Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڇپر ۾ ڇڙيون

مقدمو

”بيخود“ حسيني

ڇپر ۾ ڇڙيون

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

مقدمو

شاعري ڇا آھي، ڇو ٿي ڪئي وڃي، شاعري مان فائدو ڪھڙو،  نقصان ڪھڙو، شاعر ڪير آھي، ڪھڙين مجبورين ڪري قلم کڻيو ڪاڳر ٿو ڪارا ڪري، ايترو وقت ڪئن ٿو بچائي جو دنيائي ڌنڌن کان دل دماغ کي واندو ڪريو وھيو ٿو پنھنجا ۽ پرايا پٽڻا پٽي – سندس وجود سڳورو ٻي خلق لاءِ چڱو آھي يا مٺو، اھي سڀ سوال سمجھائڻ بھ سولا نھ سمجھائڻ بھ سولا-

چون ٿا تھ ”شاعري جزوي است از پيغمبري“، شاعرن وٽ غيب جي خزانن جون ڪنجون آھن، شاعر ڌڻيءَ سڳوري جا کٿابي آھن يا وري شاعر گمراھن جا پوئلڳ آھن- جيڪي ڪجھھ بھ آھن پر آھن سموري جھان کان الڳ جنس – يا تھ ڪنڀار وانگي مٽيءَ جي مٺ کي ڳوھيو سوھيو، سٽيو ڪٽيو، چڪ تي چاڙھيو، ٺپيو ٺاھيو، برھ جون باھيون ڏيو، ڪي ڪارا ڪي ڪمرا، ڪي سادا ڪي چٽڪمرا، ڪي سڄا ۽ سالم، ڪي ڪچا ۽ پڪا ڪڍيو ٻاھر ڪري ۽ ملڪ ۾ ورھائي؛ پر پاڻ اھو گھر ۾ دانگي بھ سڄي نھ – مطلب تھ ھر ھنرمند ۽ ڪاريگر سان سندس ڀيٽ ۽ مقابلو ڪرڻ کان پوءِ بھ انھيءَ نتيجي تي پھچبو تھ ھي ھمراھھ ڪا شيءِ ئي ٻي آھي!

بسيار خوبان ديده ام اما تو چيزي ديگري

اھين چئجي تھ شعر انسان جي جذبات ۽ احساسات سان واسطو رکي ٿو. شعر فڪر جي عميق گھراين جو حامل، واردات قلبي جو مظھر، عشق ۽ الفت، پريم ۽ پياس، سوز ۽ گداز، سڪ، ھڪ ۽ ڇڪ جو حسين ۽ طاھري لباس، دل جي آھن ۽ دانھن جو مؤثر ذريعو، قدرت جي دلفريب ۽ دلڪش مناظر جو عڪس، ڪائنات جي ھمه گير ۽ عالمگير وسعتن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ وارو، حسن جي رشڪ آفتاب، نور ۽ ضيا، ناز ۽ ادا، جور ۽ جفا، دلبري ۽ دلدھي، دلفريبي ۽ دلربائي، ڪج روي ۽ ڪج ادائيءَ جي تصوير آھي-

شاعر گويا درد ۽ الم جو پيڪر آھي. ڪيف ۽ سرور جو مجسمو آھي. ھر موچاري شيءِ جو عڪس سندس دل جي آرسيءَ تي منعڪس ٿئي ٿو. بلبل جو نغمو، ڪوئل جي ڪوڪ، چيھن جي چھھ چھھ، گل جو ٽڙڻ، باغن جي بھاري، جھڙ ڦڙ جي لطافت، بھار جي مند جي پرڪيف ڪشش، سج جو تاب، چنڊ جي ٿڌي روشني، تارن جي جڳ مڳ، سرو ۽ سمن جو دلبري شان، نرگس جي نيمخواب اک، صبا جي ٿڌاڻ، شاعر جي بينادل تي پنھنجي ھوشربا جمال ۽ رعنائيءَ سان جلوه افروز ٿي ٿئي تڏھن شاعر انھن فطرت جي نيرنگين ۾ فنا ٿي وڃي ٿو ۽ سندس ھر فڪر فطرت سان ھم آھنگ ٿئي ٿو.

علمي حيثيت سان مٿن خوبن واري سڳوري کي ئي شاعر سڏي سگھجي ٿو. سندس شعر انسان جي مئل دل کي جياري ٿو. سندس شعر ھمت ۽ مردانگيءَ جو سبق اھي، اخلاق ۽ نيڪ نيتيءَ جو باب آھي، عشق ۽ الفت، سوز ۽ گداز، سچائي ۽ سنائيءَ جو داستان آھي- سندس شعر ٻڌڻ سان سمجھبو تھ فقط اسان لاءِ چيو ويو آھي ۽ دل آه ۽ واه ڪرڻ کان سواءِ رھي نھ سگھندي- ڪي ڏينھن سندس ڪلام جي سرمستي من ۾ موجود ھوندي- سندس ڪلام جي سؤ دفعا پڙھبو تھ بھ نئون پيو لڳندو.

اھڙي شاعر کان سواءِ ٻيا پراڻي لڪير جا فقير جن ڪڏھن نھ پاڻ پچايو، نھ سور سٺا، نھ جاني جو جور ۽ جفا ڏنو تھ وره ۽ وفا جا پنڌ ۽ پيچرا پيرن ھيٺان ڪيا، نھ انسان سان ھمدردي نھ فطرت سان سندن واسطو، باقي جو ڪجھھ اڳي چيو ويو آھي، تنھن کي طوطي وانگر بار بار پڙھي ۽ٻٽي لفظ ھيڏانھن ھوڏانھن ڪري، ساڳين خيالن کي پنھنجي ناموزون ۽ درد کان خالي لفظن ۾ گھڙي پڙھن ٿا ۽ جيڏي مھل شعر پڙھن ٿا تھ ڦڪي ٿيڻ جي بجاءِ ماڻھن جي ٺٺول تي خوش ٿين ٿا- واه واه ۽ مڪرر مڪرر ٻڌي بھار بھار ٿين ٿا، جيتوڻيڪ سندن ڪلام ٻڌندڙن لاءِ مٿي جو سور ۽ لاڪن گھٽتائيءَ جو سبب اھي – سندن ديوان ڪتبخانن جي سينگار جي بدران پسارن جي پڙن جي ڪم ٿا اچن ۽ سندن نقالي ٿوري ئي عرصي ۾ کليو پوي- اھا شاعري نھ پر وقت جو سيڙاپو آھي.

ڪن ملوڪن جو چوڻ آھي تھ شاعر اھو آھي جيڪو ڪنھن خراب وٿ کي موچاري صورت ۾ پيش ڪري يا ٺاھوڪي شيءِ کي بڇڙو جامو پھرائي سگھي يا ماڻھوءَ جي مئل جذبن ۾ نئين جان پيدا ڪري يا رئندڙ کي کلائيءَ ۽ کلندڙ کي رئاڙي وجھي يا سست ۽ آرسيءَ آدمي ۾ ھمت پيدا ڪري يا وري جيڪو ويڙھاڪ ور کنجيو ڦڏو ڦڏو ڪندو گھمي، انھيءَ جو سندرو ڇوڙائي ٿڌيءَ ڇانو ۾ وھاري ڇڏي-

ڪي وري چون ٿا تھ اھو ماڻھو شاعر چوائڻ جي لائق ئي ناھي جنھن استادن جي ڪلام کي نھ فقط چڱي طرح پڙھيو ھجي پر انھن جي ڪلام مان کيس ھزارھا شعر ياد بھ ھجن- ڪي چون تھ جيسين فاعلاتن فاعلات جي خرخسي کي چڱي پر نھ پروڙيو اٿس، وزن ۽ بحر جي گھونان گھون اوجھراڙي ۾ گھوتا نھ کاڌا اٿس، لفظن جي جادوگري، لفاظي ۽ خيال جي ايڏي بلندي ھجيس جو پڙھندڙ بھ حيران ٿي وڃي ۽ سندن ارشاد کي سمجھڻ لاءِ لغتن جا ڍير لڳائي ڇڏي ۽ تشريح ڪري تھ پنا کٽائي ڇڏي تھ پوءِ چئبو تھ اھو عظيم شاعر آھي-

ڪي بزرگ چون ٿا تھ شاعر اھو آھي جنھن جا لفظ معني جي تابع ھجن-جيڪڏھن لفطن جو شان ۽ شوڪت آھي ۽ معنيٰ لکي لکانو پڙھي الھانو تھ پوءِ وقت جو سيڙاپو آھي- وري لفظ بھ معنيٰ جي اھڙا تابع نھ ھجن جو شعر نھ پر رڳو معنيٰ ئي معنيٰ ھجي-

ڪي چون تھ شعر انھن انساني جذبن ۽ احساس جي اظھار جو نالو آھي، جيڪو جنھن بھ طريقي سان ادا ڪيو وڃي تھ ٻڌندڙ تي اثر ڪري ۽ ھرڪو ماڻھو اھين سمجھي تھ ھيءَ ڳالھھ تھ منھنجي بھ ذھن ۾ ھئي پر جڏھن قلم کڻي لکڻ جي ڪوشش ڪري تھ لکي نھ سگھي-

بھرحال جيترا منھن اوتريون ڳالھيون ۽ جيترا ذھن اوتريون تشريحون- تشريحون ڪري وڃي پار پئبو پر وري بھ چئبو تھ اڃا شاعر کي سمجھڻ ۽ شاعريءَ کي پروڙڻ لاءِ جيڪي سو ڪجھھ گھرجي-

ڪسوٽيون تھ ڪيئي آھن ۽ پڙھندڙن جا رايا بھ جدا جدا – ھر راءِ شعر جي ھمه گير صفتن جي ڪنھن نھ ڪنھن پھلوءَ تي روشني وجھي سگھي ٿي- شاعر جيڏي وڏي بلند مرتبي وارو ھوندو اوڏو ئي وڏو سمجھو مقدمه نگار ھئڻ بھ ضروري آھي-

طالب المولا شاعر جي حيثيت سان ايڏي اوچي مقام کي پھتل آھي جو مون جھڙي سيکڙاٽ سندس ڪلام جو جنھن بھ ڀرڪي مطالعو ڪيو آھي تھ نيون معنائون، نوان خيال ۽ نئون لطف پلئھ پيو آھي ۽ مقدمو لکندي اعتراف ٿو ڪرڻو پوي تھ سندس ڪلام کي پوريءَ طرح پرجھي مقدمي لکڻ جو حق مون کان ادا ٿي نھ سگھندو- آئون جيڪي ڪجھھ عرض ڪندس، اھا منھنجي پنھنجي سمجھھ پٽاندر ئي سندس ڪلام جي اپٽار ھوندي- شاعر جي ڪلام تي تبصرو يا شاعر پاڻ ئي ڪري سگھي ٿو يا وري ڪي وڏا عالم فاضل نقاد- آئون تھ فقط يوسف جي خريدارن ۾ پنھنجو نانءُ ڳڻائڻ لاءِ چند ڀڳل ٽٽل خيال ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪري رھيو آھيان-

طالب المولا جي ڪلام تي ڪجھھ لکڻ کان اڳ چند جملا سندن سوانح تي لکڻ ضروري آھن- سندن زندگيءَ جو مفصل احوال محترم پروفيسر محبوب علي چنھ صاحب ڪچڪول ۾ ڏئي چڪو آھي (١)- ھتي فقط ايترو عرض ڪندس تھ سندس نالو مخدوم محمد زمان ولد مخدوم غلام محمد رحھ آھي- سندن ٻيو نالو محمد علي ۽ ڪوڏاڻي جو نالو پيرل سائين آھي-  اڪثر مريد کين ڀورو پير بھ ڪري سڏيندا آھن- سندن تولد جي تاريخ ڇنڇر جو ڏينھن ٩ محرم ١٣٣٨ھھ مطابق(1) ٤ آڪٽوبر ١٩١٩ع آھي (٢) پاڻ غوث الحق حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليه (م ٢٧ ذوالقعده ٩٩٨ھھ) جا سورھون نمبر سجاده نشين آھن- حضرت غوث الحق جو سلسله نسب خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق رضھ سان وڃي ملي ٿو-

ھتي ھڪ تاريخي غلطيءَ ڏانھن اشارو ڪري صحيح حقيقت پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان- سنڌ جي سڀني متقدمين مؤرخن يا معاصر عالمن ۽ خود حضرت مخدوم صاحب جن جي خانداني روايت موجب، سندن نسب شيخ الشيوخ شھاب الدين ابو حفص عمر بن عبدالله سھروردي (م ٦٣٢ھھ) يا شيخ ابو النجيب عبدالقاھر بن عبدالله سھروردي جي خاندان سان ملي ٿو. انھن بزرگن جو سلسله نسب حضرت محمد بن ابي بڪر سان ملي ٿو. (٣) پر غوث الحق رحھ جي نسب کي حضرت عبدالرحمٰن بن ابي بڪر سان ملايو ويو آھي جيڪو غلط آھي (٤) سندن نسب محمد ابن ابي ابڪر سان ملي ٿو نھ عبدالرحمٰن سان.

ھن فقير حضرت طالب المولا سان سفر ۽ حضر ۾ تمام گھڻو وقت گذاريو آھي- منھنجي ساڻن نيازمنديءَ کي ھي سورھون سال پيو ھلي- منھنجي تعليمي تڪميل ۾ سندن مالي امداد ۽ ھمت افزائي جو وڏو حصو آھي – سندن شخصيت جي گھري مطالعي ڪرڻ جو ڪافي موقعو بھ مليو اٿم- شايد سندن جماعت يا دوستن ۾ پير ميان محبوب علي ۽ سيد حيدر شاھھ ولد سيد مٺن شاھھ اجناڻي، سيشنس جج کان سواءِ، جن ننڍپڻ کان وٺي سندن صحبت ۾ گذاريو آھي. اھڙو ڪو ٻيو ماڻھو نھ ھجي جيڪو مون جيترو سندن طبيعت مان واقف ھجي- پير فقير، امير ڪبير تھ ملڪ ۾ گھڻي ئي آھن- شان شوڪت، رعب تاب ۽ مان مرتبي وارن جي بھ ڪر ويائي پئي آھي، پر طالب المولا جھڙو ھمه صفت موصوف  شخص ملڻ مشڪل آھي-

موچارا مھانڊا، موزون قد ۽ قامت، سريلو آواز، مٺا ٻول، يار ويسي، دوستن تي مھرباني، دشمنن تي نوازس، سچائي، وفاداري نھٺائي ۽ نماڻائي، اميرن غريبن سان ھڪجھڙائي ھڪ ئي ماڻھوءَ ۾ ڳولھڻي ھجي تھ ھلي وڃي طالب المولا سان ملجي- ڪو وقت تھ اھڙو ھوندو ھو جو نوڪر چاڪر تي ناراضپو ٿيو تھ بجاءِ انھي جي جو انھيءَ شخص کي لکائجي، چانھن ڪونھ پيئندا ھئا- جنھن تي ڪاوڙ ھوندي انھي کي وري خبر ئي ڪانھ ھوندي تھ ڪو پاڻ مٿس ڪاوڙيل آھن- وري پاڻ ئي ٻڌائيندا ھئا تھ آئون فلاڻي يا فلاڻي تي رنج آھيان، تڏھن وڃي اھو ھمراه کين پرچائيندو ھو- مون ڪڏھن ڪونھ ڏٺو تھ پاڻ ڪاوڙ ۾ اچي ڪنھن ملازم کي گھٽ وڌ ڳالھائيو ھجين يا ھٿ جو ڀونڊو ڏنو ھجين. ڪاوڙ ھوندي تھ بھ ابا پٽ ڪري ڳالھائبو- وڏي عمر وارن ملازمن کي ھميشه جمع جي صيغي سان مخاطب ٿين- ڪيترا اھڙا ماڻھو بھ ھوندا جن جي کين خبر ھوندي تھ سندن خلاف آھن، تڏھن بھ ساڻن اھڙي سھڻي ھلت ھلندا، جو اڳلي کي محسوس ئي ڪونھ ٿيندو تھ ڪو ھن شخص کي سندس پرڪارن جو پتو آھي- اڪثر پنھنجي ڳالھھ ماري ٻين جي ٻڌن- ٻئي ڪنھن جي راءِ سندن راءِ جي خلاف ھوندي تھ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪونھ ڪن- اڪثر دوستن، مريدن، ويندي ڌارين ماڻھن جا ڪم ڪاريون بھ پنھنجي خرچ تي ڪري ڇڏين- طبيعت جي ناسازي، اھم ڪمن جي گھڻائي ۽ ذاتي مصروفيتن جي باوجود ڪو اڙيات اچي نڪتو تھ انھيءَ جي ڪم جي پوئواريءَ لاءِ لاھور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد پنھنجي خرچ تي وڃي نڪرن-

طالب المولا ھڪ وڏو پير آھي- جيڪڏھن مريدن وٽ سير سفر تي مسلسل نڪري تھ سڄو سال پيو مسافري ڪري پر مريد نھ کٽن- پر شروع کان وٺي مسافري تي نڪرڻ کين پسند نھ ھوندو آھي- ڪيترا اھڙا علائقا بھ آھن، جتي باوجود مريدن جي زور بار ۽ منٿ ميڙ جي، ھڪ دفعو بھ نھ ويا آھن- مثلا لاڙ جي حصي ۾ حيدرآباد کان وٺي شاھھ بندر تائين جيترا مريد غوث الحق رحھ جا آھن، ڪنھن ٻئي بزرگ جا مشڪل سان ھوندا، پر طالب المولا ڪڏھن انھي پاسي سفر تي نھ ويو آھي- مريد ٻارھين مھيني يا ھر ماھھ پھرئين سومار تي درگاھھ جي زيارت تي اچي نڪرن- اھڙي ريت رياست بھاولپور ۽ ٿر جي مٺي ۽ ڇاڇري تعلقن وغيرھھ ڏانھن فقط ھڪ دفعو مسافريءَ تي ويا آھن- خيرپورميرس ۽ ٻين علائقن ڏانھن بھ فقط ھڪ يا ٻھ دفعو وڃڻ ٿيو اٿن- پنجاب ۾ خانقاھھ ڊوگران، بلوچستان ۾ ڀاڳناڙي، مستونگ ۽ ھندستان جي ڪيترن علائقن ۾ ۽ ڪيترن ٻين حصن ۾ بھ سندن ڪافي مريد آھن، پر فقط اتي جا ماڻھو ئي درگاھھ جي زيارت تي ايندا آھن- طالب المولا ڏيڻ وارو ماڻھو آھي- جيڪي کيس ملي ٿو انھيءَ کان ٻيڻو قومي فلاح ۽ بھبود، علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين تي خرچ ڪري ٿو- خدا شال سنڌ جي ٻين پيرن سڳورن کي بھ ملڪ جي خدمت جو اھڙو موقعو ڏئي جئن ھن خطي جي ڏتڙيل عوام جي خدمت ڪري سگھن-

طالب المولا جي مجلس ۾ علم ادب، راڳ رنگ، تھذيب تمدن، ذڪر فڪر، سير سفر ۽ شڪار جون ڳالھيون اڪثر ھلنديون رھنديون آھن-

ڪڏھن ڪڏھن سندن محفل ۾ چرچو گھٻو بھ ٿيندو آھي- مزاح زندگيءَ جي اڻ کٽ مصروفيتن، ذھني مونجھاري ۽ زماني جي افراتفري کان وقتي طور جند ڇڏائڻ جو ھڪ بھترين ذريعو آھي- ادب جي حدن اندر سنجيده چرچو بھ ھڪ روح جي راحت آھي- طالب المولا جي حاضريءَ جي ماڻھن ۾ بھ ڪي اھڙا شخص آھن جو ڪنھن شيءِ جو رڳو نالو زبان تي آيو تھ رڙيون، دانھون ٻڌبيون- بس رڳو ڏانٽو چئو تھ اوچتو ھوڪرون ٻڌبيون- حاضرين کل ۾ ٻڏل ھوندا ۽ ڏانٽو فقير نڙي ڦاڙي ايڏو تھ وڏو ۽ اھڙي انداز ۾ احتجاج ڪندو جو ڪو زمانو اھو نطارو اکين آڏو پيو ڦرندو-

سالن جا سال پاڻ پنھنجي خرچ تي ادبي محفلون ۽ مشاعرا ڪندا آيا آھن- ڪيترن ادبي انجمنن جو وجود سندن مالي ۽ اخلاقي مدد تي ئي منحصر پئي رھيو آھي-

محترم قبلھ جي. ايم. سيد، طالب المولا جي علمي ادبي خدمتن متعلق لکيو آھي: ”پاڻ سن ١٩٣٦ع ۾ ھالن جي شھر ۾ ”انجمن علم  ادب“ جو پايو وڌائين، جنھن جي سھاري ھيٺ ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون سڏايون ويون- ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ جي ڪري ھالن ۾ ھڪ پريس ”الزمان“ نالي سان کولارايائين جنھن مان ڪو وقت ھفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ نڪرنديون ھيون- ١٩٥٠ع ۾ ھالن مان ھڪ ماھوار رسالو ”فردوس“ سندس سرپرستيءَ ھيٺ جاري ٿيو- ١٩٥٢ع ۾ ماستر جمع خان ”غريب“ سيتان شھر مان، ماھوار رسالو ’طالب المولا‘ سندس سرپرستيءَ ھيٺ ڪڍيو- ١٩٥٦ع کان سندس سرپستيءَ ھيٺ حيدرآباد مان ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو-

١٩٤٦ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ”جمعيت الشعراءِ“ نالي سان قائم ٿي، ان ۾ ھي دلچسپي وٺڻ لڳو، جنھن جو ١٩٥٢ع تي جيڪب آباد واري اجلاس ۾ سرپرست چونڊيو ويو- ١٩٥٧ع ۾ کيس گھوٽڪي ڪانفرنس جي موقعي تي جماعت جو صدر چونڊيو ويو، جنھن حيثيت سان پاڻ اڃا تائين انھيءَ جماعت سان وابستھ رھندو اچي-

١٩٥٤ع ۾ ”اداره روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائين، جنھن جي سھاري ھيٺ ھالن ۾ راڳ ڪانفرنس ١٩٥٥ع ۾ سڏايائين ۽ ماھوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪرايائين- نومبر ١٩٥٥ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو پايو وڌائين جنھن جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي شاخون کلي ويون آھن- جنوري ١٩٥٦ع ۾ ميرپوربٺوري ۾ لاڙ ادبي ڪانفرنس سندس صدارت ھيٺ ٿي- سنڌي ادبي بورڊ جو ١٩٥٥ع کان ميمبر رھندو آيو- (پھرين) مارشل لا کان پوءِ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ۾ ھن کي چئرمين نامزد ڪيو ويو- نومبر ١٩٥٥ع کان شاھھ لطيف يادگار ڪميٽي ۽ ڪلچرل مرڪز جو ميمبر نامزد ٿيو، ۽ ان کان پوءِ انھن تي ميمبر ھلندو اچي- حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪميٽي جو ميمبر آھي- سنڌ جي اڪثر ادبي مجلسن ۾ سندس شرڪت ضروري ڄاڻي، کين دعوت ڏئي گھرايو ويندو آھي- پاڻ ھن وقت تائين ١٧- ١٨ ڪتاب تصنيف ڪري چڪو آھي.“ (٥)

مٿين خدمتن کان علاوه سنڌي لوڪ ادب کي زور وٺائڻ ۽ سگھڙن کي عوام جي روبرو پيش ڪرڻ جي ابتدا طالب المولا ڪئي ۽ انھيءَ خيال کي عملي روپ ۾ آڻڻ لاءِ پھريون دفعو ھالن ۾ سگھڙن جي ڪانفرنس سڏايائين- اھڙيءَ ريت سنڌ ۾ چرچو ڀوڳ، نقل نظير بھ ھڪ الڳ مقام رکن ٿا- مسخرا، ظريف، چرچائي ۽ نقال معاشري جون خاميون خوبيون عجيب وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪن ٿا- جيڪا ڳالھھ سنجيدي نموني نھ چئي سگھجي اھا مزاحيھ انداز ۾ آسانيءَ سان پيش ڪري سگھجي ٿي- طالب المولا جي ئي ڪوشش سان حيدرآباد جي بسنت ھال ۾ مزاحيھ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جتي سنڌ جي چونڊ ظريفن حصو ورتو-

شاعري ھجي يا ڪو ٻيو فن ان سان ٽن قسمن جا ماڻھو وابستھ ٿين ٿا- ھڪڙا جن کي خدائي ڏات مليل ھوندي آھي- ٻيا جيڪي اڪتسابي ٿين ٿا، يعني لکي پڙھي، سکي سکي ڪا شيءِ حاصل ڪرڻ وارا – ٽيان اھي جن کي اھا شيءِ ورثي ۾ مليل ھوندي آھي- ھر گھر، خاندان، قبيلي ۽ قوم ۾ ڪي خاص خصوصيتون پشتان پشت ھليون اينديون آھن- ڀلن پيٽان ڍلا ۽ ڍلن پيٽان ڀلا تھ برابر ٿين ٿا، پر مجموعي طور چند خصوصيتون ساڳئي گھر جي ڀلن يا ڍلن ۾ ٿوريون ڪي گھڻيون ضرور ملنديون- انھيءَ ڪري ئي چوندا آھن تھ سنڌي مھمان نواز آھن – اھا ھڪ قومي خصوصيت آھي، جا ھن خطي جي ماڻھن کي ورثي ۾ مليل آھي- ھتي جنھن کي اسين ڪنجوس چونداسون ٻين قومن جي مقابلي ۾ اھو بھ وڌيڪ مھمان نواز ثابت ٿيندو- ماحول جي اثر کان سواءِ بھ خانداني طور تي ڪن خاص خصوصيتن جا اجزا خاندان سان تعلق رکندڙ شخص جي رت ۾ تحليل ٿيل ھوندا آھن- ڪنھن خاندان جا فرد جري ھوندا تھ ڪنھن جا عالم فاضل- شاعري بھ انھيءَ طرح ورثي ۾ بھ ملندي آئي آھي-

حضرت طالب المولا جن جي خاندان ۾ ٻين خصوصيتن کان علاوه ٻھ خصوصيتون صدين کان ھلنديون اچن- ھڪ شاعري ۽ ٻي موسيقيءَ سان دلچسپي- حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحھ جن ھڪ بلند پايھ شاعر ھئا-  سندن جيڪي بھ چند بيت ھٿ آيا آھن انھن جي مطالعي مان ئي سندن شاعرانھ مقام جو بخوبي اندازو ٿي سگھي ٿو- سندن بيت:

پيئي جا پرڀات سا ماڪ م ڀانيو ماڙھوئا!

روئي چڙھي رات ڏسي ڏکوين کي

لفظن جي بندش، تجنيس حرفي، وزن جي پختگي ۽ خيال جي بلندي، جو ھڪ اعليٰ مثال پيش ڪري ٿو- خيال جي تازگي اھڙي آھي جو اڄ بھ پاڪستان جي باڪمال شاعرن وٽ اھو خيال استعمال ٿئي ٿو- حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جن لاءِ اھو مشھور آھي تھ پاڻ پنھنجي ترتيب ڏنل حضرت روضي ڌڻي رحھ جي ملفوظات ۾ حضرت غوث الحق رحھ جا بيت ڏنا آھن- (٦)

سندن ٻيا بيت پيش خدمت آھن:

اپٽيان تھ انڌيون پوريون پرين پسن

آھي اکڙين عجب پر پسڻ جي

*

نھ سي جوڳي جوءِ ۾ نھ سا سکي چاٽ

ڪاپڙين ڪنواٽ وڏيءَ ويل پلاڻيا

*

ابوبڪر! (٧) آءُ سامي سفر ھليا

متان ٿي پئان سڪين سناسين کي

*

متان ڏسين موھجين

دنيا وارو ڏڄ

جدا ڪجئين جودئون

ڇائي کي ٿي ڇڄ

نرمل! ”نوح فقير“ چئي

ڪر رب سان ريجھي رڄ

اڄ نھ ٿئي صبحاڻ

صبحاڻ نھ ٿئي اڄ

مٺيون ڀيڙي ڀڄ

وقت وڃئي ٿو ويسلا!

سمون بھ ساٿين گڏ

تون بھ لوچج لڄ کي

ھلندي سمي سامھون

تون پڻ ڪرت ڪج

تھ تو پڻ ٿئي ڏڍ

سمي بھ سوڀ ٿئي

 

حضرت غوث الحق رحھ جي ئي تربيت ھيٺ شاھھ عبدالڪريم رحھ ڪمال تي پھتو-

اھڙيءَ طرح حضرت غوث الحق رحھ جي پوٽي لاکي لطف الله جو ڪلام بھ نھايت بلند پايي جو آھي، سندس بيت شاھھ لطيف رحھ جي ڪلام ۾ گڏجي ويا آھن- ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رايو آھي تھ شاھھ جي رسالي ۾ آيل سر بسنت بھار سمورو ئي لاکي لطف الله جو چيل آھي- (٧)

بسنت بھار جا بيت ھيءُ آھن:

آئي رت بسنت ڪي

 

کٽڻھار کڙيا

خستوري خوشبوءِ ٿي

 

اچي ڀوئر ڀريا

مون کي محب مڙيا

 

لٿا ڏک، سک ٿيا

 

*

 

آئي رت بسنت ڪي

 

کجوريين ڳل ھار

اٿي ڳوري! بيس ڪر

 

ج آيو بسنت بھار

 

*

 

آئي رت بسنت ڪي

 

ڇپر مڪو مند

اٿي ڳوري بيس ڪر

 

ج آيو بھار بسند

 

*

 

آئي رت بسنت ڪي

 

باغن مڪي بوند

لالي ديکو لال ڪي

 

ھيڪر وڃي ھوند

امت جي آخوند

 

اوڀڙ سڀ اباھيا

 

*

 

اڌميا اوڌاڻ

 

رت رسائي سڄڻين

لڳي واءُ وڻن کي

 

ڇاڻيا پن پراڻ

پھريائون پھراڻ

 

سڪا ئي ساوا ٿيا

 

*

 

انگوريون ۽ ڪيتڪيون

 

ڦوليون ڦڳڻ مانھن

ري لالن ”لاکو“ چئي

 

سي آئون ڪريان ڪانھن

جي سڄڻ ھئي مون پانھن

 

تھ ڦل پسيو ڦولي ھيون

 

*

 

انگوريون ۽ ڪيتڪيون

 

ڦوليون ڦڳڻ ھيل

ري لالن ”لاکو“ چئي

 

سي آئون ڀانيان سيل

جي سڄڻ ھئي مون ٻيلھھ

 

تھ ڦل پسيو ڦولي ھئون

 

*

 

رتيان سڀ ڀليان

 

ڪائي نھ بسنت جوڙ

جي وڻ پاري ساڙيا

 

تنھين مٿي موڙ

 

*

 

رتيان سڀ ڀليان

 

ڪائي نھ بسنت تل

جي وڻ پاڙي ساڙيا

 

تنھين مٿي گل

 

*

 

آئي رت بسنت ڪي

 

کڙيا کٽڻھار

اٿي ڳوري ويس ڪر

 

آئي بسنت بھار

 

*

 

آئي رت بسنت ڪي

 

ڦولي سڀ پن راه

اڍڪ نھ ڦولي ڪيتڪي

 

اور سڪتِي جاءِ

 

وائي

اڄ سڄڻ گھر آيم جيڏيون

الله اميدون پجايم ايڏيون

اڄ سڄڻ گھر آيم جيڏيون

پيرين فقيرين پونديس پيرين

ڪيم سکائون جن سان ڪيڏيون

اڄ سڄڻ گھر آيو جيڏيون.

 

حضرت غوث الحق رحھ جن جو ھڪ ٻيو پوٽو ميان فتح محمد رحھ بھ فارسيءَ جو ھڪ سٺو اديب ھو- سندس لکيل حضرت غوث الحق رحھ جن جي سوانح حيات ”رسالھ فتحي“، ٽن جلدن ۾ موجود آھي- رسالھ فتحي ۾ ميان فتح محمد رحھ جو فارسي ڪلام بھ آيل آھي- سندس سنڌي ڪلام ھٿ اچي نھ سگھيو آھي-

طالب المولا جو پڙ ڏاڏو مخدوم امين محمد عرف ”پکن وارا صاحب رحھ“ (م ١٣٠٣ھھ) سنڌي زبان جي بھترين شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو- سندس ڪلام ”ڪليات امين“ جي نالي سان پروفيسر محبوب علي چنا مرتب ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آھي- مخدوم امين محمد جو ننڍو ڀاءُ ميون غلام نبي عرف ”پنيلڌو“ بھ سنڌي زبان جو شاعر ھو- سندس ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

 

ڪئي اڄ عجيبن ڪا ترتئون تياري

واري وصل جي اڄ پرين واڳ واري

”پنيل“! يار پنھنجو صفا جي سڃاڻي

تھ از خود اکين کان اھو آب آڻي

جتان جان کي ٿي تجلي جي تاري

 

ميين پنيلڌي کي چار فرزند ھئا- ميان غلام حسين، ميان غلام رسول (احمد علي)، ميان غلام سرور ۽ ميان غلام محي الدين- اھي چارئي ڀائر شاعر ھئا- البتھ ميون غلام رسول (احمد علي) سڀني کان سٺو شاعر ھو- سندس ھيٺ ڏنل ڪافي سنڌ ۾ مشھور آھي:

(ٿل)        ڪا گھڙي مون وٽ گذار ڇڏ وڃڻ جون يار! وايون

١.             دمبدم دل جان ۾ پرينم! آھي تنھنجي پچار

اصل کان آھيان اوھان جي ھئي! نھ لڌيو مئي جي سار

ھئن نھ گھرجن ھي جدايون

٢.            جي اچين، ھر وقت مون وٽ تو لا آھن انتظار

                ساعت تو ري نا سري ٻي بيقراري بار بار

ٽيون پڇايون برھھ باھيون

٣.            جي سڻين تون حال منھنجو، تو سان ڪريان آشڪار

                ڳجھھ اندر جون ڳالھيون ھينڙي ۾ آھن لک ھزار

سي نھ مون تو کي سڻايون

٤.            من اندر جن جي محبت سي سھن سڀ انتظار

                ان سان گڏ ”احمد علي“ آ در سندئي اميدوار

آ، تو لا اکڙيون اڃايون

طالب المولا جو والد ماجد حضرت مخدوم غلام محمد رحھ فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو ھو- ديوان حافظ ھميشه ساڻ ھوندو ھوس- پاڻ گاھي گاھي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شعر بھ چوندو ھو- حضرت علي عھ جي شان ۾ سندس چيل ھڪ سھ حرفي نموني طور پيش ڪجي ٿي:

الف          اعليٰ آھھ افضل اڪمل و اڪبر علي

                آن امام است اتقيا را اول و آخر علي

ب            بھادر بت شڪن بدرالدجيٰ بوذر جو پير

                با عمل بي مثل بھتر بعد پيغمبر علي

ت            تواضع جي طلب ڪئي تاجدار انما

                تابع امر الاھي تارڪ تڪبّر علي

ث            ثنا مولا جي ثابت ساري قرآن ۾ ڏسو

                        ثاني سليمان جو چوان يا ثاني اسڪندر علي

ج             جنگجو پھلوان جاڻي جناب مرتضيٰ

                        جنگ جو جھونجھار بر جملھ جھان جابر علي

ح             حيا ۽ حلم جو صاحب برادر مصطفيٰ

                حامي ھيڻن جو حبيب دادگر حيدر علي

خ             خليفو حق جو خالق جو خاصو خوش لقا

                خلد جو خازن شه خيبر ڪشا خاور علي

د              درماندن جو دائم داد رس دلدل سوار

                دلبر خير البشر داور جي در بھتر علي

ذ              ذاتي ذڪر ۾ ھو محو شير ذوالجلال

                        ذي حشم ۽ ذوالعطاء ۽ ذوالحياء ذاڪر علي

ر              رضا تي ربّ راضي رازدان مصطفيٰ

                رھنما راه يقين جو راستگو رھبر علي

ز              زبردست جھان زور آزما شاھھ زمن

                زينتِ ارض و سما ۽ صاحب و صفدر علي

س           ساري سر الاھي جو سراسر رازدار

                ساقي ڪوثر سخي سلطان دين سرور علي

ش           شاھھ اولياء شھزاده عالي نسب

                شير حق شاھھ حجازي شڪر گو شاڪر علي

ص           صلواتون صحيح صد بار صاحب جي مٿان

                        صف شڪن صائم سدائين صاف دل صابر علي

ض           ضرغام الاھي زيردستان را پناه

                ۽ ضعيفن لئي ضياءُ الدين زيباور علي

ط            طمع ترڪ ڪئي تقدير جي تابع تمام

                طالبن کي ترت تنگي ۾ رسي طاھر علي

ظ            ظفر ڪئين احد ۽ خندق بضربِ ذوالفقار

                زبده اولاد آدم ظاھر و اظھر علي

ع            عاشق عارف با الله عالم جو امين

                عاجزانرا دستگير و قاتل عنتر علي

غ            غالب ڪل غالب تي ”غلام محمد“ جو پير

                غرق در بحر فنا از غايتي اطھر علي

ف            فلڪ تي فيض فائق فاتحِ بدر و حنين

                فارغ الدنيا و مافيھا کان فاضل تر علي

ق             قربان راه حق ۾ قدر دان مصطفيٰ

                قائم و قائد شه عقده ڪشا قاھر علي

ڪ           ڪعبي ۾ تولد ٿيو ڪشنده ڪافران

                ڪاروان سالار امت قبله قنبر علي

ل              لعلڻ لحمڪ و لحمي سان ٿيو جلوه نما

                لطف جو سرتاج شير حق شه شاطر علي

م            مرقد جو محمد جي مجاور مرتضيٰ

                مصطفيٰ من ڪنت مولا چيو شه منبر علي

ن             نور ڪبريا ۽ صاحبِ نھر لبن

                نائبِ ختم الرسل شد فافع و ناصر علي

و              واحد ساڻ واصل رازدار انبياء

                وارثِ خير الامم والاشيم قاھر علي

ھھ             ھميشه رک تون شاھھ ھل اتيٰ! مغموم کي

                        ھجر کان زيارت جي حيران ٿو رھي ھر ھر علي!

لام          لائق لطف سان لاھيندو لوڏا مون مٿان

                لائق لطف و لطافت صاحبِ لشڪر علي

ء              عاصم آھيان آڌر امير المؤمنين!

                شاد ڪر شاھا! ز بھر شافع محشر علي

ي             يدالله فوق ايديھم ثنا ساجد جو شان

                ينفقوني في سبيل الله، تون ياور علي

 

اھا ڏات طالب المولا سان گڏ انشاء الله نسل بھ نسل قائم رھندي- سندس وڏو فرزند مخدوم زاده محمد امين فھيم سٺو شاعر اھي- سندس نظم، غزل ۽ قطعا نھايت برجستا آھن- سندس ٻھ قطعا، ھڪ غزل، ھڪ ڪافي ۽ ھڪ نطم پيش ڪجن ٿا:

 

قطعا

الاھجي ڪھڙي سبب دلبربا ھو آه بھ لب

الاھجي ڇا کان زماني کي بيقرار ڏٺم

الاھجي ڪھڙو نياپو نسيم پھچايو

ڀري بھار ۾ ھر گل کي اشڪبار ڏٺم

*

خزان ۾ خوش ٿي بھارن جو انتظار ڪبو

نھ فرط غم کان گريبان کي تار تار ڪبو

ٻھ ڏينھن گذري ويا ۽ ٻھ گذري ويندا ”فھيم“

ڪڏھن نھ صبر جي دامن کي داغدار ڪبو

 

غزل

پيار ۽ تنھنجو پيار ڇا چئجي!

 

مست نظرن جو وار ڇا چئجي!

تنھنجو وعدو ۽ وعدو مون سان ڪيل

 

پو بھ ھي اعتبار، ڇا چئجي!

دل جي ويراني ۾ بھ تون آھين

 

تو کي جان بھار ڇا چئجي!

بيوفائي وفا جي بدلي ۾

 

شرم، ڪاوڙ، يا آر ڇا چئجي!

بيوفا کي حسين لفظن ۾

 

اي دل، داغدار! ڇا چئجي!

تنھنجي ھوندي بھ دل جي ڦٿڪڻ کي

 

بيقراري، قرار، ڇا چئجي!

تو کي ماڻھن جي روبرو جاني!

 

دوست، محبوب يار، ڇا چئجي!

منھنجون راھون پيو ڏسي اڄڪلھھ

 

حسن ۽ انتظار، ڇا چئجي!

جن کان ساوڻ جا مينھن شرمايا

 

سي اکيون اشڪبار ڇا چئجي!

فڪر ۽ فڪر پاڻھي پنھنجو ”فھيم“

 

پاڻ کي بار بار ڇا چئجي!

 

ڪافي

ٿل:                                تنھنجون ڳالھيون سڄڻ پئي ڳائينديس

                      انھي رمز سان روح ريجھائينديس

١. جيڪي چار گھڙيون توسان گھاريون اٿم

ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم

تو وساري ڇڏيو نھ وساريون اٿم

مان تھ پنھنجي پريت پڄائينديس

٢. منھنجو تون ئي سڄڻ تو لئي ٻيون بھ گھڻيون

      نھ ٿي تو کي وڻان پر تون تھ وڻيون

ڇا جا ھار سينگار ڇا تيل ڦڻيون

ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس

٣. تنھنجو مرڪي ملڻ، منھنجو عرض ڪرڻ

      تنھنجي عشق ۾ سر جي بازي ڀرڻ

تنھنجي لاءِ مرڻ تنھنجي لاءِ جيڻ

اھو ناتو نيئي نڀائينديس

٤. وڃي ويھي رھين مون  کان ڏاڍو پري

      تنھنجي ويئي سري منھنجي ڪيئن سري!

تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري

ڀلا تو کي ڪيئن مان ڀلائينديس

 

نظم

نئون سال

نوان ڏينھن راتيون، نيون روشنايون

نوان شعر، ڪافيون، نوان بيت وايون

نوان باغ بنگلا ھي بستيون ۽ جايون

نئين سال ۾ سڀ نيون بنجي آيون

پرين! ھو پراڻيون ڇڏي ڏي جدايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

نوان گل چمن ۾ نئون رنگ و بو آ

صنوبر، سمن موتيو سرخرو آ

نئين سال جي اڄ خوشي سوبسو آ

مگر مون کي تنھنجي اڃا آرزو آ

وري پاڻ گڏجي خوشي ڪا ملھايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

خوشي مان وڻن سبز پوشاڪ پاتي

گلن ساڻ بلبل ملائي ٿي ڇاتي

مان پايان ٿو تو لاءِ جھاتي تي جھاتي

نھ معلوم تو آھھ ڇو دير لاتي!

سگھو آ تھ بلبل ۽ گل کي سڪايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

اسين ڪشور دل جا سلطان آھيون

نھ ٻي مال و دولت جا خواھان آھيون

چون ٿا جھان وارا، نادان آھيون

محبّت ڪريون ٿا جو انسان آھيون!

غريبي، اميري جا ويڇا وڃايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

ھجون پاڻ گڏ زندگي جي سفر ۾

فضا ۾، بيايان ۾ ۽ بحر و بر ۾

اگر آھيون بيڪار ڪنھن جي نظر ۾

ٿئي ڪو نھ ڪو عيب ٿو ھر بشر ۾

سڀن ۾ ٿين ٿيون برايون ڀلايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

وئي مون کان اڄ اوچتو آه نڪري

مان ڀانيان ٿو تو کي ويو آھيان وسري

گھڙي ڌار تو کان گذارڻ نھ سٿري

سڄڻ! ھي بھ سڪندي ئي ويو سال گذري

حياتي جون گھڙيون وڃن ٿيون اجايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

نھاريو مون شام و سحر، تون نھ آئين

قمر آيو رشڪ قمر! تون نھ آئين

اڃا تائين مون کي نظر تون نھ آئين

ٻيا سڀ اچي ويا مگر تون نھ آئين

مٺا! آءُ موٽي ڪري لک ڀلايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

ستارن ۽ شمس و قمر کان لڪي آ

فلڪ کان ۽ شام و سحر کان لڪي آ

لڪي آءُ، جن و بشر کان لڪي آ

سڄڻ! تون سڀن جي نظر کان لڪي آ

نھ ڪنھن کي ٻڌايون نھ ڪنھن کي سڻايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

نئين آئي موسم نوان ٿيا نظارا

نئون چنڊ نڪتو، نوان ڏئي اشارا

جدائي ۾ مون تان کلن ٿا ستارا

خدارا! وري آءُ پرديس وارا!

ڪري در گذر اڄ ڪچايون ڦڪايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

ڀلا ڇو سڄڻ! ويٺين وعدا وساري

ھي عاشق اڃا ويٺو راھون نھاري

”فھيم“ آھھ تنھنجي ئي سھڻل! سھاري

پرين! جيڪڏھن تون اچين قول پاري

تھ لوڪان لڪي پاڻ محفل مچايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينھن لايون

 

ھن مجموعي ۾ آيل ڪلام تي تبصري ڪرڻ کان اڳ گذارش ڪندس تھ ڪافي يا بيت صاف سنڌي صنفون آھن- سنڌ تي جيڪي ڌارين جا حملا ۽ جلھون ٿينديون رھيون آھن تن جو لازمي اثر اسان جي ثقافت تي بھ پيو آھي- سنڌي زبان جي علمي ادبي حيثيت جيتوڻيڪ قائم رھي، پر عربي ۽ فارسي زبانن جو غلبو صدين جون صديون ھلندو آيو – ھڪ تھ انھن ٻولين ۾ دين اسلام جي احڪامات جي اپٽار ڪيل ھئي، ٻيو قرآن حڪيم ۽ حديث سڳوريءَ جي ڪري بھ عربيءَ سان سنڌي مسلمانن جو ھڪ خصوصي انس ھو- درباري زبان فارسي ھئڻ ڪري بھ اسان جا پڙھيل ڪڙھيل ۽ عالم فاضل ماڻھو پنھنجي خيالات جو اظھار جو ذريعو فارسيءَ کي بنائيندا آيا- نھ فقط ايترو پر ھڪ صدي اڳ خط و ڪتابت بھ گھڻو ڪري فارسيءَ ۾ ئي ٿيندي ھئي- مدرسن ۽ مسجدن ۾ گفتگو بھ اڪثر فارسيءَ ۾ ڪئي ويندي ھئي- عالمن ۽ شاعرن پنھنجن تخليقن کي فارسي زبان ۾ ئي پيش ڪرڻ کي فخر ٿي سمجھيو- اھڙي ماحول ۾ سنڌين سڳورن جا ٻھ گروه نظر اچن ٿا، جن پنھنجي ٻوليءَ کي مضبوط، شاھوڪار ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ پنھنجي پر ۾ بي انتھا ڪوشش ڪئي- ھڪ گروه علماء جو ھو، جن عام خلق کي مونجھاري مان ڪڍڻ لاءِ دين جي حڪمن کي سليس سنڌي ۾ منتقل ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ”ابو الحسن جي سنڌي“، ”دائري واري سنڌي“، وغيره مشھور ٿيون ۽ ڪيترا ديني ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا ويا-

ٻيو گروه ھو صوفي شاعرن جو، جن پنھنجي جذبات ۽ احساسات کي سنڌيءَ جي قالب ۾ پلٽيو- جتي سنڌ جا بلند پايھ عروضي شاعر لف و نسر ۽ مراعات النظير جي چيستان ۾ ڦاسي حقائق ۽ دقائق کي بيان ڪرڻ ۾ وار جون کلون لاھڻ لڳا، اتي ٻين بزرگن صاف، سلوڻي، مٺي ۽ موچاري سنڌيءَ ۾ پنھنجي خيالن ۽ صحيح جذبن کي سنڌ جي ماحول مطابق پيش ڪري، ڪافي ۽ بيت کي ابدي زينت بخشي ۽ زبان کي لازوال حسن ۽ دوام ڏئي ڇڏيو- نتيجو اھو نڪتو جو فارسي گو توڙي سنڌي گو شاعرن جو عروضي ڪلام ڪنھن کي ڪو ورلي ياد ھوندو پر ڪافي گو شاعرن جو ڪلام يڪتاري، دلي ۽ ڍولڪ ۽ سريلي آواز جي ذريعي جھر جھنگ پکڙجي ماڻھن جي جذبن سان ھم آھنگ ٿي ويو-

اھو ياد رکڻ ضروري آھي تھ ڪافي گو شاعر ڪي سنڌي ڄٽ ڪونھ ھئا جو نڪو فارسي ڄاڻندا ھئا نڪو عربي- نھ، انھن بزرگن مان اڪثر عالم، فاضل ۽ علم عروض جا ڄاڻو ھئا، پر پنھنجي ٻوليءَ سان عشق ۽ پنھنجي ثقافت سان پيار کين اھو گس وٺايو جو نھ فقط پاڻ زنده جاويد ٿي ويا پر سنڌي زبان کي بھ ڳاڙھي ڪنوار بنائي ڇڏيائون-

البتھ زبان کي وڌيڪ ميٺاڄ ڏيڻ ۽ ان جي اھليت کي ثابت ڪرڻ ۽ عروضي شاعريءَ کي ڪتابن تائين محدود ڪرڻ لاءِ ھنن عجمي وزنن کي بھ استعمال ڪيو آھي ۽ ان ۾ بھ وري پنھنجو تصرف ڪري، مصرعن کي ننڍو وڏو ڪري، راڳڻين جي لاھين چاڙھين سان ڀچايو اٿن- صاف ، سپڪ ۽ کري ٻولي استعمال ڪندي غزل جي شڪل ۾ بھ ڪافيون چيون ويون آھن- البتھ غزل ۽ ڪافيءَ ۾ فرق ڪرڻ خاطر مطلع ۾ ٻن مصرعن جي بجاءِ فقط ھڪ مصرع آندي وئي آھي- مثال طور:

ٿل:          سگھو ڏي سير ۾ ساھڙ! ميھر! مون کي مددگاري

١.             دلو درياءَ جي دھڪن، ڀڃي ڀيلو ڪيو ڀورا

                ڇڏيو ست ساه ٻر ٻانھن، ھڄيس ھيبت ۾ ھيڪاري

(مرحوم حافظ شاھھ)

ٿل:          مٺا! تو کان سوا مشڪل جيئڻ جنجل جدائي جو

١.             برھھ جي يار! بازر ۾ امالڪ مون اچي توسان

                رکي سر ساھھ ٻئي سٽ ۾ ڪيو سودو سچائي جو

(صاحبڏنو شاھھ)

يا وري مطلع ۾ ٻھ مصرعون آھن ۽ ھيٺ ٽي ٽي مصرعون- مثلا:

ٿل           ھليا جنگ جوڳي سي نروار نانگا

                لتاڙي لنگھيا لڪ، لڪيون ۽ لانگھا

١.                    نھ ٻولين ڪنھن سان ٻڌن ڪانھ ڪنھن جي

                رکن ڪانھ پرواه پرائي ۽ پنھنجي

                چڙھي چوٽ ٿيئڙا! ڏسڻ کان مھانگا

(عالم شاھھ)

ڪنھن ڪافيءَ ۾ وري مطلع جي ھڪ ئي سٽ ۾ ٻھ قافيا استعمال ڪري، ھر شعر جي ٻنھي مصرعن کي مطلع جي پھرئين قافيي سان ملائي، اڌ مصرع کي مطلع جي پويين قافي سان ڀچايو ويو آھي- مثال طور:

 

ٿل: بره بي رنگ بي حساب، ٿو مين جي مت منجھائي

١.             جت ھڻن نيزا نظارا ناز نوڪون نينھن ناب

                ان اثر اعلاج جي طاقت طبيبن ناھھ تاب

کڏ کڻيو ڊڀڙا ڍڪائي

(مصري شاھھ)

ڪڏھن وري مطلع جي مٿين سٽاء قائم رکي، شعرن ۾ اڌ اڌ مصرع کي پاڻ ۾ ھم قافيھ ڪري، آخر ۾ ھڪ اڌ مصرع جي قافين کي مطلع جي پھرئين قافيي ۽ ٻي اڌ مصرع جي قافيي کي مطلع جي پويين قافيي سان ملايو ويو آھي- جئن:

 

ٿل:          دل دلربا! ڌتاريئي – نازن سين ناز وارا

١.                    مشڪي سيھ مسلسل – ڪن پيچ پيچ پل پل

                        قابو ڪمند ڪاڪل – بانڪا بڇي بھاريئي

ونگيو وٺن ويچارا

(مرحوم حافظ شاھھ)

اھڙيون ڪافيون بھ نظر مان گذريون آھن جيڪي سموريون عروض تي ٻڌل ھئڻ جي باوجود راڳڻيءَ کي نظر ۾ رکي مصرعن جي آخر  ۾ ٽوڙيون ويون آھن ۽ سندن وزن ڦري وڃي ٿو- مثلا:

 

ٿل                  يار! چشمن سان چٽيئي ڏاڍا تکا تير نوان نوان

١.                   ڪج ڪلا ڌاري ڪنڍا ڪاڪل وسيھر ور وجھن

                      ظلم ساز زلفن وڌا ھي زور زنجير نوان نوان

ڪافيءَ جي سٽاء تي عروضي شاعريءَ جي اثر جا ٻيا ڪيترا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا، پر ھتي مٿين مثالن تي اڪتفا ڪجي ٿي- ڪافيءَ جي فن کي سمجھڻ لاءِ ٻين عالمن جي مقالن کان سواءِ حضرت طالب المولا جي تصنيف ڪيل ڪتاب ”ڪافي“ جو مطالعو ڪرڻ گھرجي- باقي ڪافيءَ جي مختلف گھاڙيٽن تي انشاء الله مصري شاھھ رحھ جي ڪلام تي مقدمو لکندي بحث ڪيو ويندو-

بيت ۾ البتھ اھڙي قسم جو عروضي تصرف نظر مان نھ گذريو آھي- بيت جون مصرعون ٻن کان وٺي لاتعداد بھ ٿي سگھن ٿيون- جڏھن بيت وڌي وڃي تھ ان کي ڊگھو بيت چيو ويندو آھي- نڙ بيت بھ اڪثر ڊگھا ٿين ٿا- سگھڙ اڪثر واقعاتي ڳالھين کي ڊگھن بيتن ۾ داستان جي صورت ۾ پيش ڪندا آھن – بيت جو وزون ڇند وديا تي ٻڌل ھوندو آھي- البتھ اسان جي سگھڙن پنھنجي پنھنجي خيال سان ڇند وديا کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ بھ نھايت چابڪدستي ۽ پختگيءَ سان پنھنجي فن کي نڀايو آھي-

 

عام بيتن کان سگھڙن جي بيتن جي شڪل ۽ سٽا عموما مختلف نظر ايندي آھي ۽ ان کي ھڪ جداگانھ فن شمار ڪرڻ گھرجي-

 

طالب المولا جي فن ۽ فڪر تي تبصري ڪرڻ کان اڳ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو تھ پاڻ بنيادي طرح حسن ۽ عشق  جو شاعر آھي-

 

حسن جو ناز ۽ انداز عشق جي آه ۽ دانھن، حسن جو جوڀن ۽ جلوو، عشق جو ذوق ۽ شوق، حسن جي بيپرواھي ۽ بي نيازي، عشق جو نياز ۽ نوڙت، حسن جو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ، عشق جي آزي ۽ نيازي، لنؤن لڳائڻ جا لوازمات، ڪڏھن قرب جون ڪچھريون ۽ ڪڏھن وره ۽ وڇوڙي جون وايون، ڪڏھن دلبر جي دلدارين جا داستان تھ ڪڏھن سندس بي رخي ۽ بيوفائيءَ جا بيان، ڪڏھن عشق جي خودداري، ڪڏھن حسن جي شڪست، سڀئي سٻاجھڙي صاف ۽ سليس ٻوليءَ ۾ طالب المولا جنھن قدرت ۽ قوت سان بيان ڪيا آھن جديد دور جي ڪنھن ٻئي شاعر ۾ اھو انداز ورلي ملندو-

 

ٻي خاص بنيادي ڳالھھ جيڪا طالب المولا جي ڪلام پڙھندي محسوس ٿيندي، اھا آھي روحانيت – تصوف سنڌ جي اڪثر پراڻن شاعرن جي ڪلام جو بنيادي محرڪ پئي رھيو آھي- الله پاڪ لڪل خزاني جيان ھو ۽ ھن پاڻ سڃارائڻ لاءِ انسان کي پيدا ڪيو- روح ڪي ڪساب پنھنجي محبوب حقيقيءَ سان مھر ۽ محبت جي مھراڻ ۾ مستغرق رھي، ڪنھن ڪاڍي ۽ ھڪ انوکي آزمائش جي تحت، ھن دنيا ۾ ڪجھھ مدت لاءِ مقيد ڪيو ويو تان تھ ھتي ئي پنھنجي اصليت کان واقف ٿي، سيل پچائي ۽ پاڻ بچائي اھڙو پاڪ ٿي پرينءَ وٽ پھچي جو کيس دائمي ۽ ادبي سڪون حاصل ٿئي-

 

ٿل:          نرمل! رخ تان لاھھ نقاب، لڪندي لڪندي عمر گذاريئي

١.             روحن جت ھو ميڙ مچايو، پيچ پرين! تو تڏھن پايو

ورتئي مون کان ”ھا“ جو جواب، ڪئن ٿي پيارا! مون کي پڪاريئي

٢.            طالب مولا مست بنايئي، پيارا پرين! ھي پاڻ ڀلايئي

                ھاڻ سڄڻ! تون ڪرنھ حجاب، سڪ جي سرڪي ڇو ٿي پياريئي!

 

ھيءَ ڪائنات صاحب جي صفت جي مثال آھي- ذات اھائي ھڪڙي آھي، ٻي ھر شيءِ ڄڻڪ ان جو اولڙو آھي يا ان جي حرڪات ۽ سڪنات جي اثرات جو ردعمل آھي- ھمه اوست يا وحدت الوجود جو نظريو بھ اھائي اپٽار ٿو ڪري – طالب المولا جڏھن خالق حقيقيءَ جي واکاڻ ٿو ڪري تڏھن لازمي طرح سان روحانيت وارا نڪتا بھ بيان ڪريو وڃي- البتھ سندس ڪلام ۾ ”انا الحق“ يا ”سبحاني ما اعظم شاني“ وارو فلسفو گھٽ ملندو- فرمائي ٿو:

 

اڄ بھ اھو ئي آھھ، جيڪو ھئو اڳ

ھئڻ رڳو ھن جو، جلوو آھي جڳ

*

بقا ھڪ الله کي، ٻيو سڀ فنا

ھستي فقط ھن جي، انسان سندس ادا

*

صفتون سو ھزار، ذات آھي ھڪڙي

ڪارفرما ڪريم ٿيو، انسان سڀ اوزار

ڏس عبرت جا آثار، حسن قبح ۾ ھڪڙا

*

ڏسڻ کان جو ڏور، سو ويجھو آھي وجود کان

ڪک پن ۾ ڪريم جو، نسورو ئي نور

ذرڙو، ذرڙو، ذرڙو، لئي ڪاملن ڪوه طور

جو ڏسي نٿو ڏيھھ ۾، تنھن قلب جو قصور

دريون دنيا واريون، اٿي پٽي پور

’طالب مولا‘ ڄاڻ تون، ھرجا اٿئي حضور

ھي دل کان ناھي دور، ھردم آھي ھنج ۾

 

واحد جي واکاڻ ۽ سچي صفت، سندس قرب ۽ قھر، جلال ۽ جمال جي اپٽار آھي:

عاشق! الاالله ۾، اٿئي واحد جو وصال

ھي صيقل ھڻي صاف ٿي، ڪر قرب منجھھ ڪمال

تھ پسين جل جلاله جي، جلوي جو جمال

ڪر اطاعت ان جي، خاصو رکج خيال

تھ ھادي ٿيئي حال، طالب مولا طلب ۾

 

ربّ جليل جي عظمت اعليٰ، جاه، جلال، جباري وي

ان جي جمال کان ذري ذري ۾، جت ڪٿ جلويداري وي

نرت ھي رکبي نيڪ نظر ۾

بندا! عجز سان ھلبو ھردم، سائين ڪندو ستاري وي

’طالب مولا‘ ڪن وسارج، خالق جي خود داري وي

رھج انھي جي خوف خطر ۾

 

سموري سڪ جو محور، فيض جو منبع، ھدايت جو سرچشمو، واليءَ جي واٽ پسائڻ وارو، اونداھيءَ مان سوجھري ڏي ڏيڻ نيڻ وارو، محمد مصطفيٰ ' آھي- شرعي مسائل ۽ فقھي بندشن کي تسليم ڪندي، صوفيائي ڪرام انھيءَ سڳوري سان لنؤن لڳائڻ، انھي جي در تي دل جھڪائڻ ۽ کانئس ئي سڌو سنئون ڪائنات جي ڪنه ۽ ماھيت، قلب جي ڪميت ۽ ڪيفيت، روح جي راز ۽ رمز، خالق جي مخلوق سان لاڳاپي ۽ ڳانڍاپي جي سبق پڙھڻ کي افضل ترين عبادت پئي سمجھيو آھي – طالب المولا جي نبي ڪريم ' سان بي انتھا محبت جو اندازو سندس سموري ڪلام مان ڪري سگھجي ٿو- جتي فقط مجازي عشق سان گڏ ڪنھن حقيقي محبوب جي تانگھھ، طلب ۽ تات جو بھ  ذڪر اذڪار اچي ويو آھي-

پيرن جي پرينءَ ڏي پلاڻڻ جو ذڪر ڪندي ڪندي خالص عشقيھ انداز مان مديني جي مير ڏانھن موڙيو اٿس ۽ انھي داستان جا آخري بيت مڪي معظمه ۽ مديني منوره ۾ مڪمل ٿيا- ارشاد آھي:-

 

اکيون سڪنديون ئي رھيون، سڪ ۾ روز سدا

طالب المولا طلب ۾، ڪئا سبب خدا

ڪئا قدمن حق ادا، ھلڻ جا حبيب ڏي

*

اکن ڪري عاجزيون، پيرن تي پيئي

ڪيئون التجائون انھن کي، ڏھھ ڏھھ چميون ڏيئي

تھ پڄايو پريت مان، نرمل وٽ نيئي

سدا سڪون جن لئي، سڄڻ ڏسون سيئي

طالب مولا تن کي، جانب مليا جيئي

قربائتن ڪيئي، اکن تي احسان ڪيا

*

ڊوڙي ڊوڙي پھتا، عجيب جي آستان

پسايئون پرينءَ جا، مڙئي ماڳ مڪان

ڏسي نور نرمل جو، ڪيئون اطمينان

طالب! قدمن کي ڏنا، الله وڏا ايمان

اھي سڀ احسان، اکين مڃيا ان جا

*

راھان ڪڏھن نھ رھيا، ھي قربائتا قدم

ڪٿي کيئون ڪين ڪي، دلبر ڌاران دم

لاٿئون سڀ اکن جا، جيڪي گوندر غم

طالب مولا! تن کي، ھئا اندر منجھھ الم

تھ بھ ڪيئون اھڙا ڪم، جو ڪنھن کان ٿيا ڪين ڪي

*

ڪيا ڪرم ڪريم، پر پير کڻي پريام

پھچي در پرينءَ جي، چاھھ منجھان چميام

دز تنھين جي تھدليئون، لڱن سان لاتيام

ميرا ٻئي محبتي، چشمن تي چايام

آئي جھير اکين کي، تھ پرين خود پسيام

ٿيس سرخرو سڄڻ وٽ، جو منھن سان ٻئي مليام

لڙڪن سان لعلن جي، ڌوڙ سڀئي ڌوتيام

اکن سندي آب سان، چھڪ سندن چيٺيام

مڙيئي مڃيام، طالب! احسان انھن جا

 

حضور ڪريم' جن جي وصف ۽ واکاڻ ڪندي طالب المولا شاعرانھ تخيل جي بلند مقام تي پھچي ٿو وڃي- مثلا ھي بيت ملاحظھ ڪريو:

 

ڪٿي سنبل سھڻا، ڪٿي مبارڪ مو

ڪٿي چھرو چنڊ جو، ڪٿي جبين جادو

ڪٿي شعاع شمس جو، ڪٿي رھبر رو

ڪٿي تلوارون تير ٿيا، ڪٿي احمد جا ابرو

ڪٿي اکيون عجيب جون، ڪٿي ساغر ۽ سبو

ڪٿي گل گلاب ۽ ڪٿي بدن جي بو

لبن لعل لڄائيا، ڏندن لک لولو

ھلڻ تان حبيب جي، عجب ۾ آھو

ڪٿي فضيلت فردوس جي، ڪٿي ڪامل سندي

ڪو حبيب آھي ھو، طالب مولا تنھنجو

انھيءَ سڳوري سرور جي اڳيان عجز ۽ آزي کان سواءِ بندو ٻيو ڪوبھ تحفو پيش ڪري ڪونھ ٿو سگھي:

 

مٺا مير مرسل! ولھين جو تون والي

وريو تو وٽان ڪو سوالي نھ خالي

ڪنن، ڪوجھڙن جو ھلي ڪونھ حيلو

تون ئي عيبدارن جو واھر وسيلو

مڙئي توکي پرتا ھي عالي موالي

تون ئي آھين طالب جو ٻيو ڪير آھي

محمد مٺا! ھاڻ پرواه ناھي

سندم لڄ ۽ لڏ سڀ سڄڻ! تو سنڀالي

 

موضوعن جي لحاظ سان طالب المولا جي ڪلام ۾ گھڻا اھڙا موضوع ملندا جن تي ھن کان اڳ بھ ڪيترن ئي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آھي، پر جيڪا خاص ڳالھھ ھتي پڙھندرن کي نظر ايندي، اھا آھي انھن موضوعن کي نڀائڻ جو ھڪ انفرادي ۽ امتيازي طريقو- اھوئي سبب آھي جو ڪنھن پراڻي موضوع کي پڙھندي ماڻھو ھڪ عجيب سرور ۽ حظ حاصل ڪري ٿو- مثال طور عشق جي ڪيفيتن تي گھڻو ڪري سڀ ڪنھن شاعر لکيو آھي ۽ ائين بھ چيو آھي تھ عشق ھر بوالھوس کي ڪونھ ٿو ملي وغيره- پر ائين ڪنھن ڪونھ چيو آھي تھ عشق ڪا ھڪ خيرات خاني جي شيءِ نھ آھي جا محتاجن ۾ تقسيم ڪئي وڃي يا وري عشق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو بيت المال کوليو وڃي- مثال طور:

 

عشق نھ بيت المال، جو ملي محتاجن کي

عشق آھي ان سندو، جنھن ڪيو قرب ڪمال

طالب مولا طلب ۾، جو رکي خاص خيال

جانب جو جمال، اھو، ماڻيندو عشق سان

*

برھھ نھ آھي بيت المال، ھت محتاج جو ڇاھي!

کيڏي اھوئي برھھ جي بازي، غير ڇڏي جو ٿيندو غازي

ٻي کي ملندو محب محال، عشق اڙانگو آھي آھي

ڪنٺا، ڪولاپا، مڻيا، مصلا، ورھھ بنا ويران سي وصلا

ٿيندو ڪين ڪي حاصل حال، ٺاھھ ٺڳي جا ٺاھي ٺاھي

*

اکن جي عجيبن ڏانھن اڪنڊ، پرين پسڻ لاءِ پنھنجي پر ۾ روڄ ۽ راڙو، رند ۽ راھون رلڻ، گھر گھر، گھٽي گھٽي، گھوٽ لاءِ جھاتيون پائڻ ۽ ٻيون بھ ڪئين اھڙيون خيالي خصوصيتون ھر شاعر جي ڪلام ۾ ملنديون پر طالب المولا جي تخيل جو رنگ ئي ٻيو آھي- فرمائي ٿو:

 

اکن کي آئون، روڪيان جيئن رئڻ کان

تئن تئن تنھنجي تات ۾، رھي رنائون

مٺن ماٺ نھ اچڻي، جو پرين پڇيائون

طالب مولا! طلب ۾، سھڻو سوجھيائون

ھنجھون ھاريائون، سڄڻ ساريندي گھڻو

*

تتي چيم تن کي، تھ مٺيون! ماٺ ڪريو

طالب چوي طلب ۾، چوندو سڀ چريو

ھدايت حبيب جي، ڪي ڪجھھ ڪن ڪريو

وريو ڪي وريو، اجھو واءُ وصال جو

*

چيائون تھ چريو نھ ٿي، ھي ھنجون مرھون

ڳوڙھا ڳڙيو ڳلن تان، پرينءَ جي لئي پون

دردن واري داغ کي، ڌويو پيا ڌون

محبوب ڀلي محبت مان، چون جيڪي چون

رويو پيا رون، طالب! آزار اندر جا

*

وسيو ٿيو وسن، اکيون اوھيرا ڪريو

ڪھڙي مجال مينھن کي، جو اينھين ٿي اچن

طالب مولا! طلب ۾، ٽميو روز ٽمن

جيڪر محب ملن، تھ بھ رھنديون ڪين رئڻ کان

*

ڇوٿو ڪرين مينھن! مون سان ريس رئڻ جي

طالب مولا سان ڪيا، ناحق وڏا نينھن

تنھنجا ٻھ ٽي ڏينھن، منھنجي موسم سڀڪا

*

پچن پڄرن پاڻ ۾، ڪڇن ۽ نھ پڇن

تمڻ ٽھڪن ورھھ ۾، ڪي اندر منجھھ اٿن

اڪيليون عجيب لاءِ، ڪريو مانڊاڻا مچن

سدا رھن صبر سان، جو لڳو عشق اکن

پيغمبراڻي پر کي، پاريو ٿيون پارن

تڏھن محب تن جي، ونن منجھھ وسن

طالب مولا! طلب جا، ڪيا حج ھنن

سڪ ۾ کان سڀن، گونگيون گوءِ کٽي ويون

*

پچن پڄرن پاڻ ۾، ڪن محڪم ماٺ مدام

بي زبانيون بره ۾، ڪڏھن ڪن نھ ڪلام

آڻن آب اندر مان، صبح توڙي شام

حبيب نيٺ ھٿن سان، ڏنن اگھڻ جو انعام

طالب مولا طلب ۾، سڄڻ ڪين سلام

گوليون ھيون گگدام، گونگيون گوءِ کٽي وين

 

پر اکن پنھنجي دلبر جو ديدار جنھن ذريعي سان ڪيو، انھيءَ ذريعي ڏانھن ڪنھن جو خيال ئي ڪونھ ويو آھي- اھي تھ پير ئي آھن جيڪي اکين جي اداس پوري ڪرڻ لاءِ جھر جھنگ جھوتون جھليندا، رندن کي رت سان ريٽو ڪندا، ڪاھيندا پوريندا وڃي ٿا محب سان ملاقاتون ڪرائين اک تھ اک آھي پر  پير کانئس مٿڀرو آھي:

 

ٿو چمان پنھنجا پير، جي وٺي تو وٽ آئيا

طالب مولا تي ڪيئون، ڀلائي جا ڀير

اوير ۽ سوير، قدمن تان قربان ٿيان

*

اکيون بھ آھن اکيون، پر پيرن سان نھ پڄن

ھو رئن ٿا رت ڦڙا، ھي ڦٽجو ٿا ڦٽجن

ھو بيوس آھن برھھ ۾، ھي ھيجئون اٿيو ھلن

ھو نھارين نجيب کي، ھي تِر نٿا ترسن

ھو اٻاڻڪيون عجيب لاءِ، ھي رندن منجھھ رلن

احسان ڪيا اکن تي، پرت منجھان پيرن

طالب مولا! طلب ۾، چميو چميو چمجن

جھلئي نٿا جھلجن، ھلندي پنھنجي حبيب ڏي

*

رويو رويو اکيون، اچيو پيرن مٿي پون

چميو تن کي چاھھ مان، ڌوڙ سندن ٿيون ڌون

اھين اشارن ۾، چريون گونگيون چون

تھ ھي سلامت ھون، اسان سندا آسرا

*

جي اکيون پير ھجن، تھ پتو پوين پنڌ جو

تھ اگھاڙا عشق ۾، ڪيئن ٿا سور سھن

ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا، چڪيو ۽ چڪن

رت ٿين جي راھھ ۾، تھ بھ ھيجئون اٿيو ھلن

پھچن جڏھن پرينءَ وٽ، تھ بھ ڏوراپا نھ ڏين

ڪڏھن ڏٺو ڪونھ ڪو، تھ پٽي ٻڌين پرين

تھ بھ رڙھيو رڙھيو رڙھن، حبيب جي حضور ۾

*

اکيون تھ اونداھي ۾، واٽ وڃايو وھن

پر پير ويندي پرين ڏي، بلڪل بس نھ ڪن

اوجھڙ ۾ عجيب لاءِ، لاکيڻا لوچن

پھچن وڃيو پر وٽ، مورھئون ڪين مڙن

طالب مولا! طلب ۾، ڪمال ڪيو قدمن

انھن اڻ موٽن، اکن تي احسان ڪيا

*

اکيون تھ برابر گونگيون، پر زبانون تھ اٿن

ھي بي زبانا برھھ ۾، سختيون سڀ سھن

ھو اشارن سان عجيب وٽ، ڪجھھ تھ چيو ڏين

ھي سدا صبر شڪر ۾، ڦٽجو ٿا ڦٽجن

ھو ھر ھر حبيب سان، وڙھيو، وريو پرچن

ھي طالب مولا ڪڏھن، راڻل سان رسن

تھ بھ ڪرم ٿئي ڪونھ ڪو، مٿي مظلومن

پرت وڏي پيرن، ڦٽجن، ڦرن ڪين ڪي

*

 

اکيون بھ عشق جي آزار ۾ تڏھن ٿيون اڙجن جڏھن سر ۾ سڄڻ جي سونھن جي سنڀار پيدا ٿئي ۽ پير بھ تڏھن ٿا پرين جي پيچرن جا پانڌيڙا ٿين جڏھن اڪنڊ ۽ اڪير دماغ ۾ ديرو ڪري- جيڪڏھن سر ۾ سچائي ۽ سڪ موجود نھ آھي تھ پوءِ نھ عشق رھيو نھ اک جي اھميت، نھ پيرن جو پرڻ:

 

پير بھ آھن پير، پر سر انھن کان سرسو

قدم قدم تي جھڪڻو، ڏي سجدا ڍيرا ڍير

ان پيشاني ۾، رڳي ڀلائي جا ڀير

طالب مولا سڏجن، ٿا ھردم مرد مٿير

صبح ساڻ سوير، ڏي سجدا سائينءَ اڳيان

*

پير بھ آھن پير، پر سر نھ رکي سانگو

گلا ۽ غيبت جو کڻي، گھور ڏئي گھانگھو

نڪري نرمل ڪاڻ ٿو، نينھن ۾ ٿي نانگو

ٻي مڙيئي ملڪ ۾، ٿئي مٿو مھانگو

سر ٿئي سھانگو، سڄڻ وٽ صديقي چئي

*

پير ويچارا پرت مان، گھڻو ئي ڪي ٿا ڪن

سر ٿين جت صدقي، ات ڪٿي پير پڄن!

پير وڍيا تھ مٽي ۾، دٻجو ٿين دفن

سر شھادت بعد پڻ، نيزن تي چڙھن

پير بھ طالب! طلب ۾، مورھئون ڪونھ مڙن

پر سرويچ ئي صديقي چئي، صديق ٿا سڏجن

پير ڦريو ڦٽجن، ۽ سر سدائين سٽ ۾

*

ڪڏھن ڪنھن نھ ٻڌو، تھ پيرن سوريون ماڻيون

سر فدا ٿي سڄڻ کي، ڳڻن سان ڳڌو

”الانسان سري و اناسره“ مورھئون نھ منڌو

سر وڃي سوري تي، پنھنجي لالڻ کي لڌو

سر سوري پاڻ وڌو، پير اھي ئي پٽ تي

*

عاشق ھلن ابتا، مورھئون مٿي ڀر

سر ڀر سڌا ٿا وڃن، دلبر واري در

پارين ٿا پرت مان، پيغمبراڻي پر

سريو ڪن ھو سر، منزلون محبوب جون

 

سر تھ برابر سوري تي محبت ٿا ملھائين، پر جيسيتائين من ۾ محب جي منزل نھ ٿئي، قلب ۾ قريبن جي قرب جو ڪاڍو نھ اچي، دل دوست جي ديدار ديکڻ جو پڪو پھھ نھ پچائي تيسيتائين سکڻو سر جھڪائڻ منافقن جي منزل آھي:

 

سر تھ برابر سر ٿيا، پر من جا ناھن مٽ

دل تان لھن ڪين ڪي، ڪڏھن جيڪر ڪٽ

تھ رڳي ھوند ھار ٿئي، يا کلندي ٿئي نھ کٽ

دل تي نھ ھجن درد ۽، ٻيا ڦوڙائي جا ڦٽ

تھ سر نھ ھجن منجھھ سٽ، سچ ٿو صديقي چئي

*

سر ڀلي ڏين سجدا، سو سو ۽ سؤ بار

چائنٺ چمن چاھھ مان، ۽ پرين جا پيزار

جي دل نھ محبت کي مڃي، تھ سر ڪلھن تي بار

سر بھ تڏھن ٿا قبول پون، جڏھن دل پرکن دلدار

سر جھڪن صد بار، تھ بھ درجا آھن دلن تي

*

سر برابر ڪيترا، بيحد بار کڻن

مھل اچي مورھئون، تھ مچيو مٿا ڏين

دل گھرجي درياءُ جيئن، نھ تھ سر ٿيو بار پون

ٺلھا پٽڪا تھ بنڊن تي بھ، ٻڌيو ٿا سگھن

طالب مولا! طلب ۾، دلبر بھ دل ڏسن

تھان پوءِ عاشقن کي، ٿا ٻيڻا ٻک وجھن

سر سوين ھجن، تھ بھ درجا آھن دلن تي

*

سر ۾ رڳو گوڙ ٿيو تھ، گدوبندر ۾ گوڙ

ھوندو ھردم ٽنگ ۾، نير ۽ ٻيو نوڙ

سر ڦريو تھ سدائين، رڳو روٽي توڙ

طالب مولا! دل ئي، ٿي ڪري طلب ۾ توڙ

ڀلي سر ٻڌجي موڙ، تھ بھ درجا آھن دلن تي

*

اکيون ٿين جي انڌيون، ڏسڻ کان بھ وڃن

ڪن بھ جيڪر ڪڏھن، ٻڌڻ ڇڏي ڏين

سرن ۾ سودا ٿئي، تھ چرٽيا ٿي پون

پير بھ پرڻ ڇڏين جي، ھلي ڪين سگھن

۽ مڙئي عضوا ضعف کان، جواب ڏئي وھن

تھ بھ دليون دوست پسن، طالب مولا! طلب ۾

*

 

سالڪن الست جي آواز کي لبيڪ چوڻ واري شيءِ کي روح سڏيو آھي- روح ئي اھا شيءِ آھي جتي نوري جي نظر پوي ٿي ۽ اتي پرين پنھنجو پاڻ پسائي ٿو- روح لافاني ۽ ابدي  آھي- ان جي اپٽار ڪري نٿي سگھجي- جئن پيو اونھو وڃبو تئن پيا ھڪڙا اسرار کلندا ۽ ٻيا معما پيدا ٿيندا- آدم جي بوتي ۾ ڌڻي پنھنجي روح مان ڦوڪ ڏني ”ونفخت فيه من روحي“- ان لطيف ۾ اڻ ڏٺي امر کي فقط ڪناين ۽ اشارن تائين سمجھائي سگھجي ٿو ورنھ ”يسئلونک عن الروح قل الروح من امر ربي“- روح فقط ڌڻي جو امر آھي-

 

دل تھ برابر آھي دل، پر رڳو آھي ماس

اچي پيو ان ۾، ويتر جي وسواس

تھ ھوئي ھڪ گھڙي ۾، نگرو ڪندس ناس

ڪبو جي قياس، تھ رمزون آھن روح جون

*

دل تھ برابر آھھ دل

 

ناليرو ھڪ نانءُ

درد نھ اچي ان ۾

 

تھ ٺلھو آھھ ٿانءُ

امر ڪري ان کي

 

جي ڏاتر ڏئي ڏانءُ

تھ ٿئي روحاني رازجي

 

واپرليس وٽانءُ

پوءِ طالب مولا ٿو ملي

 

الله پڻ اتانءُ

سمجھو ڪي سمجھانءُ

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

در پرده رھي روح

سوئي طالب مولا

 

آھي سالم سنجھھ صبوح

فائق ڏنس فتوح

 

رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر اڃا اڳتي راز

ڦاسائيس ڦير ۾

 

مرڳو کڻي مجاز

تھ وحدت وڃيس وسري

 

وٺيس حرص ۽ آز

مٽجي مولا جو مڙئي

 

سٽي سوز گداز

طالب مولا! تنھن جو

 

عجب اٿئي انداز

ظاھر دل دمساز

 

پر رمزون آھن روح جون

 

*

 

رمزون ڏسبيون روح جون

 

پر روح بھ امر الله

پنھنجي حقيقت پاڻ ٿيو

 

منجھھ وحدانيت واه

انھي بحر عميق کي

 

ووڙيندا ڇا واه

لاحد واري لڪ ڏي

 

رڙھي ٿو ھي راه!

ٿڙيو پير تھ سر ويو

 

پرور ڏي پناه

پتو پيو تھ بھ تِر جو

 

پر ساھھ کي ڏبي ساھھ

انھي کان آگاه

 

طالب مولا! ماٺ ۾

 

گھري نظر سان مطالعو ڪبو تھ طالب المولا جي ڪلام ۾ ڪيترائي نوان موضوع نظر ايندا- عام چوڻين ۽ پھاڪن جي مخالفت ڪندي جنھن شيءِ کي ٻي خلق بُري چئي ھڪ  معنيٰ ڏني آھي تھ طالب المولا ان جي ابتڙ لکي ان جي اصليت جا وسريل پھلو روشن ڪيا آھن- مثال طور شاھھ صاحب جي ڪلام ۾ يا ٻين شاعرن وٽ ھڪڙي مجبور عاشق پنھنجي محبوب کي ٻاڏائيندي ڪميڻي سڏيو آھي- ”ڪانڌ ڪميڻي آھيان“ جا لفظ ھر ڪنھن کي سجھندا ھوندا- پر طالب المولا چوي ٿو:-

 

ڪانڌ! ڪميڻي ناھيان

 

توڙي ڪوجھي آھيان ڪني

سڄڻ! سيل رکيو اٿم

 

ڇڏين متان ڇني

تنھنجي محبت من ۾

 

ڏاتر آھي ڏني

پيرن کان پني

 

تون ور ورتم ھڪڙو

جي ور نھ ڪن ھڪڙو

 

سي ڪميڻيون  چئجن

در در لائي دل کي

 

ور ور ڏيو وڃن

سي سنڀاليون سڄڻن

 

جي ڪڏھين ويون ڪين ڪي

 

سنڌي ۾ عام چوڻي آھي تھ ”سانن کي ڪھڙيون سوگون“ پر طالب المولا ٿو چوي:-

 

چريا ھئن چون

 

تھ سان نھ سوگون ڪن

جي سانن سوگون ڇڏيون

 

تھ سان ڪئن سڏجن!

اچو ھرڪنھن ويل ۾

 

ولر منجھھ وھن

ھرھر ھر ڪنھن ئي منجھان

 

پنھنجو سڳنڌ سنگھن

ھو ويھي وٿاڻن ۾

 

سڀڪي ٿا سمجھن

طالب مولا مستي جي

 

مڻ مٿي ۾ اٿن

ٻيو سان اچي ڪو ٻاھران

 

تھ صفا ڪين سھن

مٿو ڏيو مرن

 

يا جھوريو ڪڍنس جوءِ مان

 

قارئين ڪرام! مون پنھنجي حقير علم موجب ارادو تھ اھوئي ڪيو ھو تھ قبلھ طالب المولا جي ڪلام تي سير حاصل تبصرو ڪجي- جئن جئن لکبو وڃبو تئن تئن نوان موضوع کلندا ويندا ۽ تبصرو وڌي وڃي ڪتابي صورت وٺندو- انھي ڪري طوالت جي خوف کان فقط ايتروئي چوندس تھ طالب المولا جي ڪلام ۾ نھ پڙھندڙن کي پراڻا، دقيق، منجھائيندڙ ۽ غير معروف لفظ ملندا ۽ نھ وري جديد دور جي ڪن شاعرن وانگي ھندي ۽ سنسڪرت جا ڪسرا ۽ ڪسجا، ڪن تي بار، نڙي ۾ ڦاسڻ وارا لفظ نظر ايندا- ھن ڪلام جي ٻولي اڄوڪي عام مروج وچولي واري صحيح ۽ سوادي ٻولي آھي- تخيل ۽ پختگي سان گڏ ٻوليف جي سھڻائي، لفظن جي موسيقيت ۽ ڪلام جي رواني طالب المولا جي قلم جون اھي خصوصيتون آھن جو ڪلام ڪن تي پوڻ سان شاعر کي سڃاڻي وٺبو- سندن اثر ۽ صحبت جي ڪري ڪيترن شاعرن جي زبان ۾ اھا ساڳي خوبي ٿوري ڪي گھڻي اچڻ شروع ٿي آھي- گويا زبان جي لحاظ سان پاڻ شاعري جي ھڪڙي جدا اسڪول جا باني آھن- ۽ ھڪ شاعر جو انھي کان وڌيڪ ٻيو بلند مقام ٿي نٿو سگھي-

 

جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان

 

بيخود حسيني

 

 


 

(1) صێڎیۑڷ فإصۑ ۾ ڛڶښۑ ڶێۑڷۑ ضۑ جإڎۑك ٥ ۽ ڊۑڷێڷ آغڎ ڵڦۑڵ آێۑ، ڵۑڥڷ تڷ إڈۑبڷ ڶښخڎ ڠڷإۑج بڵۆغ إښخۑڛڷ ڋإیڎۑڥخڎ ڎۑڋۑۆ صإڥښجإڷ قۑڈڎآبإڈ ۽ قبۑب إ^ ڜڈۑڤۑ ښۑڥڎۑخڎۑ ښڷډۑ إڈبۑ بۆڎڋ ضۑ جقڤۑڤ ڶڞإبڤ إێإ جإڎۑك ٤ آڥخۆبڎ بڎۆڐ فڷفڎ بۑێۑ حۑ، إښإڷ ښڷڈڷ جقڤۑڤ ڦۑ ڜقۑق ښڶضێۑ ڤبۆڵ ڥۑۆڷ حإ.

ڶكڈۆڶ ڞإڵب إڵڶۆڵإ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ڪتاب جو مهاڳ --  ٻئي ڇاپي جي ناشر طرفان -- ناشر طرفان ٻه لفظ -- ڪتاب جو مقدمو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org