سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :31

متڪلم:

واحد:    (مون) ماريو آهي ماريا آهن         مارِي آهي        ماريون آهن

جمع:    (اسان) ماريو آهي ماريا آهن         مارِي آهي        ماريون آهن

حاضر:

واحد:    (تو) ماريو آهي   ماريا آهن         مارِي آهي        ماريون آهن

جمع:    (توهان) ماريو آهي         ماريا آهن         مارِي آهي        ماريون آهن

غائب:

واحد:    (هن) ماريو آهي  ماريا آهن         مارِي آهي        ماريون آهن

جمع:    (هنن) ماريو آهي ماريا آهن         مارِي آهي        ماريون آهن

زمان ماضي قريب جو استعمال:

”ڪانگل ڪوهه ٿيوءِ، جو پيو آهين پَٽ ۾.“
                                                   (شاهه: ديسي)

”ويٺو آهه وڳوڙجي، کنڀن کي کوڙي.“
                                           (سچل: مالڪوس)

انهن ماڻهن کي جس آهي، جو محنت ۽ سچائيءَ سان پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو اٿن.

*

مِينهن اٺو آهي ته گاهه اڀريا آهن.

*

          سائنسدانن اهڙيون شيون ايجاد ڪيون آهن، جن انسان کي حيرت ۾ وڌو آهي.

          نيرو ۽ پِيلو رنگ ملايو اٿئون ته سائو رنگ ٺهيو آهي.

*

          گهڻي انتظار کانپوءِ اوهان جو خط آيو آهي، جنهن ۾ لکيو اَٿوَ، ته هن سال فصل ڀلو ٿيو آهي.

          5. زمان ماضي بعيد: اهو زمان جنهن مان گهڻو اڳ گذريل زماني ۾ ڪنهن ڪم جي پوري ٿي وڃڻ جي خبر ملي، تنهن کي زمان ماضي بعيد چئبو آهي.

          اسم مفعول جي پٺيان ’هئڻ‘ مصدر جو ماضي مطلق ساڻ شخصي نشانين گڏڻ سان زمان ماضي بعيد ٺهندو آهي، مثلاً: آندو هوم، ڏٺي هئي، مليا هئا وغيره.

          ماضي بعيد جو مکيه فعل جي صورت به ساڳي ماضي قريب واري هوندي آهي، فقط فعل معاون جو صيغو مٽيل هوندو آهي، مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:

          ضمير متصل سان گردان:

حاضر:

واحد:   تو ٺاهيو هو        تو ٺاهيا هئا     تو ٺاهِي هُئي   تو ٺاهيون هيون

جمع:    توهان ٺاهيو هو   توهان ٺاهيا هئا    توهان ٺاهي هُئي      توهان ٺاهيون هيو

غائب:

واحد:   هُن ٺاهيو هو   هُن ٺاهيا هئا     هُن ٺاهِي هُئي   هُن ٺاهيون هيون

جمع:    هُنن ٺاهيو هو     هُنن ٺاهيا هئا       هُنن ٺاهِي هُئي  هُنن   ٺاهيون هيون

زمان ماضي بعيد جو استعمال:

”بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪو آدم.“
                                      (شاهه: حسيني)

”اصل منهنجي انگ، جڙيو هو زنجير.“
                                      (شاهه: مارئي)

        حضرت آدم عليه السلام، پهريون انسان هو، جنهن زمين تي قدم رکيو هو.

*

        گهڻو وقت اڳ اسان جي ملڪ ۾ ٻوڏ ٿي هئي، جنهن تمام گهڻو نقصان ڪيو هو.

*

        ڌرين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون هيون، پر متفق نه ٿي سگهيا.

*

        اهو ڪم اهڙو آسان ڪونهي، جيئن اوهان سمجهيو هو.

        6. زمان ماضي شرطي: اهو زمان، جنهن ۾ گذريل زماني ۾ ڪنهن ڪم جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪو شرط ظاهر ڪيل هجي، تنهن کي زمان ماضي شرطي چئبو آهي.

          مضارع جي پٺيان شرط جي علامت ’ها‘ گڏڻ سان زمان ماضي شرطي ٺهندو آهي، مثلاً: پڙهان ها، وڃين ها، ڏِسن ها وغيره. (1)

        زمان ماضي شرطيءَ جو صيغو فاعلي توڙي مفعولي حالت ۾ ساڳيو رهندو آهي، ان ۾ جنس جي تبديل سان ڪو ڦيرو نه ايندو آهي، البت فاعل جي عدد مطابق مکيه فعل ڦرندو آهي. مثال طور گردان هيٺ ڏجي ٿو:


(1)  نوٽ: مٿين ٻن مصرعن ۾ استعمال ٿيل ماضي بعيد جو صيغو مجهولي صورت ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com