|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 2 |
|
[2]
مرسل مڻيادار
عربي عاشق الله جو |
|
پر مالڪ ڪئو محبوب |
احمد کي اظھر ڪري |
|
خالق ڪيو خوب |
طالب مولا جو بھ سو |
|
محب ٿيو مطلوب |
راغب ۽ مرغوب |
|
ڪنھن کي چئي ڪنھن کي چوان |
١٨-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڪائنات جو ڪريم ڪئو |
|
محمد کي مختار |
رھبر ڪيائين راه جو |
|
مرسل مڻيادار |
عاشق مٿس الله ٿيو |
|
جل جلاله جبّار |
عربي احمد ڄام ۾ |
|
نور ڪيئين نروار |
صلواتون سيد تي |
|
بيحد، بيشمار |
آھي ان عجيب جو |
|
طالبُ طلبگار |
اڙين جو اڌار |
|
عشق عربي ڄام جو |
٢٠-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
صانع پنھنجي صنعت ۾ |
|
ڪيو قدرت ساڻ ڪمال |
احمد کي عطا ڪيو |
|
واحد پاڻ وصال |
معراج ڪرايئينس محبت سان |
|
رکي خاص خيال |
جبّار ڏنس جوڙ سان |
|
جلوو ۽ جمال |
انھي جو احوال |
|
قلم لکندو ڪيترو |
٢٠-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
”لا اِلهٰ اِلاّالله“ |
|
محمد الرسول |
جھانن ۾ جميل کي |
|
مولا ڪيو مقبول |
پيغمبر پڌرو ڪيو |
|
الله جو اصول |
طالب مولا مرد ٿي |
|
فڪر ڇڏ فضول |
جنھن قريشي جي قرب کي |
|
قلبئون ڪيو قبول |
سو محبتي ملول |
|
ڪڏھن ٿيندو ڪو نھ ڪو |
٢٠-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
الله ڪرايو عربي کي |
|
محبتي معراج |
طالبَ! رکيائين تاج |
|
رسالت جو رسول تي |
٢٠-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
پيغام پرور موڪليو |
|
ھٿان پنھنجي حبيبَ |
امانت سان الله جو |
|
نياپو ڏنو نجيبَ |
آخر ان عجيبَ |
|
ڪفر ڪعبي مان ڪڍيو |
٢٠-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ھاشمي جي حب ۾ |
|
جو عاشق ٿئي عليل ُ |
عربي ٿيندو ان جو |
|
واحد وٽ وڪيل ُ |
طالب مولا مرد ڪو |
|
ذرو ٿئي نھ ذليل ُ |
قادر پڻ ڪفيل ُ |
|
اول آخر ان جو |
٢٠-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
پرين پڇاڙيء آئيو |
|
ٿي اڳين جو اڳواڻ |
صورت ۾ پڻ سھڻو |
|
۽ سيرت جو سرواڻ |
ھٿين پيرين حبيب ٿيو |
|
پنھنجو مٽ ئي پاڻ |
ڌنار پنھنجي ڌڻ جو |
|
سدائين سڄاڻ |
پياري پياسن کي |
|
محبت ڀريو ماڻ |
طالب مولا، نور جو |
|
نرمل آھھ نياڻ |
ڀاڳئي سندو ڀاڻ |
|
ڀريو ئي ڀرپور آھھ |
٢٩-٩-١٩٥٦ع
ھالا
*
سرسو آھي سونھن ۾ |
|
مديني جو مير |
شمس اڳيانئس شرمندو |
|
توڙي ماه منير |
فقيرن جو فقير سو |
|
پِيرن سندو پير |
خادم خاصو خلق جو |
|
۽ امت جو امير |
طالب مولا عشق ۾ |
|
ان جي آھھ اسير |
الله ڪيو اڪسير |
|
عشق عربي ڄام جو |
٢٢-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
صورت سيرت سھڻو |
|
محبوب سو مليح |
لطيفن کان لطيف سو |
|
صبيحن کان صبيح |
مئل دل جي لاءِ ٿي |
|
محبت سندس مسيح |
امي عربي ڄام کي |
|
فائق ڪئو فصيح |
سرور سو صحيح |
|
طالب مولا ملڪ ۾ |
٢٢-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڪريم پنھنجي قرب سان |
|
خلقيو محمد مير |
سر ۾ سجھي ڪونھ ڪو |
|
نرمل جو نظير |
بشير آھي بشر لاءِ |
|
عربي ڄام امير |
ساڻس رکبو سير |
|
تڏھن مھند مرڪبو |
٤-١٠-١٩٥٦ع
راڻوٻگھيو
*
عرب، عجم ۾ اھڙو |
|
نھ پيدا ڪئو پرور |
آندي ”اِلاّالله“ جي |
|
خاصي خاص خبر |
وڏا اچي وڙ ڪيا |
|
پرينءَ پيغمبر |
طالب مولا مرد ٿي |
|
رک نرمل ڏي نظر |
ساري ئي منجھھ سر |
|
سجھي ڪونھ سيد ري |
٤-١٠-١٩٥٦ع
راڻوٻگھيو
*
مورھئون ڪونھن ملڪ ۾ |
|
محمد سندا مٽ |
ٻيا سڀ سھڻا سٽ جان |
|
ھو تاڃي پيٽي پٽ |
لائق لاھي لطف سان |
|
قلبن مٿان ڪٽ |
محبت جي مٽي مان |
|
پر پياري پٽ |
طالب مولا جنھن وڌي |
|
سچائيءَ جي سٽ |
ان تان پرينءَ لاٿي پٽ |
|
ڏئي وٽ وصال جي |
٤-١٠-١٩٥٦ع
راڻوٻگھيو
*
خالق خلقي خوب آھھ |
|
جانب سندي جوڙ |
محمد جھڙو نھ ملڪ ۾ |
|
ٻي خلق آھي کوڙ |
سھڻا سھانگا سر ۾ |
|
ڪروڙين ڪروڙ |
جنھن کي ھوندي جي ۾ |
|
لالڻ سندي لوڙ |
ڪانھ پسندو سوڙ |
|
سو محبتي مورھئون |
٤-١٠-١٩٥٦ع
راڻو ٻگھيو
*
محب مولا موڪليو |
|
عالم جو امين |
درود ان دلبر تي |
|
جو ھٿين پيرين حسين |
قائم آھي ڪل تي |
|
دائم سندس دين |
ربّ العالمين |
|
عاشق ٿيو ان تي |
٢٠-١٠-١٩٥٦ع
ھالا
*
دمدم آھھ درود |
|
مٺي مرسل مير تي |
مڙني موچارن کان |
|
مالڪ ڪيس مسعود |
طالب مولا ملڪ ۾ |
|
محمد ٿيو محمود |
شاھد ۽ مشھود |
|
مولا ڪري موڪليو |
٢٠-١٠-١٩٥٦ع
ھالا
*
شاھھ شفيع المذنبين |
|
مرسل موچارو |
ڪفر ڪٽي ڪلمي سان |
|
ٿيو سيد سوڀارو |
مڪي ۾ محبّت جو |
|
نيڪ ھنيو نعرو |
وڄايو وحدت جو |
|
نرمل نقارو |
طالب مولا مرد سو |
|
ناطق ناميارو |
ڪامل قرارو |
|
قادر ڪيو ڪل تي |
٢٠-١٠-١٩٥٦ع
ھالا
*
مالڪ پنھنجو محب ڪئو |
|
ملڪن جو محبوب |
طالب امت ان جي |
|
ھو مڙني ٿيو مطلوب |
محمد سان منسوب |
|
طالب، مولا آھھ ڪئو |
١-١-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
آھي حضرت ھاشمي |
|
حبيبن حبيب |
پرين پراھون نھ ٿيو |
|
قربائتو قريب |
اميرن جو امير سو |
|
غريبن ۾ غريب |
صاحب شفاعت جو |
|
موچارو مجيب |
طبيبن طبيب |
|
طالب مولا سو ٿيو |
٤-١-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
مولا مٿاھون ڪيو |
|
مصطفيٰ جو مان |
شاھن سندو شاھھ سو |
|
خانن جو پڻ خان |
ڪامل پھچايو ڪل کي |
|
قادر جو قرآن |
طالب مولا مست ٿيو |
|
جانب لاءِ جھان |
جنھن جو ثناخوان سبحان |
|
تنھن جو مٽ ئي ناھھ ملڪ ۾ |
٢٣-١-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
ھيرا جواھر ڪيئن ڪريان |
|
محبوبن سان مٽ |
ھو ونڌجن وڪجن وينجھار وٽ |
|
ھي ڇپر، ڇانو ۽ ڇٽ |
طالب مولا مرد سو |
|
جڏا جياري جھٽ |
ھي قلبون لاھي ڪٽ |
|
ھو چاڙھن ڪٽ قلب تي |
١٥-٤-١٩٥٥ع
ھالا
*
صبح ھڪ سانجھي ٻيو |
|
سج، چنڊ جي چال |
ڪڏھن پھتا ڪين ڪي |
|
پنھنجي ڪنھن بھ ڪمال |
طالب مولا طلب سان |
|
سيد کي سنڀال |
جو ھميشه ھڪ حال |
|
جانب پنھنجي جاءِ تي |
١٧-٤-١٩٥٥ع
ھالا
*
سج بھ تيسين آھھ |
|
جيسين آھي اڀ ۾ |
مغرب ۾ محفوظ ٿيو |
|
تھ آئي ڪي اونداھھ |
طالب مولا محب جو |
|
ڪو مٽ موراھين ناھھ |
لوڪ انھي جي لاھھ |
|
مون سھائو سپرين |
١٥-٤-١٩٥٥ع
ھالا
*
چنڊ سندي چانڊاڻ |
|
آھي ٻٽي راتـڙيون |
طالب مولا تنھن تي |
|
اعتبار نھ آڻ |
ڪانھي ان جي ڪاڻ |
|
مون سھائو سپرين |
١٥-٤-١٩٥٥ع
ھالا
*
ڪوڙين ٻرن قنديل |
|
تھ بھ وڃن وساميو ڏينھن جو |
لاتم دل دليل |
|
مون سھائو سپرين |
١٥-٤-١٩٥٥ع
ھالا
*
ڪڍي ڇڏ قلب مان |
|
ٻيائي وارو ٻج |
طالب مولا محب جي |
|
نينھن ۾ ٿيجئين نج |
عالم وڻي سج |
|
مون سھائو سپرين |
١٦-٤-١٩٥٥ع
ڪراچي
*
سج، چنڊ کان سھڻو |
|
جانب جو جمال |
قادر قدرت سان ڪئو |
|
قائم ھيءُ ڪمال |
طالب مولا، مرد سو |
|
لالن جو ئي لال |
ماڻھو گھرن مال |
|
مون سيباڻو سپرين |
١٦-٤-١٩٥٥ع
ڪراچي
*
چنڊ چوڏھينءَ رات جو |
|
ڪري ٿو ڪمال |
ھميشه ھڪ جھڙو |
|
جانب جو جمال |
ھي رھي فقط رات جو |
|
ھو ڏينھن جو بھ ڏيال |
طالب مولا ھن جو |
|
ھردم ھڪڙو حال |
ھن ۾ آھھ زوال |
|
سڄڻ سدائين سوجھرو |
١٦-٥-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
سج ۾ آھھ شعاع |
|
طالب مولا ڏينھن جو |
ھو ڪري نيٺ وداع |
|
سڄڻ سدائين سوجھرو |
١٦-٤-١٩٥٥ع
ڪراچي
*
ڪٿي منھن محمد جو |
|
ڪٿي ماھتاب |
ڪٿي جلوو جانبن |
|
ڪٿي آفتاب |
ھڪڙو چمڪي رات جو |
|
ٻي ۾ ڏينھن جو تابش، تاب |
ھنن ھي حساب |
|
سڄڻ سدائين سوجھرو |
٢٣-١٢-١٩٦٣ع
ڍاڪا
*
ڪٿي سنبل سھڻا |
|
ڪٿي مبارڪ مو |
ڪٿي چھرو چنڊ جو |
|
ڪٿي جبين جادو |
ڪٿي شعاع شمس جو |
|
ڪٿي رھبر رو |
ڪٿي تلوارون تير ٿيا |
|
ڪٿي احمد جا ابرو |
ڪٿي اکيون عجيب جون |
|
ڪٿي ساغر ۽ سبُو |
ڪٿي گل گلاب ۽ |
|
ڪٿي بدن جي بُو |
لبن لعل لڄائيا |
|
ڏندن لک لو لو |
ھلڻ تان حبيب جي |
|
عجب ۾ آھو |
ڪٿي فضيلت فردوس جي |
|
ڪٿي ڪامل سندي ڪو |
حبيب آھي ھو |
|
طالب مولا تنھنجو |
٢٣-١٢-١٩٦٣ع
ڍاڪا
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|