آيو يار ڏنئين دلداريون
ٿل: سھڻا ساٿيئڙا مون وٽ اڄ ٿا اچن
مون وٽ اڄ ٿا اچن، ڏاڍا قرب ڏبن
ڏاڍا قرب ڏبن بيحد پيار ڪبن
١. ويھو ويھو ڪانگ لنوي ٿو
سڀ ٿي سمجھان جيڪي چوي ٿو
اکيين ٿا ڏسجن ڏاڍا قرب ڏبن
٢. واٽن ۾ مون اکڙيون وڇايون
منھنجون الله اجھي آسون پڄايون
پل ۾ ٿا پھچن ڏاڍا قرب ڏبن
٣. جيڪو پري کان ايندو ڏسان ٿي
منھنجو سڄڻ اھو، اِينھين سمجھان ٿي
من ڪي ٿورا ڪن! ڏاڍا قرب ڏبن
٤. آسروند ويٺي واٽون نھاريان
ور ور ڏيو وريو اڱڻ ٻھاريان
پلپل پيار ڪبن ڏاڍا قرب ڏبن
٥. ڏاڍيون اميدون اندر ۾ آيون
ڏينديس مان ڏھھ ڏھھ ڏھنايون
سي شل سڀ سمجھن! ڏاڍا قرب ڏبن
٦. دل ڌڙڪي ٿي، اک ڦـڙڪي ٿي
من ۾ محبّت پڻ مرڪي ٿي
گولي سان گڏجن ڏاڍا قرب ڏبن
٧. طالب مولا بخت وري ٿو
ٻول ٻڌل اھو ھاڻ پري ٿو
پيرين ھٿ ڌربن ڏاڍا قرب ڏبن
٢٢-٧-١٩٦٠ع
ڪوئٽا
*
ٿل: آيو يار ڏنئين دلداريون
اھڙو گھوٽ وجھي ڪئن گھاريون!
١. پھتو پرين اچي پھرين ھڪل ۾
پيار ڪيائين پل پل پل ۾
ڳالھيون پرينءَ سڀ پاريون
٢. رئندي سان اچي راز ڪيائين
ڪيئي ڪروڙين قرب ڏنائين
پنھنجو اٿم ناھي ڌاريون
٣. پيار منجھان اچي ڀاڪر پائي
لڙڪ اگھي اڄ کلي پرچائي
ڪيڙيون سھڻي ستاريون
٤. منھنجو تھ آخر اھوئي آھي
ٻي ڪنھن سان ڀلا منھنجو ڇاھي!
سڄڻ ڪيون سرداريون
٥. لالڻ ڪيا مون تي لک لک ٿورا
دل ۾ ھيم ڏاڍي چورا کورا
نوڙي ڪيم نيزاريون
٦. پيار پيالو اھي ئي پين ٿيون
طالب مولا سي ئي جين ٿيون
جيڪي محبّت ماريون
٢٧-١٢-١٩٦٠ع
لاھور
*
ٿل: |
سور ويا سڀ لھي |
|
محب مليو ٿيون ڏاڍيون بھاريون |
١. |
موٽي محب اڱڻ تي آيو |
|
قرب منجھارؤن ڪھي |
٢. |
سھڻو سائين آنءُ وٺي آيس |
|
رات وٽانئس رھي |
٣. |
ڳالھھ اھا وڃي نيٺ ٿي پوري |
|
پر ۾ اسان جيڪا پھي |
٤. |
طالب کي مطلوب پياري |
|
محبّت واري مھي |
٢٧-٢-١٩٥٦ع
ھالا
*
ٿل: |
درد دفع سڀ ٿيا |
|
مون سان ٿيو اڄ محبوب ملاقي |
١. |
دل جي دري مان مون لئي ھردم |
|
لالڻ پاتا ليا |
٢. |
نرمل واري ناز سان ھڪدم |
|
ڇڏي ويا سڀ ڇِيا |
٣. |
پيار محبّت وارا پلپل |
|
پِينڌ پرت جا پيا |
٤. |
مئي محبت پي محب ۽ طالب |
|
خوب ٿيا ٻئي کيا |
٢٧-٢-١٩٥٦ع
ھالا
*
ٿل: صبح سان سردار، پنھنجو پاڻ پسايو-
پاڻ پسايو – ديدار ڪرايو
١. غور فڪر ۾ مان ھوس محڪم
کلي ڪري کيڪار- سڪ جو سر سمجھايو
سر سمجھايو – ديدار ڪرايو
٢. اکڙيون ھيڙيون عجز ۾ آليون
دلڙي وٺي دلدار – ويھي قرب ڪمايو
قرب ڪمايو – ديدار ڪرايو
٣. اِستغراق مان اچي اٿاري
سھڻي لڌڙي سار – وصل جو ورق ورايو
ورق ورايو – ديدار ڪرايو
٤. طالب! مولا عيدون ڪرايون
منھن ڏيکاري منٺار – ڀلي پاڻ ڀلايو
پاڻ ڀلايو – ديدار ڪرايو
٢٠-٨-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
ٿل: |
کل کل او ناز وارا! |
|
لايون نوان نظارا |
١. |
ڏھھ ڏھھ ڀيرا ڏنگن ٿا |
|
ور ور ڏيو ونگن ٿا |
|
رت ۾ ڪئين رنگن ٿا |
|
لالڻ! ڏيو لامارا |
واسينگ وار ڪارا
٢. |
جن ڏي بھ ٿيون نھارن |
|
مھمير مرد مارن |
|
مئلون دليون جِيارن |
|
جھٽ پٽ ۾ جي جيارا! |
اکڙيون ڏيو اشارا
٣. |
تنھنجو نھ جوڙ جاني! |
|
تنھنجو ڪو مٽ نھ ثاني |
|
ھر ڪنھن کي ھي حيراني |
|
قربان ٿين ويچارا |
سج، چنڊ، ڪتيون ۽ تارا
٤. |
سھڻا! ھجين سلامت |
|
ھي تنھنجو شان شوڪت |
|
اعليٰ عظيم عظمت |
|
گلبوءِ گلعذارا! |
نازڪ، پرين، نگارا!
٥. |
آ، آ، پرين! اڱڻ تي |
|
مرڪان سندءِ ملڻ تي |
|
تنھنجي مٺا! اچڻ تي |
|
سھڻا، سڄڻ، سچارا! |
اکڙيون ڪيم اوتارا
٦. |
طالب تان ھٿ نھ لاھج |
|
ان جو عرض اگھائج |
|
آھون مڙئي اونائج |
|
خادم سندءِ خدارا! |
پرتو اٿئي پيارا!
*
ٿل: تنھنجا ڪرم ڪروڙين قرب سندا
نٿو لاھي سگھان، نٿو ڳائي سگھان
١. مون ڪنڙي، ڪوجھي، ڪاري تي
ھٿ ٻاجھارو ھر وقت رکيئي
احسان اھي محبوب مٺا!
نٿو لاھي سگھان نٿو ڳائي سگھان
٢. تون شاھن جو آھين شاه پرين!
آنءُ گولو، گداگر ۽ گدلو
تو مون تي ڪيا جي وڙ وڏا
نٿو لاھي سگھان نٿو ڳائي سگھان
٣. آئون تنھنجي ڳڻن جو آھيان ڳڌل
آئون اھڙي زبان ڪٿان آڻيان
سردار سندءِ احسان، الا!
نٿو لاھي سگھان نٿو ڳائي سگھان
٤. آئون پاڻ ڏسي ٿو توکي ڏسان
لڳي مون کي عجب ٿو محب مٺا!
اي سھڻا! تنھنجا لک ٿورا
نٿو لاھي سگھان نٿو ڳائي سگھان
٥. تنھنجي ٿورن جي ڪھڙي ڳالھھ ڪبي
تعريف لکي آئون ڪھڙي لکان!
بيڪار سان تو جي قرب ڪيا
نٿو لاھي سگھان نٿو ڳائي سگھان
٦. مون ھيڻي جو ھمراه ٿئين
پازي جي پشت پناه ٿئين
ھي تنھنجا ڀلارا! ڀال ڀلا
نٿو لاھي سگھان نٿو ڳائي سگھان
*
ٿل: رھھ ڪا سڄڻ رات – سانولڙا!
وڃ نھ پري تون پرديس پيارا!
١. ڏينھن نھ لائج گھڻا – دل جا دلبر يار!
سيگھھ مان لھجئين وري- ساجن! منھنجي سنڀار
ھي تون ڏجئين ڏات – سانولڙا!
موٽي پسائج منھڙو موچارا!
٢. ويل وڃڻ جي ڀلا – ڳالھيون ڪر ڪي ٻٽي
محب مسافر مٺا – حبڙي شل نھ ھٽي!
باقي مڃ ھي بات – سانولڙا!
کٽ ٻاجھھ مان ٻئي ديدون دلارا!
٣. موٽڻ جي ڪج ڪا پرين- توڏي ڏسيو ٿو ڏسان
تو سان وطن ۾ وري – محب مان ملان!
تنھنجي اٿم تات – سانولڙا!
ڪيم عجيبا! اکڙيون اوتارا
٤. طالب مولا پرين – توکي ياد ڪري
سڪ ۾ ساه ٿڌا – ڀورل! روز ڀري!
وائي اھا وات – سانولڙا!
ور خير سان، مل، سخن سچارا!
١٦-١٢-١٩٥٧ع
ڪراچي
*
ٿل: سينو سھڻل ساڻ نھ ساھھ
ٻانھون ٻڌي ڀر ان جي غلامي
١. سر تھ سڄڻ آڏو آڻي ڌر تون
پاڻ قدم ڪو اڳرو ڀر تون
دل ڏئي دعوا ڪابھ نھ ڪر تون
لوڪ لاڳاپا ھڪدم لاھھ
نينھن ۾ ٿيندي نھ تھ ناڪامي
٢. سھڻل سان ڇو حجت ھلائين!
ڌيان ڪجان متان پو پڇتائين!
سرچندو ڪين ڪي جي سرچائين
نوڙت ڌاران چارو ناھھ
ھت تھ سوين ئي آھن سلامي
٣. ڪاوڙجي تھ بھ ڪنڌ نمائج
عجز جو پاند ڳچي ۾ پائج
ويتر اوڏنھن وک وڌائج
ڪاھيو، ڪاھيو، ڪاھيو، ڪاھھ
عاشق! ٿيندين پو آرامي
٤. تو ۾ سھڻ جي طاقت ناھي
ماٺ انھي کان بھتر آھي
رڳو ٻٽاڪ ۾ رکيو ڇاھي!
پڙ ۾ نھ اچ تون خوا مخواه
سر تي نھ کڻجان ڪا بدنامي
٥. ٻانھون ٻڌي جڏھن بيٺو رھندين
سور سڪڻ جا جيڪر سھندين
طالبَ! مولا تڏھن لھندين
ڊاو ۽ ڊپ ٻيا مڙئي لاھھ
ھادي توسان ٿيندو حامي
١-٩-١٩٥٧ع
ھالا
*
ٿل: ڪڏھن تنھنجي در جو فقير آھيان
ڪڏھن تنھنجو پرت ۾ پير آھيان
١. پنھنجي پاڻ ۾ نينھن نبار اٿم
پنھنجي پرت سان پورو پيار اٿم
پنھنجي عشق تي ھڪ اتبار اٿم
پنھنجي طلب ۾ با توقير آھيان
٢. تنھنجي محبّت ۾ مستان بھ مان
تنھنجي عشق جو اعليٰ شان بھ مان
تنھنجي الفت جو عنوان بھ مان
تنھنجي طلبن جو تفسير آھيان
٣. منھنجو جاني ۽ جانان بھ تون
منھنجو روح بھ تون ۽ جان بھ تون
منھنجي نينھن ۾ نورجھان بھ تون
تنھنجو جاني ۽ جھانگير آھيان
٤. مان توسان سڄڻ! منسوب ٿيس
۽ تنھنجو مٺا! محبوب ٿيس
ڦري طالب مان مطلوب ٿيس
پنھنجو نينھن ۾ پاڻ نظير آھيان
٢٢-١٠-١٩٦٥ع
ھالا
*
[16]
چريون چست چھريون
ٿل: اھي ڪاريون، ڪجليون، چريون، چست،
چھريون
اچڻ ساڻ اٽڪيون اکيون ٻئي اٻھريون
١. نشي نينھن جي کان ھيون مست بيحد
نگاھن سان پياري بنايائون بيخود
نئين سال جو تن ڪيو پيار پھريون
٢. اڳئين کان بھ اڳريون عجب رنگ ۾ ٻئي
عجب رنگ ۾ ٻئي عجب ڍنگ ۾ ٻئي
صنوبر کان سھڻيون، گلن کان بھ گھريون
٣. ھو پياريون بھ ٻيئي تھ سرڪش بھ ٻيئي
ھو ساقي بھ ٻيئي تھ مئڪش بھ ٻيئي
خماريل خماريل، ھو ڳورھيون ۽ ڳھريون
٤. نظر جي چمن سان چميو ۽ چميئون ٿي
اشارن اشارن ۾ ڪي ڪجھھ چيئون ٿي
ڪري قرب لاٿئون ڪرم سان ڪمھريون
٥. سڄي رات صحبت ۾ ويھي گذاريم
محبّت جي مئي خوب پيتم پياريم
ڪيون خوب طالب قريبن ڪچھريون
١-١-١٩٦٦ع
حيدرآباد
*
ٿل: اکيون عزم واريون عقابي عقابي
ھو مارڻ سان ڪن ٿيون شتابي شتابي
١. ھو سرمو سينگارن، نھ سرمي سينگاريون
جي پنھنجي خودي ۾ ڀلا خود خماريون
ھنن ۾ ھميشه برھھ جون بھاريون
عنابي عنابي، گلابي گلابي
٢. ھو پنھنجي ئي مستي ۾ بدمست آھن
سدا سوز وارن جي لئي سخت آھن
ڊڄن ڪونھ ڪنھن کان زبردست آھن
رنگينيون رنگينيون، شرابي شرابي
٣. محبّت جي مئي جون مدامي موالي
اچن جي کڻيو جود مان ٻئي جلالي
مڙن ڪونھ ڪنھن کان اھي لا ابالي
قلندر قلندر، عتابي عتابي
٤. اتي ناھھ پيرن فقيرن جي جرائت
نھ زاھد ۽ واعظ سان ڪن ڪا مروت
ھلي صاف صوفن جي ھرگز نھ حجّت
مڃن ڪونھ ڪنھن کي وھابي وھابي
٥. نھ ڀالا ۽ بڻڇيون، ڪٽاريون سندن مٽ
تفنگ، تير، تلوار، خنجر سڀئي گھٽ
نظر جي کڻيو ڪن صفن جون صفون چٽ
جي حملا ھو ڪن ٿيون جوابي جوابي
٦. کڻيو ور وڙھڻ لاءِ سنڀريون وتن ٿيون
بنا دير جي منھن مقابل ٿين ٿيون
ڪنھين مان ھو طالب نھ مورھان مڙن ٿيون
ٻڌن ڪانھ ڪنھن جي حسابي حسابي
٢٨-٧-١٩٦٥ع
اسلام آباد
*
ٿل: اِھي ناز واريون ۽ مٺڙيون موچاريون
امالڪ ٿيون اٽڪن سڄڻ جي سيکاريون
١. ڦريو دل وڃن جي ڦرڻ تي اچن ٿيون
نھ ڪا مھل ۽ موقعو ڪو ڏين ٿيون
زبردست ڌاڙيل، دلبر جي ڌاريون
٢. سدا تير سيني منجھان پيار اڪارن
پکي دل جو پھرين نظر ساڻ مارن
جي پھريون پون ٿيون، وجھن مير ماريون
٣. انھن تي ڪنھين جي چڙھي ڪانھ حشمت
ٿئي تيغ زن کي نھ ات ڪابھ ھمت
ھميشه کان حملي ۾ سرسيون، سوڀاريون
٤. ھو ڪن پيش قدمي ڪرڻ ۾ نھ ڪا گھٽ
پڄن برق بجلي کان جلدي ۽ جھٽ پٽ
ڪريو سي وتن ٿيون جو ترتان تياريون
٥. پچر جو ڪري ان تي اڀرن اورھاٽيو
ھڻيو ڏنگ ڏاڍا وجھن ٿيون وھاٽيو
پورو ڪن پٽي تي ڪاريھر کان ڪاريون
٦. ڏين گھور ٿيون ڄڻ لڳي وئي دونالي
سندن وار طالب وڃن ڪونھ خالي
ھو مارن جيارن تھ اختيار واريون
٢٩-٦-١٩٦٥ع
ريلوي اسٽيشن ”دينا“
*
ٿل: مات ٿيا سي جن ۾ اٽڪيون تنھنجي اکڙن جون اڻيون
ھي دليريون تو سنديون وھوا سڄڻ! ڏاڍيون وڻيون
١. ڪنھن کي طاقت جو جھلي تک تاءُ سرميلن سندو!
ھڪ نظر سان ٿيون وجھن ڦيرا ڏيو دل ۾ ڦڻيون
٢. ھت ٻڌيو حاضر ٿين سلطان سھڻي جي اڳيان
پير ۽ مخدوم سڀ پِرين جي پيرن جون پڻيون
٣. قرب وارا! تون ڪڏھن ايندين ڪو اگلن جي اڱڻ
انتطارن ۾ او سھڻا! ڏينھڙا ويٺا ڳڻيون
٤. درد وارا! ڄاڻ ملندءِ پنھنجو دلبر دل اندر
پر جڏھن ڦيريندو رھندين قرب سان من جو مڻيون
٥. يار جي اڳيان اھو مقبول ٿيندو ھر گھڙي
قلب ۾ جنھن جي وڌيون ڪي قرب جون قدرت ڪڻيون
٦. طالب المولا تي ھر ھر تاب ڇو ايڏا ڪرين!
ھو وھيڻو ھڪ سندو تون ٿو ڏئين گھورون گھڻيون
١-٦-١٩٥٦ع
ھالا
*
ٿل: نشيليون نشيليون اچن جو اورھاٽيون
تھ ڇوھئون ڇڏن ٿيون گھورن سان
گھوماٽيون
١. سي شاھين وانگر جو پرواز ڪن ٿيون
مثل باز، بحري لامارا ڏين ٿيون
پکي دل جو پڪڙن چنبن ۾ چيڀاٽيون
٢. نھ اچڻيون جي اچڻيون تھ واپس نھ وڃڻيون
جي چھٽن ۽ چنبڙن تھ ڏاڍيون ئي ڏنگڻيون
ڏئي وھھ ورھھ جو وڃن ٿيون وھاٽيون
٣. ھوڪاريو ھوڪاريو ٻئي ٻک وجھن ٿيون
وڙھڻ ملھھ محبّت جي ھڪدم اچن ٿيون
ھو ماريو مڃائن ڪڍيو ڪانبلاٽيون
٤. ٻئي حسن واريون اداسي اداسي
محبّت جي مئي لءِ پياسي پياسي
اھي عشق جي اڃ اصل کان اساٽيون
٥. جي نڪريو نقابن مان ٻاھر پون ٿيون
تھ ويتر وڏا ڊنگ ڊاھيو وجھن ٿيون
نھ ڪن تر تفاوت سڌيون ۽ سنواٽيون
٦. بظاھر نظر ٿيون اچن خوب چرڙيون
مگر در حقيقت ڪاريھر کان ڪرڙيون
اي طالب ٿيون مارن گھورون ڏيئي گھاٽيون
٢-٧-١٩٦٥ع
ڪراچي
*
ٿل: زوراور، زوراور اھي بي ملاليون
ھٿن سان ھيرائي پِرين ڪئن نھ
پاليون!
١. ھميشه ڏسون ٿا گلابي، گلابي
ڪڪوريل، ڪڪوريل، شرابي شرابي
الاجي ڪٿان ٿيون پين پر پيالون!
٢. پِين جيڪڏھن پور ڪن ٿيون نوازش
جي نھ تھ ھر گھڙي ۾ ھو سرڪار، سرڪش
رھن مست، خوددار ۽ خود خياليون
٣. ڏسڻ ۾ سدائين اياڻيون، اياڻيون
نماڻيون، نماڻيون، سياڻيون، سياڻيون
سدائين ٿيون ڏسجن نيون ۽ نراليون
٤. عجب آھھ ٻئي مست ھڪڙي سڄڻ وٽ
سندن ئي قسم، ناھھ ڪنھن ۾ بھ ڪا گھٽ
الھڙ عشق واريون صنم ڪيئن سنڀاليون!
٥. خطا ٿا ٿين ڪين تن جا نشانا
لڳن پنھنجي مرڪز تي سورنھن ئي آنا
گسن ڪين ڪڏھين ھو دوران دوناليون
٦. ھو تسليم ڪنھن کي ڪڏھن ڪين ٿيون ڪن
يقينا اھي ٻئي ”ڪميونسٽ“ آھن
اٿن ڄڻڪ روسين ۽ چينن جون چاليون
٧. سياڻپ اسان کي بھ ڪجھھ ڪانھ آئي
اسين پڻ محبّت ۾ ڏاڍا چريائي
اسان کان بھ تن جون چريون چست چاليون
٨. بظاھر رھن ٿيون بيگانيون، بيگانيون
اي طالب نھ آھن ديوانيون، ديوانيون
مگر مست، بيخود ٻئي لا اباليون
٣٠-٦-١٩٦٥ع
ڪوئٽا
*
|