙِي
ڀاڳِي سينڌِي
راڄِي ڪوڏِي
سَتِي متڙِي
7. امر جي پهرئين حرف پٺيان حرف علت آڻي
پڇاڙيءَ ۾ حرف ’و‘ ملائڻ سان يا ’يو‘ ۽ ’ڙيو‘
پڇاڙي گڏڻ سان اسم فاعل ٺهندو آهي، مثلاً:
ٽوٻو گهورڙيو
راکو واڍو
راڌو ويسريو
|