Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 17

[12]

دل ڦري وئين کڻي حسن وارا

 

ٿل:

دل ڏاڍو ٿي سڄڻ! توکي ساري

 

ور واڳ وصال جي واري

 

١.

توئي پيچ پھرين پرين! پاڻ پاتو

 

ڪري قرب ۾ مون کي بلڪل بلاتو

 

ھي ھاڻي نڀائيج لاتئي جو ناتو

 

متان دوست دلدار! ويھين وساري!

٢.

لائي نينھن نرمل! مون کي نيٺ نيڙيئي

 

نڪي ترس تر جو پيارا! ڪو پيڙيئي

 

ھي عاشق اڪنڊ ۾ گھڙيون پيو گذاري

٣.

مليون يار! توکان تھ دمدم ڌڪارون!

 

۽ مون ڏي مڙيئي ٿيون تنھنجون ميارون

 

ٻڌي مان موٽين ھي پلپل پڪارون!

 

ڪنديون عيد اکڙيون اچين جي اوتاري

٤.

ھينئن ڪا جدائي ٿي جانب! جڳائي

 

ورئين ڪونھ جئن تون وئين پٺ ورائي

 

ھي عاشق عجيبا! تھ ويٺو واجھائي

 

رويو روز تنھنجون ٿو راھون نھاري

٥.

ڀلا اچ اڱڻ تي او جي جا جيارا!

 

او محبوب منٺار مٺڙا موچارا!

 

آ ھڪ ڀيرو مل تون پرين يار پيارا!

 

متان مون کي اڳ ۾ وڃي موت ماري!

٦.

ٿيا تنھنجا سوين ئي تھ سھڻا! سلامي

 

۽ ھي طالب المولا تنھنجو مدامي

 

تون ڪر درگذر ان جي سڀڪائي خامي

 

ھو آڌار تنھنجي ٿو جيڙو جياري

*

ٿل:

دل ڦري وئين کڻي حسن وارا!

 

ھاڻ ملندين ڪڏھن تون پيارا!

١. ڇوڙي ڪاڪل ڪلھن تي ڇڏين ٿو

موھي مستانا مانجھي ڪرين ٿو

ور وجھن ٿا وري وار ڪارا

٢. تنھنجون رمزون عجب شان واريون

منھنجون آزيون، نيازيون، نيزاريون

غم اچي دور ڪر غمگسارا!

٣. ڪانھ سھڻا! ڪيئي پوئواري

عمر اؤکي طرح مون گذاري

ٿيو وھن نينھن ۾ نيڻ نارا

٤. پنھنجي طالب سان ملندين ڪڏھن تون

محب! ان ساڻ کلندين ڪڏھن تون

تولاءِ اکڙيون ڪيون مون اوتارا

١٢-٧-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ٿل:

او پرديسي! نام خدا موٽي آ

 

آ، موٽي آ، آ!

١.

دلڙي اداسي، پلپل پياسي

 

ساري توکي سدا ٿي مٺا! موٽي آ

٢.

ھيئن نھ جفا ڪر، وعدا وفا ڪر

 

ٿيجئين تون باوفا، دلربا! موٽي آ

٣.

سھڻا سائين! واڳون ورائين

 

اڱڻ مٿي مھلقا، مون اجھا! موٽي آ

٤.

طالب مولا مست ٿيو تو لا

 

دل ۾ درد گھڻا، او ڀلا! موٽي آ

٢٠-٨-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ٿل:

آڻئي مولا

 

سھڻا آڻئي مولا

او شل! آڻئي مولا

١.

او پرديسي! دلڙي لٽي وئين

 

تير نظر جا يار! چٽي وئين

منھنجي خبر ٿئي ڪا!

٢.

ھيئن ڪا ٺھي ٿي بي پرواھي

 

دلڙي پلي ويٺين مٺڙا ماھي!

دل جي آھي دعا

٣.

روز نھاريان تنھنجون راھون

 

نڪرن ٿيون ھي اندر مان آھون

شابس تو کي مٺا!

٤.

طالب مولا يار! پڪاري

 

ڪين گھڙي ٿو توکي وساري

اڱڻ عجيب تون آ!

١٩-١٠-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٿل:

پنھنجا واعدا پرين! پار

 

واڳون وصل جون وار

 

رڳو ماڻن سان نھ مار

 

ربّ ڏاڍي ٿئي سرڪار

١.

پھرين پيالا پرت جا پياري

 

سھڻا سائين! وئين دلڙي ڌتاري

 

گھڙي ھڪڙي اچي گھار

 

واڳون وصل جون وار

٢.

رويو رويو گذاريان راتيون

 

تنھنجون ڪھڙيون ٻڌايان باتيون

 

دلبر! دلڙي ڌتار

 

واڳون وصل جون وار

٣.

ڇو ٿو دلبر! پري تون گذارين

 

نٿو ڀر ۾ سڪايل وھارين

 

نڪي رمزون اھڙيون ڌار

 

واڳون وصل جون وار

٤.

تنھنجي آڏو ٿو لالڻ! ليلايان

 

پانڌ پلپل ڳچي آنءُ پايان

 

مون کي در تان نھ ڌڪار

 

واڳون وصل جون وار

٥.

جيڪر مناسب ملڻ ناھي جاني!

 

ھي تھ ڪرڪا ڀلا مھرباني

 

نيڻ کڻي تون نھار

 

واڳون وصل جون وار

٦.

تنھنجو طالب ڪري روز آھون

 

تنھنجي سورن ۽ دردن کان دانھون

 

تنھن کي سھڻا! نھ وسار

 

واڳون وصل جون وار

٤-١١-١٩٥٦ع

ھالا

*

ٿل:

موٽ مسافر سپرين

 

دلبر تون دل وارا!

١.

ھيئن نھ مناسب آھي

 

ويٺين لاڳاپا لاھي

 

قرب منجھان رس ڪاھي

 

اکڙيون ڪيم اوتارا

٢.

ساه سڄڻ! ٿو ساري

 

گوندر ۾ پيو گھاري

 

واڳ وطن تي واري

 

اچ تھ ملون موچارا!

٣.

منھنجو ڀلا جي ناھين

 

ڪنھن جو ڀلا تون آھين

 

ھٿڙو متان ير! لاھين

 

سونھن ڀريا سوڀارا!

٤.

مون کي وجھي وئين جنجل

 

مون کان ڦري منھنجي دل

 

بازن وانگر بلڪل

 

لالڻ! ڏئي لامارا

٥.

طالب ڏي پير ڀري

 

اچج پرين! قرب ڪري

 

توري ٿي ڪين سري

 

پرت نڀائج پيارا!

١٨-٦-١٩٥٧ع

١٩ ذي القعد ١٣٧٦ھھ

ھالا

*

ٿل:

منھنجي پيار محبت وارا

 

پيارا موٽي آ!

١. ڏاڍي طلب آھي تنھنجي ڏسڻ جي

آس اندر ۾ محب! ملڻ جي

او پرديسي! ڪرڪا اچڻ جي

دلبر سائين دلارا! پيارا، موٽي آ!

٢. ڏينھن نھ ٿيا ڄڻ سال لنگھي ويا

پلپل تنھنجا پور اچي پيا

ھجر فراق ھي قھر وڏا ڪيا

جانب جي جيارا، پيارا، موٽي آ!

٣. منھنجو آھين منھنجو ٿيندين

آخر منھنجي اڱڻ تي ايندين

ايندين تھ ھرگز ڪين ڪي ويندين

پارج سخن سچارا، پيارا، موٽي آ!

٤. طالب مولا تنھنجو آھي

ٻي ڪنھن جو ان سان ڪجھھ ناھي

جيڪر دنيا ڦرندي تھ ڇاھي!

ٻيا سڀ آھن اڌارا، پيارا، موٽي آ!

٤-١٢-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

ٿل:

منھنجي اڱڻ اچ پيارا دل

 

وارا، اکڙيون ڪيم اوتارا!

١.

سھڻا سائين! ڪا تھ گھڙي اچ

 

مون وٽ محب موچارا!

٢.

تنھنجو ڪوئي جوڙ نھ آھي

 

سونھن ڀريا سوڀارا!

٣.

اکڙيون اداسي تو لئي آھن

 

جاني جي جيارا!

٤.

راھون تنھنجون روز نھاريان

 

منھنجي دل جا دارا!

٥.

طالب مولا ساڻ تون پارج

 

پنھنجا سخن سچارا!

١-٣-١٩٥٩ع

ڳوٺ مخدوم غلام حيدر – لوٺ،

تعلقھ شھدادپور

*

ٿل: ”بره ڪيو بيمار – محب! اچي رس مھل اھا ٿئي“

مھل اھا ٿئي ويل اھا ٿئي

ٿل:

حاذق ڪيئي حڪيم پڇايم

 

واري واري ويڄ وھايم

 

ڪونھ مليو ڪو قرار

 

محب! اچي رس مھل اھا ٿئي

٢.

ڪيئي ڪرايم ڇنڊا، ڦيڻا

 

درد وڌي ٿيا ٻيڻا ٽيڻا

 

آھين تون آڌار

 

محب! اچي رس مھل اھا ٿئي

٣.

ڦڪن ستِن مان فرق نھ پيڙو

 

ويتر نينھن نھوڙي نيڙو

 

ٿيو دارون دل آزار

 

محب! اچي رس مھل اھا ٿئي

٤.

سڄن سائين! سوالي آھيان

 

مئي محبت جو موالي آھيان

 

پيارڻ جو ڪر پيار

 

محب! اچي رس مھل اھا ٿئي

٥.

حاڪم سائين! حبيب بھ تون ئي

 

طالب لاءِ طبيب بھ تون ئي

 

ھادي حڪمتدار!

 

محب! اچي رس مھل اھا ٿئي

١١-٨-١٩٥٥ع

موري ۽ قاضي احمد جي

وچ ۾ لکي وئي

*

ٿل:

جاني جي جيار

 

محب! اچي رس مھل اھا ٿئي

١.

آس اميد بھ تون ئي منھنجي

 

عيد سعيد بھ تون ئي منھنجي

ڪجِ نھ ڌڪي تون ڌار

٢.

اکيون اداسي تو لئي آھن

 

پلپل پياسي تو لئي آھن

دلبر! ڏي ديدار

٣.

توڙي ڪنڙي، ڪوجھي، ڪاري،

 

تڏھن بھ آھيان تنھنجي پياري

پلپل ۾ ڏج پيار

٤.

پيارا جاني! تنھنجي آھيان

 

تنھنجي آھيان ٻي جي ناھيان

توڙي گنھگار

٥.

سھڻا سائين! ھي تھ ويراڳڻ

 

متان ڪرين ڏئي ڏوھھ، ڏھاڳڻ

سانولڙا سردار!

٦.

حاڪم سائين! ھيڻي آھيان

 

تنھنجو قسم تھ ڪميڻي ناھيان

ڀيڙو رھج ڀتار!

٧.

سڏ ۾ سڏ تون ھميشه ڏين ٿو

 

ساڻي سيگھھ ۾ سھڻا! ٿين ٿو

ھي بھ اٿئي ھڪ وار

٨.

توکي ئي سھڻا يار! ستايان

 

ڇو ڪنھن سان ڀلا حجت ھلايان!

منصف ٿي منٺار!

٩.

تون چؤ منھنجو ٻيو ڪو آھي

 

جو رسندو اچي قرب مان ڪاھي!

تو سان انگل ۽ آر

١٠.

وقت اٿئي اڄ ٿي اچي ساڻي

 

ٻي ڪا واٽ نھ آھي ھاڻي

تنھنجا پڇايان پار

١١.

باغ بھار سدا تون ھوندين

 

طالب ساڻ مدد پيو ٿيندين

آھي دعا دلدار!

٢٧-١٢-١٩٦٠ع

لاھور

*

ٿل:

وري آ وطن تي مسافر! تون موٽي

 

سندم دل اي دلبر! محبّت مروٽي

١. اندر مان اچن ٿيون عجب روز آھون

نھاريان ٿو نرمل! ويٺو رند راھون

وڌيئي ڪانھ ھيڏي ڪڏھن وچ وڇوٽي

٢. اکيون آگميون يار! تو لاءِ آھن

وسڻ جا ڪڏھن ويس ٿيون ڪين لاھن

او منٺار! مند جي کنوڻ ناھي کوٽي

٣. جدائي جي جاني! نھ تن کي ڪا طاقت

ٿي راضي اچي رمز سان ڪر رفاقت

پيل پرت جي آھھ چِت ۾ چموٽي

٤. پرين! بي خبر منھنجي دردن کان ناھين

اميدون اٿم، نينھن مون سان نباھين

خبر ٿئي ڏئي ٿو ورھھ ڪيئن ولھوٽي!

٥. اي طالب وڏا واٽ تي آھن مشڪل

مدد ٿيندو مولا پري ناھي منزل

کڻي شال پھچان ڀرم جي ڀروٽي!

١١-٧-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

 

ٿل:

موٽ مسافر!

 

اکڙيون اڃايون

 

 

 

ويھي رھئين ڏسي

 

منھنجون اگلايون

 

١.

ڏينھن لنگھي ويا يار! وساريئي

 

پٺ جا ورايئي ڪونھ نھاريئي

 

 

 

 

 

 

 

اينھين ڪي ڪبيون آھن ايڏيون ارڏايون

٢.

اڪنڊ اندر ۾ تنھنجي پيارا!

 

ٿڪجي پيا توڏي تڪيندي تارا

شل ڪي ورائين ورڻ واريون وايون!

٣.

يار! جواني جون چؤکيون چاليون،

 

ٻاروتڻ واريون ڳجھڙيون ڳالھيون

ور ور ڏئي آھن اندر ۾ آيون

٤.

وس کان وڃان ٿو دانھون ڪيان ٿو،

 

توکي پڪاري رئندو رھان ٿو

آ تھ ڳرھاٽيون پاڻ ۾ پايون

٥.

دم تي ڪھڙو باور آھي

 

جو اڄ آھي صبحاڻي ناھي

مھل اٿئي من ملي موڪلايون!

٦.

اٿم اميدون آخر ايندين

 

ايندين تھ مون وٽ ھردم ھوندين

مولا ڪندو سڀ سھنج سڻايون

٧.

طالب مولا توکي ساري

 

روز ھنجھون ٿو ھجر ۾ ھاري

ھئن ڪي ٺھن ٿيون يار! جدايون!

٢١-٦-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ٿل:

پيارا! ڀري اچ پيرا پيرا

 

ساريون ويٺا توکي سھڻل سائين!

١.

ناز انداز سان ڪاريون ڪجليون

 

گھورون ڏيو ڪن گھيرا گھيرا

٢.

ڳلي ڳلي ۾ دمدم دلبر!

 

ڦريو ڏيون ٿا ڦيرا ڦيرا

٣.

حاڪم سائين! لاتا دل ۾

 

تنھنجي دردن ديرا ديرا

٤.

منھن نھ مٽج  منٺار مٺا! تون

 

محب! آھيون توڙي ميرا ميرا

٥.

طالب مولا تان نھ ھٽائج

 

پنھنجي ڀال جا ڀيرا ڀيرا

٨-١٠-١٩٥٦ع

ھالا

*

ٿل:

اچ اڱڻ حاڪم! ھلي تو لء سڄڻ! ويٺا سڪون

 

دردمندن کان نھ لڪ ھي لوڪ سان ٺھنديون لڪون

١.

اي پرين! پڪ ڄاڻ تنھنجي ڪئن ڇڏينداسون پچر!

 

تون نھ در تان ڌڪ مٺا! مر لوڪ ڏي ڌوما ڌڪون

٢.

درد ديرا لائيا دلدار، دلبر! دل اندر

 

من! محبّت ٿي ڏئي ڪئين ڇرڪ ۽ ڇيرا، ڇڪون

٣.

ان جو مطلب ٿيو نھ پورو ۽ رھيو ناڪامياب

 

جنھن ڪيون سورن ۽ سختِن منجھھ ڍورن جان ڍڪون

٤.

طالب المولا انھي کي مئي جي مستي ڇا ڪندي!

 

پنھنجي پيار يار جنھن کي پرت مان پياريون پڪون

٢٤-١٢-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٿل:

دردمندن تان اي دلبر! ڀڃ نھ بِنھين ڀيرڙا

 

اچ اڱڻ سردار سھڻا! پرت مان ڏئي پيرڙا

١.

ھٿ ٻڌيو بيھو رھي ھرڪوئي ھڪدم ھيج مان

 

جت سندءِ ڪجليون ڏيو گھورون، اچيو ڪن گھيرڙا

٢.

اي سڄڻ، سھڻا، سٻاجھا! ٻاجھھ ڪا پنھنجي ڪجان

 

توکي مون جھڙا ھجن پرتل مڙيئي ميرڙا

٣.

ھڪڙي در کان جي ڌڪيندين ٻي کان اينداسون وري

 

زندگي آھي تھ سھڻا! پيا ڪنداسون ڦيرڙا

٤.

طالب المولا جي من ۾ تون ئي تون باقي رھين

 

يار! جنھن دم دل اندر دردن دمايا ديرڙا

٢٥-١٢-١٩٥٦ع

*

ٿل: اچ تون اڱڻ يار – سانولڙا – توري ڀلا ڪئن گولي گذاري!

١. ڏينھن ٿيا تو ڏٺي، محب! منھنجا مدام

آسروند سان مٺا! ڪونھ ڪيئي ڪو ڪلام

ڏکن ڪڍيا ڏار – سانولڙا – نڪريو نماڻي توڏي نھاري

٢. ڪئن پچرآئون ڇڏيان تنھنجي پيارا پرين!

ڪنھن دم ڪکن تي ڀلا ڀيرو ڏيئي ڀرين!

لھھ ڪا سڄڻ سار – سانولڙا – تنھنجي سڪان ٿي نوري نظاري

٣. سھڻل! وسرن نٿا پيارل! تنھنجا پيار

دل تان لھين ڪين ڪي جانب! جي جيار!

ڪر نھ ڌڪي ڌار – سانولڙا - لڳيس تنھنجي لالڻ! لاري

٤. طالب مولا چوي توھھ تنھنجي تڳان

محب! توکي مٽي ٻي جي لڙھھ نھ لڳان

ڪرڪا سار سنڀار – سانولڙا – مون کي مٺا ڇو ويٺين وساري!

١٢-١٢-١٩٥٧ع

ھالا

*

ٿل:

اڱڻ ٻھاريان

 

تنھنجون واٽون نھاريان

يار سڄڻ!

١.                             تنھنجي اچڻ جون رکيون اميدون

 

جي کي جياريان

 

تنھنجون واٽون نھاريان

يار سڄڻ!

٢.                            راتو ڏينھان سڪ ۾ سھڻا!

 

گھڙيون گھاريان

 

تنھنجون واٽون نھاريان

يار سڄڻ!

٣.                            تو ري گھڙيون يار پيارا!

 

رويو گذاريان

 

تنھنجون واٽون نھاريان

يار سڄڻ!

٤.                            نوري نرمل! نالو تنھنجو

 

روز اچاريان

 

تنھنجون واٽون نھاريان

يار سڄڻ!

٥.                            طالبُ مولا تنھنجو آھيان

 

توکي سنڀاريان

 

تنھنجون واٽون نھاريان

يار سڄڻ!

١٧-٤-١٩٦٠ع

ڳوٺ مريد راڄڙ – ضلعو سانگھڙ

*

ٿل: اچ وري تھ گڏجي گھاريون

سڀ ميارون تنھنجون محب! مڃان ٿي

١. آءُ ھيڻي وٽ حاڪم سائين!

منھنجا سڄڻ! ڪري سرداريون

تنھنجي ڏسڻ لاءِ سڪيو سڪان ٿي

٢. ھي ڪي ٺھن ٿيون ايڏيون ارڏايون!

تو تھ ڳالھيون سڀيئي ئي وساريون

واٽون پرين! تنھنجون ڏسيو ڏسان ٿي

٣. ھاڻي کڻي ڇڏ رنج رساما

روئي رڙي ڪريان ٿي زاريون

آھيان معذور نھ اچيو سگھان ٿي

٤. منصف ٿي محبوب مٺا تون!

ڪير کڻندو سندم ٻيو آريون!

حجت پائي توکي اينھين چوان ٿي

٥. آئون نھ وڻان ٿي تون تھ وڻين ٿو

ڪر ايڏيون نھ تون بيزاريون

تنھنجي ملڻ لاءِ اڃان جيان ٿي

٦. طالب مولا ويٺين وساري

مون کي سمجھيو سڄڻ! تو ڌاريون

ٻول ٻين کان اينھين ٻڌان ٿي

٢٢-٧-١٩٦١ع

بوداڻي کٽياڻ

*

ٿل:

آ تھ سڄڻ! تو سان سليان

 

ڳالھيون پاڻ مراديون

پاڻ مراديون، ڪر امداديون

١.

توکان سوا من منھنجا مٺڙا!

 

ڪنھن کي وڃي آئون چوان

٢.

جيڪي آھن جي ۾ جاني!

 

ٻي کي چئي نٿو سگھان

٣.

دل جون دلبر! ڳجھڙيون ڳجھڙيون

 

توري ڪنھن سان ڪيان!

٤.

ھجر، فراق ڪيو ڇا مون سان

 

پيش تنھنجي سڀ رکان

٥.

تنھنجي منھنجي يار! اندر جون

 

پھرين لڇان، پوءِ پڇان

٦.

عرض ڪري ٿو طالب مولا

 

تنھنجون بھ ٻھڳڻ ٻڌان

٢٠-٢-١-١٩٦٦ع

ھالا

*

ٿل:

مون کي اچي تون ماڻ – يار – متان محب! مري وڃان

١.

آئون تھ تو لئي آھيان – ڀلو يار – ناھيان ٻي جي ڪاڻ

٢.

اچڻو اٿئي تان اچ تون – ڀلو يار – ڪر نھ اڄ صبحاڻ

٣.

اچ تھ ڪريون ڪا عشق جي – ڀلو يار – ويھي ريجھھ رھاڻ

٤.

طلبن تارون لائيون – ڀلو يار – ڪر ڪا وٽِ وراڻ

٥.

مون کي اچي پئي مون منجھان – ڀلو يار – تنھنجي سڄڻ! سرھاڻ

٦.

طالب مولا کان مٺا! – ڀلو يار – ڇِرڪين ٿو ڇا ڪاڻ!

٢٤-٢-١٩٦٨ع

٨ ذي القعد ١٣٨٧ھھ

درگاه ميون سلطان

بلڙي جي ڀر ۾

*

ٿل:

آھيان تنھنجي ڳڻن جو يار! ڳڌل

 

توري ڪين سري ٿو منھنجو پلپل

١. ھڪٻئي جا سڄڻ! سينگار آھيون

ھڪٻئي جي ڳچي جا ھار آھيون

ھڪٻئي جا يقيني يار آھيون

آئون توسان مٺا! تون مون سان ٻڌل

٢. اھا دلبر! دل سان دعا ٿي ڪجي

ھي جوڙو سجوڙو شال ھجي!

پنھنجي پرت پيارا ڇا چئجي!

تون منھنجي سسئي، آئون تنھنجو پنھل

٣. ھر حال ۾ ھردم ٿوپ ٿيئين

ڪو ڪونھ ڏسئي آئون اھڙو نيئين

اچ جاني! تھ جي ۾ جاءِ ڏيئين

منھنجي دلبر! دل تنھنجو رنگ محل

٤. اڃا سڪ ۾ پاڻ سڪايان پيو

تنھنجي وصل جي ڪاڻ واجھايان پيو

آئون حيلا ھزار ھلايان پيو

من جاڳي وري منھنجو بخت ستل!

٥. ڏينھان ڏينھن پرت آھي گھاٽي گھڻي

تنھنجو پيار پرين! منھنجي دل جو ڌڻي

جيئن جيئن ٿو ڏسئين تئن تئن ٿو وڻي

توڙي سھڻا صنم! آھين ڏاڍو ڏٺل

٦. او منھنجا پيارا حسين پرين!

اھو طالب کي ڪو ڏيار يقين

مان تنھنجو ۽ تون ٻي ڪنھن جو ناھين

تون مون کي مٺا! آئون توکي پرتل

١٩-٣-١٩٦٦ع

ڍاڪا

*

ٿل:

توڙي آھيان پرين! آئون ڏاڍو ڏڏ

 

ڇاھي ان ۾، گذاريو کڻي گڏ سڏ!

١. ٿئي ڪير جو تنھنجي ڪٿ ڪا ڪٿي!

ھر نيڪي کان آھين محب! مٿي

جھڙو اڀرئي تون تھڙو ئي لٽي

ڪنھن کي طاقت جو ڪري توسا توڏ!

٢. منھنجي درد جي دلبر! تون ئي دوا

منھنجي توکان بِگر ٻي ڪانھي ڀوا

منھنجو ھڏ ڏوکي ڪير توکان سو!

توڏي رڙھندي سدائين سندم ھڏ ھڏ

٣. اٿنداسون بھ گڏ وھنداسون بھ گڏ

ھلنداسون بھ گڏ، گھمنداسون بھ گڏ

کينداسون بھ گڏ، پِينداسون بھ گڏ

جِينداسون بھ گڏ، مرنداسون بھ گڏ

٤. تنھنجي محبت جو مرھون آھيان

توتي مٺڙا من! مفتون آھيان

مشڪور آھيان، ممنون آھيان

تو سھڻا! سدا ڏنو سڏ ۾ سڏ

٥. لاھين طالب تان متان نوري نظر

تنھنجي ڪانھ ڇڏيندس يار پچر

منھنجا دل جاني! ھجئي ھي خبر

منھنجو عشق اٿئي محبوب! مڇڏ

٩-٥-١٩٦٦ع

ڪراچي

*

ٿل:

پائي ورھھ جا ونگ

 

آ تھ ڪريون ڪي قربڙا

١.

ٻيلن پار ٻرن پئا

 

چوڙ ڪنڍن جا چنگ

٢.

ٻاجھر ٻور وري ڪيا

 

سفرن ڪڍيا ٻيلي سنگ

٣.

ڪانگن ال اٿاريا

 

دردن ڪيا دنگ

٤.

ٻنيون ٻج گھرن پيون

 

جھانگن ڪڍيا جھنگ

٥.

اتر بھ ھاڻ اِجھي ورئا

 

سڪن ھنڌ پلنگ

٦.

طالب مولا طلبن

 

توري ڇڏيا تنگ

٣-٩-١٩٦٨ع

ھالا

*

ٿل: اچ تھ گذاريون گڏ

وقت ويل آئون ناھيان

١.

ويل ويل نھ ورندي ھرگز

 

آنءُ تھ توسان گڏ سڏ

٢.

لونءَ لونءَ تنھنجون لڳيون لغارون

 

حب ۾ ھجي ھڏ ھڏ

٣.

انگ انگ ۾ آھي سوز سمايو

 

سنڌ سنڌ ۾ تنھنجو سڏ

٤.

طالبُ مولا عشق ۾ آھي

 

ماڳنھن محبَ! مڇڏ

١٨-٩-١٩٦٨ع

اسلام آباد

*

ٿل:

مون ۾ آھن اوس اڻ ڳڻيا اوڳڻ

 

تھ بھ آھيان پرين! تنھنجي دل جي ڌڻ

١. منھنجا زلف سيه خمدار وڻيئي

يا ابرو مثل تلوار وڻيئي

متان مورھئون مٺڙا! پيار وڻيئي

وھوا خوب ڪيئي منھنجي چونڊ ۽ چڻ

٢. منھنجون گلگون اکيون مئي عشق ڪيون

ڇا تنھنجي نظر کي وڻي سي ويون

يا ڪي ٻيون وصفون توکي پسند پيون

مون کي ڪجھھ نھ ٻڌاءِ تون سھڻا سڄڻ!

٣. توکي منھنجي وجاھت شايد وڻي

تڏھن سيني سان مون کي لايئي کڻي

تو نھ ڪائي ڳڻن جي ڳالھھ ڳڻي

ڇو تھ سڀ کان وڏا آھن قرب جا ڪڻ

٤. مون کي گھڻئي ڏين ٿيون گھورون گھڻيون

ڦريو اچن جتي ڪٿي ڪيئي ڄڻيون

تنھنجي سر جو قسم مون کي تون ئي وڻيون

ڪٿ ڄتڪي ڄڻ، ڪٿ بالا بُڻ!

٥. ڪنھن سان حجّت ھرگز ئي نھ ھڻان

توڙي ڪوڙين ونھن کي ڏاڍو وڻان

ڪنھن ڏي ھڪڙي نظر ۾ آئون ڪونھ کڻان

ڪٿي تو جھڙا ڪنھن ۾ اٿڻ وھڻ!

٦. اڄ طالب مولا ٿيو خورسند

جنھن کي پياريو پرينءَ محبت جو مند

تنھن جو مولا ڪيو آھي بخت بلند

جنھن جا لالڻ کي وڻيا خوب لڇڻ

٦-٥-١٩٦٦ع

ھالا

*

ٿل:

ڏاڍي ٿي دير ويئي اي دلدار يار آ!

 

محبوب آ، سچار تون آ، غمگسار آ!

١. مکڙيون اميد واريون جي پلپل پيار ۾

سڀ گل ٿيڻ جي لاءِ سندءِ انتظار ۾

منھنجي چمن جي باد صبا ۽ بھار آ!

٢. واٽن ۾ تنھنجي پنھنجون اکيون مون وڇائيون

مولا اجھي تھ منھنجون اميدون پڄائيون

منھنجي اکن جا نور، مٺا من قرار آ!

٣. او شاعري جي جان ۽ شاعر جي زندگي

منھنجي تصورات جي دنيا جي روشني

سينگار، منھنجي خانه دل جا نگار آ!

٤. دل سان صدائي طالب مولا ڏي گوش ڪر

پنھنجي نگاه مست سان مدھوش ھوش ڪر

تنھنجو ئي آھيان تنھنجو قسم قربدار آ

٢٤-٨-١٩٦٠ع

ڪوئٽا

*


 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org