6. جملو شرطي: جملو شرطي انهيءَ جملي کي چئبو
آهي، جنهن ۾ حرف عطف شرطي استعمال ٿيل هجي.
جملي شرطيءَ جا ٻه ڀاڱا هوندا آهن: شرط ۽
جزا. جو ڀاڱو حرف عطف شرطيءَ سان شروع ٿئي، تنهن
کي شرط چئبو آهي ۽ ٻيو ڀاڱو جو ان جي جواب ۾ اچي،
تنهن کي جزا يا جواب شرط چئبو آهي، مثلاً:
جيڪڏهن تون ايمان جو سهارو وٺندين، ته
شيطان توکي هرگز گمراهه نه ڪري سگهندو.
*
کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪندين، ملندئي اهوئي جو
تنهنجي قسمت ۾ هوندو.
پهرئين جملي ۾ پهريون ڀاڱو ’جيڪڏهن تون
ايمان جو سهارو وٺندين‘ آهي شرط ۽ ٻيو ڀاڱو ’ته
شيطان توکي هرگز گمراهه نه ڪري سگهندو‘ آهي جزا يا
جواب شرط. اهڙي طرح ٻئي جملي ۾ ’کڻي ڪيتري به ڪوشش
ڪندين‘ آهي شرط ۽ ’ملندئي اهوئي جو تنهنجي قسمت ۾
هوندو‘ آهي جزا.
غير معين، ممڪن يا شڪي حالت ۾ شرط ۽ جزا
جي ڀاڱن ۾ مضارع جو صيغو استعمال ٿيندو آهي ۽ مطلق
جملي ۾ امر جو صيغو به ڪم ايندو آهي، مثلاً:
جي تون موٽڻ جو وعدو ڪرين، ته مان توسان
گڏجي هلان.
هيڪر اچ، ته تنهنجي سڃاڻپ پنهنجن دوستن
سان ڪرائي ڇڏيان.
پهرئين مثال ۾ مضارع جو صيغو ۽ ٻئي ۾ مطلق
جملي ۾ امر جو صيغو استعمال ٿيل آهي.
جملي شرطيءَ جا مثال:
”جي تون سڪڻ
سکيو، ته ڪاتيءَ پئي مَ، ڪِنجهه.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”ڪرين جي ڪِرِي، ته تون توانو ٿئين.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”سک ڀنڀور جا ڇڏ، ته ڪاهي رسين ڪيچ کي.“
(شاهه: معذوري)
”مرِي جيءُ ته ماڻئين جانب جو جمال.“
(شاهه: سسئي)
”وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مرن.“
(شاهه: معذوري)
”پٽين پير نهار، ته آرياڻي اتان لهين.“
(شاهه: معذوري)
”جي سرتيون
وڃيم ساهه، ته ٿيان حوالي هوت جي.“
(شاهه: معذوري)
”نااميدي نيج، ته آڏي ٿئين اميد کي.“
(شاهه: حسيني)
”اچين جي هيڪار، مون ساريندي سپرين،
پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار.“
(شاهه: بروو)
”جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا ويهي ڳول وجود.“
(شاهه: رامڪلي)
”ڄر ڄيري ڇڏي، ته ڪيئن پچندا ٿانءَ؟“
(شاهه: رپ)
”جي گهر اچين مون، ته ميريائي مانُ لهان.“
(شاهه: پرڀاتي)
”مون تون، آءٌ، اسين، چارئي چتان لاهه.“
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.“
(شاهه: آسا)
”زيريو لاهه زنجير، ته سرتيون پساهه سومرا.“
(شاهه: مارئي)
”اچين جي اوطاق، منهنجي ميان مينڌار،
عيبن کان آجي ٿيان، ڪوجهي ٿئي نه ڪاڪ.“
(سچل: راڻو)
”مارڳ مرن جي، ورتني کي ويجهڙو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”اچين تان اڳيان، ناتر ٿي نمان،
چاهون مان چمان، پرين تنهنجا پيرڙا.“
(سچل: راڻو)
”مارڳ مرن جي، ورتني کي ويجهڙو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”اچين تان اڳيان، ناتر ٿي نمان،
چاهون مان چمان، پرين تنهنجا پيرڙا.“
(سچل: راڻو)
”جي راضي ٿئين تون، ته ملان مارن سان وڃي.“
(سچل: کنڀات)
”ساهه جو سانگو ڪرين، ته پير هن پڙ ۾ نه پاءِ“
(سچل: جوڳ)
”پير اڱڻ پائين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي.“
(سچل:
مالڪوس)
7. جملو سببي: جملو سببي انهيءَ جملي کي
چئبو آهي جنهن ۾ عطف سببي استعمال ٿيل هجي، مثلاً:
گهرج کان وڌيڪ نه کائجي، ڇو جو گهڻو کائڻ
صحت جو زيان آهي.
وقت اجايو نه وڃاءِ، نه ته پڇتائڻو
پوندئي.
*
انسان لاءِ علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ورنه
هو نيڪي ۽ بديءَ ۾ فرق نه ڪري سگهندو.
مٿين جملن ۾ ’ڇو جو‘، ’نه ته‘ ۽ ’ورنه‘
حرف عطف سببي آهي، جنهنڪري جملن جي نوعيت سبب آهي.
جملي سببيءَ جا مثال:
”جاني آيو جوءِ ۾، ٿيو قلب قرار.“
(شاهه:
سارنگ)
”وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونءَ جو.“
(شاهه:
حسيني)
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.“
(شاهه:
حسيني)
”نئون نينهن لڳوس، ڳري ۽ ڳالهيون ڪري.“
(شاهه:
حسيني)
”سرتيون سُڄي سُڃ، متان ڪا مون سين هلي.“
(شاهه:
حسيني)
”پَهي ڪام پڃاءِ، امڙ منهنجي آسري،
ڪيتم جنهين لاءِ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.“
(شاهه:
حسيني)
”آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ليلان ليلائيج، اٿي ماڳ منٿ جو.“
(شاهه: ليلان
چنيسر)
”ٻئي ڏانهن ڪيم نهار، گهڻو ريسارا سپرين.“
(شاهه: آسا)
”پاڙو پئي نه ٻِپُڙي، مٺو منهن لڳوس.“
(شاهه: مارئي)
”آءٌ ڪيئن سوڙئين سمهان، مون ور گهاري سڃ.“
(شاهه: مارئي)
”سارنگ سعي ۾ اٿي، سچل سستي ڇڏ،
اجهاپي ڪا اڏ، وسڻ کان اڳي وڃي.“
(سچل:
سارنگ)
”نڪي پير مشائخ ٿج تون، نڪي ٿج نجمومي،
دائرا اهي دعوت وارا، اٿي علم رسومي.“
(سچل:
گجري)
8. جملو استدراڪي: جملو استدراڪي انهيءَ
جملي کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻن بيانن ۾ مقابلو
ڏيکاريل هجي ۽ مقابلي ۾ اتفاق ڏيکاريل هجي يا
اختلاف، يا وري جنهن ۾ ظاهر ڪيل شڪ يا گمان جو
ازالو ڪيل هجي. ’استدراڪ‘ لفظ جي معنيٰ آهي، لڪل
حقيقت کي ظاهر ڪرڻ يا ڪنهن شڪ ۽ گمان کي دور ڪرڻ.
هيٺيان لفظ جملي کي استدراڪي بڻائيندا
آهن:
بلڪ، پر رڳو، سواءِ، فقط، ليڪن ۽ مگر
وغيره.
جملي استدراڪيءَ جا مثال:
هر ڪو انسان گهنگار آهي، مگر پيغمبر معصوم
آهن:
*
مٺي آواز تي نه فقط ماڻهو، پر مرون به مست
ٿيون پون.
*
منهنجو دوست هڪ حادثي ۾ گذاري ويو، بلڪ
سندس سڄو ڪٽنب تباهه ٿي ويو.
”پڪو ڪم ڪنڀار جو، پڪي نهانئين،
مون کي وچائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو.“
(شاهه: سهڻي)
”سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيون مهراڻ.“
(شاهه: سهڻي)
آتڻ چونم ڪت، تاڻيان تند نه نڪري.“
(شاهه:
حسيني)
”اڳي ائين هياس، جيئن پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
هاڻي ائين ٿياس، جيئن جَت نه نينم پاڻسين.“
(شاهه:
حسيني)
”يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي.“
(شاهه: بروو)
”چري چري م چؤ، چريو آهي لوڪ.“
(سچل: آسا)
”تون سمو سردار، آءٌ ميئي مهاڻي آهيان.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”جن پاسا هريل پَنِ تي، تن فرشين فراشون،
روءِ هيون راشون، پر سمي ڄام سهايون.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”هوند ڏوراپا ڏيان، پر مونهون پهنور پري ٿيا.“
(سچل:
کنڀات)
”جوڳي آهن جال، پر لاهوتي لڏي ويا.“
(سچل:
جوڳ)
”ڪانگا ڪتابت، ساري سانڍج ساهه سين،
اها امانت، ٻئي ڪنهن عام نه آڇئين.“
(سچل:
مالڪوس)
9. جملو تنبيهي: اهو جملو، جنهن ۾ ڪنهن
اڻوڻندڙ يا نقصان واري ڳالهه يا ڪم کان منع ڪيل
هجي، يا ان کان بچڻ خاطر ضروري اُپاءُ وٺڻ جي
هدايت يا تنبيهه ڪئي ويئي هجي، تنهن کي جملو
تنبيهي چئبو آهي.
خبردار، ڏِسُ، مَ، متان، مڇڻ، نه، نه ته،
ورنه وغيره، تنبيهه جا لفظ آهن، جي جملي کي تنبيهي
بڻائيندا آهن.
جملي تنبيهيءَ جا مثال:
خبردار، انهيءَ ڪم ۾ هٿ نه وجهه، اهو
سراسر ظلم ٿيندو.
*
ڏِسُ پُٽَ، جانورن کي نه ستاءِ، اهي به
الله جا خلقيل آهن ۽ انسان لاءِ ڏاڍا ڪمائتا آهن.
*
زندگي هڪ وڏي نعمت آهي، ان جو هڪ لمحو به
اجايو نه وڃائجي، ورنه آخر ۾ پڇتائڻو پوندو.
”پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجوئي توکي لڳي.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تني وٽ.“
(شاهه: سريراڳ)
”متان گهڙين سهڻي، اڄ درياهه ۾ دم.“
(شاهه: سهڻي)
”سج سامهون منهن ۾، متان ڪرئين ڪٿ.“
(شاهه: حسيني)
”کلي جو کنيوءِ، سو متان ور وسارئين.“
(شاهه: رامڪلي)
”مالها ڦيرج من ۾، ڌڙ کي ڌوڙ مَ لاءِ.“
(شاهه: رامڪلي)
”چنيسر سين چاڳ، متان ڪا مُنڌ ڪري.“
(شاهه: ليلان
چنيسر)
”مَ لنئن ڪونجي، ماٺ، چور مَ هنئين چاڪ.“
(شاهه: ڏهر)
”طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا،
ڌڪي ڪندئي ڌار، ماڻڪ ڏيئي مٺ ۾.“
(شاهه: پرڀاتي)
”مَ ڪي رو، مَ رڙڪي، مَ ڪي هنجون هار،
جهڙا اچن ڏينهڙا تهڙا ويٺي گهار.“
(شاهه: مارئي)
”مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ايئن چون، مڇڻ پاند پسائيين.“
(شاهه: آسا)
”سو ڪانگ مَ
قاصد ڪر، جو سدا ڍونڍي ڍونڍ کي.“
(شاهه: پورب)
”مريد ڪرڻ جو
خيال نه رکجانءِ، عاشق ٿج نرالو،
مان ۽ تون جي سودي اندر، متان ڪڍي ڏيوالو.“
(سچل: گجري)
”ووءِ ووءِ تا مَ وسار، متان مُٺي ماٺ ڪرين.“
(سچل:
ڪوهياري)
”ڏاها گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائين.“
(سچل:
مالڪوس)
”زاغ نه ٿيءُ زبون، وئون اڏامي اوڏهين،
نه ته خاصو منهنجو خون، ڳچيءَ پوندءِ ڪانگڙا.“
(سچل:
مالڪوس)
10. جملو ندائي: جملو ندائي انهيءَ جملي
کي چئبو آهي جنهن ۾ حرف ندا استعمال ٿيل هجي.
جملي ندائيءَ جا مثال:
”خوف تنهنجو، يا خدا، منجهه اَدمن آهي الڀ.“
(ديوان قاسم)
”فخر دولت تي نه ڪر، اي دل، خدا جي واسطي.“
(مرزا قليچ)
”ساهڙ ڄام ستار، سگهو رسج سير ۾.“
(شاهه: سهڻي)
چنڊَ، تنهنجي ذات پاڙيان نه پرينءَ سان.“
(شاهه: کنڀات)
”آهي آر اکين ۾، ناکئا، ڪج نگاهه،
ملاحظو ملاح، ڪج ڪو انهيءَ ڪُنَ جو.“
(شاهه: سريراڳ)
”جاجڪَ، تو مٿانء، ملڪ مڙيئي گهوريان.“
(شاهه: سورٺ)
”ميان مينڌرا، موٽَ، بخش ڪر بڇائيون.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”تو در آيس، داسڙا، اوگڻ ڪري اپار.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”سهج سوري ڀانئيان، سومرا، سندوءِ.“
(شاهه: مارئي)
”پرين جي پرديس ۾، تن جي، ڪانگا، ڪج خبر.“
(شاهه: پورب)
”ڪر، ٻاروچا، ٻاجهه، هن نڌر نماڻيءَ تي.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مون تان مهڻا لاهه، مولا ڪارڻ، مينڌرا.“
(سچل: راڻو)
”وڃي وجهه گرنار ۾، ٻيجل، ٻائيتال.“
(سچل:
سورٺ)
”آهيان سوالي سر جو، گهوٽَ نه گهرجي راڄ.“
(سچل:
سورٺ)
”عمرَ، مون ڏي آيا، اباڻون عتاب.“
(سچل: کنڀات)
”مون کان، امان، ڀڄ، جو آءٌ به ويندس تن سين.“
(سچل: جوڳ)
”پرين، تنهنجي پار جي، محبت مون ماري.“
(سچل:
مالڪوس)
”ڏاهيون، سڀ ڏسو، جو آيو ڪانگ قريب جو.“
(سچل:
مالڪوس)
11. جملو قَسَمي: جملو قَسَمي انهيءَ جملي
کي چئجي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن ڳالهه جي تصديق خاطر يا
ان کي زورائتو بڻائڻ واسطي قسم جو لفظ استعمال ٿيل
هجي. اهي لفظ جي عام طرح قسم طور ڪم ايندا آهن، سي
آهن:
الله جو سنهن، الله ڄاڻي، الله سان، الله
جو قسم، بالله، وَالله وغيره جملي قسميءَ جا مثال:
الله جو سنهن، ته مون ڪڏهن به توسان برائي
نه ڪئي آهي.
*
وَالله، انهيءَ ڳالهه جي مون کي ڪا خبر
ڪانهي.
”بااللهِ، ري پرينءَ سڀ اونداهي ڀانئيان.“
(شاهه: کنڀات)
”موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا، ڪارڻ رب.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”الله ڪارڻ، اوٺيا، ڪرها مَ ڪاهيو.“
(شاهه: ديسي)
”مڇڻ ور وسارئين، آري، لڳ الله.“
(شاهه: سسئي)
”اُڏر، لڳ الله، ويلو ڪر مَ وچ ۾.“
(شاهه: پورب)
”سانئينءَ جو سوڳنڌ، ساڄن سڀنئان سهڻو.“
(شاهه: بروو)
”ڪارڻ رب رحمان، سر وڍي سلطان ڏي.“
(شاهه:
سورٺ)
”لاهج لوئيڙن تان، الله لڳ، اولاڪ،
ڪارڻ، پرور پاڪ، مون کي ميڙئين مارئين.“
(سچل:
کنڀات)
12. جملو اظهاري: جملو اظهاري انهيءَ جملي کي چئجي
ٿو، جنهن ۾ عجب، افسوس، خوشيءَ يا ڏک جو اظهار ٿيل
هجي. جي لفظ جملي کي اظهاري بڻائن ٿا، سي آهن: حرف
تعجب، حرف تاسف، حرف تحسين ۽ حرف نفرين وغيره.
جملي اظهاريءَ جا مثال:
”مديون پسي منهنجون شرمايا شيطان،
هن منهنجي حال تي، هئي هئي، ڪن حيوان.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ور اونداهي راتڙي، کوءِ چانڊوڻي چانڊاڻ.“
(شاهه:
سهڻي)
”اٿي اِئن چياءِ، ته گهوڙا! گهر نه سپرين.“
(شاهه: ديسي)
”ور لڪن جي لوڏ، گهوريا سک ڀنڀور جا.“
(شاهه:
حسيني)
”کوءِ ٻولي، ٻَن ٻروچ، گهوري ذات جتن جي.“
(شاهه:
حسيني)
”ور سا سُڃي ويڙهه، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو.“
(شاهه:
کاهوڙي)
”هئي هئي، هن هڏي، همه کي حيران ڪيو.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ڪوهه لڄائي پاڻ، ناحق ويٺو نيهه ۾.“
(شاهه: راڻو)
”گهوڙا ڙي گهوڙا، ڪري من مستان ويا.“
(سچل:
جوڳ)
”هئي هئي،
منهنجي حال جي، ناهي ڪل اوهان.“ۡ
(سچل:
کنڀات)
”روئن ساري
رات، هئي هئي، سو ڪانگو ڪيون.“
(سچل:
مالڪوس)
”ڏاهي چڙهي ڏار تي، ڪا جا لتي لات،
پيون ۾ هيهات، آتڻ واريون اتهين.“
(سچل:
مالڪوس)
13. جملو دعائي:
جملو دعائي انهيءَ جملي کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن
آرزو اميد، دعا يا پِٽ پاراتي جو اظهار ٿيل هجي يا
ان ۾ حرف تمنا استعمال هجي.
جملي دعائيءَ جا مثال:
”شال مَ ڇڄي نينهن، گهڙان گهوريو جندڙو.“
(شاهه: سهڻي)
”واهڙ وهين مَ شال، سڪي ٻيلاٽيون ٿئي.“
(شاهه: سهڻي)
”الله، سيئي آڻ، جن ساءُ چکايم سڪ جو.“
(شاهه: سسئي)
”کوءِ ڪتڻ، ٻن ڪپاهه، کوءِ آتڻ، ٻن جيڏيون.“
(شاهه: حسيني)
”ٻيجل سندو ٻنگ، خالق خالي مَ ڪرين.“
(شاهه: سورٺ)
”قادر شال ڪندوءِ، ميڙو هن مسڪين سين.“
(شاهه: بروو)
”ڌڻين ڪر مَ ڌار، پاڙو تن پرينءَ جو.“
(شاهه: بروو)
”الله ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَر پڄنم ڏينهڙا.“
(شاهه: مارئي)
”آري اچين شال، نماڻيءَ جي نجهري.“
(سچل:
ڪوهياري)
”جيڏيون جت جين، جي سونپي سور سچي ويا.“
(سچل:
ڪوهياري)
ڪاهل تي ڪهل، ڪندين شال ڪريم تون.“
(سچل:
ڪوهياري)
”موٽي شال اچن، ماروئڙا ملير ۾.“
(سچل:
کنڀات)
”ايندي مارئي مارئين، پکين شل پيهي.“
(سچل:
کنڀات)
”ايندي مارئي مارئين، پکين شل پيهي.“
(سچل:
کنڀات)
”ساجهر سنگهارن کي، الله شل آڻي.“
(سچل:
کنڀات)
”سنگهارن سويل، ملان شال ملير ۾.“
(سچل:
کنڀات)
”عمر، رب رکي، پڙدي سان پناهه ۾،
هئان شال پکي، عمر اباڻن جي.“
(سچل:
کنڀات)
”ايندا مارو مون ڪڻين، ويندم شال وٺي.“
(سچل:
کنڀات)
”الله اباڻن سان مون کي گڏ ڪرين،
جي ويڙا ٿر پرين، سي موٽي آڻ ملير ۾.“
(سچل:
کنڀات)
14. جملو تشبيهي: جنهن جملي ۾ ٻن شين جي
پاڻ ۾ ڀيٽ يا تشبيهه ڏنل هجي، تنهن کي جملو
تشبيهي، چئبو آهي، مثلاً:
’ڇا مهاڻي ۽ ڇا سندس سونهن، چوڏهينءَ جو
چنڊ پيو بکي.‘
مٿئين جملي ۾ ’مهاڻيءَ‘ جي ’چوڏهينءَ جو
چنڊ پيو بکي.‘
مٿئين جملي ۾ ’مهاڻيءَ‘ جي ’چوڏهينءَ جي
چنڊ‘ سان مشابهت ڏيکاري ويئي آهي. هتي ’مهاڻي‘ آهي
مشبه (جنهن جي ڀيٽ ڪيل هجي) ۽ ’چوڏهينءَ جو چنڊ‘
آهي مشبه به (جنهن سان ڀيٽ ڪيل هجي).
جملي تشبيهيءَ جا مثال:
”عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”تارا تراريون، نيزا نيڻ پرين جا،
هڻن منهن پاريون، سانگو ڪن نه سر جو.“
(شاهه: کنڀات)
”جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.“
(شاهه:
سريراڳ)
”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين.“
(شاهه: سهڻي)
”جيڪو جبل لنگهيان، سو هيبت جو هاٿي.“
(شاهه: ديسي)
”پرتوو پنهونءَ جو، جُهڙ جيئن جهالا ڏئي.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”هنئڙو ڪچيءَ تند جئن، ڇڄيو ڇڄيو پوءِ.“
(شاهه: حسيني)
”مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سائيون.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“
(شاهه: رپ)
”تو جو ڀانيو هار، سو سورن جو سڳڙو.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن
سين.“
(شاهه: مارئي)
”جر ۾ سپون جيئن، آهن ابر آسري،
جيئن ڪونجون
سارين روهه کي، مون تن اندر تيئن.“
(شاهه: مارئي)
”جئن سڳو وچ سرندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.“
(شاهه: ڪاموڏ)
15. جملو تمثيلي: جنهن جملي ۾ ڪنهن حقيقت
کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪو مثال يا تمثيل ڏنل هجي، تنهن
کي جملو تمثيلي يا مثالي چئبو آهي، مثلاً:
’جهنگ جو جهانگي، شهر ۾ اهڙو اچي ڦاٿو
جهڙو پکي پڃري ۾.‘
مٿئين جملي ۾ ’جهڙو پکي پڃري ۾.‘ تمثيل
آهي، جا انهيءَ لاءِ پيش ڪئي ويئي آهي، ته جيئن
پهرين بيان ڪيل حقيقت جو پورو پورو اندازو لڳي
سگهي. هتي ’جهنگ جو جهانگي‘ آهي مُمَثل (جنهن جو
مثال ڏنل هجي) ۽ پکي پڃري ۾‘ آهي مُمَثل بِه (جنهن
سان مثال ڏنل هجي).
جنهن جملي ۾ ڪو پهاڪو يا چوڻي ڏنل هجي ۽
ڇاڪاڻ ته اها به حقيقت کي واضح ڪري ٿي، تنهنڪري ان
کي به جملو تمثيلي چئبو آهي، مثلاً:
’ڀُلِي ڀُلِي ڀاڻِ آئِي سا به نه
چئجي ڀُلِي.‘
هن جملي ۾ هڪ عام چوڻي يا پهاڪو ڏنل آهي،
جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن ڪو انسان يا جانور
ڪجهه وقت گمراهه ٿي وڃڻ کانپوءِ پنهنجي صحيح منزل
يا مقام تي پهچي وڃي، ته ان کي ڀليل نه چئبو.
جملي تمثيليءَ جا مثال:
”اوديا رلائي ٿي جڳ ۾ هن جيءَ کي،
جيئن بازيگر باندر کي در در پنائي.“
(سامي)
”فصل جي خواهش ۾ وسري اصل ويو،
سنگ چونڊيندي نه ڪانا ياد پيا.“
(سانگي)
”ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙيوئي هيڪ،
جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿي.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”جي رهڻيءَ رهيو نه سپيرين، ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوهه.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ڪيني وارو ڪينڪي.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”مفتي منجهه
وهار، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿئين.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”اکر ڇتي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻجهن،
ڪوهه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي، ڳالهڙي.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”عدل ڇٽان آءٌ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.“
(شاهه:
سريراڳ)
”وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.“
(شاهه:
سريراڳ)
”جي وڙ جُڙن جنسين، سي وڙ سيئي ڪن.“
(شاهه:
سريراڳ)
”سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چلر جي چوئين، تن سانکوٽا ۽ سستيون.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مَهِي.
ايڏو سور سهي، ننڊ مَ ڪريو ناکئا.“
(شاهه:
سريراڳ)
”پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار.“
(شاهه: سهڻي)
”جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ،
جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئين وکڙي.“
(شاهه: سهڻي)
”لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙيءَ نه ٿئي.“
(شاهه: سهڻي)
”گهوڙن ۽ گهوٽن جئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
(شاهه:
ڪيڏارو)
”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.“
(شاهه: سسئي)
”مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال.“
(شاهه:
معذوري)
”مرڻان اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيڻان اڳي جي جيا.“
(شاهه:
معذوري)
”منهنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.“
(شاهه: ديسي)
”هٿان تو
پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويل وهڻ جي.“
(شاهه:
حسيني)
”پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
ٻيون هنئينئين
هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون.“
(شاهه:
حسيني)
”ڏکَ تنهين کي
ڏِک، حب جنهين کي هوت جي.“
(شاهه:
حسيني)
”پاڻهي ايندئي هوت، تون پڻ ٿج اڳڀري.“
(شاهه:
حسيني)
”ڏک سکن جي
سونهن، گهوريا سک ڏکن ري.“
(شاهه:
حسيني)
”سهکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.“
(شاهه: بروو)
”ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀڪنهين.“
(شاهه: بروو)
”سي چلولا چئجن، جي در در لاين دوستي.“
(شاهه: بروو)
”گندي ۽ گراهه جن سناسين سانڍيو،
انهن کان الله، اڃا آڳاهون ٿيو.“
(شاهه:
رامڪلي)
”جئن سي کوهيءَ نارَ، وهن واريءَ گاڏئان،
هنئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.“
(شاهه: رپ)
”ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏيندين ڪيترو.“
(شاهه: ڏهر)
”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.“
(شاهه: پرڀاتي)
”پرين نه اکڙين ۾، هنئون نه حاضر جن،
سي هئين جاڙ جين، ٺلها ٺاٺا سکڻا.“
(شاهه: آسا)
”کر جا کڏ کنئي، پوڻ ڪارڻ پرينءَ جي،
تنهن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.“
(شاهه: آسا)
”جو حسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪينڪي.“
(شاهه: آسا)
”منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهئين.“
(شاهه: آسا)
”هوءِ جي حق پڇن، سي ڪيئن سَتيون سومرا.“
(شاهه: مارئي)
”ويا مور مري، هنجهه نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.“
(شاهه:
ڪارايل)
”سنها ڀانءِ مَ سپ، وياء واسينگن جا،
جنهين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.“
(شاهه:
ڪارايل)
”سوريه سارو ابر ۾ لوٺين ڪين لڌو،
انڌي ساڻ انڌو، ٻئي پيا کڏ ۾.“
(سچل: آسا)
”مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان،
بجلي بادل سان، آهي جئن سپرين.“
(سچل:
سارنگ)
”پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان پرين تيئن، رهيو آهي روح ۾.“
(شاهه: ڪريم)
16. جملو تضميني: جملو تضميني انهيءَ جملي
کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ٻئي جي قول يا ڪلام کي
تائيد، سَنَد يا حوالي طور شامل ڪيو ويو هجي،
مثلاً:
’تصوف کي دنيا ۾ غلط رنگ ڏنو ويو آهي،
حالانڪ ”هر صوفي فقيهه آهي، مگر هر فقيهه صوفي
ناهي.‘
مٿئين جملي ۾ ”هر صوفي فقيهه آهي، مگر هر
فقيهه صوفي ناهي“ ۾ سچل سرمست جو قول آهي، جو جملي
۾ حوالي طور شامل ڪيو ويو آهي.
جملي جي تضميني صورت گهڻو ڪري شعر ۾ نظر
ايندي آهي.
جملي تضمينيءَ جا مثال:
”عاشقن الله جي، سدا وائي وات،
”فاذڪروني اذڪر ڪم“ تن ۾ اها تات.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”گهڙو ڀڳو ته گهوريو، آسرو مَ لاهيج،
”لاتقنطوا من رحمته الله“ رهي ان تريج.“
(شاهه: سهڻي)
”ساهڙ جا سينگار، مون اڻ ڏٺا اڳي هئا،
نه ڪا ”ڪُن فيڪون“ هئي، نه ڪا ٻي پچار.“
(شاهه: سهڻي)
”واذڪر ربڪ في نفسڪ“، اندر آگ جلاءِ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”الانسان سري وانا سره“، پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.“
(شاهه: آسا)
”ڪل شيءِيرجع اليٰ اصله“، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ.“
(شاهه: مارئي)
17- جملو تمليحي: جملو تلميحي انهيءَ جملي
کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن خاص ڳالهه، قصي يا
تاريخي واقعي ڏانهن اشارو ڏنل هجي، مثلاً:
ابتدا کان وٺي مٽي ۽ باهه جو پاڻ ۾ جهيڙو
هلندو رهيو آهي.
*
حضرت يوسف عليه السلام نه کوه ۾ پوي ها نه
مصر جو عزيز بڻجي ها.
*
ميرن کي گهران نه لڳي ها، ته سنڌ غلام نه
ٿئي ها.
مٿين مثالن ۾ گذريل واقعن ڏانهن اشارو ڪيل
آهي.
جملي تلميحيءَ جا مثال:
”اکيون منهن ميهار ڏي، جن رکيون جوڙي،
ريءَ سنڊ سيد چئي، تار گهڙن توڙي،
تني کي ٻوڙي، سائر سگهي ڪينڪي.“
(شاهه: سهڻي)
”ڪامل ڪربلا ۾، آيا جُنگ جوان،
ڌرتي ڌُٻي، ٿرٿليا لرزيا آسمان،
ڪرهه هئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو.“
(شاهه:
ڪيڏارو)
”وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولئين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.“
(شاهه: سسئي)
”ساٿيڙن سوير، آڻي اُٺ جهڪائيا،
هئن نه ڀانيم جيڏيون، ته ڏاڍي ڪندا ڏير،
اٿيس آءٌ اوير، ڪري سڃ سنجهي ويا.“
(شاهه: ديسي)
”گهوڙن هنئي سڀڪا، اُٺن هنئي آنءٌ،
جا نينهن
ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.“
(شاهه: حسيني)
”پرديسان پنڌ ڪري، هلي آيو هيءُ،
مال نه مڱي مڱڻو، جاجڪ گهري جيءُ.“
(شاهه: سورٺ)
”ايءَ نه مارن، ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.“
(شاهه: مارئي)
”گندي جن جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ،
انهن جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”ٻانڀڻ جو ٻروچ سان، اصل آهي ٻول،
’قالوا‘ سندو قول، ڀينر ڪيئن ڀلايان.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”ويم نڪري قافلو، آءٌ پڻ کڻان پير،
ڏک ڏئي ويا ڏير، مانَ ٻاروچل ٻاجهه ڪري.“
(سچل:
ڪوهياري)
”پارس لڳي سون ٿيون، لوهاڻيون لوريون،
ڪوجهن منجهان
سهڻيون، ٿيون جهٽ پٽ جهٻييون،
تماچيءَ تيريون، ڪينجهر جون ڪنيون کڻي.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”سئن هن سائل
جي، ڪيو هاتڪ کي حيران،
هيرا موتي موٽيا، دايو وٺي نه دان،
مڱتيو مهمان، سدا سوالي سر جو.“
(سچل:
سورٺ)
”اباڻن جا ڏني، سا لوئي هڏ نه لاهيان،
ڪندس ڪين ڪني،
کڻي ويندس ويڙهه ڏي.“
(سچل:
کنڀات)
18- جملو مدلل: اهو جملو، جنهن ۾ بيان ڪيل
ڳالهه جي تائيد ۾ ڪو اثرائتو دليل ڏنل هجي، تنهن
کي جملو مدلل يا مصدق چئبو آهي، مثلاً:
علم واري ماڻهوءَ کي نئڙت ڪرڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ ته ميويدار ٽاري هميشه نميل هوندي آهي.
مٿئين جملي جي پوئين ڀاڱي ۾ اڳين ڳالهه جي
تائيد ۾ دليل ڏنو ويو آهي.
جملي مدلل جا مثال:
دوستي ڇني سا ڇني، ڀڳو شيشو وري سڄو نه
ٿئي.
*
تون هروڀرو ٿو پڏائينس، لياقت هوندس ته
پاڻيهي ظاهر ٿيندي، سج تريءَ هيٺان نه لڪندو.
*
جو دنيا به حاصل ڪرڻ گهري ٿو ۽ دين به، ته
کيس نه هيءَ هٿ ايندي نه هو، ٻيئي گدرا مُٺ ۾ نه
ايندا.
”تون جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي،
فاذ ڪروني اذڪر ڪم، ايءَ پروڙج بات.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”ڪين مائيندا من ۾ خودي ۽ خداءِ،
ٻڻ ترارين جاءِ، ڪا آهي هيڪ مياڻ ۾؟
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پهي،
و في انفسکم
افلا تبصرون، سوجهي ڪر سهي.“
(شاهه: سسئي)
”ڪُتو ڪرٽي هڏيون، جوانمرد جگر کاءِ،
الدنيا جيفته
و طالبها کلاب، ايءُ هنئين سين لاءِ.“
(شاهه: معذوري)
”عمر اڇا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
هُوءِ جي حق
ڀڃن، سي ڪيئن سَتيون سومرا.“
(شاهه: مارئي)
19- جملو معترضہ: اهو جملو، جنهن ۾ ڪو ٻيو
زائد جملو، جو وچ ۾ شامل ڪيو ويو هجي ۽ بيان جي
سلسلي کي قطع ڪندڙ هجي يا ان ۾ خلل پيدا ڪندڙ هجي،
تنهن کي جملو معترضه چئبو آهي، مثلاً:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، الله مٿس رحمت ڪري،
هڪ اعليٰ درجي جو شاعر ۽ صوفي ٿي گذريو آهي.
پٽم، ڌڻي شل ڏينهن ڏئيس، هڪ سلڇڻو ۽ سدورو
ٻار آهي.
*
الله جي عذاب جا ڪيئي مختلف قسم آهن،
نعوذبالله منها، جي انسان جي ڪُڌن ڪرتوتن جي ڪري
مٿس نازل ٿين ٿا.
مٿين جملن ۾ ’الله مٿس رحمت ڪري‘، ’ڌڻي شل
ڏينهن ڏئيس‘، ۽ ’نعوذبالله منها‘ زائد جملا آهن،
جي مکيه جملن جي وچ ۾ بيان کي وڌائڻ خاطر آندا ويا
آهن، تنهنڪري اهڙي قسم جي جملن کي جملو معترضه
چئبو آهي.
معترضه جي معنيٰ آهي روڪيندڙ يا خلل پيدا ڪندڙ.
18- جملي ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي اهميت:
جملي ۾ لفظ استعمال ٿي سگهن ٿا، تن جي الڳ
الڳ تعريف ۽ ترڪيب اڳ بيان ڪيل آهي، هتي انهن جي
بيهڪ ۽ باهمي لاڳاپو بيان ڪجي ٿو.
اسم جملي جو هڪ اهم جزو آهي، جنهن
کانسواءِ جملو اڪثر اڻپورو هوندو آهي، مثلاً:
ٻيڙي پاڻيءَ تي ترندي آهي.
*
سج زمين ۾ گرمي پهچائي ٿو.
*
اتاهن جبلن تي برف پوندي آهي.
مٿين جملن ۾ ٻيڙي، پاڻي، سج، زمين، گرمي،
جبلن ۽ برف اسم آهن، جي مختلف صورتن ۾ بيٺل آهن،
انهن کي جيڪڏهن جملن مان ڪڍي ڇڏبو ته باقي لفظن کي
نه جملو چئي سگهبو ۽ نه انهن مان ڪو مطلب نڪري
سگهندو.
اسم جي صورت معرفه يعني خاص هوندي آهي يا
نڪره يعني عام. سنڌيءَ ۾ سنسڪرت وانگر معرفه جي ڪا
خاص علامت استعمال نه ٿيندي آهي، جنهنڪري اسم مان
ٻيئي معنائون وٺي سگهجن ٿيون، مثلاً: ’گهر‘ اسم
آهي جنهن مان مراد آهي ڪو گهر. عام طرح اسم خاص يا
عام جي سڃاڻپ جي جملي ۾ ڏنل حوالي مان معلوم ٿيندي
آهي، جنهن کي هيٺين ٽن نمونن ۾ پروڙي سگهجي ٿو:
1. ڪن اسمن جي صورت ازخود معرفه واري
هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو اشارو ڪنهن هڪ خاص
اسم ڏانهن هوندو آهي، جن جو ثاني نه هوندو آهي،
مثلاً:
سج، چنڊ، اُڀ، ڌرتي وغيره.
2. ڪو اسم، جيڪڏهن ٻئي اسم سان منسوب ٿي
جملي ۾ واقع ٿيندو، ته ان مان معرفه جي معنيٰ
نڪرندي، مثلاً:
شام ولايت، هماليه جبل، سنڌونديءَ، يورپ
کنڊ، ڪينجهر ڍنڍ، مسلمان قوم، عربي ٻولي وغيره.
1.
اسم کي نڪره يا عام بنائڻ لاءِ ان جي اڳيان صفت
عدديءَ جو لفظ ’هڪڙو‘ يا ضميري صفت جو لفظ ’ڪو‘
آڻبو آهي، مثلاً:
هڪڙو ماڻهو، ڪو ملڪ وغيره.
استعمال:
سج توڙي چنڊ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ هميشه
گردش ۾ هوندو آهي.
آسمان ۽ زمين جي تخليق الله جي قدرت جو هڪ
عظيم ۽ بي مثال ڪارنامو آهي.
هڪڙو
سيلاني فقير پنڌ ڪندي ڪندي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه تي
وڃي نڪتو.
اسم جي جنس:
عام طرح جنس جي تخصيص فقط جاندار شين ۾
هوندي آهي، جنس مذڪر جو اطلاق مذڪر يا نر شين سان
۽ جنس مؤنث جو اطلاق مؤنث يا مادي شين سان ٿيندو
آهي، پر ڇاڪاڻ ته جملي ۾ اسم جي جنس جي سڃاڻپ سندس
واسطيدار فعل مان پوندي آهي ۽ فعل جو صيغو يا مذڪر
وارو هوندو آهي يا مؤنث وارو، بهرحال فعل جو اطلاق
هر قسم جي اسم سان هوندو آهي، اگرچه ان ۾ جنسي فرق
هجي يا نه، تنهنڪري لازمي طرح بي جان شين ۾ به
مذڪر ۽ مؤنث جي تفريق ڪئي ويندي آهي، جيئن هيٺين
مثالن مان ظاهر آهي، حالانڪ انهن شين جي جنس کي
جنس بي جان يا غير ذي روح به سڏيو وڃي ٿو.
مٿين بي جان يا صفاتي شين جي مثالن ۾ ڏسبو
ته انهن ۾ جنسي وصف موجود ڪانهي، تنهن هوندي به
ڇاڪاڻ ته انهن سان لازمي طرح فعل مذڪر يا مؤنث
وارو لڳي ٿو، تنهنڪري انهن سان به جنس جو قانون
لاڳو ٿئي ٿو.
ڪي اسم اهڙا آهن، جن سان فقط جنس مؤنث لڳي
سگهندي آهي، انهن جو مذڪر صيغو استعمال نه ٿيندو
آهي، مثلاً:
ٻَٻَرَ، سَنڍ، سُئا، وَڏ وَرَ وغيره.
ساڳي طرح ڪي اسم اهڙا هوندا آهن، جن سان
فقط جنس مذڪر لڳندي آهي، انهن جو مؤنث جو صيغو
استعمال نه ٿيندو آهي، مثلاً:
اسم جو عدد:
اڳ بيان ڪيو ويو آهي، ته سنڌيءَ ۾ اسم جو
عدد ٻن قسمن جو ٿيندو آهي: واحد ۽ جمع، البت
عربيءَ سان گهري نسبت جي ڪري بعضي تثنيه جو
استعمال به ٿيندو آهي. عدد بابت ڪي خاص ڳالهيون
هيٺ ڏجن ٿيون:
1. اسم جو عدد جيڪڏهن واحد هوندو آهي ته
ان سان فعل به واحد جو لڳندو ۽ جي ان جو عدد تثنيه
يا جمع هوندو ته ان سان فعل جمع وارو لڳندو،
مثلاً:
بادشاهه جي سر تي سلطاني تاج هوندو آهي، پر هن جي
دل ۽ دماغ تي فڪر ۽ ڳڻتين جا ڪڪر ڇانيل هوندا آهن.
*
جنهن انسان کان سندس والدين خوش آهن، ته
انهيءَ تي الله به راضي هوندو آهي.
مٿين جملن ۾ ’سلطاني تاج‘ ۽ ’الله‘ ٻنهي
اسمن جو عدد واحد آهي، تنهنڪري انهن جي فعل ’هوندو
آهي‘ جو صيغو به واحد آهي ۽ ’ڪڪر‘ ۽ ’والدين‘، جن
جو عدد، جدا جدا، جمع ۽ تثنيه آهي، انهن سان
لاڳاپو رکندڙ فعل ’هوندا آهن‘ ۽ ’آهن‘ به جمع ۾
استعمال ٿيل آهن.
ب – جملي ۾ جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ اسم، فاعل
يا مفعول جي صورت ۾ موجود هوندا ۽ اهي حرف عطف ’۽‘
سان پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا، ته انهن جو واسطيدار فعل
جمع ۾ رهندو، پر جي اهي حرف عطف استدراڪي ’يا‘ يا
’ڪِ‘ وغيره جي ڪري هڪ ٻئي کان جدا ٿيل هوندا، ته
جملي ۾ فعل واحد جو استعمال ٿيندو، مثلاً:
ڍڳي گاڏي، موٽرڪار، ريل ۽ جهاز، اهي سڀ
سفر جا وسيلا آهن.
*
انسان هجي يا جانور، پکي هجي يا جيت، هرهڪ
الله جي عبادت جو پابند آهي.
ت – عربي ٻوليءَ جا غير قياسي يا بي قاعدي
جمع جا صيغا سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري اسم جمع ٿي ڪم
ايندا آهن، جن سان فعل واحد جو لڳندو آهي، مثلاً:
احوال، اخلاق، ارواح، اسرار، اشراف، اصول،
اولاد وغيره.
استعمال:
ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، مگر اڃا تائين
ڪو احوال ڪونه آيو آهي.
سٺو اخلاق ئي انسان ئي سرمايو آهي.
*
منهنجو ارواح نٿو ڪڍي، ته ٻيهر هن جي در
تي وڃان.
*
خبر ناهي ته هن جاءِ ۾ ڪهڙو اسرار آهي، جو
ايامن کان منجهس ڪوبه نٿو رهي.
*
اشراف، چاهي، دنيا جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾
مبتلا ڇو نه هجي، تڏهن به هر عقلمند ماڻهو سندس
قدر ڪندو آهي.
*
جنهن ماڻهوءَ جو اصول صحيح ۽ عمل جوڳو
هوندو آهي، سو ضمير جي ملامت کان آجو هوندو آهي.
*
بعضي چڱن جو اولاد به کري پوندو آهي.
*
مٿي ڄاڻايل اسم جمع جا لفظ ڪڏهن جمع جو
فعل به اختيار ڪندا آهن، مثلاً:
بي گهر ۽ دربدر ٿيل ماڻهن جا احوال ڪهڙا
نه ڏکوئيندڙ هوندا آهن.
*
استاد جا اخلاق چڱا هوندا، ته شاگردن تي
پڻ چڱو اثر پوندو.
*
دنيا ۾ انسانن کان اڳ ارواح پيدا ڪيا ويا
هئا.
*
قدرت جا اسرار انسانن کي معلوم نه هوندا
آهن، اهي فقط قدرت ئي ڄاڻندي آهي.
*
دنيا ۾ اشراف ٿورا هوندا آهن.
*
صحت کي قائم رکڻ لاءِ به اصرار هوندا آهن.
*
تونگر هجن يا مسڪين، ڏاڍا هجن يا هيڻا،
سهڻا هجن يا ڪوجها، سڀ هڪ ئي آدم جو اولاد آهن.
ث – ڪن اسمن جي اڳيان، اگرچه جمع جو عدد
استعمال ٿيندو آهي، تڏهن به انهن جو صيغو واحد جو
رهندو آهي. مثلاً:
اٺ سؤ، پنج آب، چار ديوار، ست ماڙ، صدبار
وغيره.
ج- سنڌيءَ ۾ ادب ۽ احترام خاطر واحد اسم
سان جمع جو فعل استعمال ڪبو آهي، يا وري واحد اسم
کي خود جمع جي صورت ۾ آڻي استعمال ڪبو آهي، مثلاً:
پرين اڱڻ اچن، ته منهنجي لاءِ عيد ٿئي.
*
شاهه صاحب جن اڪثر سفر ۾ رهندا هئا.
*
سائينجن، جيئن فرمائيندا، تيئن حڪم جي
تعميل ٿيندي.
اهڙي طرح، ضمير حاضر ۾ به جمع جو فعل
استعمال ڪبو آهي، اگرچه مخاطب شخص خود واحد ۾
هوندو آهي، مثلاً:
اوهان ڀلي ڪري آيا، اوهان اچو ٿا، ته اسان
جي دل بهار ٿئي ٿي.
ح – ڪي اسم جڏهن جمع جي صورت ۾ استعمال
ٿيندا آهن، ته انهن جي معنيٰ ۽ اطلاق ۾ ڦيرو اچي
ويندو آهي، مثلاً:
واحد اسم جمع
اسم
انگُ = عضوو، بدن، قسمت، لکيو انگَ=
عدد
ڀاڻُ= چوپائي مال جو فضلو يا ڀاڻَ= وٿاڻَ،
جايون گهرَ
خارج ڪيل مادو، جو
کيتن ۽ ٻنين ۾ استعمال
ٿيندو آهي.
داڻو= ڪڻو، رزق، اَنُ داڻا= ڪجهه
انداز يا تعداد
سببُ = ڪارڻ اسباب= ساز
سامان
لوهه= هڪ ڌاتوءَ جو قسم، لوهه= ٻيڙيون،
زنجيرون، پيد
قابو، مضبوط
موڙُ = وَرُ، وراڪو
موڙَ = ڳانا
استعمال:
واحد اسم جمع
اسم
جن جو انگُ اگهاڙو ۽ پيٽ گهڻي وقت گذرڻ
ڪري
بکيو هجي، تن جي مدد يادگار پٿرن تان
انگَ اکر
ڪرڻ گهرجي. ڊهي ويا آهن
*
انسان جي انگ ۾ جو هوندو
اوس ٿيندو.
*
”اڳهين منهنجي انگ،
جڙيو هو زنجير“
(شاهه: مارئي)
وٿاڻ جو ڀاڻُ پوک لاءِ ڀاڳوندن جا ڀاڻَ سدائين
ڀريل هوندا
نهايت ڪمائتو آهي آهن
*
مينهون ڀٽاريون ۽
ڍور ڍڳا سڄو ڏينهن
چري شام جو
پنهنجن ڀاڻن تي موٽي
ايندا آهن.
جيستائين انسان جو داڻو گهڻو مال ته نيڪال
ٿي ويو آهي، بس
پاڻي دنيا ۾ آهي. ڪي
داڻا ڪڻا پيا هوندا.
تيستائين پيو جيئندو.
*
پوک چڱي ٿي آهي، تيلن ”دارونءَ جا داڻا، ڏنم
هوت
هاڻي ئي داڻو جهليو آهي. هٿن سين.“ (شاهه:
ڪوهياري)
*
*
پيٽ جي بيماريءَ جو سبب دنيا جو مال اسباب انسان
بدپرهيزي آهي. کي مغرور
بڻائي ٿو.
*
*
”جڏهن سانئينءَ سبب ڪيو، ”پر ۾ پڇيائون، عشق جي
تڏهن ستڙ ٿيا سيد چئي.“ اسباب کي. (شاهه ڪلياڻ)
(شاهه: سامونڊي)
لوهه هڪ قيمتي ڌاتو آهي، جنهن انسان کي آزاد رهڻ
جي
جو ڪنهن به ملڪ کي طاقتور خواهش ۽ قوت آهي، تنهن
بڻائي سگهي ٿو. کي
لوهه نه جهليندا.
*
*
پٿر پوڻ جي ڪري رستو ”ويندس ويڙهيچن ڏي،
لوهه
لوهه ٿي ويو آهي. ڀڃي لوپي.“
(شاهه: مارئي)
”ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيرون ”لهي لوهه
پيام، لطف ساڻ
۽ زنجير.“ (شاهه: مارئي) لطيف چئي.“
(شاهه: مارئي)
”تپي ڪندين ڪوهه، ڏونگر
ڏکوين کي،
تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ
منهنجا لوهه، (شاهه: ڪوهياري)
رستي ۾ موڙُ اچي، ته گاڏيءَ شاديءَ ۾ گهوٽ کي
۽ ميلي
جي رفتار جهڪي ڪجي. ۾ گهوڙن ۽ اُٺن کي موڙ
ٻڌندا
آهن.
خ – ڪي اسم فقط جمع جي صيغي ۾ استعمال
ٿيندا آهن، انهن جو واحد جو صيغو استعمال نه ٿيندو
آهي، مثلاً:
ٿَريون، پِٿون، ڄُنڊا، ڌاڻيون، ڪَتيون،
ڪُهَر، سَتُون وغيره.
استعمال:
گدلائيءَ کان ڄنڊن ۾ ڄُيون پونديون آهن.
*
ڪي مسافر سفر ۾ پاڻ سان سَتوُن کڻندا آهن.
*
”تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر.“
(شاهه: کنڀات)
”ڪتيُن ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ڏيئي.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”ڏونگر ڏوراپو، پهرين چونديس پرينءَ کي،
ته پهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”وهائينديون سي آيون، ٿڻن مان ٿريون.“
(سچل:
سارنگ)
اسم جو مقام: جملي ۾ اسم جي مقام يا بيهڪ
جون پنج صورتون آهن:
1-
فاعلي صورت
2-
مفعولي صورت
3-
جري صورت
4-
اضافي صورت
5-
ندائي صورت
1- فاعلي صورت: اسم جي حيثيت جڏهن فاعل واري هوندي
آهي، ته جملي جي شروعات ڪندو آهي، پر نزاڪت ۽
موقعي جي لحاظ کان جملي ۾ ڪٿي به پنهنجو مقام
اختيار ڪري سگهي ٿو، البت پنهنجي فعل جي هميشه
اڳيان ايندو آهي. شعر ۾ ته سندس ڪا جاءِ مقرر
ڪانهي، ايتري قدر جو، ڪڏهن سندس فعل به کانئس اڳ
اچي ويندو آهي.
هيٺين جملن ۽ مثالن ۾ اسم جا، فاعل جي
حيثيت ۾ اختيار ڪيل مختلف مقام يا بيهڻ جا هنڌ
ڏيکاريا ويا آهن:
اُٺ رڻپٽن، بيابانن ۽ پهاڙي علائقن ۾ ڪم
ايندا آهن.
*
شڪار ڪندي ڪندي، بادشاهه ڪنهن ڌارئي ملڪ ۾
وڃي نڪتو.
*
سنڌ جي شاعرن جو سرتاج، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي آهي.
*
پاتار ۾ سپون سوجهڻ وارا هوندا آهن، غواص
يا ٽوٻا.
*
”دائي چڙهي ڏار تي ٿو زاغ ڪري زاريون.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”انهن جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”سرهو سر وڃائيو ڪوڙن ڪانيرن،
رٺا روهه وڃن، ڪنهن هيڻائيءَ کان هنجڙا.“
(شاهه: ڪارايل)
”پورب پنڌ نه ڪن ڪنهن ويلي ڪاپڙي.“
(سچل: جوڳ)
فاعل سان گڏ جيڪڏهن ٻيو اسم يا ضمير صفاتي
يا اضافي حيثيت ۾ استعمال ٿيندو، ته اهو به فاعل
جو حصو سمجهيو ويندو ۽ ان جي صورت به فاعلي ٿيندي،
مثلاً:
ڪراچي بندر، اڪبر بادشاهه، رمضان مهينو،
ونجهه وٽي راند وغيره.
استعمال:
ڪراچي بندر هڪ ڏيهان ڏيهي واپار جو مرڪز
آهي.
*
اڪبر بادشاهه عمرڪوٽ ۾ ڄائو هو.
*
رمضان مهينو مسلمانن جي لاءِ نهايت مبارڪ
۽ مقدس آهي.
*
ونجهه وٽي راند ڳوٺاڻن ۾ مقبول آهي.
”پنندي پرڏيهه ۾، تن سوڍين ٿئي شرم.“
(شاهه:
سارنگ)
”ڏٺو محرم ماهه، سونڪو شهزادن ٿيو.“
(شاهه:
ڪيڏارو)
”سدا سانوڻ ڏينهڙا، هنئين نه هونداءِ.“
(شاهه: سهڻي)
”تان جي ملير ڄائيون، توسين سڱ نه ڪن.“
(شاهه: مارئي)
”مون کي ڪيو ماءُ، چوچڪ ڌيءَ چريو.“
(سچل:
ڪاريهر)
”آسروند آهين، روجهون راڻيون رڻن ۾.“
(سچل:
پهاڙي)
”ڪاپڙي ڪن ڦاڙ، آيل اڄ لنگهي ويا.“
(سچل:
جوڳ)
تعداد ظاهر ڪندڙ يا ٻيا صفت وارا لفظ پڻ
فاعل سان گڏ فاعلي صورت ۾ بيهي سگهن ٿا، مثلاً:
هزارَ ماڻهو، ڍير، مڇيون، کوڙ شيون وغيره.
استعمال:
تلاءَ ۾ ڍير مڇيون ميون پيون هيون.
*
حج جي موقعي تي لکَ ماڻهو جمع ٿيندا آهن.
*
ٻنهي ڌرين جو کوڙ لشڪر اچي گڏ ٿيو.
سنڌيءَ ۾ جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ اسم، فاعل جي
حيثيت ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، پر اهي جملي کي
هروڀرو ڊگهو ڪندا آهن، تنهنڪري ان کي مختصر ڪرڻ
لاءِ هڪ کانسواءِ ٻين اسمن کي ضمير يا ضميري صفت
جي صورت ۾ آڻبو آهي، مثلاً:
باهه ۾ گهر جو ان پاڻي، هنڌ ٽپڙ، ڍور ڍڳا،
ڳهه ڳٺا ۽ پيسا ڏوڪڙ سڙي خاڪ ٿي ويا.
مٿئين جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ فاعل استعمال
ٿيل آهن، جن کي گهٽائڻ ۽ جملي کي مختصر ڪرڻ لاءِ
ان جي ترتيب هن طرح ڪري سگهجي ٿي.
باهه ۾ ان پاڻي ۽ ٻيو سڀڪجهه سڙي خاڪ ٿي
ويو.
ٻوليءَ جي خوبي انهيءَ ۾ آهي، ته لکڻ ۾
جملن کي اجايو ڊگهو نه ڪجي. سٺو ڪلام اهو ليکبو
آهي، جو مختصر يا مجمل هجي.
مختصر جملن جا ٻيا مثال:
گندگيءَ جي ڪري دست ۽ ٻيون بيماريون پيدا
ٿين ٿيون.
*
ڏڪار ۽ بيماريءَ ۾ ماڻهو ۽ ڪيترا جانور
مري ويا.
*
زلزلي ۾ شهرن جا شهر ناس ٿي ويا.
2- مفعولي صورت: جملي ۾ مفعول، اصول مطابق
فاعل کانپوءِ ۽ فعل کان اڳ واقع ٿيندو آهي، البت
معنيٰ جي مناسبت سان يا تاڪيد خاطر فاعل کان اڳي
به اچي سگهي ٿو، پر شعر ۾ فاعل وانگر ڪٿي به مقام
حاصل ڪري سگهي ٿو.
مفعول جو استعمال هيٺ ڏجي ٿو:
هاري هر ڪاهيندو آهي ۽ ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽيندو
آهي.
*
گچ ٺاهڻ لاءِ واري ۽ چن ملائيندا آهن.
*
تاج محل شاهجهان جوڙايو هو.
*
”مالهـــا ڦيرج من ۾، ڌڙ کي ڌوڙ مَ لاءِ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”کاهوڙين خفيءَ کان سوجهي لڌو سبحان.“
(شاهه:
کاهوڙي)
”مڻيون وجهان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
فاعلي صورت وانگر مفعولي صورت ۾ به جملي ۾
مفعولن جي تعداد گهٽائڻ لاءِ اختصار کان ڪم وٺي
سگهجي ٿو.
جملي ۾ ڪڏهن مفعولي لفظ جي پٺيان حرف جر
’کي‘ به استعمال ٿيندو آهي. ان حالت ۾ جملي جو
مفهوم ته ساڳيو رهندو آهي، پر ان جو پريوگ مٽجي
ڀاوي ٿي پوندو آهي، مثلاً:
جوڳيءَ مرليءَ جي آواز تي ڪاريهر نانگ کي
ڦاسايو.
مفعول سان حرف جر ’کي‘ هيٺين سببن جي ڪري
لڳائبو آهي:
1. جڏهن ڪنهن فعل يا ڪم جي ڪرڻ ۾ احتياط،
ارادي يا ڪوشش جو دخل هوندو آهي.
مثال طور ڪي ساڳي قسم جا جملا هيٺ ڏجن ٿا،
جن مان هڪ ۾ مفعول جي پٺيان ’کي‘ حرف جر استعمال
ڪيو ويو آهي:
مالهيءَ نانگ ماريو مالهيءَ نانگ کي
ماريو.
چوڪيدار چور ڀڄائي ڇڏيو. چوڪيدار چور کي ڀڄائي
ڇڏيو.
ڇوڪري ڪرسي ڀڃي ڇڏبو.ڇوڪري ڪرسيءَ کي ڀڃي ڇڏيو.
اُٺَ ماڻهو ماري ڇڏيو. اُٺ ماڻهوءَ کي
ماري ڇڏيو.
نوڪر طوطو اُڏائي ڇڏيو. نوڪر طوطي کي اُڏائي
ڇڏيو.
مٿين جملن بابت غور ڪبو، ته محسوس ٿيندو
ته پهرئين قسم جي جملن ۾ جنهن ڪم جو ٿيڻ ڏيکاريو
ويو آهي، ممڪن آهي ته اهو ڪنهن اتفاق سبب ٿيو هجي،
پر ٻئي قسم جي جملن ۾ يقيناً ارادي يا ڪوشش جو عمل
دخل ڏسجي ٿو.
2. جملي ۾ فعل جو واسطو، جيڪڏهن هڪ ئي وقت
لازمي طرح ٻن مفعولن سان هوندو آهي، ته هڪ جي
پٺيان ’کي‘ حرف جر استعمال ڪبو آهي، مثلاً:
منهنجي دوست مهمانن کي ماني کارائي.
*
شاديءَ جي دعوت ۾ آيل مهمانن گهوٽ کي هار
وڌا.
*
استاد ٻارن کي سبق پاڙهي ٿو.
مٿين جملن ۾ ’مهمان‘ ۽ ’ماني‘، ’گهوٽ‘ ۽
’هار‘ ۽ ’ٻار‘ ۽ ’سبق‘ ٻه ٻه مفعول آهن، جي لازمي
طرح هڪ ئي فعل سان واسطو رکن ٿا، تنهنڪري هڪڙن سان
’کي‘ حرف جر لڳايو ويو آهي ته جيئن جملي جي ترڪيب
کي سولو ۽ سهڻو بڻائي سگهجي.
وڌيڪ مثال:
”هاڙهو هيڻيءَ کي لنگهائج لطيف چئي.“
(شاهه: ديسي)
”ڪانگل نيئي ڪانگ، منهنجي ڏي محبوب کي.“
(شاهه: پورب)
*
”سنيها ساري، منهنجا چئو محبوب کي.“
*
”وڃين ڏيج پرينءَ کي، پاجيءَ جا پيغام.“
(سچل: مالڪوس)
3. جري صورت: نحوي قاعدي مطابق حرف جر جا
لفظ مجرور اسمن جي پويان ايندا آهن، مثلاً
جملو
مجرور اسم حرف جر
ڪتابن مان گهڻو ئي علم پرائي سگهجي ٿو. ڪتابن
مان
*
درياهه ۾ ڪُنن ۽ واڳن جو خطرو هوندو آهي.
درياهه
۾
*
جنگ يا جهاد قلم سان به ڪري سگهجي ٿو.
قلم
سان
*
نديون جبلن تان وهي هيٺ ماٿرين ۾ تراين
جبلن
تان
کي سيراب ڪن ٿيون. ماٿرين،
تراين
کي
*
شام جو پکي وڻن تي واهيرو ڪندا آهن.
وڻن
تي
شعر ۾ حرف جر جا لفظ اڳي پوءِ به واقع
ٿيندا آهن.
مثال هيٺ ڏجن ٿا:
”حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”تون حبيب، تون طبيب، تون دارون کي دردن.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”سانڍ پنهنجا ڊڀڙا، کڏ کڻي ۾ ڀون.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”جيڪس منجهه قطار، ڪا ول چنائين وهه جي.“
(شاهه: کنڀات)
”لاڻي وچان لوڪ، تو ڪهڙي اکر آئڙي.“
(شاهه: کنڀات)
قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.“
(شاهه: سريراڳ)
”مرج وٽ مهار، متان موٽين سهڻي.“
(شاهه: سهڻي)
”جَت جهجها ۾ جڳ، منهنجي پرت پنهونءَ سين.“
(شاهه: ديسي)
”مٿان جيءُ جتن، گهوريو گهوري سسئي.“
(شاهه: حسيني)
”ڏيا ٿيل ڦليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”هنيا لئي حورن، عاشق عقبيٰ جا ٿيا.“
(سچل: آسا)
”نهاري ڏي ننگ، ڪر واهر ويچاريءَ جي.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مٿي راهه رئان گهڻو، ڪارڻ ڪيچيئڙن.“
(سچل:
ڪوهياري)
”ڀينر کان برسات، اکين اوتڻ سکيو.“
(سچل:
سارنگ)
”راتو ڏيهان ڪاڻ ٿي، جهڄان جهانگيئڙن.“
(سچل: کنڀات)
”ڏاهو مٿي ڏار، عجب اڄ لاتيون لنوين.“
(سچل:
مالڪوس)
هڪ ئي جملي ۾ حرف جر هڪ کان وڌيڪ لفظن سان
لڳي سڀني کي مجرور صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو، مثلاً:
هن دنيا ۾ انسانن، جانورن، پکين، جيتن ۽
جيوڙن کي مقرر مدت تائين زنده رکيو وڃي ٿو.
*
ڪاٺ، لوهه، پٿر، مٽي ۽ پاڻيءَ تي انسان جي
معيشت جو وڏو دارومدار آهي.
*
اُٺُ ئي هڪ اهڙو جانور آهي، جو لڙائيءَ،
سواريءَ، بار کڻڻ ۽ کاڌي ۾ ڪم اچي ٿو.
*
آبهوا جو اثر ساهوارن، فصل توڙي بي جان
شين تي ٿيندو آهي.
*
وڻن ۽ ٻوٽن مان به انسان کي خوراڪ ملي ٿي.
*
ڌرتي جبلن، ماٿرين، ندين، وڻن ٽڻن ۽ ساوڪ
سان سهڻي لڳي ٿي.
*
سنڌيءَ ۾ حرف جر جي ادغام جي صورت عام
آهي، جنهن جو تفصيلي بيان اڳهين حالت جري ۽ حرف جر
جي بابن ۾ ڏنو ويو آهي.
4. اضافي صورت: اضافي صورت ۾ حرف اضافت جو
جملي ۾ ٻٽو لاڳاپو هوندو آهي، هڪڙو مضاف اليه سان
۽ ٻيو مضاف سان. عام طرح مضاف، مضاف اليه جي تصرف
۾ هوندو آهي، يعني ان جي ملڪيت، ان جو حصو يا ان
جي خاصيت ڏيکاريندو آهي.
حرف اضافت جي لاڳاپي جون مختلف صورتون:
(الف) نحوي قاعدي موجب مضاف، مضاف اليه جي
پٺيان ايندو آهي، مثلاً:
مضاف اليه حرف
اضافت مضاف
بهار
جي مند
تاريخ
جا ورق
چنڊ
جي روشني
درياهه
جو ڪُن
راجا
جو محلات
سج جي
گرمي
سمنڊ
جون لهرون
سياري
جي رات
قدرت جا
نظارا
کوهه
جو پاڻي
گلاب
جو گل
چنڊ
جي روشني
درياهه
جو ڪُن
راجا
جو محلات
سج
جي گرمي
سمنڊ
جون لهرون
سياري
جي رات
قدرت
جا نظارا
کوهه
جو پاڻي
گلاب
جو گل
چن
وارو پٿر
سانوڻ
سندا مينهن
(ب) تاڪيد جي صورت ۾ مضاف، مضاف اليه جي
اڳيان به ايندو آهي ۽ اها صورت شعر ۾ عام نظر
ايندي آهي، مثلاً: ڏينهن قيام جو، گل گلاب جو، مند
بهار جي، فرض حڪومت جو، مال يتيم جو وغيره.
|