|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 16 |
|
[25]
جتي جوڙ بھ جي ٿيان
جيڪر جتي ھجان |
|
پنھنجي محب مجيب جي |
تھ پيرن ۾ پرينءَ جي |
|
پيئي روز پوان |
وک وک تي واھھ جا |
|
چميو قدم چمان |
ٿانيڪي ٿيان |
|
طالب مولا تنھن سان |
١ شوال ١٣٨٧ھھ
٢-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
ھئي ھئي منھنجون قسمتون |
|
جيڪر جتي ٿيان |
پلپل پائن پير ۾ |
|
تھ ڀاڪر وجھي بيھان |
چوڙن سدا چاھھ مان |
|
بيحد بار کڻان |
پيارا پير تھ پري ٿيا |
|
پر مٽي مر چمان |
پيئي پيراندي ھجان |
|
تھ بھ سدائين سونھان |
طالب مولا تھدليئون |
|
ڏينھاڙي ڏسان |
پگھر پئي پيان |
|
عمر ڏيان عجيب سان |
٢ شوال ١٣٨٧ھھ
٣-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
جتي ٿيان جيڪر |
|
پنھنجي محب مجيب جي |
تھ ڪري پيار پيرن سان |
|
ڀريو وجھان ڀاڪر |
پيئي ھجانس پير ۾ |
|
سدا منجھھ سفر |
طالب مولا طلب جي |
|
ھي خاصي آھھ خبر |
تھ نڌر بھ ٿيان سڌر |
|
جي لالڻ وٽ لتاڙجان |
٣ شوال ١٣٨٧ھھ
٤-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
پنھنجي محب مجيبڙا |
|
جيڪر جتي ڪن |
تھ پيرن کي نھ پڄڻ ڏيان |
|
خراشون خارن |
قدمن کي قرب مان |
|
ڏيان ڀريون ڀاڪر |
مٽي ھاڻا پير ٻئي |
|
مون ۾ محب وجھن |
تھ بھ منھنجو منھن مٿي ٿئي |
|
اچو الاھي اگھن |
ممڪن آھي مورڳو |
|
مون کي چميون ڏين |
طالب مولا ايئن ٿئي |
|
تھ قسمتون کلن |
ڀلي ڏيھھ ڏسن |
|
پئي لالڻ وٽ لتاڙجان |
٣ شوال ١٣٨٧ھھ
٤-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
جيڪر آئون ٿي پوان |
|
جتي جاني يار |
پير نھ ڏيکاريان پرينءَ جا |
|
ڪوڙين ڏيان قرار |
مٺن تي مٺن جي |
|
ڪريان وارو وار |
سيبايان سڀئين پرئين |
|
وڻان ھر ڪنھن وار |
چنبڙان اھڙي چاھھ مان |
|
جو ڪري نھ پاڻان ڌار |
ماڻي مون کي ئي فقط |
|
نھ ٻي ڏي ڪري نھار |
لاھي کڻي ڦٽو ڪري |
|
تھ بھ سڌو ڪن سردار |
طالب مولا ايئن ٿئي |
|
تھ ڪرم وڏا ڪلتار |
سھان پيو صد بار |
|
لتون لالڻ يار جون |
١٥ صفر ١٣٨٨ھھ
١٤-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
جتي جاني جي ٿيان |
|
ھي لاکيڻي ٿم لوڙ |
طالب مولا طلب ۾ |
|
تھدل ڪئي توڙ |
وڻي ٿي وجود کي |
|
پيارل جي پتوڙ |
ڪٿِ چلولن چوڙ |
|
ڪٿي پائڻ پرينءَ جو! |
١٥ صفر ١٣٨٨ھھ
١٤-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
وڪجي تھ قيمت ڪانھ ڪا |
|
۽ ھلڪي مٿي ھٽ |
پوري پرينءَ جي پير ۾ |
|
تھ جھڪن تاج منگھٽ |
جتي جاني جي ٿيان |
|
تھ ڪي بھ نھ منھنجا مٽ |
مون تي مدامي ھجي |
|
سرن سندي سٽ |
سوين صدقي ٿي وڃن |
|
ڄام وڏا ۽ ڄٽ |
طالب مولا وانگيان |
|
ڪيئي ڀان ۽ ڀٽ |
ھوءَ تخت لتاڙي تاب مان |
|
ڇاھي ڇپر کٽ! |
ڪٿي ڪلنگيون ڇٽ |
|
ڪٿي پيزار پرينءَ جا! |
١٥ صفر ١٣٨٨ھھ
١٤-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
بلڪل بازارن ۾ |
|
جتيون ڍيران ڍير |
پئسن ساڻ پيون ملن |
|
۽ ٿئي ڪانھ نبير |
موچن وٽ نھ مھانگيون |
|
پڻ سستيون جڙن سوير |
طالب مولا طلبون |
|
ھئن ٿيون چون ھير |
تھ جنھن ۾ جاني پير |
|
آئون بھ جتي اھا ٿيان |
١٦ صفر ١٣٨٨ھھ
١٥-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
سوني جتي بھ پير ۾ |
|
آڻيو وجھن امير |
لچ، لانبڙ، لوٺيا |
|
۽ پائن پير، فقير |
اھي جتيون اصل کان |
|
حيثيت ۾ حقير |
پائي پرين جا پير ۾ |
|
تھ سا ئي بي نظير |
طالب مولا ھن لاءِ |
|
ٿا نڪرن اکيان نير |
ڪجي ڪا تدبير |
|
تھ جتي جاني جي ٿيان |
١٦ صفر ١٣٨٨ھھ
١٥-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
جتيون تھ شاھن جون بھ ٿيون |
|
موتِن ۾ مڙھجن |
ڪانھي ڳالھھ سون جي |
|
پر ھو ٿيون لک لھن |
البت ٿيندو ايئن آھھ |
|
تھ تخت تي بھ چڙھن |
تھ بھ پون اھي ئي پير ۾ |
|
نھ مٿي تي رکجن |
سي بھ تھ ڪنھن ڪنھن جاءِ تي |
|
ٿيون لاھڻيون پون |
جي سر جھڪن ٿا تن کي |
|
تھ بھ دليون ڪين جھڪن |
طالب مولا طلب مان |
|
ھي نڪتا نھارجن |
تھ تن کي مھت ملن |
|
جي پون پرينءَ جي پير ۾ |
١٨ صفر ١٣٨٨ھھ
١٧-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
جتي سندي جوڙ کي |
|
ڪلنگيون ڪين پڄن |
ات ڪئين ڪلاھون اچيو |
|
ٿيون جذباتئون جھڪن |
جن کي اتان عار ٿئي |
|
سي سر ئي ڪسيو وڃن |
جيڪي اتي جھڪيا |
|
تھ تاج بھ ماڻيا تن |
محبوب جڏھن وڃي پڳا |
|
مٿائين مقامن |
ڀانيئون تھ جتي لاھيون |
|
اھو اڃا خيال ھئن |
تھ پين پڙلاءُ ڪن تي |
|
۽ حڪم ھي ملين |
جانب جتي نھ لاھجو |
|
متان پير اگھاڙا ٿين! |
وڃي پھتا توڙ تي |
|
سان پيارن پيزارن |
طالب مولا ڪئن چوان |
|
ٿيان جتي نھ جانبن! |
جتي ٿيان تھ ٻيو ڇا کپي |
|
کٽان ٻنھي جھانن |
جو پھتي ساڻ پرين |
|
جتي عرش عظيم تي |
١٨ صفر ١٣٨٨ھھ
١٧-٥-١٩٦٨ع
اسلام آباد
*
ڪٿي جانب جي جتي |
|
ڪٿي آئون غريب! |
مون ۾ تھ آھن مورڳو |
|
وڏا عيب عجيب |
آئون گدلو، ڪنڙو، ڪوجھڙو |
|
ھو نرمل پاڻ نجيب |
وٽس ڪھڙي منھن وڃان |
|
جو ٿيندس ڪيئن قريب! |
پر اٿم اھو ئي آسر |
|
تھ لالڻ آھھ لبيب |
چڱو چڱايون ئي ڪندو |
|
حاڪم سائين حبيب |
طالب مولا آئون ڪٿي |
|
ڪٿي محب مجيب! |
ھو ھميشه حسيبِ |
|
آئون جتي جوڙ بھ جي ٿيان |
١٩ صفر ١٣٨٨ھھ
١٨-٥-١٩٦٨ع
اسلام آباد
*
ڪيم انصاف امين ٿي |
|
ڳڻ ئي پي ڳوليام |
ويھي پنھنجي پاڻ جا |
|
ڦولا جو ڦوليام |
تھ سچ پچ صديقي چوي |
|
رڳي عيب پسيام |
پنھنجي اوڻاين جا |
|
جڏھين پتا پيام |
تھ پنھنجي مرم مسي ويس |
|
سڄڻ جو سوچيام |
طالب مولا پاڻ کان |
|
پو سوين سوال پڇيام |
جواب ھي جڙيام |
|
تھ جتي جوڙ بھ جي ٿيان! |
١٩ صفر ١٣٨٨ھھ
١٨-٥-١٩٦٨ع
اسلام آباد
*
[26]
ليلائي ليلاءِ
ھيرو آيئي ھٿ ۾ |
|
قدر ڪونھ ڪيئي |
لا قيمت جي لاڏلي |
|
قيمت ڪٿي وڌيئي |
مغروري کان محب جو |
|
پتو ڪين پيئي |
پنھنجو اڇلي پاڻي ۾ |
|
پرايو پڇيئي |
معصوم محبّت کي |
|
رڳو ڏوھھ ڏنئي |
دعويٰ ڪيئي نھ دل سان |
|
چپن ساڻ چيئي |
طالب چوي طمع ۾ |
|
من مڻيي تي مٽيئي |
اھو ڪونھ ٻڌئي |
|
تھ ڪاند ڪميڻن مٽيو |
|
* |
|
ھيرو آيئي ھٿ ۾ |
|
تو ولھي وڃايو |
ھٺيلي تو ھٺ کان |
|
نھ پاند ڳچي پايو |
قرب ڪري ڪاند سان |
|
تو لايو نھ نڀايو |
ور پنھنجو ويسلي |
|
تو مڻيي تي مٽايو |
پنھنجي پاڻھي پير تي |
|
تو ھٿيار ھلايو |
ھو غازي غيرت مند ھو |
|
وئو پٺ ورايو |
سچ ٿو صديقي چوي |
|
تو ھڪدم ھارايو |
وقت ويو نھ آيو |
|
توڙي ڪجن ڪوششون |
|
* |
|
ھيڪر مليئي ھٿ ۾ |
|
گھر ويٺي گوھر |
ڪھڙو آيئي اوچتو |
|
اندر مان اوڀر! |
پنھنجو ڇڏي پٽ ۾ |
|
پسند ڪيو تو پر |
ڪيڏھن ملھھ مڻئي جو |
|
ڪيڏھن پنھنجو ور |
ھي ڀيڻي ھيئي ڀر |
|
ھن وڃايئي وڙ کان |
|
* |
|
مڻيو مھانگو ڄاتئي |
|
ايڏي طمع تات! |
مڻيا تھ موڙي ھٽ جي |
|
ور ڏاتر جي ڏات |
ھنن جا مٽ ملڪ ۾ |
|
ھي پنھنجو ذات ئي ذات |
ڪمائي سڀ ڪٽ ڪيئي |
|
موڙھي منجھھ ھڪ رات |
قرب جي قريشي چوي |
|
بلڪل نھ سمجھيئي بات |
ھو بخشئي ھا برات |
|
ھي ٿيئي ڳٽ ڳچي جو |
|
* |
|
پورھيت ٿين ھا پرينءَ جي |
|
ڪري ڪنئوروءَ وارو ڪم |
ور وٽ تون اي ويسلي |
|
ڄٽِي ڏين ھا ڄم |
بَدن بخشڻ ڪاڻ ھو |
|
دلبر جو ھڪ دم |
طالب چوئي طمع ۾ |
|
ڀلجي ويئي ڀرم |
قرب جو قدم |
|
کڻي ڄاتئي ڪونھ ڪو |
|
* |
|
ڪامڻ پنھنجي ڪر کي |
|
ٿي لوٺي لڄايوءِ |
طمع آڏو تڪڙي |
|
عقل نھ آيوءِ |
ويھي ويھي ويسلي |
|
وقت وڃايوءِ |
وڃي نھ پنھنجي ور کي |
|
روئي ريجھايوءِ |
وري ور پوي ھا |
|
جي ٻيھر ٻاڏايوءِ |
سڪ مان صديقي چوي |
|
نينھن نھ نڀايوءِ |
سرتِن سمجھايوءِ |
|
تھ بھ سمجھي سگھئين ڪين ڪي |
|
* |
|
ڪيو ڇا تو ھي |
|
ڪامڻ پنھنجي ڪاند سان! |
منھن انھي کان مٽيئي |
|
جنھن ٿي چيئي جي |
پڳئي ڪئن ھڪ رات لاءِ |
|
چئيس ”پرايو ٿِي!“ |
ھو تھ فقط ھو تنھنجو |
|
وارث، وير، ولي |
ڇڏي ويئي ڇوھھ مان |
|
ڪاوڙ اٿس قوي |
وٺئي ڀلي تھ وري وري |
|
سوڙن منجھان سي |
ويتر ھاڻ ورھھ جا |
|
پر پيالا پي |
عجب آھي اِي |
|
اڃا آھين ويسلي! |
|
* |
|
مٽجي وئينءَ ماڻڪ تي |
|
ڄاڻ نھ ڄاتوئي |
نينھان چڱو چاڳلي |
|
نينھن جو ناتوئي |
شايد پيچ پرينءَ سان |
|
ڪو نھ پاتوئي |
اگلو ڇڏيئي آتڻ ۾ |
|
ڪچو ڪاتوئي |
روئي ريجھاءِ راءَ کي |
|
ڏينھان راتوئي |
جو لڪي لاتوئي |
|
سو پاڳل! پڌرو ٿي پيو |
|
* |
|
قلم تنھنجي ھٿ |
|
لڱ سڄڻ جا لوح ٿيا |
لک تھ وري لائون لھين |
|
ڳالھھ چڱي ڪا ڪٿ |
وھاريندئي ولھو |
|
سڏي پنھنجي سٿ |
لڄي ٿي لٿ پٿ |
|
نوڙي نيزاريون ڪري |
|
* |
|
چمي پيزار پرينءَ جا |
|
کڻي مٿي منھن لاءِ |
اکن جي زبان سان |
|
ڱڻ اٿي ڳالھاءِ |
ڪري ڳھھ ڳچي جو |
|
پاند پرت مان پاءِ |
ڪنڌ پنھنجو ڪاند جي |
|
قدمن تي ڪيراءِ |
ورچي ويل ور کي |
|
منٿن سان موٽاءِ |
حجتون ڪيم ھلاءِ |
|
ھٿ ٻڌي ڏي حاضري |
|
* |
|
نوڙت ۽ نياز ۾ |
|
ھنيين کي ھيراءِ |
ڪامڻ پنھنجي ڪر کي |
|
لڄي ٿي نھ لڄاءِ |
طالب ٿي طلب ۾ |
|
روئي ھو ريجھاءِ |
ليلائي ليلائي |
|
ليلائي ليلاءِ |
ڪچي ڇو ڪياءِ |
|
ھٿان نھ پئي ھن جي! |
|
* |
|
ھٿان پيئي تنھنجي |
|
ڏين ٿي ھن ميار! |
مڃين نٿي مورڳو |
|
اھي نھ پرت پار |
ياد ڪري ڏس يار سان |
|
ڪيل قول، قرار |
ناتن نڀائڻ جا |
|
توتي منڌ مدار |
واٽين ورھھ واريين |
|
وڇائي ڇڏ وار |
اچي آخر انھن تي |
|
پرين ڏي پيزار |
تنھنجي بخشي ڏوھھ کي |
|
ڪن درگذر دلدار |
ھو اٿئي وڏا وڙائتا |
|
بديون بخشڻھار |
مٿي کڻي مٽي مان |
|
ڪندئي ڳچي جا ھار |
سڄڻ اٿئي ستّار |
|
اميد نھ لاھھ انھن مان |
|
* |
|
جي اميدون لاھين |
|
سي ئي سڄڻ ڌڪاريون |
انھن ھنجون ماڻيون |
|
جي ڪاند ڏي ڪاھين |
جوٽون وھاڻا ور جون |
|
انھن لئي آھين |
سينو جي ساھين |
|
اھي وران وڇڙيون |
٣٠-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪامڻ ڪري نھ ڄاتئي |
|
قرب پنھنجي ڪاند سان |
ڪري ڳھھ ڳچي ۾ |
|
پاند نھ پاتئي |
لالچ لاتئي |
|
ليڪو لڱاين جو |
٣١-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|