[17]
گونگيون گوءِ کٽي ويون
ٿل: مينھن! ڪرين تون
متان
منھنجي اکن سان
ريس رئڻ جي
١. موسم جو محتاج تون آھين
پنھنجي وس ۾ ھرگز ناھين
توکي ڀلا ڪئن مڃان
ڪين وسين ٿو ڪرين جي وسڻ جِي
٢. ٻارھين ماه تون موٽي اچين ٿو
مس مس مند تي نيٺ مچين ٿو
ڏينھن نھ رھين ٿو گھڻا
وريو ڪرين ٿو وير وڃڻ جي
٣. سڪا پٽ تون ساوا ڪرين ٿو
تلاءَ، ترايون بيشڪ ڀرين ٿو
ڏک نھ ڪرين تھ آئون چوان
جھٽ پٽ ڪن ٿا سڀئي سڪڻ جي
٤. منھنجون اکيون سب روز وسن ٿيون
وره وڻن کي سائو رکن ٿيون
ساوڻ لائين سدا
بوند وسائن روز ڀنڻ جي
٥. تون ٿو اچين گمسان گڙڻ سان
ھي ٿيون وسن چپ چاپ ڪرڻ سان
تون ٿو ڪرين وڃان وڃان
بلڪل ھي نٿيون ڪن ڪا ڀڄڻ جي
٦. ھار مڃيندين نيٺ ھنن سان
بيھي ڏس ڪنھن مھل ڀِنن سان
متان ڪري ڪو ميان!
گونگن کان ڪا گوءِ کٽڻ جي
٧. طالب مولا ڳالھھ سچي ڪئي
جنھن جي پيار سان آھي اچي پئي
ھجر ڪئي جنھن تي ھلان
تنھن کان پڇي ڪو ورھھ ونڊڻ جي
٢٨-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ٿل: اکن ۾ عجيبن جون آھن آکاڻيون
ستيون ڪين ڪڏھين سدوريون سياڻيون
١. نھاري نھاري اھي ڪونھ ٿڪيون
اصل کان ڪيون پرت پختيون ۽ پڪيون
ھو سڪ ۾ سڄڻ جي سراسر ساماڻيون
٢. پائي پيچ پلپل جي لالڻ سان لڙيون
وري ڪين ڪنھن مھل مورھان سي مڙيون
وڌيون وچ ۾ ويتر کرن ڪئين کانجاڻيون
٣. تصور ڪري ٿيون پرين تائين پھچن
ڪنھن ھنڌ ھرگز ڪڏھن ھو نھ ھٽڪن
سدا ھجر ۾ ڪن سي ريجھون رھاڻيون
٤. سڄو ڏينھن سارين سھڻي سڄڻ کي
نھ ھرگز سڃاڻن سلڇڻيون سمھڻ کي
ڀِنن جون برھھ ۾ ئي راتيون وھاڻيون
٥. پرين پاڻ تن سان اچو پيار ڪن ٿا
وريو بيخودي ۾ سي چاھئون چمن ٿا
ھي صابر سڄڻ کي سدائين سيباڻيون
٦. اي طالب انھن تي مون کي ناز آھي
منجھن ئي لڪل دل جو آواز آھي
پياسي پِرين لاءِ نرمل نماڻيون
٨-٧-١٩٦٥ع
ريلوي اسٽيشن سھاله
*
ٿل: اکيون عاشقن جون مدامي موالي
پيڻ لاءِ پِر وٽ سدائين سوالي
١. رکيون ٻيئي اڪثر عجيبن اڃايون
مڙئي ڳالھيون تن کي محبن مڃايون
انھن کي ڏئي خوب وعدا وصالي
٢. ھو ھڪڙي سڄڻ جون نھ ٻي ڏي نھارن
رڳو پاڻ ۾ پنھنجو دلبر وھارن
سي ڀرپور بلڪل رھن ڪين خالي
٣. ھميشه ھو پنھنجي سڄڻ لاءِ ستيون
محبّت ۾ مورھئون رھن مست متيون
ھو عامل امر تي نھ ڪن بي خيالي
٤. ھو پنھنجي پرينءَ ري ڪٿي ڪونھ اٽڪن
پراين درن تي نھ بلڪل سي ڀٽڪن
سدا بي مياري اھي لا ابالي
٥. اي طالب ڪڏھن ڪا ھلائن نھ حجّت
تڏھن ٿا نھ ڪن محب تن سان مروت
ڪئي تن جي قسمت نصيبن نرالي
١٠-٧-١٩٦٥ع
ڪوه مري
*
ٿل: ڦڙي ڦڙي ۾ آھي بھار
عشق اکن جي ساوڻ
لايا
١. |
اکيون ڏاڍيون آگميون آھن |
|
پنھنجي وس ۾ بلڪل ناھن |
ڪري اٿيون اڄ ڪارونڀار
٢. |
سردي گرمي وه جو وسن ٿيون |
|
بيھڻ جي ڪا بس نھ ڪن ٿيون |
ھردم لائن ميگھھ ملھار
٣. |
رکيو رکيو اوھيرا اچن ٿا |
|
باغ برھھ جا ساوا ڪن ٿا |
وڏ ڦڙ لائي وارو وار
٤. |
ھڪڙا مينھن جي وسيو وڃن ٿا |
|
۽ ٻيا ٻيھر ڀرجو اچن ٿا |
رڳو وسڻ جا ڪن وھنوار
٥. |
گونگا مينھن گونگن جا آھن |
|
بلڪل سي بيھڻ جا ناھن |
ڪجن ڀلي کڻي حيلا ھزار
٦. |
دلبر يار! تون ڇو ٿو اسرين |
|
پوندين پسي متان ٻاھر نڪرين! |
بيھھ تھ سھڻا! ڏين ڪا وار
٧. |
طالب مولا جون ٻئي اکيون |
|
پياريون پياريون جي رب رکيون |
نينھن انھن ۾ آھي نبار
٤-٨-١٩٦٥ع
اسلام آباد
*
ٿل: اکن سان ڪيائين اينھين ڇو الاڙي!
ويچاريون وھن ٿيون لکين لڙڪ لاڙي
١. اچڻ لئي عجيبن جي آھن اڃايون
سندن واٽ ۾ مون اکيون ٻئي وڇايون
اچي من ٻنھي کي ھو لالڻ لتاڙي
٢. الاجي پرينءَ کي ڇو پرواھھ ناھي!
اکين کي سندس ئي تھ آزار آھي
ڪيئين پوئواري نھ ھڪڙي ڏھاڙي
٣. سڄڻ پاڻ ڪيڏو نھ آھي پيارو
سلڇڻو، سياڻو، سٻاجھو، سچارو
وڌئين ڇو ڀِنن کي گھنگھر ۾ گھوڙا ڙي!
٤. اجھل عشق جي ڇا حقيقت ٻڌائن!
بکيو شينھن ويٺيون اندر ۾ نپائن
ٿو پنھنجي ھو پڃري کي دمدم ڌونڌاڙي
٥. اي طالب ڪيو ڇا سڄڻ ھي ڀنن سان
اھا ڪار ساڳي ڪئي ڳوڙھن ڳلن سان
کٽِي جئن ويھي پنھنجي من کي مناڙي
٩-٧-١٩٦٥ع
ڪوه مري
*
[18]
منھنجو ھاڻي ڀنڀور ۾ ڇاھي
ٿل: مون نٿي ڀانيو تھ، آخرڌار ويچاري
ڪندا
پر اڃا آھن اميدون محب موچاري
ڪندا
١. |
آسرو سھڻن سٻاجھن جو اديون! مان ڪئن
ڇڏيان! |
|
نيٺ ڪو ڦيرو ڦٽي تي ھاڻ ھڪواري ڪندا |
٢. |
ور وندر جا ووڙيان ٿي ورھھ ۾ واڪا
ڪندي |
|
شال مون مئي سان اچي سردار سرداري
ڪندا! |
٣. |
مون ۾ اوڳڻ ڪو ڏٺئون جو ھئن ويا مون
کي ڇڏي |
|
در گذر آخر سندم ھرڪا کٽِي کاري ڪندا |
٤. |
ڪين لاھيندا سڄڻ مون تان ڪڏھن ھٿ
ٻاجھھ جو |
|
عيبدارڻ سان غمن ۾ ڪا تھ غمخواري
ڪندا! |
٥. |
ھو پرين آھن ڀلا پر مون ۾ گھٽتائي
گھڻي |
|
دل نٿي باسي تھ ھو ڪا ھئن دلازاري
ڪندا! |
٦. |
ھن اميدن تي اڃا ويٺي نھاريان واٽڙيون |
|
شل ڪري ٿورا ٿڪي وٽ پاڻ پاٿاري ڪندا |
٧. |
ھي چڪي جا ھاڻ کھجي واٽ تي ويھي رھي |
|
نيٺ نرمل تنھن نڌر جي ڪا نظرداري ڪندا |
٨. |
پاند ڳل پائي اي پانڌي! وڃ عجيبن جي
اڱڻ |
|
”پـُڇ ُ پرين کان سي ڪڏھن ڪا منھنجي
پوئواري ڪندا“ |
٩. |
سک ڏسي ساجھر ستيس ڄاتم تھ ھوندا ھوت
ھتِ |
|
پر اٿم افسوس ھاڻي حرف ھيڪاري ڪندا |
١٠. |
اک نھ پوريان ھا ڪڏھن ويھي وھايان رات
ھا |
|
جي خبر مون کي پوي ھا ھو وڃڻ واري
ڪندا |
١١. |
طالب المولا سنڀاري پنھنجا ساٿي ساه ۾ |
|
وڙ وڏا ڀايان جي ھو محب منٺاري ڪندا |
١٩-١٠-١٩٥٤ع
حيدرآباد
*
ٿل: منھنجو ور تھ وٺي ويا چوري الا
گھر گھر جي آھيان گھوري الا
١. |
ڪل تھ پيئي ڪانھ ڪا |
|
بلڪل آھيان ڀوري الا |
٢. |
اديون! ھي تھ اڄاڻ اڄ |
|
ننڊ ۾ ڇڏي ويا ندوري الا |
٣. |
پنھل ري پرديس ۾ |
|
ميس تھ گس تي گھوري الا |
٤. |
لالڻ جي ئي لغار جي |
|
لونءَ لونءَ ۾ آھي لوري الا |
٥. |
جانب ڪارڻ جت جي |
|
جي کي لڳي وئي جھوري الا |
٦. |
طالب مولا سسئي |
|
ڇلي پئي ڇپر ۾ ڇوري الا |
١٣-١-١٩٥٥ع
ڪراچي
*
ٿل: |
پنھل جي تھ پچار |
|
اٺئي پھر اندر ۾ |
١. |
اٿيس آڌي رات جو |
|
ھو سنجھي ويا سردار |
٢. |
مڙئي مون ڏانھن سرتيون! |
|
محبن ڏي نھ ميار |
٣. |
خوشيون سڀ تھ خِزان ٿيون |
|
گوندر ڪيا گلزار |
٤. |
سڳر پنھنجي سڏ ڪري |
|
نيندا ھي نيڪار |
٥. |
ورھھ واري وڻ ۾ |
|
ڏکن ڪڍيا ڏار |
٦. |
طالب مولا پيو تڳي |
|
آري جي آڌار |
٩-٨-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
ٿل: |
مون تھ پرين ڪيا پنھنجا |
|
منھنجا ٿين، نھ ٿين |
|
منھنجا ٿين، نھ ٿين |
|
دلڙي ڏين نھ ڏين |
١. |
تڏھين بھ پھتيس پِر کي |
|
ماس مرون جي کين |
٢. |
وس وارڻ جا ڪنديس |
|
منٿون مان مڃين! |
٣. |
ڪاھي رسنديس ڪيچ ۾ |
|
لاڙين يا لوڌين |
٤. |
منھنجي ميڙ منٿ تي |
|
واڳون شل وارين! |
٥. |
عيبن واري آھيان |
|
ڍولڻ شال ڍڪين! |
٦. |
طالب مولا محب سي |
|
چاھھ منجھان چاھين |
١٥-٩-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
ٿل: ننڊ ڪيئي ڇو نڀاڳي! او نڀاڳي
ڪيچي آيا، تو سان قھر ڪري ويا
١. |
پوئينءَ رات اٿي پڇتايئي |
|
سنجھي ٿيئي نھ سجاڳي |
٢. |
جن ٿي وھائيون راتيون اکن ۾ |
|
سيئي ٿيڙيون سھاڳي |
٣. |
تِر مان گسي سو چوٽون کائي |
|
تون بھ وئين ٿي ويراڳي |
٤. |
سيئي رمز ۽ راز کي رسنديون |
|
ورھھ سان دل جن واڳي |
٥. |
طالب مولا واصل ٿيبو |
|
جاڳي، جاڳي، جاڳي |
٦-٨-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
ٿل: پنھل ڏي پئي پنڌ پيرين اگھاڙي
ٿيس عشق رھبر اصل کان ادا ڙي!
١. سڌي ويئي سسئي ڀلي ڪين بَر ۾
ٿيس ھوت حامي ۽ ساڻي سفر ۾
ٿي سرھي سڄڻ وٽ سڀئي قول پاڙي
٢. سسئي سک ڇڏيا سڀ سڄڻ جي ئي سانگي
ھٽائي نھ ھرگز ڪڏھن نينھن نانگي
وڃي نيٺ پھتي لڪيون، لڪ لتاڙي
٣. محبّت پرايا بھ پنھنجا ڪري ٿي
جدا ھڪڙي ساعت نھ تن جي سري ٿي
ھميشه ئي ھڪٻئي سان سڪ ٿي سلھاڙي
٤. اھي طالب المولا ٿيون پار پھچن
حبيبن ڏي ھلندي جي ھڪ پل نھ ھٽڪن
ڪيو تن کي محڪم محبّت مناڙي
٦-٩-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
ٿل: ھلي ھوت پنھل ڏي ھاڪاري
سسئي پھتي منزل ماري
١. |
ورتس ھر ھر ھرھنڌ |
|
بدلا سکن ساري سنڀاري |
٢. |
پھچايس وڃي پنھنجي پِر |
|
وٽ وھوا ورھھ ويچاري |
٣. |
جبل جايون ڏنيس جي ۾ |
|
ڏيل پنھنجي کي ڏاري |
٤. |
جيڪا سڄڻ تان سر ڪري صدقي |
|
پرت ڀلي سا پاري |
٥. |
ھوت ھميشه محبّت واريون |
|
ماري پوءِ جياري |
٦. |
تنھن کي مبارڪ طالب مولا |
|
ٻانھون ٻڌي جا گذاري |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
ٿل: منھنجو پنھل اٿو سڄي ڇپر جو ڇٽ
تنھن جو ملڪ ۾ مورھئون ناھي ڙي!
مٽ
١. ڪو ڏاڍ ڪيئين تھ بھ مون سان ڪيئين
ڏک درد ڏنئين تھ بھ مون کي ڏنئين
ڀلا ٻي تھ ڪنھن کي ڪين چيئين!
ڀلي سورن سان ڪئين مون کي سلھٽ
٢. اديون! عشق جو ھي دستور اٿو
ڏک ھڪڙو حياتي جو پور اٿو
مون لئي محب اکن جو نور اٿو
ھڪ وير ۾ لاھي قلبئون ڪٽ
٣. جي آن بھ ڪيو ھوندو عشق اديون!
تھ پو ھونديون ڏاڍيون دردونديون
پنھنجو حال ڏسي کڻي سمجھو بنديون!
ٿو ڪئن تھ چڪي ڦورائي جو ڦٽ
٤. منھنجون دانھون متان اوھين ڄاڻو گلا
ھي آھون آھن ڏک ڏوراپا
متان ھن جي ڪريو مٺيون! ڪابھ گلا
جنھن پياريو ٻڙي! مون کي پيار جو پٽ
٥. جڏھن سندس ھيس تڏھن ھيڏيون ڪيئين!
نھ تھ ھوند ٻين کي ڏکڙا ڏنئين
ويندي طالب کي ڪجھھ ڪين چيئين
انھي چال ۽ چاھھ ڪيس آئون چٽ
١٢-٨-١٩٦١ع
لاھور
*
ٿل: منھنجو ھاڻي ڀنڀور ۾ ڇاھي!
آئون ڪيچِن کي رسنديس ڪاھي
١. |
دردن دل کي اينھين چيڀاٽيو |
|
جيئن ڳاھو ويھي ڳاھھ ڳاھي |
٢. |
آھي پنھل سان سر جي بازي |
|
منھنجو نينھن نياپي جو ناھي |
٣. |
ڇا جي نصيحت ڇا جي ھدايت! |
|
منھنجي الھڙ جواني تھ آھي |
٤. |
چوٽِي چموٽِي ھن کي ڏنيم |
|
مون سان ڪير ڀلا سينو ساھي! |
٥. |
مڙنديس ڪين ڪي وينديس ور ڏي |
|
آئون بيٺي آھيان لاھي پاھي |
٦. |
ھردم طالبَ مولا مون کي |
|
شل رمز انھي ۾ ئي راھي! |
٦-٤-١٩٦٧ع
لاھور
*
ٿل: |
جنھن پيار ڪيو ڪنھن کان ڪين پلي |
|
ويندي ور ڏي اھا جھلئي ڪانھ جھلي |
١. |
جنھن ساه ۽ سر جي لاتي سٽ |
|
تنھن لئي ھڪڙي ڳالھھ ٿي ھار ۽ کٽ |
|
ڏني عشق جنھين جي جي کي جھٻٽ |
|
اھا ھيجئون حبيب ڏي ويئي ھلي |
٢. |
جنھن جو عشق اچي اڳواڻ ٿيو |
|
تنھن کي پور پِرين ري ڪونھ ٻيو |
|
تنھن لئي ساڳيو ٿئي ٿو کٽيو ۽ ڇيھو |
|
پو جي واٽ مئي تھ ٿي بيشڪ ڀلي |
٣. |
جنھن ٻول ٻڌا پنھنجي پيارل سان |
|
سا جانب ڏي ويئي جود منجھان |
|
ڊني ڪين اھا ڊپ ڊائن کان |
|
تنھنجي ڳڻن ڀرئي ري ناھي ڳلي |
٤. |
ڇو ٿيون سرتيون! ڦري اوھين مون کي
جھليو |
|
جي ڪا ھمت اٿو، منھنجا پور پليو |
|
نھ تھ ساھيڙيون ٿي سور سليو |
|
ڪندو ڀورل سائين نيٺ ڀلي |
٥. |
ڪئن آنءُ سڄڻ ري ھت وھندس! |
|
ڳولي پنھنجي لالڻ کي وڃي لھندس |
|
ھت طالب وھندي ڪئن ٺھندس! |
|
ھن لوڪ سڄي ۾ ھلي ڪا چلي! |
٢٨-١١-١٩٦١ع
ڪوئٽا
*
[19]
طالب عشق امام جنھين جو
ٿل: |
گھڙي ساھڙ جي تھ سھاري |
|
وڃي پھتي پرت کي پاري |
١. |
ڪين دريا کان ڪنھن دم دھلي |
|
ڏيل سائر جو ڏاري |
٢. |
ڪڙڪا ڪنن سڏ ساھڙ ڀانيئين |
|
پاڻ وڌئين وھھ واري |
٣. |
سو احسان ڪيئين ساھڙ تي |
|
خطرا، خوف وساري |
٤. |
ساھڙ سھڻي کان ئي سڃاپي |
|
ساري دنيا ڌاري |
٥. |
طالب عشق امام جنھين جو |
|
سا ڪيڏھن ڪين نھاري |
١١-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
ٿل: جتي ڄام سميون ڪئين سياڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
١. |
مڇي کائڪ آھيان مھاڻي |
|
گولي گندري ککي ھاڻي |
ھت ھونديون سوين ئي سرھاڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
٢. |
توکي ڏسيو وريو پاڻ ڏسان ٿي |
|
پنھنجي مرم ۾ مريو وڃان ٿي |
ويٺيون آھن اڳيان راڄ راڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
٣. |
ڄام! سمن سان ڏاڍو ٺھين ٿو |
|
تون تھ تماچي! لک لھين ٿو |
منھنجو مرڪ اھي ئي مياڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
٤. |
آئون مھاڻي تون تھ شھنشا |
|
منھنجي ڪري متان مھڻا ڏيئي ڪا! |
ھڪ جھڙيون اٿئي وڏ گھراڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
٥. |
توکي ڄام! ھي چنبڙيو چوان ٿي |
|
ڪينجھر ڪنڌيين ڏاڍي ٺھان ٿي |
ويھي ھت ڪي ڪريون رس رھاڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
٦. |
ڪين ٺھن ٿا ويس شاھاڻا |
|
اسين مھاڻا آھيون اياڻا |
مون تي سونھن ٿيون اڳڙيون اباڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
٧. |
طالب مولا ٻي نھ لاڳاپي |
|
نوري تان ٿو ڄام سڃاپي |
ھيون ڪيئي سڱيڻيون سمياڻيون
اتي مرڪن ڀلا ڪئن مھاڻيون!
٢٨-٥-١٩٦٧ع
١٧ صفر ١٣٨٧ھھ
ڪراچي
*
ٿل: عمر! بند رکبيون نھ ڪنھن جون نياڻيون
مڙئي منھنجون شاھد اٿئي گھر
ڌڃاڻيون
١. وجھان ڀن، ڏيان ٻن، اھي محل ماڙيون
اسان لاءِ سڀڪي ولھارن جون واڙيون
ڪٿي باغ بنگلا، ڪٿي لنب لاڻيون!
٢. نھوڙي ڇڏيندءِ اندر واريون آھون
جي نھ تھ ھيٺ رک تون ھميشه نگاھون
ھلن پييون ڪيئي نياڻيون سياڻيون
٣. اھي ڪوٽ تنھنجا ڀڄي ٿين ڀورا
ڏسان شل وطن ۾ ھو سانگي سدورا!
ھتي ڪئن ٺھن جي سنگھارين ساماڻيون!
٤. وڃايو ڪٿي تو ڀلا ڄم ڄاراتو!
سھي ڪين سگھندين پنوھارن پاراتو
ڪڏھن ٿيون پرايون جي ور وٽ وڪاڻيون!
٥. کڻي ڪير تنھنجن ڏي جيڪر نھاري
تھ ھڪدم ڇڏئي ھوند سو ڏيل ڏاري
پڇي ڏس تون پنھنجون وڃي وڏ گھراڻيون
٦. سکن کي نھ طالب سنگھاريون سڃاڻن
اميراڻيون اھلون ڄٽيون ڪين ڄاڻن
ٺھن ٿيون ھتي ئي رڳي راڄ راڻيون
٣-٦-١٩٦٨ع
٦ ربيع الاول ١٣٨٨ھھ
پشاور
*
ٿل: لڳايم نينھن جو ناتو، اھو ناتو! نڀائينديس
١. |
نھوڙي ننڊ نيو ھئي ھئي! تڏھن سوڍي ستي
ڇڏيو |
|
خبر مون کي نھ ھئي تان پاڻ کي پاڻھي
رلائينديس |
٢. |
مھارون من وري موڙي ميي جون پنھنجي
مومل ڏي |
|
ڳچي ۾ پاندڙو پائي وڏا حيلا ھلائينديس |
٣. |
لنگھي وينديس تھ آّخر ڍٽ ڌڻي مون سان
وري ملندو |
|
لڍاڻي ۾ وڃي ھڪ ڀيرو قسمت آزمائينديس |
٤. |
ڪنديس ميڙيون گھڻيون، پر جي نھ موٽيو
مينڌرو ماڳھن |
|
وچن آھي تھ پنھنجي عمر پو ويھي
وڃائينديس |
٥. |
رٺل راڻو نھ جي پرتو تھ پو مومل مئي
ٻڌندئو |
|
مري وينديس مگر مان ڪاڪ کي ليڪو نھ
لائينديس |
٦. |
ھي ھر ھر طالب مولا چيو سائڻ ٿي ٻانھي
کي |
|
”اميد آھي رٺل راڻي کي منٿن سان
مڃائينديس“ |
٢-٤-١٩٥٨ع
ھالا
*
|