عددي اعتباد کان ”ابجد“ جي حرفن جو استعمال عربي ۽ فارسي زبان ۾
ڪثرت سان هوندو آهي. سنڌي شاعرن پڻ نه فقط عربيءَ
۾ فارسيءَ جي تقليد ڪئي آهي، پر تاريخن جو بيان
گهڻو ڪري فارسي زبان ۾ ڪرڻ پسند ڪيو آهي، البت ڪي
ٿورا مثال ملندا جن ۾ تاريخن جو اظهار سنڌي زبان ۾
ڪيو ويو آهي. نموني طور چند مثال هيٺ درج ڪجن ٿا:
فقير ”بيدل“ پنهنجي منظورالنظر قاضي پيرمحمد جي وفات ۽ وصال جي
تاريخ 1285هه هيٺين فارسي مصراعن ۾ بيان ڪئي آهي:
دل ز سالِ وصل اوداده خبر،
گفت ”بدُ پروانهء شمعِ خدا.“
_________________________1285هه
هاتف از سال وصالش باز گفت
”درجهان جان گرفت آرام گاه.“
_________________________1285هه
سيد فاضل شاهه پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن بزرگن جي وفات جا سن حرفي
صورت ۾ پيش ڪيا آهن، جن جو جيڪڏهن ابجد جي حساب
مطابق شمار ڪبو ته اصل تاريخون نڪري اينديون، مثال
لاءِ ڪي اهڙا بيت هيٺ ڏجن ٿيون:
ابتدا ادراڪ جي سان انتهاي عقل سان،
1 30
سال ”فاضل شاهه“ چيو ”مرحوم محسن شاهه مست.“
_____________________1258هه
مٿئين بيت ۾ مرحوم پير سيد محسن شاهه مجذوب جي وفات جي تاريخ
1289هجري بيان ڪئي ويئي آهي.
خليفي مرحوم حافظ عبدالمجيد جي وفات جي تاريخ ”فاضل شاهه“
هيٺئين بيت ۾ ظاهر ڪري ٿو:
”صفا“ ساڻ ”فاضل“
چيس سال هي،
171
ته ”مرحوم آخوند عبدالمجيد.“
1120
1291هه=171+1120
هيٺئين بيت ۾ وري سيد بچل شاهه جي ولادت جي تاريخ بيان ڪيل آهي:
چيو فڪر ”فاضِل“ سندي سان ”فقيهه“،
195
”بچل شاهه جي عمر دهري دراز.“
1095
1290هه=195+1095
(ت) علت جا حرف ۽ صحيح حرف
انسان جي گفتگو جي هرهڪ جزي کي لفظ يا ڪلمو ڪوٺجي ٿو. هرهڪ لفظ
وري مختلف آوازن يا حرفن جو مرڪب آهي. مثلاً:
’ڪتاب‘ هڪ لفظ آهي ۽ ’ڪ‘ ’تا‘ ۽ ’ب‘ انهيءَ لفظ جا
مختلف آواز آهن. هرڪنهن ٻوليءَ ۾ حرف ٻن قسمن جا
هوندا آهن:
علت جا حرف
صحيح حرف
علت جا حرف ٽي آهن: ا-و-ي. ’علت‘ جي معنى آهي بيماري، ضعف يا
ڪمزوري. ڇاڪاڻ ته مذڪور ٽي حرف ڪمزور آهن، جو زبان
۾ انهن جي صورت پئي مٽبي سٽبي آهي، تنهنڪري انهن
کي علت جا حرف سڏبو آهي.
ڪنهن به حرف کي پنهنجي سر ڪو اُچار يا آواز ڪونهي، جيستائين
انهن تي حرڪت نه ڏبي يا وڌاءَ لاءِ پويان حرف علت
ڪم نه آڻبو.
علت جي حرفن جا مختلف آواز يا سُر هيٺ ڏيکارجن ٿا:
اَ- آ- اِ- اِي- اُ- اُو- او- اَو- اي- اَي.
”ن“ غنه وارا علت جا حرف هي آهن:
اَن- آن- اِن- اِين- اُن- اُون- اون- آون- اين- اَين.
عربيءَ ۾ الف ’ا‘ جيڪڏهن ڪنهن لفظ جي منڍ ۾ ايندو آهي، ته ان
الف تي همزه (ء) ايندو آهي، مثلاً:
اخ (ڀاءُ)- ابِل (اُٺ)- ام (ماءُ).
عربيءَ ۾ ڪن حالتن ۾ لفظ جي پڇاڙيءَ واري ’ي‘ بنا نقطن جي ايندي
آهي ۽ ان جي ماقبل حرف تي زبر ( َ) آڻڻ سان (الف)
’ا‘ جو اُچار نڪرندو آهي، مثلاً:
عيسي- موسَي- تمني.
(ث) حرڪتون ۽ اُچار
سنڌي ٻوليءَ ۾ حرڪتن ڏيڻ جو عام رواج ڪونه آهي.
1. حرف علت تي جڏهن ڪا حرڪت ايندي آهي، ته اهو حرف صحيح ٿي
پوندو آهي، يا وري حرف علت مان ڪوبه حرف ڪنهن لفظ
جي شروعات ڪندو، ته اهو حرف صحيح ٿي پوندو، مثلاً:
اَندر – وُٺو – يَقين.
مذڪوره لفظن جا پهريان حرف، جي هونئن حرف علت آهن. حرف صحيح
ليکيا ويندا.
حرف ”علت“ اهي حرف آهن، جي ٻئي متحرڪ حرف جي پويان اچي ان جو
آواز وڌائيندا آهن. حرڪتون فقط عربي زبان جي
خصوصيت آهي، مگر جيئن ته عربيءَ جو سنڌيءَ زبان
سان چڱو توصل آهي، تنهنڪري ڪڏهن سنڌيءَ ۾ به حرڪتن
جو استعمال ٿيندو آهي.
حرڪتون، جي عام طرح استعمال ۾ اچن ٿيون، سي هيٺ ڏجن ٿيون:
زبر ( ـــَـ )، زير ( ـــِـ )، پيش ( ـــُـ )، ( ٓ )، تشديد (
ّ)، تنوين( ً، ٍ،ءُ)، سڪون (^)، وقف ( . )، همزه (
ء ) ۽ همزة الوصل (صه).
زبر ( ـــَ): هيءَ نشاني يا حرڪت هميشہ حرف جي مٿان ايندي آهي
مثلاً: اَ- گَ. زبر کي عربيءَ ۾ فتحة چئبو آهي، ۽
زبر ڏنل حرف کي ’مفتوح‘ چئبو آهي. مفتوح حرف جو
اُچار الف جهڙو ٿيندو آهي.
زير ( ـــِ ) : هيءَ حرڪت هميشه حرف جي هيٺان ايندي آهي مثلاً:
اِ- دِگ- زير کي عربيءَ ۾ ’ڪَسرة‘ چئبو آهي ۽ زير
ڏنل حرف کي ’مڪسور‘ چئبو آهي. مڪسور حرف جو اُچار
جهڪي ’ي‘ جهڙو ٿيندو آهي.
پيش ( ـــُ ): هيءَ نشاني به حرف جي مٿان ايندي آهي، مثلاً:
اُ- دُ- گُ. پيش کي عربيءَ ۾ ’ضمة‘ چئبو آهي ۽ پيش
ڏنل حرف کي ’مضموم‘ چئبو آهي. مضموم حرف جو اُچار
جهڪي وارو جهڙو ٿيندو آهي.
مد ( ٓ): مد جو مطلب آهي ڊيگهه يا وڌاءُ. مد صرف الف جي مٿان
ايندو آهي الف کي ڊگهو ڪري پڙهڻ لاءِ ڪم آڻبي
آهي. مد ڏنل حرف کي ’ممدود‘ چئبو آهي. مد جي نشاني
ٻن نمونن ۾ ڏبي آهي: ’آ‘ يا ’ا‘ يعني الف جي مٿان
ٻيو الف آڻبو آهي. سنڌيءَ ۾ ’مد‘ هميشه منڍ واري
الف تي ايندي آهي، مثلاً: آدم- آٿرُ- آرام وغيره،
پر جيڪڏهن الف جو ماقبل حرف ساڪن هوندو، ته الف
ممدود ٿيندو. مٽلاً: ’قُران‘ پر اهو اصول فقط
عربيءَ ۾ قائم ٿي سگهي ٿو.
تشديد ( ّ ): ڪنهن حرف کي ٻٽو ڪري پڙهڻ يا لکڻ لاءِ مٿس تشديد
جي نشاني ( ـــــّـــ ) ڏبي آهي. تشديد ڏنل حرف کي
مشدد چئبو آهي. مشدد حرف ۾ ساڳين ٻن حرفن جو زور
سمايل هوندو آهي، مثلاً: حَق، سِج، نَڪ وغيره.
مذڪوره لفظن جي اُچارڻ واري صورت آهي: حَق قُ –
سِج جُ- نڪ ڪُ، لهٰذا ساڳئي حرف جي تڪرار کي ترڪ
ڪرڻ لاءِ هڪ حرف کي حذف ڪري ٻئي تي تشديد ڏني ويئي
آهي. اهي شمسي حرف، جن سان ’لام التعريف‘ متصل
هوندو آهي، سي لازمي طرح مشدد صورت ۾ هوندا آهن.
تنوين ( ــًـ، ٍ، ءُ): ساڳي حرڪت کي ٻٽو ڪري لکجي، تنهن کي
تنوين چئبو آهي، تنوين هميشه عربي لفظ جي پوئين
حرف تي ايندي آهي ۽ انهيءَ لفظ کي ’نڪره‘ يا ’عام‘
جي معنى ڏيندي آهي.
ٽيئي حرڪتون يعني زبر، زير ۽ پيش تنوين جي صورت اختيار ڪري سگهن
ٿيون، جيئن مٿي ڏيکاريل آهي. فاعلي حالت ۾ اسم جي
مٿان پيش واري تنوين ( ــُـ ) هوندي آهي، مفعولي
حالت ۾ زبر واري تنوين ( ــــً) استعمال ٿيندي آهي
۽ اضافي يا جري حالت ۾ زير واري تنوين (=) عمل ۾
ايندي آهي. تنوين ڏنل حرف کي ’مُنون‘ چئبو آهي،
يعني اهو حرف جنهن سان ’ن‘ جو اُچار يا آواز لڳل
هجي. پيش واري تنوين مان ’اُن‘، زبر واري تنوين
سان ’اَن‘ ۽ زير واري تنوين مان ’اِن‘ جو اُچار
نڪرندو آهي، جيئن هيٺ ڏيکاريل آهي:
فَاعلً
=فَاعلُن
مثلاً =مَثَلَن
وَلَدٍ =وَلدِن
زير واري تنوين جو اُچار اِن پڻ نڪرندو آهي، جيئن:
تاءِ=تائين
چياءِ=چيائين
ساڳيءَ طرح پيش واري تنوين جو اُچار ”اُون“ پڻ ٿيندو آهي.
جيئن:آءٌ=آئوُن،
چياءٌ=چيائون.
مٿين ٽن قسمن جي تنوينن کان سواءِ حرف جي هيٺان ٻن اڀين ليڪن
واري تنوين ( ــــٖــ ــــٖــ ) پڻ سنڌيءَ ۾
استعمال ٿيندي آهي، جا اڪثر ڪري ميم (۾) ۽ همزه)
(۽) جي هيٺان ايندي آهي، جنهن جو اُچار گهڻو ڪري
’اين‘ جهڙو هوندو آهي.
جيئن : ۾=مين،
۽=اَئِين يا اَئن.
’۾‘ ۽ ’۽‘ کان سواءِ ٻيا منون حرف سنڌيءَ ۾ ٿورا استعمال ٿيندا
آهن. تنوين عربي ٻوليءَ جي ئي خصوصيت آهي. خاص جي
منون صورتون سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿيون، تن جا ڪي مثال
هت ڏجن ٿا: خصوصاً – عموماً – حقيقتاً – اتفاقاً-
يقيناً- وقتاً فوقتاً- صريحاً- قطعاً- عادتاً-
نسبتاً- وغيره.
مولوي غلام محمد خانزئي پنهنجي شعر ۾ تنوين اجهو هيئن استعمال
ڪري ٿو:
”وٺي بوند بهار جي، چوڏس چوڌاري،
سڪا وڻ ساوا ٿيا، ڪئي گلن گلزاري،
هلي هٻڪاري، صريحاً سرهاڻ جي.“
سڪون ( ^ ): سڪون ڏنل حرف کي ساڪن چئبو آهي. ساڪن حرف ٻن متحرڪ
حرفن جي وچ ۾ ايندو آهي، جنهن تي تلفظ پيدا ڪرڻ
واري ڪابه حرڪت يا علامت نه هوندي آهي. ساڪن حرف
کي ’غيرمتحرڪ حرف، به چئبو آهي. پڙهڻ ۾ ساڪن حرف
کي سندن اڳئين متحرڪ حرف سان ملائبو آهي، مثلاً:
عَقلُ=عَق لِ
عِلمُ=عِل مُ
لُطفُ=لُط فُ
وَقف: ساڪن صرف جي پٺيان جو ٻيو ساڪن يا غير متحرڪ حرف اچي،
تنهن ٻئي حرف تي قف جي نشاني سمجهبي، جيئن:
پيار – يار وغيرهه. هنن لفظن ۾ ’ي‘ جي پٺيان حرف ’ا‘ ساڪن آهي ۽
’ا‘ جي پٺيان جو حرف آهي يعني ’ر‘ ان تي وقف سمجهڻ
گهرجي. وقف ڏنل حرف کي موقوف چئبو آهي. عموماً
جملي جي پوئين لفظ جو آخرين حرف موقوف هوندو آهي،
جيئن هيٺئين بيت ۾ ظاهر آهي:
”هردم حق جي تند تنوار،
چرخو چوري ڪت ڪاتار.“
(حافظ پنيو)
همزه (ء): هيءَ نشاني لفظ جي وچئين يا آخرين حرف تي استعمال
ٿيندي آهي، پر منڍ ۾ ڪڏهن به نه. منڍ ۾ همزه فقط
الف ’ا‘ جي مٿان يا هيٺان اچي سگهي ٿو جو عربي
ٻوليءَ جو دستور آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:
قائم - چَيُءِ - اخلاق - انعَام
ڪنهن لفظ جو پويون حرف جي ڪڏهن الف ’ا‘ هوندو ۽ ان جو اُچار
جهڪو هوندو ته ان جي پويان همزه آڻبو آهي: مثلاً:
ڪانءُ- ڀاءُ- راءُ- گهاءِ- ڳالهاءِ- وغيره.
سهسين سورٺ جهڙيون پٽيو ڪڍن پار،
اهڙو راءُ کنگهار ڪڏهن ٿيندو ڪونه ٻيو.“
(شاهه ڀٽائي س: سورٺ)
”طيورن تنواريون پنهونءَ پڄاڻاءِ،
مروئن موت قبوليو، اپر افسوساءِ،
برپڻ ڪن بڪاءِ، اڪنڊيا آريءَ لئي گهڻو.“
(شاهه ڀٽائي س: سسئي)
جيڪڏهن ڪنهن لفظ جو پويون حرف ’و‘ يا ’ي‘ هجي ۽ اهو فاعلي،
مفعولي يا جري حالت ۾ بيٺل هجي ته ان ’و‘ يا ’ي‘
جي پٺيان همزه مفتوح حالت ۾ (ءَ) ايندو آهي،
مثلاً:
ماڻهو=ماڻهوءَ
گاڏيِ=گاڏيءَ
همزه خود حرف يا اکر ٿي به ڪم ايندو آهي، جيئن:
۽-آءٌ
همزة الوصل (صه): هيءَ نشاني فقط عربيءَ ۾ اضافي ترڪيب ۾
استعمال ٿيندي آهي: مثلاً
عَبۡدُالمَلِڪِ – يَوۡمُ اۡلقِيَامَةِ – اِبنُ الوَقۡتِ
(ج) علت جي حرفن جا اُچار
’ا‘ ’و‘ ۽ ’ي‘ علت جا حرف آهن، جن کي مختلف نمونن ۾ اُچاري
سگهجي ٿو. اُچار جي لحاظ کان ’ا‘ ٻن قسمن جو هوندو
آهي:
الف ممدوده ۽ الف مقصوره
الف ممدوده: جنهن الف کي ڊگهو ڪري اُچارجي، تنهن کي الف ممدوده
چئبو آهي. الف جي مٿان مد يا ننڍڙو الف ڏبو ته الف
ممدوده ٿي پوندو، مثلاً:
آدمي ( ٰدمي)-آءٌ
الف مقصوره: لفظن جي پٺيان بي نقطه ’ي‘ تي ڏنل اِلف کي الف
مقصوره (يعني ننڍو الف) چئبو آهي، مثلاً:
سلمى- صغرى- عيسى-عظمى- موسى- مصطفى.
اُچار جي لحاظ کان واو (و) ٽن قسمن جو ٿيندو آهي:
وارو معروف،
واو مجهول،
واو معدوله.
(1) واو معروف: واو ’معروف‘ اهو ’واو‘ آهي، جو لفظ
جي آخر ۾
(1)
’اُو‘ جي اُچار سان ڪم اچي، مثلاً:
پالُتو- رولُو – ڳارُو وغيره
(2) واو مجهول: ’مجهول‘ انهيءَ ’واو‘ کي چئبو آهي، جو لفظ جي
آخر
(2)
۾ ’او‘ جي اُچار سان اچي،
مثلاً:
چولو- خواهش- خود- خوش وغيره.
’ي‘ جا پڻ ٻه قسم آهن:
ياي معروف
ياي مجهول
ياي معروف: ياي ’معروف‘ انهيءَ ’ي‘ کي چئبو آهي، جا لفظ جي آخر
(3)
۾ ’اِي‘ جي اُچار سان اچي. مثلاً:
بَٺِي- ٻيلِي- تَرِي- ڦُرِي وغيره.
ياي مجهول: ياي ’مجهول‘ اها ’ي‘ آهي، جا لفظ جي آخر ۾ ’اي‘ جي
اُچار سان اچي. مثلاً:
پري- سڙي- ڪري- مٿي وغيره.
علت جي حرفن کان سواءِ ٻيا به ڪي حرف آهن، جن کي پڻ مختلف نمونن
۾ اُچاري سگهجي ٿو ۽ اهي آهن:
’ه‘ ۽ ’ن‘. ’ه‘ جا ٽي قسم آهن:
هاي ملفوظ
هاي غير ملفوظ يا مختفي
هاي مخلوط
هاي ملفوظ: اها ’ه‘ جا چٽيءَ طرح اچارجي، تنهن کي هاي ’ملفوظ‘
چئبو آهي، مثلاً:
آه- واه- راه- ڪاه- ساراه.
هاي غير ملفوظ يا مختفي: اها ’ه‘ جنهن جو تلفظ ظاهر نه هجي،
تنهن کي هاي غير ملفوظ چئبو آهي: مثلاً:
بيگانه- پرده- پروانه- سايه- مايه.
هادي مخلوط: اها ’ه‘ جنهن کي ٻئي ڪنهن حرف سان گڏي اچارجي، تنهن
کي هاي مخلوط چئبو آهي، مثلاً:
اوهان- سنهو-ڳنهه
مٿين لفظن ۾ ’ه‘ جو اُچار سندس اڳئين حرف سان ملايو ويو آهي.
نون: (ن) کي به ٻن نمونن ۾ اُچاري سگهجي ٿو: چٽو (متحرڪ) ۽ اڻ
لکو (ساڪن). هيٺين لفظن ۾ ’ن‘ متحرڪ آهي:
ڪن-نعمت- ذهِن-فن
ساڪن يا اڻ لَکو ’ن‘ وري ٻن قسمن جو هوندو: غنو ۽ ساڪن.
اهو ’ن‘ جو ڪنهن علت جي حرف پٺيان اچي يا جنهن کي سندس اڳئين
حرف سان گڏي اُچارجي تنهن کي نون غنو چئبو آهي،
مثلاً:
مان- بند- رند – سنڌ- منڌَ
اهو ’ن‘ جو ڪنهن به لفظ جي جمعو جو صيغو ٺاهي، سو
(1)
ساڪن هوندو آهي، مثلاً:
اُٺن- آهن- ڏاڍن- ماڻهن- هُنن وغيره
مٿيان لفظ جمع ۾ آهن ۽ هرهڪ لفظ جو پويون ’ن‘ جمع جي نشاني آهي،
جو ساڪن آهي.
مثال طور ڪي بيت، جن ۾ نون غنو ۽ نون ساڪن استعمال ٿيل آهن، هيٺ
ڏجن ٿا:
”چنڊ لڳيئي منڊ، سنجهيئي سيخ ٿئين،
ڪر اونداهي انڌ، ته ملان محبوبن کي.“
(شاهه: کنڀات)
”تن طبيب نه تون، جو سُڌ نه لهين سورجي،
سانڍ پنهنجا ڊڀڙا کڏ کڻي ۾ ڀون،
ڪانَ گهرجي مون حياتي هوتن ري.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
مٿين بيتن ۾ ’محبوبن‘ ۽ ’هوتن‘ ۾ ’ن‘ ساڪن آهي، پر باقي لفظن ۾
’ن‘ غنو استعمال ٿيل آهي.
(ح) نقطي وارا ۽ بنا نقطي وارا حرف:
’الف-ب‘ جا سڀ حرف ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا اهي، جن کي نقطا آهن،
مثلاً: ب-ت-ج ۽ ذ وغيره.
انهن نقطه دار حرفن کي معجم يا منقوطه چئبو آهي. معجم حرف ڪل
چوٽيهه آهن. ٻيا حرف بنا نقطي هوندا آهن، مثلاً:
ح-د-ر ۽ ص وغيره. جن کي مهمل يا غير منقوطه حرف
سڏبو آهي ۽ اهي تعداد ۾ ارڙنهن آهن.
(خ) سنڌيءَ ۾ لفظن جڙڻ جون صورتون:
عام طرح ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لفظن جڙڻ جا ڪي خاص قاعدا ڪونه هوندا
آهن، پر ڇاڪاڻ ته سنڌي شعر ۾، خاص طرح، لفظن ۾
تقصير ۽ تزييد نظر ايندي آهي، تنهنڪري اهڙن لفظن
جي نين صورتن کي سمجهڻ لاءِ ڪي مثال ۽ نمونا هيٺ
ڏجن ٿا، جيئن پڙهندڙ لفظن جي ڀڃ گهڙ کي چڱيءَ طرح
سمجهي سگهن.
حذف: حذف انهيءَ حالت کي چئبو آهي، جنهن ۾ لفظ جي ڪنهن حرف يا
عبارت جي ڪنهن لفظ کي ڪيرائي ڇڏجي. مثال طور: ڪي
مصراعون يا بيت هيٺ ڏجن ٿا، جن ۾ ڪي لفظ محذوف
صورت ۾ ڪم آندل آهن:
”پتنگ چائين پاڻ کي پسي مچ ۾َ موٽ.“
(شاهه: يمن ڪلياڻ)
”چڱي ساڻ چڱايون، ائين سڀڪو هوءِ،
تو جيئن ڪري نه ڪوءِ، بڇن ساڻ ڀلائيون.“
(شاهه: سريراڳ)
”اڄ مروت ۽ وفا منجهه آدمن آهي الڀ،
پڻ صداقت ۽ صفا منجهه آدمن آهي الڀ.“
(خليفو) گل محمد)
’چائين‘ ۽ ’بڇن‘ ۽ ’آدمن‘ اهي لفظ محذوف صورت ۾ آهن، جن جي اصل
صورت آهي: ’چوائين‘، ’بڇڙن‘ ۽ آدمين‘.
ترخـــيم: ترخيم اها حالت آهي جنهن ۾ لفظ جي پوئين حرف کي
ڪيرائي ڇڏجي. ’رخم‘ جي معنى آهي ننڍو ڪرڻ. هيءَ
تبديل گهڻو ڪري شعر ۾ نظر ايندي آهي. مثال لاءِ ڪي
بيت درج ڪجن ٿا:
”محبتي مري، درسن ڪارڻ دوس جي،
جيئن مڇلي نير کان پلڪ نه ٿئي پري.“
(سامي)
”ڪينڪي مون کان ٿيو، هيءَ عمر تان ويئي اجاءِ.“
(سچل سرمست)
مٿين بيتن ۾ ’دوس‘ ۽ ’اجاءِ‘ مرخم صورت ۾ استعمال ٿيل آهن، انهن
جي اصلي صورت آهي: ’دوست‘ ۽ ’اجائي‘.
تحريڪ ۽ تسڪين: جن حالتن ۽ ساڪن حرف کي متحرڪ بڻائجي يا متحرڪ
حرف کي ساڪن ڪجي، انهن کي جدا جدا تحريڪ ۽ تسڪين
ڪوٺجي ٿو.
تحريڪ جو مثال:
”اڻ هوندو ڀرم، مورک منيو مت رِي،
نه ڪنهن زور ظلم ڪيو نه ڪنهن لڄ شـــرم،
نت کلا کائي سر تي رکي نه من مــرم،
جي ڪرتا ڪري ڪرم، ته ’سامي‘ جا سُڌ پوي.“
(سامي)
”هڻي گل انهيءَ شــرم ڪيو شرمندو،
وهائي اکين مان ٿو پاڻي گـــرم.“
(خليفو گل محمد)
مٿين بيتن ۾ ’شــرم‘ ۽ ’گــرم‘ لفظن جو وچون حرف متحرڪ ڪيو ويو
آهي، جو اصل ۾ ساڪن آهن. مذڪوره لفظن جي اصلي صورت
آهي:
’شَــرم‘ ۽ ’گَــرم‘.
تسڪين جو مثال:
ڪي لفظ اهڙا آهن، جن جا ڪي حرف متحرڪ آهن، پر اسان انهن کي
محاوري ۾ ساڪن ڪري ڪم آڻيندا آهيون. مثلاً:
حرڪت- برڪت- حيوان وغيره.
مذڪوره لفظن ۾ ٻيو حرف متحرڪ آهي، يعني انهن جو صحيح تلفظ آهي:
حَرَڪَتَ – بَرَڪَتَ ۽ حَيوانَ.
تــزيــيد: تزييد اها حالت آهي، جنهن ۾ ڪنهن لفظ ۾ ڪنهن علت جي
حرف جو اضافو ڪجي. اهڙا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
”نيڻ منهنجا رُوَنِ، راتــو ڏيـنهان ان کي.“
(شاهه: حسيني)
”آريءَ جي آڪاهه، رُلايس روهن ۾.“
(شاهه: حسيني)
”لوهو پارس سان لڳي، سامي سون ٿيو،
پاڻيءَ منجهه پيو وڃي کينهوڙو کنڊ جو.“
(سامي)
”اکيون اپٽي جي ڏسين، ٿا هادي آهر جاءِ.“
(سچل)
مٿين بيتن ۾ جن لفظن ۾ علت جي حرفن جو اضافو ڪيل آهي، سي آهن:
’راتو ڏينهان‘، ’آڪاهه‘، ’لوهو‘ ۽ ’اپٽي‘، مذڪوره
لفظن جي عام صورت آهي: ’رات ڏينهن‘، ’آڪهه‘،
’لوهه‘ ۽ ’پٽي‘.
تصرف: ڪنهن ڌاري ٻوليءَ مان ڪو لفظ وٺي ان ۾ ڦيرڦار آڻي، پنهنجو
ڪري استعمال ڪجي، تنهن کي تصرف چئبو آهي. ڌارين
ٻولين جا متعدد لفظ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا، جن
مان ڪي لفظ مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:
آنو، ايرينگ، بال، بسڪوٽ، بڪل، بوتل، پيسو، روپيو، سائيڪل،
ڪافور، ڪلاس، گدام، ماچيس ۽ واسڪوٽ وغيره انگريزي
ٻوليءَ مان ورتل آهن.
ابو، استاد، امي، بندوق، جوراب، حاطو، دلو، رئسَ، سلوار، سنداڻ،
صابڻ، فلاڻو، ڦوهارو، کيسو، قبو، قلف ۽ لگام وغيره
عربي ٻوليءَ مان ورتل آهن.
آچار، بازار، بافتو، بدڪ، ٻانگ، چُڪو، دائي، درزي، شاباس،
گليلو، گنبذ ۽ ڳَلو وغيره فارسي ٻوليءَ مان ورتل
آهن.
تــذڪير: مؤنث لفظ کي مذڪر ڪري ڪم آڻڻ کي تذڪير چئبو آهي،
مثلاً: شاهه ڀٽائي پنهنجي شعر ۾ ڪن مؤنث لفظن کي
مذڪر جي صورت ۾ ڪم آندو آهي، جن جو مثال هيٺ ڏجي
ٿو:
”سامونڊي ساري، ماءُ منهنجو جندڙو.“
(شاهه: سامونڊي)
”کُهه ياراڻو جتن جو، کُهه ٻانهي، کُهه ٻروچ.“
(شاهه: ديسي)
مٿين مصراعن ۾ ’جندڙو‘ ۽ ’ياراڻو‘ لفظن جي اصلي صورت مؤنث واري
آهي. يعني ’جندڙي‘ ۽ ’ياراڻي‘، پر هتي انهن کي
مذڪر بڻايو ويو آهي.
|