Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 2

[20]

وڻجارا تھ ورن

 

ٿل: ھنيڙي ھل حشر، ڪانھي خبر

ڪڏھن ورندا وڻجارا!

١.

ھر ھر پنھنجي حبيب کي

 

اوريان منجھھ اندر

٢.

دلڙي ۾ دردن جا

 

ويٺا آھن ولر

٣.

متان ھن مھجور تان

 

لاٿئون مھر نظر!

٤.

ڪم نھ قيامت کان گھڙي

 

گھارڻ منجھھ گھنگھر

٥.

سودو ڪيو مون سر جو

 

ڪس لڳي يا ڪثر

٦.

ملندي ڪڏھن محبن سان

 

ھي تھ نماڻي نڌر!

٧.

پانڌي روز پڇائيان

 

واٽن تي ڏئي ور

٨.

ماري ھن تھ مٺي کي

 

سھسايائون سفر

٩.

ڪين ڇڏينديس ڪڏھين

 

پِرين جي ڪا پچر

١٠.

طالب مولا کي نھ ڪا

 

خالق! توکي خبر

١٩-٤-١٩٥٦ع

ڪراچي

*

ٿل:

وڻجارا تھ ورن ڙي ڀينر جيڏيون!

 

ڏينھن ڏٺي ٿيا جن جي

١.

اکڙيون انھي پار ڏي

 

ڏاڍو ٿيون ڪي ڏسن

٢.

روز بندر تي بيھندي

 

منھنجا نيڻ ٽمن

٣.

ويھي ڪيئون جي واعدا

 

شل پرين پورا ڪن!

٤.

ٻيڙا ٻاجھارن سندا

 

اوري مان اچن!

٥.

پاڻ تھ ڪين پلي ويا!

 

مورھئون نٿا موٽن

٦.

طالب مولا سپرين

 

اوري شال اچن!

١٩-١٢-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

 


 

[21]

پي ۽ پيڻ ڏي

 

ٿل:

تون بھ پيالا پي – ڙي يار!

 

ٻيو بھ کڻي ڪو پئي تھ پيڻ ڏي

١.

ساقي جي ڀر ڪين ڪي ڇڏيي

 

مئي محبّت سان دلڙي گڏيي

 

کيو خمار ۾ ٿِي

 

من مستانو ٿئي تھ ٿيڻ ڏي

٢.

ڇڏ لاڳاپا لوڪ جا لاھي

 

ھن ۾ ڀلا ٻيو رکيو ڇاھي!

 

ورندو نھ ھن مان ڪي

 

مھڻا ڀلي ڪو ڏئي تھ ڏيڻ ڏي

٣.

طالب مولا ميس کي ماري

 

تار منجھان ڪڍ پاڻ کي تاري

 

جيئري مري تون جِي

 

نينھن نھوڙي نئي تھ نيڻ ڏي

١١-١١-١٩٥٧ع

١٥ رجب ١٣٧٦ھھ

ھالا

*

ٿل:          ساقي! سرڪيون ڏئي غم، ٽار ڀلا

                ڪر ساغر جي وارووار ڀلا

١. سر ساھھ جي ٻول ڪا ٻول اٿي

دنيائي ڌنڌن کان رول اٿي

مٽ پوريل پراڻا کول اٿي

اڄ پنھنجي سخا ڏيکار ڀلا

٢. ڀلي رقص، سرود ۾ حال پون

ڪوڙي تقويٰ وارا رنگ لھن

سڀ علمن جا بھ حجاب ٽٽن

ڪر اھڙي اٿي ڪا ڪار ڀلا

٣. ھن زھد ريائي ڪجھھ نھ مڃِي

اھو پھتو پري آھي ويتر وڃي

ڏئي جام ڇڏينس تون ھستي ڀڃي

ڪر دير نھ، آڻ، پيار ڀلا

٤. سجدن ڪيو مصلو چٿّو چٿو

تسبيح جي تال جو تير گٿو

خرقي ۽ عبا مان ڪين کٿو

مئي خوش مان ذرو ڪو ڏيار ڀلا

٥. مستانو ٿيان، ديوانو ٿيان

بدمست ھجان تھ بھ ويٺو پيان

پنھنجي قسمت، پوءِ مران يا جيان

مئي منھنجي مٿان بيٺو ھار ڀلا

٦. تيسين پيار ويٺو جيسين باک ڦٽي

ڀلي عقل، خِرد جو غرور ٽٽي

گھڙي کن تھ زماني مان جند ڇٽي

ڪر اھڙو سخي! سرشار ڀلا

٧. مخدومي ڏاڍو ڍنگ ڪيو

پيري بھ ھزاري رنگ ڪيو

پر محبّت جنھن کي ملنگ ڪيو

تنھن کي ڪنھن جي آھي درڪار ڀلا!

٨. رڳو ڏين ٿو ٻين کي گھاٽي گھڻي

تو بھ ورتي زماني جي ريت کڻي

ٻھ اکيائي تھ ڇڏ اِھا سمجھي سڻي

ڪر مون سان ڀلي اکيون چار ڀلا

٩. ھي طالب مولا دعا ٿو ڏيئي

ميخانو سدا آباد ھجئي

سر بخت جو مولا خير ڪرئي

ڪي پيار قدح ڪنان تار ڀلا

١-٦-١٩٦٧ع

٢١ صفر ١٣٨٧ھھ

اسلام آباد

*

 


 

[22]

دنيا اٿئي درياءُ دلاور!

 

ٿل:          سڃاڻي ڇڏيسون ھي دنيا دورنگي

                اِھا اصل کان ئي ڪا آھي اڍنگي

١. مڃيوسون تھ والله ڪا ڳالھھ ناھي

زماني جو ظاھر ٺلھو ٺاھھ آھي

ڏٺيسونس فطرت ۾ لالچ لفنگي

٢. رڳي ڪن ٿا خِرقن مان واسينگ وارا

عبائن جي اندر لڪل نانگ ڪارا

حقيقت ۾ ھي پوش آھن پلنگي

٣. ڏسي مچ محبّت جو ڪاھي پياسون

رچِي لال لاھوتي ان ۾ ٿياسون

وئي دل کي وھوا وڻي پر پتنگي!

٤. نھ ڪر دير ساقي! سگھو آڻ ساغر

صراحي کي نوڙائي بلڪل کڻي ڀر

وڃي ڇيڙ ڪا ڌن جدا جلترنگي

٥. گھڻو وقت مخدومي ماڻي ڏٺيسون

۽ پيري بھ قبضي ۾ آڻي ڏٺيسون

پسند پيئي من کي رڳي متِ ملنگي

٦. اسين فاني دنيا جا طالب ڪي ناھيون

اسان لئي اھو بس تھ مولائي آھيون

قلندر جي آھي قدم تي ڪلنگي

٦-٦-١٩٦٧ع

٢٦ صفر ١٣٨٧ھھ

اسلام آباد

*

ٿل:          ڏاڍا دنيا جا ٿا رنگ ڏسجن

                ماڻھو ماڻھن جھڙا گھڻا پيا گھمن

١. ٻي ھر ڪا سٺي شئي مليو وڃي

قيمت جي ڏجي، گھر ويٺي اچي

چڱو ماڻھو تھ رلندي بھ ڪونھ ملي

اھي سور ڀلا ويھي ڪھڙا سلجن!

٢. اخلاق جي گھرج بھ ويئي لھي

تھذيب، الا! وئي ڪيڏي ڪھي!

ھي ڳالھھ ڪندو ڪو سالڪ سھي

انسان نما تھ ھڙئي پيا ھلن

٣. جيڪي مطلب خاطر دوست ٿين

اھي آخر دشمن ٿي ٿا پون

گڏ ھلندي ھلندي موٽيو وڃن

عجب آھي تھ ڪئن ٿا ماڻھو مٽجن!

٤. ھڪٻئي تي سڀڪو سيٽيو وتي

۽ پاءُ ٿو پاڻ کي سير سڏي

ڪم زاد، نھ ڪنھن تي اک ٿو کڻي

اھي  ماڻھو ڪٿي جي مٺا مڃجن!

٥. مسڪين کي مورھئون ڪونھ پڇي

ڀلي لوھون ڏئي ۽ خوب لڇي

ھليو ھرڪو وڃي ۽ ڪين ڪڇي

ڏي ڪير نٿو ڪا ٿوپ ٿڪن

٦. پِيءُ پٽ جي پاڻ ۾ ڪين بڻي

ڀاءُ ڀاءُ کي اصلئون ڪونھ وڻي

ڪريو ڇورا ڇڏي سڀ ماءُ ڄڻي

رڳو رلن پنن ۽ ور ڏيو وڙھن

٧. ھر جاءِ ڏسون ٿا پير گھڻا

وڏي ڦند وارا تھ فقير گھڻا

ڪئين امير گھڻا، ڪئين وزير گھڻا

پر ڪنھن بھ غريب جا ڏک نھ ڏسن

٨. ھي ناھي سياست، آھي ٺڳي

ڄاڻي سڀڪو پنھنجي سؤٽِ سڳي

پر ھن جي ڪنھن سان ڪانھ لڳي

۽ يار سندس رڳو روز رلن

٩. انھي ڪرسي ملڪ کي ماري ڇڏيو

ماري نھ ڇڏيو تھ بھ کاري ڇڏيو

وڏي گھرج ڳڻن کي ڳاري ڇڏيو

اھي سون، جيڪي مسڪين مرن

١٠. ننڍو آڏو وڏي اڳيان ڪين نوي

ڪنھن کي ڪنھن تي نھ ڪوئي ترس پوي

ھي طالب مولا سچ ٿو چوي

اِھو لکڻ نھ آھي منجھھ لکن

٥-٧-١٩٦٦ع

اسلام آباد

*

ٿل:

تر ُ تارو اٿئي ويل ترڻ جي

 

ڪن اڳيان ڪارونڀار

١.

دنيا اٿئي درياءُ دلاور!

 

ٻيلي! نھ ٿيجئين ٻار

 

خطرا خوف ھزارين آھن

 

مڇ مانگر ڪن مار

٢.

آھن ڪڙڪا ڏاڍا ڪنن جا

 

پرجِھجِ تون پاتار

 

ٿي غواص ڪي غوطا مارج

 

ھردم رھھ ھشيار

٣.

سر سڃاڻج سير جو سمجھي

 

ڏاڍو آھي ڏھڪار

 

ات ملاح بھ منجھيو پون ٿا

 

جت نھ ياور يار

٤.

سنڊ نھ سيڻھھ ٻانڊ نھ ٻوڙو

 

آڏو اجھاڳ ٿئي آر

 

ترڻو اٿئي تک تار مان تڪڙو

 

آھي پري ھو پار

٥.

ڪڏھين ڪپر ڏي ڪين ڪي ڏسبو

 

اھڙو نھ ڪج آچار

 

طالب مولا مرد ٿي محڪم

 

عشق ٿيندو آڌار

٢٢-١٠-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

 


 

[23]

متفرقات

 

ٿل:          پري ٿي بھ آھين اکن ۾ عجيبي

                تون مون وٽ ئي آھين، قلب کان قريبي

١. ھميشه وسين ٿو تون نازڪ! نظر ۾

۽ ساٿي ٿئين زندگي جي سفر ۾

سلامت ھجين نوري، نرمل، نجيبي!

٢. ھزارين تمنائون دل ۾ رھن ٿيون

ڪڏھن ڪين سي سڀ چپن تي اچن ٿيون

تون ڪر پاڻ پوريون اي لائق لبيبي!

٣. اي محبوب! اچ مون کي ماڻي تھ ڏس تون

۽ آغوش ۾ يار! آڻي تھ ڏس تون

مان تنھنجو ئي آھيان او حاڪم، حبيبي!

٤. تون سھڻن کان سھڻو سدائين ٿئين جو

جھان ۾ سندءِ ڪونھ ثاني ٿئي ڪو

اسان لاءِ آھي غنيمت غريبي

٥. مان تنھنجي برھھ جو ئي بيمار آھيان

اھو سچ اٿئي تنھنجو دلدار آھيان

تون ڏي وٽ وصالي ڪا ترتان طبيبي!

٦. سڄڻ! وصل جي التجا آھي جاني!

پاڻھي پنھنجي طالب تي ڪر مھرباني

تھ پو ڪم نصيبي ٿئي خوش نصيبي

٢٣-٦-١٩٦٦ع

ڪوه مري

*

ٿل:

پرديسي پکيئڙا

 

ڪري ويڙا ولر وھي وھي

 

ڪي جي ڪالھھ ڪٿان

 

ھئا آيا ڪھي ڪھي

١.

چڻ ڀڻ لاتي جن

 

موٽيو سي ٿا وڃن

 

وري شال ورن

 

ساڳئي سر تي سھي سھي!

٢.

سنجھي ڪين سمھن

 

آڌي ٿا اڏرن

 

ڳالھيون سنديون ڳجھن

 

ويڙا پر ۾ پھي پھي

٣.

چِلڙ ُ ڪين چڻن

 

لوچي لعلون لھن

 

مارن ٽاھيا مٺن

 

تڏھين اڏريا ٽھي ٽھي

٤.

طالب مولا تن

 

واري واڳ وطن

 

موٽي مان اچن

 

ھڪڙي رات رھي رھي!

١٥-١٠-١٩٥٨ع

ھالا

*

ٿل:

جاني جلويدار!

 

منھنجي جي جا جيارا!

 

جي جا جيارا

 

اکن اجارا!

١.

شال تون ماڻين جاني! جواني

 

رب ڏي توکي وڏي زندگاني

 

منھنجا مٺا منٺار!

 

دولھھ دوست دلارا!

٢.

توتي ھجي نت نظر نبي جي

 

ھردم ھونديئي آڌر علي جي

 

ٿيندئي مددگار

 

پنجتن پاڪ پيارا

٣.

ٻارنھن چوڏنھن حامي ھوندئي

 

سو جڳ شال سلامي ھوندئي

 

يا ور چارئي يار

 

سچا سيئي سوڀارا

٤.

ھادي حفظ ۾ رکج امين کي!

 

منھنجي پياري ماه جبين کي

 

عالم جا آڌار

 

سائين سڀ جا سھارا!

٥.

جيڪي گھريم اھو مولا ملايو

 

شڪرانا ٿيو لايو سجايو

 

آھن حمد ھزار

 

مطلب ٿيڙا مڙئي موچارا

٦.

طالب مولا ٿيڙيون بھاريون

 

آخر اميدون ڏاتر ڏيکاريون

 

ٿي دل باغ بھار

 

نوان ٿيڙا نيٺ نظارا(1)

٢١-١-١٩٥٧ع

*

 

ٿل:

مولا ڏيئي ٻي ڄمار

 

جاني شال جيين تون!

 

١.

صحتمند تون ھوندين سدائين

 

ور ور ڏيو مون کي يار! گھرائين

 

پيارا پنھن جا پير چمائين

 

دلبر دل جا يار!

 

 

 

 

 

 

 

نرمل! نينھن ۾ نيين تون

٢.

وار ونگو بھ نھ جاني! ٿييئي

 

ڪوسو واءُ بھ ڪين لڳيئي

 

وڏي حياتي محب! مليئي

 

ماڻي مون کي منٺار!

کنڊون کير پيين تون

٣.

شافع ڏيندئي شال شفائون

 

دافع قبوليون دل جون دعائون

 

مولا ڪندئي سڀ رد بلائون

 

ھوندين باغ، بھار

منھنجو محب ٿيين تون

٤.

پنھنجون ڇڏيون مون خوشيون خريدون،

 

رڳي ٿين تنھنجون پوريون اميدون

 

جن ۾ ئي آھن منھنجون

 

عيدون، دل وارا دلدار!

ڏاڍا پيار ڏيين تون

٥.

طالب مولا حڪم ھلايون

 

جاني کي ڪي ڀاڪر پايون

 

ھل تھ سيني سان سينو لايون

 

پِرين سان پڳدار!

پيالا پِير! پيين تون

١٥-٦-١٩٦٧ع

٦ ربيع الاول ١٣٨٧ھھ

تيزگام

*

ٿل:          ونگيو دل وٺن ٿا ڪنڊا ڪيس ڪارا

                سي ڪن قيد قربئون پرين! تنھنجي پارا

١. جي کولين تھ ڪن ٿا ڪمندن کي ڪھتر

سھيڙين تھ سنبل کان بلڪل ئي بھتر

سموھين تھ سونھن سڀن کان سگھارا

٢. جي ويڙھين تھ ويتر وجھن ونگ ونگن تي

جي ڇوڙين تھ ڏاڍا ھڻن ڏنگ ڏنگن تي

اڳيان تن جي آھن وسيھر ويچارا

٣. ھٿن سان ھيڪاري تون ڳوپيو ڳتين ٿو

گھڻو ئي ويچارن کي ويڙھيو وتين ٿو

پون نيٺ نڪريو لٽون ڏيو لامارا

٤. لڳن خاص خوشتر گلابي گلن ۾

ھو ڦاٿل رھن شال چوٽي ڦلن ۾

لڏن ۽ پيا لٽڪن ڪمر تي قرارا

٥. جڏھن مشڪ سان موھي سھڻا! سينگارين

تھ ماريو جيارين، جياريو ٿو مارين

ڪري تون جو نڪرين ڦڻيون ۽ ڦوڪارا

٦. ٿين ٿا جو گستاخ تنھنجي ڳلن سان

ٿئي رشڪ طالب کي ٿو خوب تن سان

اھا ڪا خبر ٿئي مڙن کان موچارا!

١٠-٥-١٩٦٦ع

حيدرآباد

*

ٿل:          ڪٿي لال لبَ ۽ ڪٿي گل گلابي!

                ھو سنھڙا، سٺا ٻئي عجب انقلابي

١. جي چاھئون چرن پو مسيحائي ڪن ٿا

ڪڇن ٿا تھ ڪاوڙ مان ماريو وجھن ٿا

ٿيا ھاءِ پر وس عجائب عنابي

٢. ملڻ ساڻ ڪئين راز رمزون رکن ٿا

کلڻ ساڻ ھر وقت موتي پئن ٿا

لڳڻ ساڻ ڪن خوب شوقئون شرابي

٣. ھميشه مڃائن، نھ ٻِي ٻول ٻولن

مگر پنھنجي رمزن ۾ روزانو رولن

نھ ڪن ڪنھن کي تسليم وھوا وھابي

٤. ڪڇڻ جي نھ تن جي اڳيان آھھ طاقت

اچو ات ڪري ھرڪو آخر اطاعت

نھ ڪنھن کي ٿئي ٿي ڪا جرائت جوابي

٥. مڻين کائي مصريون اسان آزمايون

ٿين مٽ ُ ڀلا ڪئن مٺِن سان مٺايون!

مٺا خوب ماکي کان لائق لعابي

٦. چرن چڙ مان جي چپ تھ ڪن ھانڃا ھڪدم

ھو پنھنجي حڪم تي مٺا رھن محڪم

چمي تن کي طالب ٿياسون توابي

١١-٥-١٩٦٦ع

ھالا

*

ٿل:

سھڻي تون صندوق

 

پاڻ ئي پنھنجي در نادر جي

١.

سحق ڀلي ڪر نفس ندورو

 

تون نھ ٿجئين مسحوق

٢.

ھڪدم دل واري دشمن کي

 

برھھ جي ھڻ بندوق

٣.

رھھ استاد تون پاڻھي پنھنجو

 

ٿي نھ مگر مسبوق

٤.

طالب مولا محبّت وارا

 

ھرگز ڇڏ نھ حقوق

٢٤-٥-١٩٦٨ع

ھالا

*

ٿل:

آھي آب حيات

 

پِڪ پرين جي، ڌر ڌڻن جي

١.

سائي يقينا امرت ڌارا

 

سائي شاخ نبات

٢.

دردن، سورن ۽ فڪرن کان

 

نج پِج ڏي ٿي نجات

٣.

والله بالله اھائي اسان لءِ

 

مڙئي مشروبات

٤.

نشا نينھن جا ھردم چاڙھي

 

بلڪل ڀاتئين ڀات

٥.

مولا ڄاڻي ڪنھن کي ڀاڳين

 

سرندي ھي سوغات

٦.

ڪابھ نجاست ڪانھي ان ۾

 

پاڻ رڳي برڪات

٧.

طالب مولا خوش بختن کي

 

ڏاتر ڏي ھي ڏات

١١-٨-١٩٦٨ع

١٦ جمادي الاول ١٣٨٨ھھ

ڪراچي

*

ٿل:          رخ روشن تي پرين! آھيان پتنگ

                مولا ڄاڻي عجيب اٿئي رنگ ڍنگ

١. تنھنجا ويڙھيل وڪڙيل زلف دوتا

تو ڪئن نھ قريني ساڻ ڳتا!

ڄڻ آھن پيا ڪارا نانگ ستا

پاڻھي پاڻ ۾ ويڙھجي وجھي ونگ ونگ

٢. ابرن جا عجب احسان ڪٿي!

پنبڻن جا وري پيڪان ڪٿي!

اھي دردن جا درمان ڪٿي!

ڪٿي تير تبر، ڪٿي تيغ تفنگ!

٣. تنھنجي ھر ڪا نظر آھي جام فگن

تنھنجو ھرڪو اشارو زھد شڪن

تنھنجي آڏو نھ ڪا شي سرو، سمن

ڪيئي حسن جمال ۾ دلبر! دنگ

٤. محفل ۾ اچين تھ صراحي جھڪي

تعظيم جي خاطر ساقي اٿي

پيمانو سلام جي ڪاڻ اچي

ھر ڪنھن کي بنائين مست ملنگ

٥. تو جھڙو صنم محبوب مليم

دل خوش ٿي اٿم اڄ سڀڪي سريم

تنھنجي سر جو قسم بالا بخت ٿيم

ڪري عش عش پيو منھنجو انگ، انگ، انگ

٦. ڪھڙا لفظ وٺي تعريف ڪيان

ڇا تنھنجي سڄڻ! توصيف لکان

تنھنجي لاءِ خطاب ڪٿان آڻيان!

آھي عاجز تو لءِ ھر فرھنگ

٧. بيھو ڪبڪ رھي ٿو جي يار! ھلين

اچي سرو تي سڪتو، جو بيھو رھين

تون جي اوچي ڳاٽ عجيب! اچين

ڪنڌ ڪين کڻي تنھنجي آڏو ڪلنگ

٨. ڪن ڏيئي تون ٻڌ ھي ڳالھھ پرين!

تنھنجي طالب کان جي محب! ڦرين

تھ پو دامن جو متان خير گھرين

منھنجو عشق عجيب! اٿئي اڙٻنگ

*

ٿل:          وٺي آيا تو وٽ پرين! پير پيارا

                اکن سان چمان ٿو برابر ڀلارا

١. ڪڏھن واٽ تنھنجي وڃائي نھ ويٺا

وري وچ تي ھرگز ھيرائي نھ بيٺا

ڦٽيل ڪين ڦريا سدائين سوڀارا

٢. اکن کي اونداھين ۾ سڌ ڪانھ ڪائي

ڪئي ڪين قدمن ڪڏھن ڪا ڪڌائي

رڙھي ٻيئي رسيا سياڻا سچارا

٣. اکيون نيٺ عاجز ٿي ھر ھر رئن ٿيون

ھنن کان نھ واتون ڪڏھن ئي وڃن ٿيون

ھلي صبر سان ٿا پڄن پرت وارا

٤. وڃو نيڻ نرمل سان آخر ملن ٿا

مگر پير ھر وقت راھون رلن ٿا

ڪڇن ڪونھ ڪنھن دم ھو قربئون قرارا

٥. اي طالب! اکيون خوب ٿڪجي پون ٿيون

لکين ھجر ۾ لڙڪ لاڙيو وھن ٿيون

قدم ڪين ترسن ٿا دلدار ڌارا

٢-٩-١٩٦٥ع

اسلام آباد

*

 


 

 

(1) ێۑِ ڥإڢۑ بڎكۆڈإڎڶ ڶقڶڈ إڶۑڷ ڢێۑڶ ضۑ ڛإڈۑ كإڷۏ آبإڈۑِ ضۑ ڶۆڤڠۑ جۑ ڵڦۑ ۆیۑ.

ڞإڵب إڵڶۆڵإ

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

 

.