[7]
ساري سر ۾ سھڻو صبيح بھ تون
ٿل: |
تون تارن ۾ چوڏھينءَ جو چنڊ |
|
ٻيا سھڻا ڀلي ڪن گھڻو ئي گھمنڊ |
١. |
تنھنجي رمزن واري روءِ ڪٿي! |
|
تنھنجي خود مستي جي خوءِ ڪٿي! |
|
پرين! تنھنجي پگھر جي بوءِ ڪٿي! |
|
ڪٿي عطر، عنبير ۽ سچو سر کنڊ! |
٢. |
ھند، سنڌ ڏٺي مون گھمي ۽ ڦري |
|
تنھنجو مٽ نھ ڪنھين جي شڪل ھئي |
|
جي ڳالھھ اھا منھنجي يار گٿي! |
|
تھ پو ڏيندس ڀري ڏھھ ڀيرا ڏنڊ |
٣. |
ٿي پيارا! ھڪڙو پل نھ پري |
|
ماندي دل ٿي مٺا! منھنجي مفت مري |
|
ھلي آءُ اڱڻ پرين! پير ڀري |
|
قربان وڃان، ٿيون کير ۽ کنڊ |
٤. |
تو پھرين نظر ۾ ماري ڇڏيو |
|
پئي ڪانھ خبر تھ ھي ڇا ٿي ويو! |
|
پتو پوءِ پيارل! نيٺ ھي پيو |
|
وئين محب! ھڻي محبّت جو منڊ |
٥. |
سھڻا ماڻھو، سڄڻ، ٻي ڪا ڳالھھ ٻڌيئي! |
|
ڀلي حسن، جمال حبيب! ھجئي |
|
چوي طالبَ ھي ڪا خبر اٿئي! |
|
ڏاڍو عشق اڙانگو آھي اھنڊ |
١٠-٧-١٩٦٥ع
ڪوه مري
*
ٿل: |
تنھنجي ڪارن وارن پاتو ڪمند |
|
ٿي سوگھو ويو منھنجو بند، بند، بند |
١. |
اھي ڳھريل ڳوڙھيون ۽ ڳاڙھيون |
|
جيڪي جلويدار ۽ ٻئي جاڙيون |
|
پرين! پرت مان ويھي تو پاڙھيون |
|
تن پيتو مٿان محبّت جو مند |
٢. |
تنھنجو حسن ڏسي ٿو لڳيم عجب |
|
ڪيو خالق ھي ڪيڏو نھ غضب! |
|
ياقوت ۾ ڄڻ ٿيا موتي نصب |
|
آھي ڪئن نھ جڙيل تنھنجو، ڏند، ڏند،
ڏند |
٣. |
ڏوراپا ڏئين تھ بھ سھڻا سٺا |
|
مون پيار بھ ڏاڍا پيارا ڏٺا |
|
تنھنجا قرب قريب ٿئا ماکيان مٺا |
|
مٽ ڪونھ مٺي جو ٿئي گلقند |
٤. |
رخسارن ۾ جيڪو رنگ ڀريل |
|
ناھي ثاني ان جو گلابي گل |
|
جنھن جو ڪوبھ جھان ۾ ڪونھي مل |
|
ساري سر ۾ تنھن جو آھي سڳند |
٥. |
جي پاڻ کي منھنجي اک سان ڏسين |
|
تھ پو خبر پوئي تھ تون ڇا آھين! |
|
۽ پاڻ تي عاشق خود ٿي پوين |
|
مون کي تنھنجي سر جو سڄڻ سوگند! |
٦. |
آئين يار سڄڻ سينگار ڪري |
|
ٻئي ٻانھون ڳچيءَ جا ھار ڪري |
|
ملئين طالب سان ڏاڍا پيار ڪري |
|
منھنجو سچ پچ آھي بخت بلند |
١١-٧-١٩٦٥ع
ڪوه مري
*
ٿل: |
تنھنجي قرب جو آھي وسيع ڪمند |
|
تو تي عاشق ٿي پيو خود خاوند |
١. |
ساري سر ۾ سھڻو صبيح بھ تون |
|
محبوب مٺو ۽ مليح بھ تون |
|
وري فائق پاڻ فصيح بھ تون |
|
تنھنجو گفتو گفتو ڪمال جي قند |
٢. |
تنھنجي در ٿا جھڪن سڀ مثل گدا |
|
ديدار جي دولت ڪر ڪا عطا |
|
تون شاھن جو آھين شاھنشا |
|
مان مفلس ۽ تون سھڻا! سرند |
٣. |
جيڪو تنھنجي در ٿو سوالي اچي |
|
سو مورھئون ڪين ڪي خالي وڃي |
|
منھنجا سھڻا سڄڻ! ڪو مڃي نھ مڃي |
|
پر ڪونھي انھي ۾ ڦير ۽ ڦند |
٤. |
بي يارن جو آھين يار بھ تون |
|
بي واھن جو ڀوتار بھ تون |
|
بي دلين جو دلدار بھ تون |
|
بي ڪارن جو دلبر، دلبند |
٥. |
تنھنجي عشق ۾ ڪيئي اسير ٿيا |
|
تنھنجا دلبر، دامن گير ٿيا |
|
سو طالب مولا فقير ٿيا |
|
تنھنجي پيرن سان منھنجو پرين! پيوند |
١١-٧-١٩٦٥ع
١١ ربيع الاول ١٣٨٥ھھ
ڪوه مري
*
ٿل: |
تنھنجي حسن جا ھل |
|
دلدارن ۾ يار دلارا! |
١. |
وار وڪوڙيل، ڪنڍڙا، ڪارا |
|
سينڌ سڌي پئي ڏي چمڪارا! |
|
مشڪ سان موھيل خوشبو وارا |
|
تن ۾ گلاب جا گل |
پرين! لڳن ٿا ڏاڍا پيارا
٢. |
سھڻيون سڳيون ٻئي کولي ھلين ٿو |
|
ڊيل کان وڌ تون چال چلين ٿو |
|
تن کي لڏڻ کان ڪين جھلين ٿو |
|
چوکا چوٽي ڦل |
جھومر جاني! ڪن جھلڪارا
٣. |
واه جو ٻڌين ٿو ونگيو وانگوڙو |
|
سمجھي سڀڪو نانگ ھي جھوڙو |
|
تنھنجو قسم آئون ناھيان ڪوڙو |
|
منھنجا محب مٺل! |
ڦڻيون ڪڍيو ڄڻ ڏين ڦوڪارا
٤. |
ڏاڻ پيارو ڏاڻ وجھي ٿيو |
|
سڀڪو اتي اچي پاڻ سجھي ٿو |
|
ڦاسي اھين جو ڪجھھ نھ ڪنجھي ٿو |
|
اھڙي اٿئي اٽڪل |
جنھن سان ونگين ٿو ورھن وارا
٥. |
الي عجيبَ جي ڏاڍي موچاري |
|
نوڙيو نراڙ کي چمي چوڌاري |
|
ڀِرن ڀران تو ڪئن نھ بيھاري |
|
جنھن کي نڪا جھل پل |
لڏيو لڏيو ٿي ڏي لامارا
٦. |
منجھھ ڪنن ايرينگ لڏن ٿا |
|
ڳاڙھن ڳلن کي خوب چمن ٿا |
|
ناز منجھان ٻئي نوري نچن ٿا |
|
عشق مان ڏين اڇل |
پيارا پري کان مارن موچارا
٧. |
ھيرو نڪ ۾ آھي ھزاري |
|
بولو، بنئيسر مينا ڪاري |
|
چندن ھار سڄو سونھاري |
|
برھھ لائين بَڪل |
ڄڻ چمڪن ٿا چنڊ ۽ تارا
٨. |
مرڪيو مرڪيو ماريو وجھن ٿا |
|
سھسين ڪري سينگار اچن ٿا |
|
نئين سج نرمل! نوان ڏسجن ٿا |
|
آھن پاڻ امل |
منھنجي ساه جا سي ئي سھارا
٩. |
ڀر ۾ ڀلي ڪو ڪنوار بيھاري |
|
پوءِ کڻي ڪو ھن ڏي نھاري |
|
دل ۾ وري سو ويھي ويچاري |
|
پوءِ پويس ڪا ڪل |
تھ سونھن ۾ آھن ڪير سوڀارا
١٠. |
سڀيئي سڄڻ سان ريسون ڪن |
|
ٿيون زيور، زريون پڻ پھرن ٿيون |
|
منھنجي پرينءَ سان ڪين پڄن |
|
ٿيون ڪن ٿيون رڳيون ئي اھل |
اصل، نقل ۾ وڏا ويڇارا
١١. |
ڪٿان آڻن اھي ناز نزاڪت |
|
لالڻ منھنجي واري لطافت |
|
طالب تن کي ڪھڙي طاقت! |
|
اھا انھن جي ڀل |
سينو ساھن جيڪي ويچارا
١٢-٧-١٩٦٥ع
ڪوه مري
*
ٿل: |
سھڻل جا سينگار- |
|
وھوا دل کي وڻن ٿا |
|
دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺھن ٿا |
|
ڏاڍا ٺھن ٿا، من کي موھن ٿا |
١. |
ڪارا ڪارا، ڪنڍڙا ڪنڍڙا |
|
سھڻا سھڻا، سنھڙا سنھڙا |
وانگوڙي ۾ وار
٢. |
تيل، ڦليل، ڦڻيون، ڦوڪارا |
|
ڌوپِيل واسيل، ڪيس ھوڪارا |
گھرا گھنڊيدار
٣. |
ابرو عجيبُ، ڏنگا ۽ ڏوڙا |
|
ڏيھھ ڏسيو ڪن گھوڙا گھوڙا |
تيز ڪنان تلوار
٤. |
ٻيئي اکيون ڄڻ باز ۽ بحري |
|
مار ڪرڻ لئي پون ٿيون پھري |
ڪن شاھاڻا تھ شڪار
٥. |
نڪ نجيب جو ننڍڙو ننڍڙو |
|
سنھڙو سنھڙو، ڪنڍڙو ڪنڍڙو |
رنگ ڀريا رخسار
٦. |
لب لالڻ جا مرڪيو مرڪن |
|
ڏند موتِن جا جھرڪيو جھرڪن |
ڪونج ڳچي ۾ ھار
٧. |
روز چمان، چشمن تي چايان |
|
لائق سمجھي لبن سان لايان |
پرين جا پيزار
٨. |
گڏ گذارڻ، اٿڻ ۽ ويھڻ |
|
طالب مولا رسڻ ۽ پرچڻ |
محبّت جا معيار
١٣-٧-١٩٥٥ع
حيدرآباد ۽ ھالن جي
وچ ۾ لکي وئي
*
ٿل: تنھنجي عجب اڏاوت ۽ بيھڪ
تنھنجي ٽرڻ ڦرڻ ۾ عجيب ڌنڪ
١. تو کان ڪونھ وڌيڪ ملوڪ ڏٺم
تو کان ڪونھ زياده حسين ٻڌم
تو کان ڪونھ وڏو ڪو مثال مليم
ڪبا ڪھڙا انھي ۾ شبھا شڪ
٢. ڪو دنيا گھمي ڀلي توڙ ڪري
ڏسون ڪنھن کي ٿو تنھنجو جوڙ ڪري
توکي وٺندو مٿي جو موڙ ڪري
تنھنجو ملندو مثال نھ اوڏي ڇِڪ!
٣. نھ شباب جو جاني! جواب ڪٿي
انھي حسن جي حد حساب ڪٿي
لکي توکي سو آھي ڪتاب ڪٿي!
تنھنجي ڦوه جواني عجيب اٿڪ
٤. تو کي پنھنجي ھٿن سان ٺاھيو خدا
اھا ڄاڻي حقيقت شاه و گدا
اي جاني جواڻي ماڻي سدا
ڏين ڏھھ ڏھھ ڀيرا ٽليو ٽھڪ
٥. محبوب مٺا تون شال جيين!
مون سان گڏجي کنڊون ۽ کير پيين
تون پنھنجو مثال بھ پاڻ ٿيين
آھي مون کي نھ، پر پِرجا کي پڪ
٦. ڇو مون کي قريب ٿي قرب ڪيئي
ڇو وڇڙيل کي وري پيار ڏنئي!
ڇا طالب جي ڪا خبر اٿئي
تنھنجي عشق ۾ وئي ساڃاه سمڪ
٣٠-٤-١٩٦٧ع
٢٠ محرم ١٣٨٧ھھ
ڪراچي
*
ٿل: اِھو اٿم يقين تھ آھيان برحق
توکي نھ مڃي سو آھي احمق
١. سڀ ھيرا جواھر گڏجي ڪجن
اتي محب! مڻين کڻي موتي ھجن
تھ بھ تنھنجي برابر ڪين ٿين
اکيون تنھنجيون رشڪ در ابلق
٢. جي ٽيڏي اک سان يار! ڏسين
تھ ھيڪاري ڇرڪ ڇڏايو ڇڏين
ٿو پاڻ ڏي دلبر! گھليو وٺين
تنھنجي چشمن ۾ آھي چقمق
٣. محبوب سڄڻ ماکي کان مٺا!
تو سدائين ڀلايا ڀال ڀلا!
تنھنجي سر جو قسم تنھنجو ڏوه نھ آ
مون کي منھنجي سورن ڪيڙو سحق
٤. تاريخ محبّت پڙھي جا ڏٺيم
”ريسرچ“ انھي تي ويھي ڪيم
رڳي ھجر ۽ غم معلوم ٿيم
اٿلائي ڏٺو مون ورق ورق
٥. مون خاطي روز خطائون ڪيون
تو مون تي الاھي عطائون ڪيون
تنھنجي جورو جفا بھ وفائون ڪيون
رڳو تنھنجي نينھن ڪيو ناحق
٦. تنھنجون عجب رھاڻيون رس نوان
ڪري حاصل ٿياسون نوان ۽ سنوان
والله سڄڻ! ھي سچ ٿو چوان
تنھنجي وسري نٿي صحبت سابق
٧. تنھنجو طالب مولا زنده رھي
ڀلي دلبر! دنيا ڇا بھ چوي
مان تھ ھيئن چوان ھڪ ھام ڀري
”منھنجي عذرا تون مان تنھنجو وامق
٢٠-٥-١٩٦٧ع
٩ صفر ١٣٨٧ھھ
اسلام آباد
*
ٿل: تنھنجي رخ ۾ نوري ڏاڍو نمڪ
سڀ سھڻن ۾ ئي حبيب! تون ھڪ
١. منھنجا غم گوندر ٿيو دور وڃن
جي توکي اکيون ٿيون کلندي ڏسن
سڀ جذبا جيئرا ٿيو ٿا پون
ٿو زندگي بخشي ٽھڪ ٽھڪ
٢. تنھنجي ھلڻ چلڻ واري چال ڏسي
مون کان پنھنجي قيامت وئي وسري
اھا لوڏ لکن جي ماري ٿي
سھڻا! تنھنجي چيلھھ جھڙي چابڪ
٣. مون کي اڳ ۾ آھي خبر اھا
جي گري چڙھيين تھ پو ٿيندين ڇا!
آھي اسان جو تھ ھاڻي ئي حافظ خدا
انسان آھيان، نھ ڪي جن ملڪ
٤. ڪنھن جي ڪرڻ خوشامد آھي بُري
پر سچ ٿو چوان ڇاھي ان ۾ وري!
تنھنجي پير ھيٺان وڃي نانگ سري
ٿئي پيرن ۾ لاکيڻو لڪ
٥. توسان ھام ھڻي سو ڪير ٿئي!
جيڪو سامھون اچي اھو آ ڪٿي!
ھي طالب مولا سچ ٿو چوي
ساري سر جو نجيب! تون آھين نڪ
٣-٥-١٩٦٧ع
١٣ محرم ١٣٨٧ھھ
ھالا
*
ٿل: گھڻو آھن گھٽ تو کان سڀ گل ڦل!
ساري ملڪ ۾ تنھنجي حسن جا ھل
١. ڪنئين خود کي خوب سينگارن ٿيون!
ملي مھٽي پاڻ کي مارن ٿيون!
توڙي ھر ھر پاڻ سنوارن ٿيون
نٿيون تو سان پڄن ڪري تنھنجي اھل
٢. منھنجا جاني، مٺا، قربدار، ڪنا!
تو کي مولا حسن ھزار ڏنا
تون سھڻو آھين سينگار بنا
تنھنجي حسب نسب ۾ ناھي ال
٣. تون پاڻھي اچي ٿو پيار ڪرين
مٺِڙن جي مٺا! وارو وار ڪرين
ڪنئين مون سان عجيب! ٿو آر ڪرين
اِھي مٺڙا ڀلي ڪر آر انگل
٤. منھنجو توڏي اچڻ، تنھنجو ڪوڙو رسڻ
منھنجي منٿ ڪرڻ، تنھنجو منھڙو مٽڻ
منھنجو پيار ڏيڻ، تنھنجو پرچي پوڻ
ڏاڍي مرڪي ملڻ جي اٿئي اٽڪل
٥. مون کي پنھنجو بنايئي حبيبُ پرين!
ڪيو قرب ڏئي تو قريبُ پرين!
منھنجو بخت ڀلو ۽ نصيبُ پرين
منھنجي درد جا تو وٽ سڀ درمل!
٦. تنھنجو طالب نرمل! نماڻو آھيان
تھ بھ تنھنجو آھيان جي اياڻو آھيان
تنھنجي ڍٽ جو رمز ۾ راڻو آھيان
منھنجي ڪاڪ جي آھين تون مومل
١٦-٣-١٩٦٦ع
ڍاڪا
*
ٿل: تنھنجو دنيا ۾ محبوب! نھ مٽ
ڀلي پائي اچي ڪو ڪلنگي ڇٽ
١. کڻي ھار سينگار ھزارين ڪن
وري ناز انداز سان سامھون اچن
تنھنجو ھوندس مان ڀلي مون لئي سڪن
ڪنھن کي طاقت جو ڪري مون سان ترڪٽ!
٢. زر زيور سان نٿو حسن وڌي
لکي ھوندي لباس بھ ڪجھھ نھ ٿئي
اِھا ڏات خدائي جنھن کي ملي
ھڪ تون آھين جنھن جو ناھي مٽ سٽ
٣. ھت ڪونھي خوشامد جو ڪو سبب
ھن ڳالھھ کي ڄاڻي ھڪڙو رب
تنھنجو اعليٰ آھي حسب نسب
تون تاڃي پيٽي آھين پٽ
٤. پرين! پاڻ سان تو پابست ڪيو
اھو سودو دست بدست ڪيو
محبت ۾ مٺا! ڏاڍو مست ڪيو
مون کي پيار جو پياري پٽ تي پٽ
٥. ڪنھن کي طالب مولا ڪجھھ نھ مڃي
ڀلي ڪير اڏامندو ڇو نھ اچي!
کڻي اک بھ انھي ڏي ڪين ڏسي
رڳو تو وٽ آھي چريو چرڪٽ
٥-٤-١٩٦٦ع
ڪالا باغ
*
ٿل: آھين لاثاني بي نظير پرين!
پوري ملڪ ۾ با توقير پرين!
١. تنھنجي فرقت جو احساس ھيم
تنھنجي صبر نھوڙي نيٺ نيم
جڏھن رھبر عشق عجيب! ٿيم
اچي پيش پيس اڪسير پرين!
٢. ڪڏھن تو کي وساري ڪين ڇڏيم
مون کي محب مٺا! تنھنجي سر جو قسم
تنھنجو خط ۾ لکڻ ھئن ياد اٿم
”منھنجي جي جا جاني پير پرين“!
٣. ھاڻي اون عجيبا! ڪا ئي نھ ٿم
جيڪي دل ۾ ھئا سڀ سور لٿم
تنھنجي نينھن تي بيحد ناز اٿم
منھنجي عشق جا يار اسير پرين!
٤. ھر ھڪ خواھش معذور ھئي
ھر ھڪ ڪوشش مستور ھئي
ڏاڍي يار سڄڻ! مجبور ھئي
تقدير اڳيان تدبير پرين!
٥. تنھنجو طالب مولا در نھ مٽيو
بازي برھھ جي کان ھرگز نھ ھٽيو
ھن پاڻ ھارائي تو کي کٽيو
منھنجا ٻھڳڻ، ٻاونگير پرين!
١٥-٤-١٩٦٦ع
بنگلو جمڙائو، لانڍي واري موري
شھدادپور
*
ٿل: تنھنجي شان وٽان ڪينھي مڙئي منصبَ
ڪٿان آڻيان سڄڻ تنھنجي لاءِ لقبَ!
١. کولين وار تھ سنبل سھميو وڃن
کڻين اک تھ نرگس جا ڏوھھ ڏڪن
سڀ غنچا ٽڙيو گل ٿيو ٿا پون
جڏھن مرڪن تنھنجا لال ٻئي لب
٢. ڪنھن کي طاقت تنھنجي ڪٿ ڪا ڪٿي
تنھنجو مٽ نھ ٿئي ڪو لٿي ۽ پٿي
ھڪ ذات سيد جي سا آھي مٿي
باقي تو کان سڀئي گھٽ حسب نسب
٣. ڀلي ھر ڪو ٻڌي منھنجا ٻول اجھي
مون کي ڪونھ ٿو اھڙو سر ۾ سجھي
جيڪو تنھنجي جتي ۾ پير وجھي
سو پيدا ڪيو ئي ڪونھي رب
٤. تنھنجي عشق ۾ ڪينڪي اھنجو آھيان
تنھنجو نھ ڀلا ٻي ڪنھن جو آھيان!
سھڻا يار! فقط مان تنھنجو آھيان
مون تي ڪنھن جو ”ڪليم“ نھ ڪا چب سب
٥. اھو گفتو گفتو واھھ جو ٺھيو
جيڪو پنھنجي زبان سان ھئن تو چيو
”ٿيا ڏينھن، مون سان تو نھ پيار ڪيو“
وھوا ڏاڍي وڻي اھا تانگھھ طلب
٦. تنھنجو طالب ٿي تنھنجي پيش پيس
تنھنجي قربن آخر قيد ڪيس
تون ڪين تھ تو ھاڻو ئي ٿيس
تڏھن پاڻھي ڪريان ٿو پنھنجا ادب
٢٢-٤-١٩٦٦ع
ڊڀري
*
ٿل: جيڪي منھنجي ڳچي جا ھار ٿيا
اھي ڪارا ڪنڍڙا وار چمان
جيڪي ڳوپ ڏئي ٿي دام پيا
سي خاصا خوشبودار چمان
١. جنھن کان شمس و قمر شرمائن ٿا
جنھن کان تارا ڪتيون گھٻرائن ٿا
اھا نور ڀري جا پيشاني
ڪري ھمت سا ھڪوار چمان
٢. جن آڏو ھلال ڪا شئي ناھي
جن آڏو ڪمان بھ ڇا آھي!
جن آڏو خنجر خم ٿا ٿين
اھي خوشتر ٻئي خمدار چمان
٣. جي ڇرڪ ڇڏايو خوب ڇڏن
۽ پنبڻيون مورھئون ماريو وجھن
اھي ڇپر ڇنڀڻ سان ڇيھھ ٿا ڪن
وھوا تن جا اکن سان وار چمان
٤. ڄڻ مئي جا ڪٽورا ٻيئي ڀريل
يا ماڳنھن آھن خود پيتل
اھي مست و مست قلندر ٻئي
ڪري ڏاڍو ادب، ڏئي پيار چمان
٥. سو آھي ڪنول جو ڍنگ ڪٿي!
سو آھي گلاب جو رنگ ڪٿي!
جتي بلبل ڀنئورا خود بيخود
اھي رمز ڀريا رخسار چمان
٦. ڄڻ لعل ۽ موتي صدف ۾ بند
قربان مٺاڻ تان تن جي قند
سي لال لعابي لالڻ جا
لب سرخ ٻئي ٻيھار چمان
٧. کڻي ڪونج نھ پنھنجو ڪنڌ مٿي
جي سامھون سڄڻ پئي ان کي ڪٿي
منھنجي ڳڻن ڀرئي جي ڳچي تھ ڏسو
جا چؤکي، چڱي چوڌار چمان
٨. ھو پيرين ھٿين ٿيو ھڪ جھڙو
جو ثاني سڏائي، سو ٿئي ڪھڙو!
تنھنجي نقش قدم جي خاڪ کڻي
اھا غيرت عنبر بار چمان
٩. جيڪي در تي سندس ھليا مون کي وٺي
ڏيان تن کي ترت مٺي تي مٺي
اھي طالب مولا ٻئي تھدل
پنھنجا پير چمان، پيزار چمان
٨-٨-١٩٦٦ع
اسلام آباد
*
ٿل: مٺا محب ماڻھو پرين پيار وارا
انھي لئي اکن ۾ اڏيا مون اوتارا
١. اِھي وار ڇلڙا تھ ڪي نانگ ناھن
ڏين پاڻ ۾ پيچ اھڙا ئي آھن
ڏيو ور وريو ڪن ونگڻ لاءِ وارا
٢. چٽي چنڊ کان پڻ پرين جي پيشاني
نھ بجلي برابر نھ ٻيو مٽ ۽ ثاني
جھلي ٿا سگھن ڪين ڪي تاب تارا
٣. نھ تلوار جي ڌار اھڙو ڪري ڪم
نھ خمدار خنجر ھڻي ڪو ھتي دم
ٻٽا پاڻ ٻيئي ڀرون ڀئونر ڪارا
٤. ڇپر جي کڄن ٿا تھ اولا لھن ٿا
ڏکويل کي تسڪين ڏاڍي ڏين ٿا
اھي پاڪ پنبڻيون نھ ڪن پارا پارا
٥. ھو شھباز جئن عزم سان جي اچن ٿا
تھ پھرين نظر ۾ وٺيو دل وڃن ٿا
اھي نيڻ نرمل جا ڄڻ مست مارا
٦. ڪڏھن مٽ ڪي ٿيندا ڀلا گل گلابي!
ڪٿي ناز آھن انھن وٽ نقابي!
انھن ۾ نھ آھن ھي نوري نظارا
٧. لڄي لعل، ياقوت، ھيرا ٿين ٿا
۽ شرمائي مرجان، موتي وڃن ٿا
جو محبوب مرڪن ٿا مٺڙا موچارا
٨. نظر ٿو اچي جي پِين ٿا ھو پاڻي
نزاڪت، نفاست ڪئي ھت پڄاڻي
ڪيا حلق حيران عقل، سمجھھ سارا
٩. وڏا وڙ ڪري ھو اڱڻ منھنجي آيا
وريو بخت طالب ٿيا لايا سجايا
کڻي ڪير ٿو ھيئن قدم قرب ڌارا!
٢٢-١٢-١٩٦٠ع
لاھور
*
|