Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 16

[10]

درد مندن جون دليون ڦيرا ڏئي دلبر ڦٽيون

 

ٿل:          سھڻو، تھ يار سھڻو، سھڻو ٻيو ڪير آھي

                عاشق جي لئي عجائب صورت جو سير آھي

١.

گھنڊڙا بھ ڪئن گھتِن ٿا

 

ھن جئن نھ دل ڦرن ٿا

 

سرمو تھ سڀ وجھن ٿا

 

اک اک جو ڦير آھي

٢.

ڪوڙن جا سر قلم ٿيا

 

سوري بھ سو چڙھي ويا

 

ڪنھن جي ڪڍيئين نھ پروا

 

دلبر دلبر آھي

٣.

ڪانھي مجال ڪنھن کي

 

ھمسر ٿئي ڪو ان جي

 

قائم سدائين ڪل تي

 

پرين جو پير آھي

٤.

سھڻي جا سڀ سلامي

 

غازي بھ ڪن غلامي

 

محبوبُ مون مدامي

 

شيرن جو شير آھي

٥.

واعظ ھجي يا زاھد

 

عارف ھجي يا عابد

 

فائق ھجي يا فاسد

 

ڪنھن ڏي نھ غير آھي

٦.

من ۾ رڳي محبّت

 

جي جي اِھا جبلت

 

منجھھ عشق واري ملت

 

ويري، نھ وير آھي

٧.

ھڪ جي طلب آ دل کي

 

ڪنھن کي مڃان نھ ان ري

 

ھڪ کان سوا نھ ٻي ڏي

 

ڪو اير ڀير آھي

٨.

مولا جو آھيان طالب

 

جو ڪل تي ئي غالب

 

پر قرب ساڻ قالب

 

مورھئون نھ مير آھي

*

ٿل:

ڪئن نھ بي دردن جون دليون درد سان دلبر ڌڪيون!

 

رمز وارن سان رکيائين پرت مان ڳالھيون پڪيون

١.

عشق مان جن عاشقن دل جان دلبر کي ڏني

 

پو رکيون تن سورھن سان يار يارانيون يڪيون

٢.

مون بھ ان جي ئي پناري پاڻ کي آھي ڇڏيو

 

ڪئين اگھاڙيون، عيبداريون، پانڌ ڏئي ڍولڻ ڍڪيون

٣.

دردمندي دل کي بس ديدار جي گھرجي دوا

 

ڇا ڪندا ھن برھھ جي بيمار کي ڦيڻا، ڦڪيون!

٤.

رحمة اللعالمين ٿيندو مسافر جي مدد

 

لطف سان لاشڪ اڪاريندو اچي لالڻ لڪيون

٥.

طالب مولا کي آھي پنھنجي قادر جو قسم

 

سج ۽ چنڊ جون روشنايون منھنجي جانب کان جھڪيون

٢٦-٥-١٩٦٨ع

ھالا

*

ٿل:

دردمندن جون دليون ڦيرا ڏئي دلبر ڦٽيون

 

يار لئي در در ڏٺا مون گھوٽ ڪئين گھمندي گھٽيون

١.

جن وڏائي ڪئي انھن جو سر اچي اتِ خم ٿيو

 

ڪئين دليرن جون دليون شھباز ٿي، جانب جھٽيون

٢.

ھي خبر ٿئي، ٿي ويو سر ساھھ جو سودو ھتي!

 

وڃ وري واعظ! ڀلا محبوب جو در ُ ڪئن مٽيون!

٣.

سر نھ کڻبو يار جي قدمن مٿان تيتر ڪڏھن

 

در گذر جيتر نھ ھو منھنجون ڪندو کاريون، کٽيون

٤.

مون اکيون ان لاءِ اوتارا اميدن ۾ ڪيون

 

ھئن حياتي جا اي يارو! ڏينھڙا ويٺا ڪٽيون

٥.

طالب المولا ٻڌي ھٿڙا ڪري ٿو عرض ھي

 

اچ تھ گڏجي ير! جدائي جون کڻي پاڙون پٽيون

١-٦-١٩٥٦ع

ھالا

*

ٿل:

تنھنجون زوراور سڄڻ! اھڙيون اجھل آھن اکيون

 

عشق جي ميدان ۾ ايندي اچي ٻيئي ٻکيون

١.

مئي محبّت مان رڳو سرڪيون ئي ساقي! ٿو ڏئين

 

مست ٿيون سي سڀ دليون جن چاھھ مان چاٽيون چکيون

٢.

طالب ۽ مطلوب جي وچ جيڪي رمزون ٿيون رھن

 

ڪين ڪي سي عشق واريون لوڪ ھي ڳالھيون لکيون

٣.

ترڪ دنيا کي ڏئي جن ڪئي فقيري اختيار

 

تن جا ٻيڙا پار ٿيا جن ڪن اھي رمزون رکيون

٤.

طالب المولا ھجي ھڪڙي تھ ان جي ڏيان خبر

 

عشق واري نانگ ڪاريھل ڪئين دلڙيون ڪکيون

١٦-١-١٩٥٧ع

پٿورو

*


 

[11]

تو کي نھ چوان ٻيو ڪنھن کي چوان

 

ٿل:                          تنھنجا ڪھڙا ٿورا ڳايان

                                ٿو ڀال ھزارين ڀايان- ڙي يار!

١. لوڪ مٿم ڪئين ڳالھيون ھلايون

سي نھ ڪڏھن تودل ۾ ھنڍايون

مون ڪوجھي تي ھيڏيون ڀلايون!

ھي سر گھور گھمايان – ڙي يار!

٢. نرمل! نادان آھيان نسورو

برھھ ۾ بيشڪ بيحد ڀورو

يار! ڪرين ٿو لک جو ٿورو

پاند ڳچي ۾ پايان – ڙي يار!

٣. دلبر! مون کان دور تون ناھين

ويٺو منھنجي دل ۾ آھين

رمز انھي کي شال نباھين

ڪھڙا پنڌ پڇايان – ڙي يار!

٤. ورھھ گھڻئي ڪي ويرون وھايون

سر تي سختيون سوين ئي آيون

ڏسجئين ڪين ڪي منھنجون ڪچايون

توکي ڇا سمجھايان – ڙي يار!

٥. ماڻھو ڪن ٿا محب! ملامت

طالب مولا جي تھ شڪايت

تون تھ ڪرين ٿو پنھنجي عنايت

دل کي پيو ريجھايان – ڙي يار!

١-٢-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ٿل:                          مان دل جون ڳجھڙيون ڳالھيون ڀلا

                                تو کي نھ چوان ٻيو ڪنھن کي چوان!

١. تو وٽ تھ حجت جي جاءِ نھ ڪا

چئو ڪنھن سان سليان سور ڀلا!

دردن جي حقيقت ماھھ لقا!

توکي نھ چوان ٻيو ڪنھن کي چوان!

٢. من! عشق ۾ ڇاڇا ٿي گذريو

تو مون کان ڪڏھن ڪجھھ ڪونھ پڇيو

ريجھين جي رسين ٿو ڄاڻي خدا

توکي نھ چوان ٻيو ڪنھن کي چوان!

٣. سڀ ڏک ڏوراپا درد ۽ غم

سردار سڄڻ! ھي رنج، الم

ھڪ ڀيرو ڇا سو سو ڀيرا

توکي نھ چوان ٻيو ڪنھن کي چوان!

٤. تنھنجي چڙ ۾ لکين ئي لطف مٺا!

تنھنجو جور، جفا پڻ مھر، وفا

گستاخ ٿي ڏھھ ڏھھ ڏوراپا

توکي نھ چوان ٻيو ڪنھن کي چوان!

٥. ٻڌ عرض ھي طالب مولا جا

اي سھڻن جا سردار! سدا

محبوب مٺا مصرن جھڙا!

توکي نھ چوان ٻيو ڪنھن کي چوان

٢٠-١٠-١٩٥٥ع

ھالا

*

ٿل:                          توسان نرمل نينھن نڀائيندس

                                ٻي پاسي دل نھ لڳائيندس

١. تنھنجي ناز نھوڙي نيٺ نيم

پنھنجو پاڻ حوالي تنھنجي ڪيم

اھو سودو سھانگو ڏاڍو پيم

اک ٻي ھنڌ ڪين اڙائيندس

٢. او منھنجا سڄڻ! رک صلح صفا

تنھنجون جور جفا، منھنجي مھر وفا

جي رھندين مون کان يار! خفا

تھ بھ پنھنجو پيار وڌائيندس

٣. تنھنجي پچر ڇڏيندس ڪونھ سڄڻ!

توکي ياد ڪندس پيو ڇو نھ سڄڻ!

ھر حال ۾ رھندي اون سڄڻ!

تو لئي ويھي راتيون وھائيندس

٤. جيڪو يار! کنيو مون آھي قدم

سو اڳتي رھندو سھڻا صنم

مون کي محب سڄڻ! تنھنجي سر جو قسم

وک پوئتي ڪانھ ورائيندس

٥. تنھنجو طالب مولا آھيان پرين!

ٻي ڪنھن جو ھرگز ناھيان پرين!

تنھنجا ڪھڙا ٿورا لاھيان پرين!

تنھنجا ڳڻ تھ ھميشه ڳائيندس

١٨-٤-١٩٥٩ع

ھالا

*

ٿل:

محبوب مٺا! کل نيڻ کڻي

 

وھواه وئين تون دل کي وڻي

١. تنھنجي ڪار ڪجل واري دل کي ڪٺو

تنھنجي محبّت آھي منڙو مٺو

ٿيو ڏاڍو سٺو، ٿيو ڏاڍو سٺو

وئين دل جو دلبر! ڌاڙو ھڻي

٢. تو پھرين نظر سان شڪار ڪيو

من! مرڪي مون سان پيار ڪيو

ير! ورھھ جو واھھ واپار ڪيو

وئي اک سان اٽڪي اک جي اڻي

٣. تو سامھون ويھي ڪنڌ ھيٺ ڪري

کڻي لڪ ڇپ سان وئين دلڙي ڦري

ھاڻ دردن ۾ پيئي جان جھري

آئون تنھنجي آھيان پيرن جي پڻي

٤. محبوب مسافر! ياد ڪجئين

ڪو خطڙو مون ڏي ير! لکجئين

پر يار! خبر ڪنھن کي نھ ڏجئين

تون منھن جي دل جو آھين ڌڻي

٥. تون سمجھي وئين مون سمجھيو آ

مون ساڻ ڪندين تون مھر، وفا

ھڪ ڀيرو اچج من ماه لقا!

پوءِ صورت جيڪا يار! بڻي

٦. پنھن جي طالب وٽ اچ پير ڀري

نٿي تو کان سوا ساعت ڪا سري

ھي دلڙي اچي وئي عشق اري

اچ گھايل کي تنھنجي گھرج گھڻي

*

ٿل:

منھنجا رسڻا پرين، منھنجا رسڻا پرين!

 

شل سلامت ھجين منھنجا رسڻا پرين!

١.

تنھنجا جور جفا، منھنجي مھر وفا

 

ڄاڻي ھڪڙو خدا، منھنجا دلبر مٺا!

تو سان سر ٿو لڳي سھڻا سھڻا پرين!

٢.

منھنجا پيارا سڄڻ، جي جا جيارا سڄڻ!

 

حال وارا سڄڻ، دل جا دارا سڄڻ!

رمز ۽ راز ۾ روز رھڻا پرين!

٣.

يار! تون اچ وري، دلڙي دردن ڀري

 

تنھنجي ڪئن وئي سري! ڪر ڪا اڄ دلبري

ڏي دلاسا مٺا قربَ ڪھڻا پرين!

٤.

ڪرڪا نرمل! نظر، لھج منھنجي خبر

 

نينھن ۾ نازور! ڏس نھ ڪس ۽ ڪثر

پنھنجي طالب کي تون ڏي نھ مھڻا پرين!

٦-٥-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

ٿل:

مٺڙا! تون نھ وسارج

 

جڳ جي وساريو تھ ڇا ٿيو!

١.

روز ازل جي ٻول ٻڌاسون

 

سي تھ پيارل! پارج

٢.

محب! ملڻ کان ماڻا ڪرين ٿو

 

نيڻ کڻي تھ نھارج

٣.

لوڪ ڀلي ڏي مھڻا طعنا

 

پر نھ مٺا! تون مارج

٤.

ٻاجھھ پوئي من سھڻل سائين!

 

دلڙي منھنجي ڌتارج

٥.

ياد سڄڻ! تون ھردم آھين

 

مون کي بھ سھڻا! سارج

٦.

پازي پنھنجو پنھنجي در تان

 

پھرئين پور اڪارج

٧.

سيد سھڻا! طالب مولا

 

دلبر! ڪين ڌڪارج

٢٣-٧-١٩٥٥ع

کٽياڻ

*

ٿل:          منھنجا دلبر مٺا! ڇو ٿئين ٿي جدا

                نيٺ ملنداسون ڇو ٿو رئين تون ڀلا!

١. ڇو ٿي عاشق سان دلڙي اڙايئي مٺا!

ھاڻ دل ۾ اچي بره ٻاريئي بَٺا

يار! ٻي واٽ ڪانھئي نڀائڻ سوا

٢. حسن پنھنجي تي توکي وڏو ناز ھو

تون ھي پڪ ڄاڻ ير! آڏو آيئي اھو

ھاڻ مڃ ھار عاشق اڳيان دلربا!

٣. تو ٿِي لاغرض مون کي وڏا ڏک ڏنئي

وقت سھڻا سڄڻ سو ڀلا ياد ٿئي!

دل ڦريل ساڻ دل لاءِ ڪا مھلقا!

٤. دل ۾ جا ڳالھھ ٿئي سا سڄڻ ڪر کڻي

پنھنجي طالب ڏي قربئون قدم ڀر کڻي

ھاڻ مون کان سوا ٻي نھ ٿئي واه ڪا

١٣-٩-١٩٥٤ع

پينگھارو

*

ٿل:          وفادار آھين وفادار آھين

                                مگر يار! ڪجھھ ڪجھھ جفاڪار آھين

١. سندءِ مھربانيون چئي ڇا ٻڌايان

مٺا يار! ممنون احسان آھيان

سڄڻ! عشق وارن جو آڌار آھين

٢. عجب آھھ، لاغرض ٿي ڇو رھين ٿو!

مان سمجھان ٿو دلبر! سبب آھھ ڪھڙو

نشي نينھن واري ۾ سرشار آھين

٣. سندم التجائن جو مطلب پڇين ٿو

او سھڻا! تون سمجھي بھ اڻ ڄاڻ ٿين ٿو

ڀلا چؤ پرين، ڇا اڃان ٻار آھين!

٤. اسان کي خدا خود سلامت رکي شل

سلامت اسان جي محبّت رکي شل!

اڃا يار طالب کان ڇو ڌار آھين!

*

ٿل:

او منھنجي پيار وارا!

 

او منھنجي پيار وارا!

١.

مون ڏي سڄڻ! نھاريئي

 

پھرين نظر سان ماريئي

 

ڄڻ مئي جو جام پياريئي

 

اول پري بھاريئي

 

ڳڻتين ۾ خوب ڳاريئي

 

پو دل اندر وھاريئي

 

۽ قرب ۾ قراريئي

 

سھڻا سڄڻ سچارا!

٢.

تو تي نظر جا پيئي

 

دلڙي ھٿن مان ويئي

 

گذري ويا ڏينھن ڪيئي

 

چاھيم تھ پاڻ نيئي

 

توکي اچان مان ڏيئي

 

ڳالھيون ڳڻيم سڀيئي!

 

پوريون ٿيون مڙيئي

 

محبوب من موچارا!

٣.

اي دل جا يار جاني!

 

منٺار ماه ثاني!

 

دل درد ڪئي ديواني

 

ھي نينھن جي نشاني

 

ڪئي قرب ڪامراني!

 

ورتيئي جا ميھماني

 

ڪر ڪين بدگماني

 

منھنجي اکن جا تارا!

٤.

سھڻا! ھجين سلامت

 

تنھنجي ڪيم اطاعت

 

ٿيو عشق ئي عبادت

 

ھي قرب جي ڪرامت

 

محڪم رھي محبّت

 

جا تو ڪئي عنايت

 

سو تنھنجو شان شوڪت

 

اي جاني جي جيارا!

٥.

اڄ يار عيد آھي

 

ڏاڍي سعيد آھي

 

محبّت مزيد آھي

 

شوقئون شديد آھي

 

حاصل ٿي ديد آھي

 

ھڪ خوش نويد آھي

 

قربي ڪليد آھي

 

طالب جي دل جا دارا!

١٠-٤-١٩٥٩ع

عيد جي ڏينھن – ھالا

*

ٿل:          تون پھرين نظر ۾ کسي دل کڻي وئين

                او سھڻا سڄڻ، يار! وھوا وڻي وئين

١. سڄڻ! تنھنجو مرڪڻ تھ ماري ڇڏي ٿو

غمن گوندرن کي بھ ڳاري ڇڏي ٿو

انھي رمز سان دل جو ڌاڙو ھڻي وئين

٢. سندءِ نيڻ سھڻا، گلابي گلابي

عابي عنابي، شرابي شرابي

انھن جي وسيلي ٿي منھنجو ڌڻي وئين

٣. سندم ڪم ھي ڪونھي تو دلڙي ڌتاري

ستي سڪ جي سھڻا! تو پاڻھي پياري

عجب آھھ، حاڪم ٿي ھٿڙي ”ھڻي“ وئين

٤. لڪائي لڪائي ڪو خطڙو لکين من!

حقيقت سندم حال جي ڪا وٺين من!

اٿم ياد، ڪن ۾ جو ڀڻڪو ڀڻي وئين

٥. پتو تنھنجي دل جو تھ توکي ئي آھي

مگر منھنجي من ۾ خبر ٿئي تھ ڇاھي!

نگاھن سان طالب کي دلبر! ڌڻي وئين

٦-١-١٩٥٦ع

بدين

*

ٿل:

ياري جي مون کي يار!

 

توسان دعوا ناھي

 

دعوا ناھي

 

عاجزي آھي

١.

حاڪم سائين! تنھنجي در تي

 

مون جھڙا تھ ھزار

٢.

منھنجون ڪچايون مور نھ ڏسجان

 

محب، مٺا، منٺار!

٣.

عرض ھي اھي ڍول! ڍڪج تون

 

منھنجا عيب اپار

٤.

دمدم منھنجي من جي محبّت

 

ماڻين شل مھندار!

٥.

طالب مولا ڏي تون ھر ھر

 

نرمل! ڪر ڪا نھار

١٩-٥-١٩٥٨ع

ڪراچي

*


 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org