جمع
واحد
فاعلي صورت عام صورت
مُسلمُ
مُسلِمون مسلِمِين
مُجاهِدُ مُجاهِدُون
مُجاهدِين
مُهاجرُ
مُهاجِروُن مُهاجِرين
مؤمِنُ
مؤمِنؤن مؤمِنين
مؤنث اسم:
بنت
بَناتُ بَناتِ
ڪَلمہُ
ڪَلماتُ ڪَلماتِ
مؤمِنةُ
مؤمِنات موُمناتِ
واحد
جمع
آيت
آيات
حِڪايت
حِڪايات
شِڪايت
شڪايات
عَلامت
عَلامات
ڪَرامت
ڪَرامات
اِصطلاح
اِصطلاحات
تصنيف
تصنيفات
تعريف
تعريفات
جَمادِ
جَمادات
حَيوان
حَيوانات
سَماءُ
سَمَاوات
اُمت
اُمَمُ
نعمتُ
نِعَمُ
حِڪمتُ
حِڪمُ
رَسولُ
رُسلُ
اَصلُ
اُصولُ
اَمرُ
اُمُورُ
بحرُ
بِحارُ
جَبَلُ
جِبالُ
روضةُ
رياضُ
جاهِلُ
جُهالُ
حاڪمُ
حُڪامَ
عاملُ
عُمالُ
ڪافِرُ
ڪُفارُ
حَدُ
حُدُودُ
حَق
حُقُوقُ
خَط
خُطُوطُ
رَسمُ
رُسُومُ
نَفَسُ
نفُوسُ
نَقشُ
نُقوشُ
اِسمُ
اَسماءُ
بابُ
اَبواب
حَالُ
اَحوالُ
حُڪمُ
اَحڪامُ
حُر
اَحرارُ
خَبَرُ
اّخبارُ
خُلقُ
اّخلاقُ
سَبَبُ
اَسبابُ
سِر
اَسرارُ
شعرُ
اَشعارُ
صاحِبُ
اَصحابُ
طِفلُ
اَطفالُ
طَرفُ
اَطرافُ
عَمَلُ
اَعمالُ
فَردُ
اَفرادُ
قَدَمُ
اَقدامُ
قَولُ
اَقوالُ
قُومُ
اَقوامُ
لَفظُ
اَلفاظُ
وَقتُ
اَوقاتُ
وَهمُ
اَوهامُ
اَميرُ
اُمَراءُ
حَڪيمُ
حُڪُماءُ
خَليفة
خُلَفاءُ
شاعرُ
شُعَراءُ
عالِمُ
عُلَماءُ
فَقيرُ
فُقَراءُ
نِبِي
اَنبياءُ
وَلي
اولياءُ
سَلاحُ
اَسلحَةُ
لِسَانُ
اَلسِنَةُ
حَجَرُ
حِجارَةَ
صَاحبَةُ
صَحابَـةُ
سُلطَانُ
سَلاطين
شَيطَانُ
شيَاطين
مِسڪينُ
مَساڪِين
مَضمُونُ
مَضامِين
اُستادُ
اَسَاتِذه
تلميذُ
تَلامِذه
فيلسُوفُ
فَلاسفة
3. جمع جو جمع، جو فقط عربي زبان جي
خصوصيت آهي، سنڌيءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن استعمال ٿيندو
آهي، مثلاً:
رَسمُ
رُسُومُ رُسُومات
لازِمةُ
لَوازِمُ لَوازِمَات
وَجہَ
وَجُوهُ وَجُوهات
عدد واحد جو استعمال:
”اڄ نه اوطاقن ۾ دونهين، ڌُنڌُ، نه لاٽَ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ٻهڳڻ اڳيان ٻــولَ، هي ٻيجل ٻولايو،
لنگهــي لاڳَ نه لهڻو، نه پـــٽُ پنڻ آيو.“
(سچل:
سورٺ)
”ڏاڏي پوٽو ڏيهه ۾ ڏُکي ڪونه ڏٺوءِ؟“
(شاهه:
کنڀات)
”اڄ نه اڳينءَ ڍار، ڪــرهو جيئن ڪالهه هو.“
(شاهه:
کنڀات)
”رُلــي ڀانيئي رانــد، ٻــانڀڻ عشق ٻــروچ جو.“
(شاهه:
حسيني)
”جُـــڙُ جا هنيمِ جَـــتَ تنهن ڳجهيو ڳاهيم
جنــدڙو.“
(شاهه: معذوري)
”جوڳي تنهنجي جوڳ ۾ ڳالهه گهرجي ڳچُ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”امــڙ اوري اچ ته سِــٽَ سڻاينئين ســور جي.“
(شاهه:
حسيني)
”صوفــيءَ صاف ڪيو ڌوئي ورق وجودَ جو.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”نه ڪــانيءَ نه ڪــانهن، نڪو ڏوهه قلــم جو.“
(شاهه:
سهڻي)
”ڪيچــان آيو قــافلـو رات موچاريءَ روءِ،
بوتــي ۽ بلــوچ جي رڙهي پسان روُءِ.“
(شاهه: ديسي)
”آڻي ڪانگ ڏنياس ڪتابت قريــب جي.“
(سچل:
مالڪوس)
”ڪانگل نيئي ڪانگ منهنجي ڏج محبوب کي.“
(شاهه: پورب)
”مُٺي موڙهيئي مت، جيئن دوست وڃائي داسڙو.“
(شاهه: ليلان چنيسر)
”جتي ماڻڪَ ماڳُ، تتي چوران تڪيــو.“
(شاهه:
سريراڳ)
”نه مــلاح نه مڪــڙي، نڪي ٻڌئين نــوڙ،
پــاڻي پنيءَ ٻوڙ، ســهڻيءَ ليکي سيرَ جو.“
(شاهه:
سهڻي)
”وڻجــاري وائـــي سدا آهه ســفر جو.“
(شاهه:
سامونڊي)
’اشراف کي هميشه پنهنجي عزت جو خيالُ هوندو آهي.‘
’جنهن قوم ۾ تعليم ۽ هنر نه هوندو اها هميشه
پسمانده رهندي آهي.‘
’آڳاٽي زماني ۾ سفر توڙي واپار قافلي جي ذريعي ڪيو
ويندو هو.‘
’ٿوري گهڻي ڳالهه تي شڪايت ڪرڻ ڪن ماڻهن جي عادت
ٿيندي آهي.‘
’ڪچهريءَ ۾ نه ڪوڙ ڳالهائجي ۽ نه وري ڪو بي بنياد
افواهه ڦهلائجي.‘
عدد جمع جي استعمال:
”اڄ پڻ اکــڙيــن، ســڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلــن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن.“
(شاهه: بروو
سنڌي)
”اڀريم انگورَ، سُتي سپيرين جا.“
(شاهه:
پورب)
”اڄ نه اوطــاقن ۾ طــالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيــون مون مارين.“
(شاهه:
رامڪلي)
”اديــون سڀ انــدام چــڙن منهنجا چوريا.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ايندا اباڻــا، ڏوُر لاتا جن ڏينهڙا،
ڪير سهندم سومرا، مــارَن ري ماڻــا.“
(سچل:
کنڀات)
”اُٺي وئڙا اُڪري عمر اباڻــا،
ٻڪـر ٻاٻاڻــا پسان شال پري ڪنهين.“
(شاهه:
مارئي)
”پڇ پتنـــگن کي سنديون کامڻ خبــرون.“
(شاهه: بروو
سنڌي)
”بندرَ بازاريون سڃا ســامونڊين ري.“
(شاهه:
سامونڊي)
”پرين جي پرديس، مون کي مينهَــن ميڙيا.“
(شاهه:
سارنگ)
”ڏاگهن ڏيــرن ڏونــگرن، ٽنهي ڏنم ڏکَ.“
(شاهه:
ديسي)
”ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين،
ولين جيئن وريام، گوندر غمَ پرينءَ جا.“
(شاهه:
سهڻي)
”ڏونگرَ ڏوري مر مران، ماهه مروُن کائين،
آنڊا گونڊا اوجهريون ڀل ڳجهون ڳرڪائين.“
(سچل: ڪوهياري)
”پکا ۽ پنهوارَ ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.“
(شاهه:
مارئي)
”چپ ڪر چَــپَ مَ چور، ٻوٽ اکيون ڍڪ ڪنَ.“
(شاهه:
آسا)
”ڀينرَ آءٌ ڀوري، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.“
(شاهه:
سسئي)
”مون وٽ آئيو
ڪونه ڪر ڀائرن ئَون ڀري پير.“
(شاهه:
مارئي)
”جڏهن ڀيڄ ڀني، تڏهن اوٺيــن اُٺ پلاڻيا،
سڌ لڏيندي ساٿ جي ڏيــرن ڪانه ڏني،
مهــارون ميــن جون ويا ڇوڙائي ڇني،
اديــون ڳالهه انهي، چرپر لائي چت ۾.“
(شاهه:
ديسي)
”عمر اباڻن محلَ نه مــاڙيون مون ڏٺا،
لاسين ۽ لاڻن هيون پينهيون پنهوارن جون.“
(سچل:
کنڀات)
”بِههَ ڏوڏا جن ڏاج، قُوت جني ڪُمَ ڪوڻيون،
انهن جو احتياج، ٿو تماچي ڪيڏو ڪري.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪارو ڪيو ڪَنگَن،
ايندا لڄ مرد، تنهن سر مٿي هنجڙا.“
(شاهه:
ڪارايل)
”کاڄ جن جو ککيون، مال جن جو مَڏُ،
سمي سيئي سيڻ ڪيا، هيڻا جن جا هَڏَ.“
(شاهه:
ڪاموڏ)
”نه وسي ووڻَ وڻن ۾، نه سي ڪاتــاريون،
پسيو بازاريون، هنئڙو مون لوڻ ٿئي.“
(شاهه:
ڪاپائتي)
”ڳاڙيندين
ڳوڙها، جت شاهدَ ٿيندئي سامهان.“
(شاهه:
ڪلياڻ)
”مڙي مجلس مير ۾، ماڇي ڪن ماڻا،
مکڻ ۽ ماکين جا چٽن ٿا چاڻا،
ککيءَ جا کاڻا، دمچتن دُنبا ڪيا.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”ور وراڪا وچ ۾ لکين اَڏا لَڪَ.“
(شاهه:
ڪاموڏ)
’کليل ميدانن ۾ لڳاتار هوائن ۽ طوفانن جي
لڳڻ ڪري تنبن جون تهبارون نڪري وينديون آهن.‘
*
’انسان تي ٽن قسمن جا حقَ آهن: حقوق الله،
حقوق العباد ۽ حقوق النفس.‘
*
’اهل دل فقير ئي قدرت جا راز ۽ اسرار
پروڙي سگهن ٿا.‘
*
’ٻوٽو وڌي وڻ ٿئي ۽ ڦر جهلي تنهن لاءِ
سالها انتظار ڪرڻو پوندو آهي.‘
*
’حاجين کي حج جا لوازمات چڱيءَ طرح بجا
آڻڻا آهن.‘
عدد تثنيه جو استعمال:
’هر سال لکين ماڻهو حرمين جي زيارت لاءِ
ويندا آهن.‘
*
’جيڪي ماڻهو الله جي عبادت ۽ خلق جي خدمت
ڪندا، انهن کي دارين جو اجر ۽ آرام نصيب ٿيندو.‘
*
’ٻن ڌرين جي وچ فيصلي ڪرڻ لاءِ طرفين جون
ڳالهيون ٻڌڻ گهرجي.‘
*
’والدين جو ادب رکڻ ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ
اولاد تي فرض آهي.‘
* |