|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 7 |
|
ڍولڻ آھي ڍڪ
ڍولڻ ڍڪڻ ٿيو |
|
ٿو ڍڪي عيب اپار |
ڪري ٿو ڪرم جي |
|
نافع پاڻ نھار |
ڏھاڙي ڏئي ٿو |
|
پياسن کي پيار |
غافل گنھگار |
|
ٿو بخشي پنھنجي ڀال سان |
٧-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڍولڻ آھي ڍڪ |
|
ڪڍي عيب نھ ڪنھن جا |
محب جو مرڪ |
|
اھو آھي اصل کان |
٧-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
محب آھي منھنجو |
|
ماکي کان بھ مٺو |
اينھين ڪنھن نھ ڏٺو |
|
جئن مون ڏٺو محبوب کي |
٧-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪڏھن ڪرڪيو ڪين |
|
ڏوراپو ڏيئي |
ھٿان مون پيئي |
|
تھ بھ ڪوسو ڪونھ قريب ٿيو |
٧-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
پسيو عيب پانھنجا |
|
پيا ڏوھھ ڏڪن |
اسان پارا عجيب جي |
|
نٿا منھن چڙھن |
ھو ڏھھ ڏھھ ڀيرا ڏينھن ۾ |
|
ٿو معافيون ڏي مٺن |
طالب مولا تڏھين |
|
ٿا لڙيو لڙڪ پون |
ڏسيو قرب قريب جا |
|
ٿيون اوڇنگارون اچن |
تھ ھھڙا حبيبن |
|
پنھنجا ڀال ڀلائيا! |
٧-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪڏھن ڪو نھ ڏٺوم |
|
منھن مٽيل محبوب جو |
جي منھن، ميرائي پانھنجي |
|
ڍولڻ اڳيان ڍڪيوم |
۽ پري ويٺس پرينءَ کان |
|
جو ڏاڍو شرم ٿيوم |
طالب حال حبيب وٽ |
|
نھوڙيل نيوم |
تھ بھ سڄڻ سڏ ڪيوم |
|
ڀيري ڀيري ڀال سان |
٧-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
منھن مٽيو ڪين ڪي |
|
ڪڏھن قريبن |
پاڻان ڄاڻي پاڻ ٿيا |
|
اوٽ سندي عيبن |
لوڪ لوڌي ڪڍيو |
|
ڏنو اجھو عجيبن |
عاجز جو علاج ٿيا |
|
جو تڙيو طبيبن |
طالب مولا مليو |
|
نرمل نصيبن |
ھميشه ھن ڳالھھ جو |
|
آھي مجرو مجيبن |
تھ ھيڏو حبيبن |
|
ڀلائي سان ڀال ڪيو! |
٧-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
سڀ ڪنھن ڀيري سڪ مان |
|
ٿو سھڻو روز سڏي |
پلؤ ڏييو پرت جو |
|
اگليون يار اڏي |
منھن ميرن کي مورھئون |
|
ڇنيو ڪين ڇڏي |
وھاري ٿو ويجھڙو |
|
گوڏي ساڻ گڏي |
طالب مولا تنھنجي |
|
جو ترت اچي تڏي |
جي ھجي جي جڏي |
|
تھ بھ وھاري ٿو ويجھڙو |
١٤-١١-١٩٥٧ع
ڪراچي
*
محبّت جو متاع آھھ |
|
محب وٽ مڻي |
ٻئي ٻاجھاريون ٻاجھھ مان |
|
کڻيو روز کڻي |
طالبُ مولا ڪيترا |
|
ڳڻ سندس ڳڻي |
ھن ئي ھڪ ڄڻي |
|
ڪروڙن کي قيد ڪيو |
١٦-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪامل ڏسي ڪين ڪي |
|
ڪنھن جون ڪچايون |
ڳڻي ڪنھن جون ڪونھ ڪو |
|
عجيب اگلايون |
دلبر پنھنجي ديد سان |
|
ميٽي مدايون |
طالب مولا تنھن جا |
|
ڳڻ وڏا ڳايون |
ٿو ڏئي واڌايون |
|
وريو وريو وصال جون |
١٦-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
متان ڪو لاھي |
|
اميدون عجيب مان |
اجھو آسرندو جو |
|
اھو ئي آھي |
ڪر ان جي قدم تي |
|
لاڳاپا لاھي |
رسي روز رندن ۾ |
|
قربائتو ڪاھي |
طالبَ مولا تنھن جو |
|
ڪو مورھئون مٽ ناھي |
سينو ڇا ساھي |
|
ڪو منھنجي ھن محبوب سان! |
١٩-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
جي ميري منھن اچن |
|
حضور حبيبن جي |
سي نرمل سندي نگاه سان |
|
ڌوپيو ٿا ڌوپن |
ھت بھ سندن ھاڪ ٿئي |
|
۽ مھند بھ سي مرڪن |
چڱو چڱايون ڪري |
|
بيحد سان بڇڙن |
عادتون عجيب جون |
|
اھي ئي آھن |
طالب مولا تھدليئون |
|
جي وجھيو وک وڃن |
تھ خالي ڪونھ ورن |
|
حبيباڻي حضور مان |
١٩-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪري ڪوجھن ساڻ ھو |
|
قرب مان ڪلام |
معذورن ڏي موڪلي |
|
سوين روز سلام |
نڌر روز نوازيا |
|
جانب وٽان جام |
پچي پختا سي ٿيا |
|
جي خالص ھئا خام |
طالب مولا توڙ ويا |
|
جي سندس پيا سام |
جي سئا نرمل نام |
|
سي پري نھ ڪيائين پاڻ کان |
٢٠-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ٻڌم ڪونھ ڪڏھن |
|
ڪو ڏکويائين ڏيھھ ۾ |
جو ويو وٽس جڏھن |
|
سو نوازيئين نگاه سان |
٢٠-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
جو ھڪ ڀيرو حبيب وٽ |
|
ھليو ٿو اچي |
سو وريو ڪين وڃي |
|
ڏسيو مھرون محب جون |
٢٠-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪڏھن رنجايو ڪونھ ڪو |
|
منھنجي محب وٽان |
مجرم کي معافي ملي |
|
حبيبن ھٿان |
جو ڪري اچان اچان |
|
تھ سڏيو وھاري سٿ ۾ |
٢٠-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪونھي ھت ڪو ڪال |
|
محبت جي متاع جو |
اٺئي پھر عجيب وٽ |
|
ڀلايون ۽ ڀال |
سوالي سوال |
|
ھرھر ٻڌي ٻاجھھ سان |
٢٠-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪارون ٻڌي ڪڏھين |
|
ڪامل ڪڪ نھ ٿيو |
قرب مليو قريب کان |
|
اصلي اڻ ميو |
طالب مولا طلب ۾ |
|
جيڪو وٽس ويو |
تنھن سان پرين پيو |
|
نڀائي نينھن ۾ |
٢٠-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
عيب ڏنا ڪين ڪي |
|
سڄڻ يار سچي |
طالب مولا طلب ۾ |
|
ٿو رکيو رمز رچي |
عجب ٿو اچي |
|
ڏسيو وڙ عجيب جا |
٢١-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
ڪھڙي منھنجي ڪل |
|
طالب طبيبن کي! |
ھئي ھئي منجھھ ھڪل |
|
نٿا پھچن پل ۾ |
٢١-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
طبيبن تاڻي |
|
وڌو وڃي تار ۾ |
تھ دارون منھنجي درد جو |
|
ڏنو عجيبن آڻي |
طالب مولا مست ٿي |
|
سڄڻ ساماڻي |
حبيبن ھاڻي |
|
وڏا ڀال ڀلائيا |
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|