سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :34

 

13 -فعل جون پڇاڙيون

        سنڌيءَ ۾ فعل سان لڳندڙ پڇاڙيون ضميري پڇاڙيون هونديون آهن، جي ضمير منفصل جي بدران استعمال ٿينديون آهن. اهي پڇاڙيون ٻين ڪن لفظن، جهڙوڪ: اسم ۽ حرف جر جي بنسبت، فعل سان گهڻو لڳنديون آهن. انهن پڇاڙين جو ذڪر اڳ ضمير متصل جي بيان ۾ ڪيل آهي. اهي ضميري پڇاڙيون مکيه فعل يا فعل معاون سان لڳنديون آهن، جيئن هيٺ ڏنل مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو:

        زمان مضارع سان لڳل ضميري پڇاڙين جو مثال:

        اچانءِ، ڏيانوَ، ڏيکارِيننِ، چئُونسِ، وٺانسِ وغيره.

        زمان حال ۽ حال استمراريءَ جي صيغن ۾ ضميري پڇاڙيون مکيه فعل سان لڳنديون آهن ۽ زمان حال جي باقي قسمن ۾ فعل معاون سان لڳنديون آهن، مثلاً:

        زمان حال: چئومِ ٿا، لکانسِ ٿو، ڏيَننِ ٿا وغيره.

        زمان حال استمراري: ڏئيس ٿو پيو، چَوَنِوَ ٿيون پيئون، وَٺَنِم ٿا پيا وغيره.

        زمان حال مدامي: چوندو آهيانِس، ڏسندا آهيونِ، ڏينديون اٿنِن وغيره.

        زمان حال متشڪي: ڏيندا هوندَن، ڪندِي هوندَم، ڏسندا هوندَوَ وغيره.

     زمان حال امڪاني: چئي سگهانسِ ٿو، وٺي سگهنِي ٿا، سڃاڻي سگهيسِ ٿو وغيره.

        زمان حال التزامي: وڃڻو آهيم، ڪرڻو اٿئُون، ڏيڻا اٿنِ وغيره.

        زمان ماضيءَ جي حالت ۾ ضميري پڇاڙيون ماضي مطلق، ماضي استمراري، ماضي شرطي يا تمنائي جي صيغن ۾ مکيه فعل سان ۽ ماضيءَ جي باقي قسمن ۾ فعل معاون سان لڳنديون آهن، مثلاً:

زمان ماضي مطلق:      ڪيُم، چيوسوننِ، ڏِٺُوَ وغيره.

زمان ماضي استمراري:      ڏٺُم ٿي، ورتائون پئي، رُنائين ٿي وغيره.

زمان ماضي شرطي ۽ تمنائي: چوانسِ ها، وڃوننِ ها، ڇڏيومِ ها وغيره.

زمان ماضي مدامي:     چوندِي هُيَم، ڏيندا هُيَوَ، وٺندو هُئين وغيره.

زمان ماضي قريب:  لکيو اٿم، پڙهيو اٿيئي، ڪيو اٿن وغيره.

زمان ماضي بعيد:   ڏٺو هوم، مليا هُيَئي، چيو هئائون وغيره.

زمان ماضي متشڪي:  ويو هوندُس، ڪيا هوندَوَ، ڏنا هوندَن وغيره.

زمان ماضي امڪاني: ڪري سگهيُس ٿي، چئي سگهيَم ٿي،

                             اچي سگهيَو ٿي وغيره.

زمان ماضي التزامي:  ڏيڻو هوم، ڪرڻو هونءِ، ڏيڻا پيَن وغيره.

        زمان مستقبل ۾ ضميري پڇاڙيون مستقبل ۽ مستقبل استمراريءَ جي صيغن ۾ مکيه فعل سان ۽ مستقبل جي باقي قسمن ۽ فعل معاون سان لڳنديون آهن، مثلاً:

زمان مستقبل:      پڇندُس، ڊوڙنداسون، ڊوڙنداسونِ، آڻيندَن آڻيندؤنِ وغيره.

زمان مستقبل استمراري:   گذاريندَس پيئي، ڏيندَن پيا، ساريندَس

                                پيئون وغيره.

زمان مستقبل مدامي:        ايندو رهندُس، پڇتائيندا رهندَو، ستائينديون

                           رهندَن وغيره.

زمان مستقبل امڪاني:  اچي سگهنداسون، ڏيئي سگهندين،

                           چئي سگهندَن وغيره.

زمان مستقبل التزامي:         ڪرڻو پوندُم، ڏيڻا پوندَن، وٺڻو پوندُوَ وغيره.

        مرڪب فعلن ۾ ضميري پڇاڙيون اڪثر فعل جي پوئين ڀاڱي سان لڳنديون آهن، مثلاً: ويٺو رهندُس، ڇڏي ڏيندَن، چوندو ايندُن وغيره.

        فعل مجهول سان به اهي ئي پڇاڙيون لڳنديون آهن، جي فعل معروف سان لڳن ٿيون، مثلاً:

        فعل مجهول سان به اهي ئي پڇاڙيون لڳنديون آهن، جي فعل معروف سان لڳن ٿيون، مثلاً:

مضارع مجهول:       ڏجيم، لکيجوَ، چئجين وغيره.

    حال مجهول:       سڏجان ٿو، ڏجيس ٿو، مارجن ٿا وغيره.

ماضي مجهول:        ڪوٺيو ويُم، چئبو هوسِ، گهربو هونِ وغيره.

مستقبل: مجهول:     سڏبُس لوئبي پيئي، چئبو رهبُن وغيره.

        سنڌيءَ ۾ ٻٽيون ضميري پڇاڙيون به استعمال ٿينديون آهن، جا سنڌي ٻوليءَ جي هڪ امتيازي صفت آهي ۽ انهيءَ استعمال سان عبارت کي مقصر يعني ننڍو ڪري سگهجي ٿو. مثلاً:

        ’لکيومانسِ ٿي‘               يعني مان هن کي لکيو ٿي.

        ’ڏنو هُيَوَنِ‘                    يعني توهان هنن کي ڏنو هو.

        ’چونداسُوننِ‘                  يعني اسان هنن کي چونداسون.

 

14- فعل جي نسبت يا پريوگ

        فعل جي مختلف صيغن ۾ ڏٺو ويو آهي، ته فعل هميشه پنهنجي فاعل يا مفعول سان جنس ۽ عدد ۾ موافقت رکندو آهي. مثال طور ڪي جملا هيٺ ڏجن ٿا:

1. فاعل        ڍڳو رنڀي      ڍڳا رنڀن       ڍڳِي رنڀي          ڍڳيُون

سان موافقت  ٿو               ٿا                ٿي               رنڀن ٿيون

2. مفعول      سيٺ نوڪر    سيٺ نوڪرَ   سيٺ سيٺ

سان موافقت  رکيو    رکيا        نوڪرياڻي   نوڪرياڻيون

                                       رکِي         رکيُون

        پهرئين مثال ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته فعل فاعل سان جنس ۽ عدد ۾ موافق رهي ٿو ۽ ٻئي مثال ۾ فعل مفعول سان جنس ۽ عدد ۾ موافقت رکي ٿو. فعل جي انهيءَ فطري موافقت کي ’فعل جي نسبت‘ يا ’پريوگ‘ چئبو آهي. پريوگ هڪ مرڪب لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي طبي جوڙ يا ميلاپ.

        فعل جي نسبت يا پريوگ جا ٽي قسم آهن:

1.      نسبت فاعلي يا ڪرتري پريوگ

2.     نسبت مفعولي يا ڪرمڻي پريوگ

3.     نسبت معطل يا نرالي يا ڀاوي پريوگ

1. نسبت فاعلي يا ڪرتري پريوگ: اهو فعل لازمي يا متعدي، جنهن جي جنس ۽ عدد ۾ موافقت فقط پنهنجي فاعل سان هجي، تنهن جي نسبت فاعلي چئبي آهي.

فعل لازميءَ جي موافقت هروڀرو به فاعل سان ٿيڻي آهي، ڇاڪاڻ ته فعل جو لاڳاپو سڌو سنئون فاعل سان هوندو آهي، مثلاً:

متڪلم:            مان تران ٿو    اسين ترون ٿا      مان تران ٿي       اسين ترون

                                                                                 ٿيون

حاضر:             تون ترين ٿو          توهان ترو ٿا    تون ترين ٿي      توهان ترو

                                                                                  ٿيون

غائب:            هُو تري ٿو           ٿُو ترن ٿا        هُوءَ تري ٿي         هُوءِ ترن

                                                                                   ٿيون

        فعل متعديءَ جو فاعل سان گڏ مفعول سان به واسطو آهي، تڏهن به ڪن حالتن ۾ ان جي نسبت فقط فاعل سان هوندي آهي، مثلاً:

                             واحد                        جمع

مذڪر:           مهاڻو ڪُرڙو ڦاسائي ٿو        مهاڻا ڪُرڙو ڦاسائن ٿا

مؤنث:        مهاڻي ڪُرڙو ڦاسائي ٿي    مهاڻيون ڪُرڙو ڦاسائن ٿيون

          مٿئين گردان ۾ مفعول جي جنس ۽ عدد ۾ به جي کڻي ڦيرو آڻبو، ته به فعل تي ڪو اثر نه پوندو، مثلاً:

مذڪر: مهاڻو ڪُرڙا ڦاسائي ٿي      مهاڻا ڪُرڙا ڦاسائين ٿا

مؤنث: مهاڻي ڪُرڙي ڦاسائي ٿي   مهاڻيون ڪُرڙا ڦاسائن ٿيون

مذڪر: مهاڻو ڪُرڙي ڦاسائي ٿو     مهاڻا ڪُرڙي ڦاسائن ٿا

مؤنث:     مهاڻي ڪُرڙي ڦاسائي ٿي      مهاڻيون ڪُرڙيون ڦاسائن ٿيون

مذڪر:  مهاڻو ڪُرڙيون ڦاسائي ٿو   مهاڻا ڪُرڙيون ڦاسائن ٿا

مؤنث: مهاڻي ڪُرڙيون ڦاسائي ٿي  مهاڻيون ڪُرڙيون ڦاسائن ٿيون

        مٿين مثالن ۾ فعل جي نسبت فاعلي آهي.

        نسبت فاعليءَ وارن فعلن جو استعمال:

”ويا ڳڻن ساڻ، مارئڙا ٿو اڪري.“
                                      (شاهه: مارئي)

”کاهڙ ڏانهن کڻي ويا لڏي لاڏاڻا.“
                                       (شاهه: مارئي)

”سُهم پسان ٿي سومرا، پرينءَ ري پيئي.“
                                      (شاهه: مارئي)

”اٿي ويا اوٺار، کڻي ساٿ سويل جو.“
                                 (سچل: ڪوهياري)

2. نسبت مفعولي يا ڪرمڻي پريوگ: اهو فعل متعدي معروف يا مجهول، جو مفعول سان جنس ۽ عدد ۾ موافقت رکي، تنهن جي نسبت مفعولي چئبي آهي. مثال هيٺ ڏجي ٿو:

                واحد                          جمع

مذڪر: شڪاريءَ هَرَڻُ ماريو           شڪاريءَ هَرَڻَ ماريا

مؤنث: شڪاريءَ هرڻي مارِي         شڪاريءَ هرڻيون ماريون

        مٿئين گردان ۾ ’ماريو‘ فعل متعدي معروف آهي، جنهن جي موافقت فقط مفعول سان آهي، تنهنڪري ان جي نسبت مفعولي چئبي. انهيءَ صورت ۾ فاعل ۾ ڦيري اچڻ سان فعل تي ڪوبه اثر نه ٿو پوي، مثلاً:

مذڪر: شهزادي گهوڙو ڊوڙايو  شهزادن گهوڙو ڊوڙايو.

مؤنث: شهزاديءَ گهوڙو ڊوڙايو شهزادين گهوڙو ڊوڙايو.

____

مذڪر: شهزادي گهوڙا ڊوڙايا  شهزادن گهوڙا ڊوڙايا.

مؤنث: شهزاديءَ گهوڙا ڊوڙايا شهزادين گهوڙا ڊوڙايا.

____

مذڪر: شهزادي گهوڙي ڊوڙائي       شهزادن گهوڙي ڊوڙائي.

مؤنث:     شهزاديءَ گهوڙي ڊوڙائي شهزادين گهوڙي ڊوڙائي.

____

مذڪر:      شهزادي گهوڙيون ڊوڙايون       شهزادن گهوڙيون ڊوڙايون.

مؤنث:      شهزاديءَ گهوڙيون ڊوڙايون شهزادين گهوڙيون ڊوڙايون.

        مجهول فعلن جي نسبت به مفعولي سمجهي ويندي آهي. مجهول جي صيغي ۾ مفعول اگرچ فاعل جو قائم مقام ٿي بيهندو آهي، تڏهن به معنيٰ ۽ مفهول جي لحاظ کان سندس مفعولي صورت قائم رهندي آهي.

        مجهول فعل جو گردان:

                مذڪر: چَڙو وڳو                چَڙا وڳا

                مؤنث: چَڙِي وڳِي              چَڙيون وڳيون

        مٿئين گردان ۾ ’چڙو‘ اگرچ فاعل جي جاءِ تي بيٺل آهي، پر حقيقت ۾ مفعول آهي، ڇاڪاڻ ته چڙي کي وڄائڻ وارو ضرور ڪو ٻيو هوندو، جو ظاهر نه ڪيو ويو آهي، تنهنڪري فعل جي نسبت مفعولي آهي.

        نسبت مفعولي وارن فعلن جو استعمال:

”اونهي ۾ اڌ ڪيو، دليلن دلو.“
                                            (شاهه: سهڻي)

”گهڙو ڀڳو تان گهوريو، ڀڄي تان مَ گهڙي.“
                                            (شاهه: سهڻي)

”ساٿيڙن سوير، آڻي اَٺ جهڪائيا.“
                                            (شاهه: ديسي)

”ويندي وير چانگن جو، چُريو ڪين چڙو.“
                                        (شاهه: ڪوهياري)

”مادر ملاحن، ماڳ نه ڍويا مڪڙا.“
                                             (شاهه: گهاتو)

”زهري منجهه زهر، جوڳيڙي جهٽي ويا.“
                                         (سچل: ڪاريهر)

”نوريءَ نادر ڄام کي، ڪي چکايون چاٽيون.“

        3. نسبت معطل يا نرالي يا ڀاوي پريوگ: اهو فعل جو فاعل يا مفعول سان ڪابه موافقت جنس توڙي عدد ۾ نه رکي، تنهن جي نسبت کي معطل يا نرالي چئبو آهي.

        نسبت معطل جي حالت ۾ فعل هميشه ماضيءَ ۾ هوندو آهي ۽ مفعول جري حالت ۾ هوندو آهي، مثلاً:

                        واحد                    جمع

مذڪر: جوڳيءَ نانگ کي ماريو       جوڳين نانگ کي ماريو

مؤنث: جوڳياڻيءَ نانگ کي ماريو          جوڳياڻين نانگ کي ماريو

مذڪر: جوڳيءَ نانگن کي ماريو      جوڳين نانگن کي ماريو

مؤنث:      جوڳياڻيءَ نانگن کي ماريو      جوڳياڻين نانگن کي ماريو.

        مٿين گردان مان معلوم ٿيندو ته فاعل يا مفعول کي ڦيرائڻ سان فعل تي ڪوبه اثر نه ٿو پوي، فعل جي صورت جنس توڙي عدد ۾ ساڳي رهي ٿي.

        فعل اڪرترڪ جي نسبت هميشه معطل ليکبي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي نه ڪو فاعل ٿئي نه مفعول ۽ ان جي صورت اڻمٽ هوندي آهي، مثلاً:

               واحد                       جمع   

مذڪر:  ٻيڙي تي چڙهبو        ٻيڙين تي چڙهبو.

مؤنث:   ٻيڙيءَ تي چڙهبو      ٻيڙين تي چڙهبو.

        مٿين جملن ۾ ’چڙهبو‘ فعل اڪرترڪ آهي ۽ ان جي صورت واحد يا جمع ۾ ۽ مذڪر توڙي مؤنث ۾ هڪ جهڙي آهي، تنهنڪري ان جي نسبت معطل آهي.

        نسبت معطل وارن فعلن جو استعمال:

”مون قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.“
                                    (شاهه: معذوري)

”ارادي آڻي، سانگين سين، سڱ ڪيو.“
                                       (شاهه: ديسي)

”پاڻهي پهنوارن، اڄ تا مون کي ياد ڪيو.“
                                     (سچل: کنڀات)

”ڏاگهن ۽ ڏيرن، ڪيو ڌوٻڻ سان ڌاڙو.“
                                 (سچل: ڪوهياري)

”جني سنگهيو ڪک، سڀاڳائي ٿيا.“
                                   (سچل: ڪاريهر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com