Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 12

[6]

سوا عشق جي ٻيو ڪو مذھب نھ ملت

 

ٿل:

اچي عشق اندر ۾ سمايو

 

جنھن وھم وجودي وڃايو

١.

ذات صفت جي سڌ سمجھائي

 

برھھ بھادر بات ٻڌائي

اتي رمزن رنگ رچايو

٢.

”و في انفسکم“ وارو اشارو

 

”ونحن اقرب“ ناز نيارو

مچي محبّت مچ مچايو

٣.

ڪک پن ۾ ڪيو ذات ظھورو

 

پرجھي اھو جو پرت ۾ پورو

ھي ساقي سر سمجھايو

٤.

عبد، احد ۾ پردا حجابي

 

نازڪ آھن ناز نقابي

آھي فائق فن فرمايو

٥.

طالب مولا حسن حقيقت

 

مرد ٿي ماڻج ماڳ معرفت

ھي ھادي حڪم ھلايو

١٥-٣-١٩٥٧ع

ھالا

*

ٿل:

عشق ڏنا آزار

 

سورن آھي سمھڻ وڃايو

١.

عشق جڏھن اچي ٻارڻ ٻاريا

 

عشق وارن ات سرڙا واريا

 

ورھھ ڪري واپار

 

پرت وارن اتان سڀڪي پرايو

٢.

اکيون عجيب جون اصلئون عالي

 

ٻيئي آھن مست موالي

 

چاڙھن خاص خمار

 

گھور انھن جي گھڻن کي گھايو

٣.

ھر جا آھي حسن حقاني

 

لاشڪ ۽ لاريب لاثاني

 

دل جو دلبر يار

 

سڀ صورت ۾ آھي سمايو

٤.

طعنا، تنڪا، مھڻا، ملامت

 

شھرت شامل ساڻ شڪايت

 

محبّت جا معيار

 

سالڪ ھي آھي سر سمجھايو

٥.

بره اچي ير! باھيون ٻاريون

 

گوندر ۾ ٿا روز گذاريون

 

نينھن ڪري نروار

 

گھٽي گھٽي ۾ آھي گھمايو

٦.

عشق الاھي آھي اعليٰ

 

محو انھي ۾ طالب مولا

 

قائم قرب قرار

 

پيچ انھي سان مون آھي پايو

١١-١-١٩٥٥ع

ھالا

*

ٿل:

جي عشق امالڪ اچي

 

تھ عقل وڃي ٿو راند ھارائي

١.

عقل ويچارو عاجز آھي

 

عشق سان ڪھڙو سينو ساھي!

 

ڪير برھھ جي باھيئون بڇي

 

سبحاني ٿو سر سمجھائي

٢.

عقل جي ھڪ حد آھي مقرر

 

عشق جو يارو! ھر جا مظھر

 

ڪو رنگ انھي ۾ رچي

 

وھم وجودي سارا وڃائي

٣.

عشق بھادر جت ھڻي نعرو

 

عقل ٿئي ٿو ات ويچارو

 

نينھن اڳيان پيو نچي

 

طوق غلامي پائي پائي

٤.

عشق الاھي واٽ ڏيکاري

 

آب حياتي پل ۾ پياري

 

جو پرت انھي ۾ پچي

 

طالبُ مولا تنھن کي بنائي

٢٦-٢-١٩٥٥ع

ھالا

*

ٿل:

عشق ڪرڻ آسان

 

ناتو نڀائڻ ڏاڍو مشڪل

١.

حرص، ھوس جي حاجت ناھي

 

ايندو اِتي ڪو ڪوپو ڪاھي

 

اتي کپي ايمان

 

قرب ڪمائڻ ڏاڍو مشڪل

٢.

سڌڙيو ھرڪو ھر ھر سنڀري

 

نيھي اچي ٿو ڪو ڪو نسري

 

محبّت جو ميدان

 

مرڪي ملھائڻ ڏاڍو مشڪل

٣.

دم دعوا جو مارڻ سؤکو

 

پر اِثبات ڪرڻ آھي اؤکو

 

ثابت ڪري سبحان

 

وارو وڄائڻ ڏاڍو مشڪل

٤.

ڇڏيو لاھي سر جو سانگو

 

تھ بھ ھي آھي سودو سھانگو

 

ٿيڻ ڪڏي قربان

 

ڪنڌ ڪپائڻ ڏاڍو مشڪل

٥.

عشق حلاج سان ڇا ڇا ڪيڙو

 

شمس کي نيٺ نھوڙي نيڙو

 

لاھي غير گمان

 

”انا“ الائڻ ڏاڍو مشڪل

٦.

عبديت جو چڱو آھي چولو

 

ڀڃ ڀائڻ جو بلڪل ڀولو

 

دمدم رکج ڌيان

 

ورھھ وسائڻ ڏاڍو مشڪل

٧.

طالب ٿي مطلوب کي ماڻج

 

پاڻ اتي ھرگز نھ آڻج

 

ٿيجئين سرت سجان

 

خود کي کائڻ ڏاڍو مشڪل

٩-١٠-١٩٥٦ع

ميرانپور، ھالا

*

ٿل:

بِرھھ نھ آھي بيت المال

 

ھتِ محتاج جو ڇاھي ڇاھي!

١.

مٿو مٽي وٽ جيڪو رکندو

 

سڪ جي سرڪي سوئي چکندو

 

پاڻھي ڏيندو ڪيف ڪلال

 

ڏس ھي ڏنو ڪنھن ڏاھي ڏاھي

٢.

کيڏي اھوئي برھھ جي بازي

 

غير ڇڏي جو ٿيندو غازي

 

ٻي کي ملندو محب محال

 

عشق اڙانگو آھي آھي

٣.

دعوا ڪرڻ ڏاڍي سولي سؤکي

 

پر قرباني آ اھنجي اؤکي

 

اڳيان جابُر جوش جلال

 

حق حجت جو ناھي ناھي

٤.

ھتِ ھزارين ھرکي آيا

 

پير وري تن پٺتي پايا

 

سڌڙين جو آھي خام خيال

 

ڪو ڪو رسندو ڪاھي ڪاھي

٥.

جِت گھمسان گھورن جا ٿيندا

 

ات اڀري ڪي عاشق ايندا

 

فڪر ۾ فاني ٿي في الحال

 

لڳ لاڳاپا لاھي لاھي

٦.

ڪنٺا، ڪولاپا، مڻيا، مصلا

 

ورھھ بنا ويران سي وسلا

 

ٿيندو ڪين ڪي حاصل حال

 

ٺاھھ ٺڳي جا ٺاھي ٺاھي

٧.

طالب مولا مرد ٿي مانجھي

 

سڪ ۾ رھجان صبح ۽ سانجھي

 

قرب ۾ ڪرڻو آھي ڪمال

 

سندرو ٻڌبو ساھي ساھي

١٦-١٠-١٩٥٦ع

ھالا

*

ٿل:

عشق ٿيو استاد

 

سڀڪنھن کي ٿو سبق پڙھائي

١.

حضرت عشق جي اعليٰ عظمت

 

سڀ کان سرسي شان ۽ شوڪت

 

علم ڪري امداد

 

خيال خودي جا خوب وڃائي

٢.

سڀ جڳ عشق جا آھن سلامي

 

ھرڪو مڃي ٿو ان جي غلامي

 

الٽو ڪري ارشاد

 

مھميرن کي نيٺ مڃائي

٣.

عشق اڳيان جو لاف ھڻي ٿو

 

سوري تي سو نيٺ چڙھي ٿو

 

سورھھ ٿيو صياد

 

ڦيرا ڏئي ٿو ڪيئي ڦاسائي

٤.

عشق جي بازي آھي اؤکي

 

سمجھي متان ڪو سولي سؤکي

 

اتي ڪري اتحاد

 

ڪيئي وڏا ٿو ناٿ نچائي

٥.

طالب مولا مرد ٿئي جو

 

ھن ميدان ۾ سنڀري اچي سو

 

اھو ٿيندو آزاد

 

”ھوھو“ وارو ھل مچائي

٢٨-٣-١٩٥٧ع

ھالا

*

ٿل:

”عشق ڏنا آزار

 

رئندي گذاريم راتيون راتيون“

١.

سر تي کنيون مون خلق جون

 

خواريون ڳانا ڪري، ڳل ھار

تن جون ڪيان ڪھڙيون باتيون باتيون

٢.

مون کان ڦري ويو دلڙي

 

دلبر پل پل ۾ ڏئي پيار

مٺڙيون ٻڌائي لاتيون لاتيون

٣.

ورھھ ويراڳ ۽ درد جا

 

دفتر باري برھھ جا بار

ڏاتر ڏنيون اھي ڏاتيون ڏاتيون

٤.

طالبُ مولا تو لئي

 

دائم دل جا دلبر يار!

جام پائي ٿو جھاتيون جھاتيون

٢٧-٤-١٩٥٧ع

ڪراچي

*

ٿل:

آھي ڪنھن کي خبر ڪا چار

 

ڏاڍو عشق اڻانگو يار!

١.

عشق ٿو جنھن سر ٻارڻ ٻاري

 

دنيا عقبيٰ اھو وساري

 

پرت پيارل سان سو پاري

 

توڙي لکين آزار

٢.

ڪات اڏي جي آھي بازي

 

گوءِ کٽي ڪو ٿيندو غازي

 

عش اڳيان ڪن آزي نيازي

 

ڪيئي ڪلا دار

٣.

ذڪريا سر ڪرٽ وھايئين

 

ڪاڻ خليل آڙاھھ مچايئين

 

ڪربل وارو ڪوس ڪرايئين

 

عجب ڪري اسرار

٤.

سولي تي منصور چڙھايئين

 

شمس جي کلڙي نيٺ کلايئين

 

صوفي جو سر نيزي رسايئين

 

اھي اٿس آچار

٥.

جيڪو طالب مولا ٿيندو

 

سر سڄڻ بھ انھي کي ڏيندو

 

عشق نھ ان کي مور مٽيندو

 

واھھ ڪري وھنوار

٧-٦-١٩٥٧ع

ھالا

*

ٿل:

ماري عشق ڇڏيو ڄڻ اديون ڙي! اڦٽ(1)

 

لنگھيو تير جدائي جو دل مان ٻِسٽ

١.

مون ڀانيو تھ منھنجا ٿيندا پرين

 

جي ويندا تھ پاڻ سان نيندا پرين

 

ھي وھم نھ ھو، ھو مٽيندا پرين

 

جھلئي ڪين جھليا، ھليا ويا جھٽ پٽ

٢.

ويا آڌي رات ھو لال لڏي

 

ڏيئي ڏاج ڏکن، ڇني ڇوري ڇڏي

 

ڇڏيئون گوندر ۾ ھي گولي گڏي

 

ڏاڍو نرجو ھين ڙي! نينھن نپٽ

٣.

ھليا ڏاڍايون ۽ ڏاڍ ڪري

 

پئي نينھن ۾ نماڻي سور چري

 

ھن ويئي سري، مھنجي ڪانھ سري

 

ھو ڏاڍو ڏکيو منھنجي نينھن جو نکٽ

٤.

آئون ويندس، وھندس ڪين ڪڏھن

 

وڃي ملندس، طالب مليا جڏھن

 

اھي ايندس وٺي، جڳ ڏسندو تڏھن

 

۽ ٿيندس محب سان مان مٽ سٽ

٢-٨-١٩٦١ع

لاھور

*

ٿل:

”محبّت ري مردار

 

ھي تھ حياتي ڇا ڪندي!“

١.

زھد، عبادت پڻ چڱا

 

عشق وڏو اسرار

٢.

ورد، وظائف جو سدا

 

الفت آھي اجار

٣.

اول، آخر مون سندو

 

آھي محب مدار

٤.

ڪرڻو آھي ڪريم سان

 

ورھھ سندو واپار

٥.

طالب، مولا تو مٿان

 

لاٿو غير غبار

٩-٨-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ٿل:

ورھھ وھائج ويھي ويھي

 

رلندي رلندي ڪنھن نھ ڪمايو

١.

بند نظر ڪر ظاھر واري

 

پو تون پسندين صورت پياري

 

نام وٺج ٿي نيھي نيھي

 

ٿيندءِ پوءِ ھي سانگ سجايو

٢.

محبّت وارو مارڳ مشڪل

 

ڪو ڪو ھلندو ان تي ڪامل

 

رمز سان دل جنھن ريھي ريھي

 

سو ئي ويندو وک وڌايو

٣.

ھلندي ڪانھ ڪا ھتِ مخدومي

 

جيڪو ماڻيندو مغمومي

 

ڳالھھ ڪبي ھي ڪيھي ڪيھي

 

سو سمجھي جو پڙ ۾ آيو

٤.

جيڪو زمان، مڪان کان واقف

 

سوئي آھي قريب جو ڪاشف

 

ديھھ انھي جو ديھي ديھي

 

لوڪان وھي ٿو پاڻ لڪائي

٥.

طالبُ مولا سوئي آھي

 

جنھن کي ضرورت ٻي ڪا ناھي

 

پاڻ ۾ ويو جو پيھي پيھي

 

پرينءَ انھي کي پاڻ پسايو

٢-١-١٩٥٨ع

ھالا

*

ٿل:

ڪئن وساريا ويھي تو ”قالوا بَليٰ“ اقرارڙا!

 

ڇا ڪري سگھندين سڄڻ سان عشق ۾ انڪارڙا!

١.

”فاذکروني“ فڪر ڪر ھت وار ويڇو ناھھ ڪو

 

”ونحن اقرب“ ۾ ٿين ٿا دل اندر ديدارڙا

٢.

ري نڀائڻ جي تھ ھاڻي ڪانھ آھي واھھ ڪا

 

جي نھ ملڪن ٿي قبوليا سي کنيا تو بارڙا

٣.

روح ھو آزاد پر مجبور ٿيو ھڪدم تڏھن

 

ھن جڏھن آدم اندر سرسا ڪيا سينگارڙا

٤.

ھوئي ھمدم، ھوئي ھادي، ھو حڪيم ۽ ھو طبيب

 

ھن بنا ڪنھن کي نھ ڏسبا عشق جا آزارڙا

٥.

طالب المولا دوائون ۽ شفائون ھن جي ھٿ

 

يار کي پرتل ھجن شل بِرھھ جا بيمارڙا

٢٨-٥-١٩٥٦ع

ھالا

*

ٿل:          عجب عشق آھي اسان جو الستي

                ڪڏھن بت پرستي ڪڏھن خود پرستي

١. جھان کان جدا ٿي جھان ۾ رھون ٿا

سڀن ساڻ گڏ ھوندي سڀڪجھھ سھون ٿا

وسائيسون وھوا ورھھ واري وستي

٢. اذيت عجيبن جي لذت ڏئي ٿي

انھي کان نھ تڪليف ڪائي ٿئي ٿي

سراپا ٿياسون محبّت جي مستي

٣. اسان جي محبّت جا معيار محڪم

ڪري پيار ٿياسون جو ھن ساڻ ھمدم

اسان تان سڃاپي حبيبن جي ھستي

٤. اسين ھر ھميشه بلند بخت آھيون

۽ سود و زيان کي ڪڏھن ڪونھ چاھيون

ڏسون ڪين ھرگز بلندي ۽ پستي

٥. ٿياسون جو طالب تھ مطلوب مليو

ٿي ساقي صنم، پو کڻي جام اٿيو

سري مان سڄڻ جي ملي سرڪ سستي

٢٤-٦-١٩٦٦ع

مري

*

ٿل:          جنھن کي عشق جڏھن ٿو نھوڙي نئي

                ڏسي ڪين ڪڏھن سو کتئي ۽ ڇئي

١. جي عشق ۾ ڪنھن ڪئي خود غرضي

ٿيو ذاتي عشق نھ پر فرضي

سو ڪوڙو ڪفر جو ٿيو قرضي

ڀلي وعدا کڻي ڏھھ ڀيرا ڏئي

٢. جيڪو سور ڏسيو ٿو پٺ تي وري

محروم ٿيو سو نيٺ مري

جو پيار جي خاطر پيار ڪري

مئي عشق جا پيالا روز پئي

٣. ڪو پيار ۾ شل مجبور رھي

ڪجھھ وقت جي لئي مھجور رھي

ملي محٻ سان پو مسرور رھي

پوي خبر تھ عشق ٿو ڪيئن ٿئي

٤. ڪو مون کان عشق جي ڳالھھ پڇي

نھ تھ ڏوران اچي رڳو حال ڏسي

تھ پو پاڻھي پتو ھوند پئجي وڃي

تھ ھي عاشق عشق ۾ ڪيئن پيو جئي

٥. مون کي پنھنجو پرينءَ محبوب ڪيو

محبوب سان گڏ مطلوب ڪيو

اھڙو راغب ٿي مرغوب ڪيو

جو پنھنجو ڪيو نھ ٻئي ۽ ٽئي

٦. پائي جھاتي ھن جا نگاه  ڪئي

منھنجي انگ انگ ٿي واه واه ڪئي

تِتي طالب مولا آه ڪئي

ڪيو قيد انھي ھڪڙي ئي لئي

١-٣-١٩٦٦ع

ڪراچي

*

 


 

(1) ێۑ حڵ قڝڎج ڶكڈۆڶ إڶۑڷ ڶقڶڈ ڠڎڢ ”صڦڷ ۆإڎإ ڜإقب ڎقێ“ ضڷ ضۆ آێۑ. ښطۑ ڥإڢۑ ێح ڷێ إغۑ ښڧێۑ. إڷێۑ حڵ جۑ ڷیۑڷ ڥإڢۑ ضۆڏۑ ۆیۑ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org