[8]
سڪندي ٿيڙم سال
ٿل: |
مست الفت ۾ ڪيا ڪئين ورھھ ويچارا ھڻي |
|
پرت سان ڪيڙا پڌر ڌڪ درد دل وارا ھڻي |
١. |
درد وارن جي او سھڻا ويڄ واھر ڇا
ڪندا! |
|
چاڙھھ چاڙھي مان سڄڻ! تو تن کي ڇوڪارا
ھڻي |
٢. |
ڪيف سان ڪاريون، ڪڪوريل قربدارن جون
اکيون |
|
باز بحري جان جھٽن دلڙن کي لامارا ھڻي |
٣. |
سالڪن ھي سچ چيو ”ري عاجزي ڪا واھھ
ناھھ“ |
|
تار ۾ تابع ڪري ٿو برھھ بي تارا ھڻي |
٤. |
جن جي سرتي عشق اطھر ٿيو اچي جلوه نما |
|
سي ھليا سبحان ڏي ھو ھو جا ھونگارا
ھڻي |
٥. |
ات فقيري فيض جا چشما ٿيو جاري پون |
|
جت اچي ويھي ٿو حضرت عشق اوتارا ھڻي |
*
ٿل: تو لاءِ ڪوڙين ڪانگ اڏايان پئي
تنھنجا پانڌي روز پڇايان پئي
١. ٿو صبح اچي نوان درد کڻي
ٿي رات ٿئي مون لء گھنگھر گھڻي
سو سور سندئي مان ھڪڙي ڄڻي
تنھنجا آھن، تن سان نڀايان پئي
٢. ٿي روز سنجھي منھن ويڙھيو سمھان
وريو آڌي ڏيو ٿي عجيب! اٿان
پايو منھن مونن ۾ رويو روئان
لڪيو لوڪان لڙڪ وھايان پئي
٣. ٿِين نرمل شل! ناراض م تون
تنھنجا ھٿڙا ھجن، منھنجون ڄام! ڄتون
منھنجون محب! اکيون، تنھنجون لالڻ! لتون
وٺيو واٽون تنھنجون واجھان پئي
٤. من منھنجو مٺو سمجھي بھ نھ ٿو
مئو مون کان وري پرچي بھ نھ ٿو
رٺو رمزن سان ريجھي بھ نھ ٿو
تھ بھ کيس پرين! پرچايان پئي
٥. تنھنجي ياد ۾ ھئن مان مست آھيان
پنھنجي پاڻ کي ”تون“ سمجھيو ٿي وھان
اھڙي محبت ۾ ٿيو محو وڃان
جو ڀاڪر پاڻ کي پايان پئي
٦. تو ڇا ٿي چيو ڀلا ڇا ھي ڪيئي!
مٺا محب! وڇوڙو ڏاڍو ڏنئي
پنھنجي طالب کي ڇو وساري ڇڏيئي
تنھنجا مان تھ اڃا ڳڻ ڳايان پئي
*
ٿل: |
ساھھ سڪي ٿو جن لاءِ |
|
سڄڻ شل سارين! |
|
سڄڻ شل سارين |
|
واڳون من وارين! |
١. |
سرتيون! ھوند آئون سون ٿيان |
|
جي محبّت ڏئي مارين |
٢. |
ويھي ڪيئون جي وعدا |
|
پرين سي پارين |
٣. |
سيئي پِر کي پھچنديون |
|
گوندر جي گھارين |
٤. |
رسنديون سيئي راز کي |
|
جن وره ۾ سر وارين |
٥. |
طالب دردن واريون |
|
روز ھنجھون ھارين |
٢٦-٩-١٩٥٧ع
ھالا
*
ٿل: |
ڏوھھ دل جو آھي ظاھر ۾ وڃي اکڙيون
اڙيون |
|
ھوءَ تھ وئي دلدار وٽ پر ھي تھ سورن ۾
سڙيون |
١. |
من پرين ڪجھھ پيار مان ويھي وٽم
ڳالھيون ڪري |
|
زندگي ساري گذر ۽ ياد پونديون ڪي
گھڙيون |
٢. |
ھاڻ شل مون سان نباھي نينھن جو ناتو
سڄڻ |
|
پاڻ ئي پاتئين ڳچي ۾ قربداري جون
ڪڙيون |
٣. |
دل تھ ھڪڙي آھھ جنھن تي يار جو قبضو
ٿيو |
|
محب اڄ ميخون محبّت جون، سندم جي ۾
جڙيون |
٤. |
منھنجي دل ڦاٿي تھ ڇا ٿيو ھي وڏي ڪا
ڳالھھ ناھھ |
|
لطف سان لالڻ ليون جيڪي ھيون جڳ ۾
جڙيون |
٥. |
مون بھ پنھنجي لڄ ۽ لڏ ھن جي حوالي
ڪئي کڻي |
|
ھٿ رکي پنھنجون ڪيون جنھن بي وسيليون
بي وڙيون |
٦. |
ٻي تھ سڀڪنھن وٽ ڪو ھڪڙو سور ھوندو
ساھھ سان |
|
طالب المولا جي دل ۾ درد جون آھن
ڌڙيون |
٢٥-٦-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ٿل: |
پنھنجي پرين ڪاڻ |
|
پاند پسايم روئي روئي |
١. |
ھڪ ساعت پڻ سک جي ناھي |
|
اون عجيبن جي ئي آھي |
|
ڪن ڪا وٽِ وراڻ |
|
راتيون وھايم روئي روئي |
٢. |
بنگلا، ماڙيون ۽ محلاتون |
|
ڪين وڻن ٿيون سو سوغاتون |
|
ڪنھن جي نھ آھي ڪاڻ |
|
قرب ڪمايم روئي روئي |
٣. |
جنھن سان منھنجي لنئون لاثاني |
|
سوئي ملي شل منھنجو جاني! |
|
ان کي مولا! آڻ |
|
حيلا ھلايم روئي روئي |
٤. |
پيار ڪيا مون پلپل جنھن سان |
|
طالب مولا ملندس تنھن سان |
|
ڪنديس ريجھھ رھاڻ |
|
يار ريجھايم روئي روئي |
١٦-٨-١٩٥٩ع
لنڊن
*
ٿل: |
سڪندي ٿيڙم سال، |
|
ويٺي ساجن ساريان |
|
ساجن ساريان، |
|
ڪين وساريان |
١. |
آگ اندر جي ڪين اجھاڻي |
، |
پرينءَ وڌو توڙي پرت جو پاڻي |
|
جر وھايان جال |
، |
ويتر واٽون ٻھاريان |
٢. |
ڪجھھ جي ڪڇان ٿي لوڪ کلي ٿو |
، |
ماٺ ڪرڻ سان جِيڙو جلي ٿو |
|
مون کي ڪھڙي مجال |
، |
ھن سان پرت آئون پاريان! |
٣. |
جيئن ٿي وساريان تيئن نٿو وسري |
، |
نئين سر نينھن نجيب جو نسري |
|
جيڙو منجھھ جنجال |
، |
ويٺي گھنگھر ۾ گھاريان |
٤. |
پِرکي ڏجئين پيغام ھي پانڌي |
، |
ڪوجھي جو من ٿِين اچي ڪانڌي |
|
ھيڻا آھن حال |
، |
سھڻا! توکي سنڀاريان |
٥. |
مئي جي توري واه نھ ڪائي |
، |
عمر وڃي ٿي ھاڻ اجائي |
|
لھھ ڪا سار سنڀال |
، |
اوڳي ويٺي او ساريان |
١٠-٤-١٩٥٦ع
خيرپورميرس ۽ ھالا جي وچ ۾ لکي وئي
*
ٿل: |
محبّت کي ڪا پرواھھ ناھي |
|
دلبر سان جو دلڙي آھي |
١. |
ملن ڀلي ڪنئين طعنا سھڻا |
|
سي سڀ سر تي آھن سھڻا |
لوڪ ملامت ڇاھي!
٢. |
سو ئي نڀائي نينھن جو ناتو |
|
پيچ پيار جو جنھن آھي پاتو |
لڳ لاڳاپا لاھي
٣. |
ان کي خبر، جو محبّت ماريو |
|
پيالو پيارل جنھن کي پياريو |
ڪير ٻيو سينو ساھي!
٤. |
ڊڄ ڊپ ڪھڙا طالب مولا |
|
رکبا ارادا اصلئون اعليٰ |
قرب ۾ رسبو ڪاھي
٢٣-١١-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
ٿل: |
سڄڻ ھجن شل سنوان! |
|
حالڙا ٻڌائنديس-سورڙا سڻائينديس |
١. |
دلڙي گھري ٿي دلبر دمدم |
|
ھيڻي ساڻ اچي ٿئي ھمدم |
|
نيو نيو وريو نوان |
|
ڳڻ تھ ڳائينديس-راٽڙيون وھائينديس |
٢. |
اٿم اميدون اڱڻ تي ايندا |
|
دم دلاسا دل کي ڏيندا |
|
نياز ڪنديس آئون نوان |
|
واٽڙيون ٻھارينديس وارڙا وڇائينديس |
٣. |
مون معزور سان محبُ ملائين |
|
ماڙ ڪجئين ڪا مولا سائين! |
|
لالڻ لئي ويٺي لوان |
|
ڳاجڙا ڳائينديس- موکون بھ ملھائينديس |
٤. |
طالب طلبن لايون تارون |
|
محب اچي من سڻي ڪوڪارون |
|
پيرن تي ڪري پوان |
|
قربڙا ڪمائينديس-ناتڙا نڀائيندس |
٢-١٠-١٩٥٥ع
امين منزل، حيدرآباد
*
ٿل: |
مولا! ملاءِ تون مون سان منھنجي من جو
ٺار |
|
منھنجي من جو ٺار، دل جو دلبر يار |
١. |
جنھن جي ساه کي سڪ، ڇرڪ ڇڏايا ڇِڪ |
|
لوڪان ڪئي جنھن لڪ، سھڻو سو سردار |
٢. |
ورھھ ڪئي آھي وس، ڏوريو پڇايان ڏس |
|
گام نھاريان گس، محبّت جو مھندار |
٣. |
درد ڪري ٿو دانھون، روز نھاريان راھون |
|
پِر کي موٽائي پاھون، عشق ڏنو آزار |
٤. |
وائي آھي وات، بره واري بات |
|
آھي ڏينھان رات، طالب جو تڪرار |
٥-١-١٩٥٥ع
ٿاڻو بولا خان
*
ٿل: رئندي رئندي ٿيون گذرن راتيون
آھن آسون اندر ۾ آتيون
١. تنھنجي آھيان، تنھنجي ٿينديس
بنھن نھ ٻي در سھڻا! وينديس
تو ئي ڳرھاٽيون پاتيون
٢. منھنجو آھين، منھنجو ھوندين
مون سان مدد پل پل ۾ ٿيندين
دلبر! تو لنئون لاتيون
٣. تنھنجون ويٺي واٽون نھاريان
سڏڪيو تو کي يار! پڪاريان
پاءِ پرين ڪي جھاتيون!
٤. ننڊ نيڻن جي ويئي اڏامي
ھاڻي ھڪل ۾ ٿي اچي حامي
پرت مان ڪر پرڀاتيون
٥. اھنج اندر ۾ ڏاڍا اچي ويا
مچ محبّت جا محب! مچي ويا
ڇوھھ مان گڏجن ڇاتيون
٦. مان تھ پرين! توکي ڪين ڇڏينديس
پکڙا توسان گڏجي اڏينديس
جيڪي ڀڳيون سي کاتيون
٧. سائين ڪندو سڀ پوريون اميدون
طالب مولا ٿينديون عيدون
تن ۾ آھن ڏاڍيون تاتيون
٢٣-١٢-١٩٦٠ع
لاھور
*
ٿل: ايندم شال! عجيبَ – سرتيون – ڏيندم پلپل پيار
پيارا
١. آسروند آسائتي آھيان
نرمل کان نا اميد بھ ناھيان
لاکيڻا ھو لبيب – سرتيون – دل وٺندا دلدار دلارا!
٢. ڪوجھڙي آھيان، ناھيان ڪميڻي
پنھنجي ڪن من حبيب ھي ھيڻي
نوري منھنجا نجيب – سرتيون – سھڻا شل ڪي ڏين
سھارا!
٣. آھيان اصل نادان نسوري
بلڪل، بلڪل، بلڪل ڀوري
ڪن ڪي قرب قريب – سرتيون – جاني منھنجي جي جا
جيارا
٤. لاھن سڀ آزار اندر جا
نرمل نازن ساڻ نڌر جا
طالب جا ھو طبيب – سرتيون – منھنجا سڄڻ سي سخن
سچارا
٣-٨-١٩٦٠ع
ڪوئٽا
*
ٿل: ڪندي ياد توکي ھي راتيون وھاڻيون
اچن ياد ھر ھر سندءِ رس رھاڻيون
١. ملڻ ۽ کلڻ تنھنجو مرڪڻ موچارو
اٿڻ ۽ وھڻ آھي ڪل کان قرارو
سڀئي تنھنجون رمزون سيني ۾ ساماڻيون
٢. مان تنھنجو ئي آھيان سڄڻ! اڄ کلي ڏي
مبارڪ مڙن کي ڀلي وڃ وڃي ڏي
ڀلا آ تھ ھاڻي محبّت کي ماڻيون
٣. مان تو سان اچي خير جو خوب کلندس
ڳچي پائي ٻانھون مٺا محب! ملندس
نھ مٽجن ٿيون من تان ھو ڳالھيون ڳوٺاڻيون
٤. ڪري قرب تو ساڻ توکي کلايان
ڏئي پيار ۽ ڳل ڳلن سان ملايان
اٿن روز اڌ مان تھ پِر ڏي پلاڻيون
٥. پون ياد پرديس ۾ پيار تنھنجا
تھ ڳوڙھا ڳلن تان ڪريو ۽ ڪرن ٿا
اينھين دل سان ڪن ٿيون اکيون ٻئي آکاڻيون
٦. مان تنھنجو ئي طالب تون مطلوب منھنجو
مان تو ڏي ئي راغب تون مرغوب منھنجو
ٻئي ھڪ ٻئي ڏي طلب مان ٿا تاڻيون
٣-٩-١٩٦٦ع
ڪئمبرج
*
ٿل: تون ڇا ھئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين
جڏھن تنھنجو ٿيس تھ جدا ٿي وئين
١. ھي ڳالھھ سڄڻ! تون ٻڌاءِ تھ ڪا
ڪھڙو ڏوھھ ڪيوم ۽ آھي ڇا!
مون کان ڪھڙي ڀلا ٿي اربعا خطا!
جو بلڪل بي پروا ٿي وئين
٢. مون کي منھنجي نينھن نھوڙي ڇڏيو
مون کي منھنجي ورھھ وڪوڙي ڇڏيو
مون کي منھنجي عشق الوڙي ڇڏيو
مون کي گھرجي دوا تون دعا ٿي وئين
٣. پاڻھي پنھنجو ”تون“ خريدار ڪيم
۽ پاڻ کي مفت ۾ وڪڻي ڇڏيم
تڏھن تو وٽ ڪجھھ بھ نھ قدر ٿيم
آئون ادنيٰ تون اعليٰ ٿي وئين
٤. ھڪجھڙا ھياسون تھ ڇا نھ ھيو!
ڇو پيار ڪيم، پڇتايان پيو
وچ فرق مراتب پئجي ويو
آئون پيس جھڪي تون خدا ٿي وئين
٥. ھن حيرت ۾ پيو روز ھڄان
ڪئن حجت رکان توکي ڇا ڇا چوان
توکي پيار ڏيان، تنھنجا ادب ڪيان
آئون طالب تون مولا ٿي وئين
٢٣-٦-١٩٦٧ع
١٥ ربيع الاول ١٣٨٧ھھ
اسلام آباد
* |