|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو :
9 |
|
جڙيو جانب جي ۾
رئان ۽ رڙيون ڪريان |
|
سڪان ۽ ساريان |
پل پل ۾ پاريان |
|
جي ڪيم قول قريب سان |
|
* |
|
ويٺي وھامي ويئيون |
|
راتِن جون راتيون |
ڪھندي ڪھندي قرب ۾ |
|
برھھ جون باتيون |
لاتيون عشق اندر ۾ |
|
طلب جون تاتيون |
جھاتِن تي جھاتيون |
|
پاتم پنھنجي پاڻ ۾ |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکا شريف
*
سھڻن جي صفت ۾ |
|
ظاھر آھي ذات |
انس آھي ان سان |
|
ٻي ڪانھي بلڪل بات |
طالب مولا تن جي |
|
وائي ھردم وات |
رھاڻن ۾ رات |
|
ويٺي وڃي وھاميو |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکا شريف
*
متان ڪو ڀانئي |
|
تھ مجازي ئي ماريو |
مگر سڪ سڄڻ جي |
|
سمھڻ نھ سيکاريو |
طالب مولا طلب ۾ |
|
جي کي جياريو |
ھنجھن کي ھاريو |
|
ٿو ڌوئي داغ دلن جا |
٢٤-٧-١٩٥٩ع
ھالا
*
راتيون ڪيم ڏينھن |
|
ساريندي سڄڻ کي |
طالب مولا طلب جا |
|
محبت وسايا مينھن |
نسنگ ڪيو نينھن |
|
جڙيو جانب جي ۾ |
٢٠-١-١٩٥٦ع
ايري
*
ويھي ٻڌي شال |
|
سڄڻ سور منھنجا |
محبّت سندي مئي مان |
|
جام پياري جال |
سڪندي کي سورن ۾ |
|
ٿيا سالن مٿي سال |
ميڙيا محبّت مال |
|
طالب مولا طلب ۾ |
٢٥-١١-١٩٥٧ع
ھالا
*
مٺن محبوبن |
|
دل ۾ ديرا لائيا |
ٻاروتڻ کان ٻاجھھ پئي |
|
سنڀاليو سڄڻن |
پرين پراھان ڪين ٿيا |
|
پيا ھنئڙي منجھھ ھرن |
طالب مولا تن جا |
|
ٿا پلپل پور پون |
سي ڪئن ياد اچن |
|
جي ڪھين ويل نھ وسريا |
١٥-٨-١٩٥٩ع
لنڊن
*
[10]
ڪاند ڪميڻي ناھيان
ويراڳڻ ورونھن ۾ |
|
آھيان ويچاري |
سڄڻ سھڻا سپرين |
|
تنھنجي ماڻن جي ماري |
وساري نھ ويھھ تون |
|
ٿئي نرمل نيزاري |
ملڻ ۾ مون ساڻ ڪا |
|
گھوٽ نھ وجھھ گھاري |
طالب چوي طلب ۾ |
|
تنھنجي ئي تاري |
ڪوجھي جي ڪاري |
|
تھ بھ ڪاند ڪميڻي ناھيان |
|
* |
|
اگلي سگلي، اڀري |
|
تھ بھ تنھنجي آھيان يار! |
ڪني، ڪوجھي، ڪارڙي |
|
گولي گنھگار |
ھٽائج نھ حبيب تون |
|
قدم قربدار |
پاند تنھنجي پاند سان |
|
سلھاڙيم سردار |
طالب چوي طلب جي |
|
تن ۾ آھي تار |
ڀيڙو رھج ڀتار |
|
ڪاند ڪميڻي ناھيان |
|
* |
|
ڪاند ڪميڻي ناھيان |
|
توڙي ڪوجھي آھيان ڪني |
سڄڻ سيل رکيو اٿم |
|
ڇڏين متان ڇني |
تنھنجي محبت من ۾ |
|
ڏاتر آھھ ڏني |
پِيرن کان پني |
|
تون ور ورتم ھڪڙو |
|
* |
|
ڪاند ڪميڻي ناھيان |
|
سيل رکيو ٿم ست |
مون کي ڏج محبوبَ تون |
|
محبّت جو مھت |
ڏينديس رت ۽ ست |
|
پرين تنھنجي پرت ۾ |
|
* |
|
جي ور نھ ڪن ھڪڙو |
|
سي ڪميڻيون سڏجن |
در در لائي دل کي |
|
ور ور ڏيو وڃن |
حبيب جي حضور مان |
|
توڙئون ٿيون تڙجن |
طالب تن جون ڪھڙيون |
|
ڳالھيون ڳڻي ڳڻجن |
سي سنڀاليون سڄڻن |
|
جي ڪيڏھن ويون ڪين ڪي |
*
[11]
تون تنين سان ٿي
رڙھھ تنين سان رڙھھ |
|
رڙھي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
رڙھي ريجھھ ڦٽائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
گھم تنين سان گھم |
|
گھمي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
گھمي گھور پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
رھھ تنين سان رھھ |
|
رھي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
رھي روح رنجائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
اچ تنين وٽ اچ |
|
اچي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
اچي اھنج پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
وڃ تنين وٽ وڃ |
|
وڃي جي ڄاڻن |
متان وٽ ٻين |
|
وڃي واٽ وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڊوڙ تنين سان ڊوڙ |
|
ڊوڙي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
ڊوڙي ڊوھھ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
مل تنين سان مل |
|
ملي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
ملي مونجھھ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
سمھھ تنين سان سمھھ |
|
سمھي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
سمھي سور پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ٽِل تنين سان ٽل |
|
ٽلي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
ٽلي ٽور ڦٽائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
نچ تنين سان نچ |
|
نچي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
نچي نينھن وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
کاءُ تنين سان کاءُ |
|
کائي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
کائي کوٽ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
پي تنين سان پي |
|
جيڪي پي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
پي ۽ پرت وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
گھر تنين کان گھر |
|
گھري جي ڄاڻن |
متان کان ٻين |
|
گھري گھل پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ويھھ تنين وٽ ويھھ |
|
ويھي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
ويھي وھھ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
سل تنين سان سل |
|
سلي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
سلي سک ڦٽائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
تر تنين سان تر |
|
تري جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
تري ترھو وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ٻڏ تنين سان ٻڏ |
|
ٻڏي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
ٻڏي ٻوڏ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
مر تنين سان مر |
|
مري جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
مري منجو وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
جِي تنين سان جِي |
|
جيڪي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
جي جنجل پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
کل تنين سان کل |
|
کلي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
کلي کل پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڊڄ تنين کان ڊڄ |
|
ڊڄي جي ڄاڻن |
متان کان ٻين |
|
ڊڄي ڍيڪ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
وڙھھ تنين سان وڙھھ |
|
وڙھي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
وڙھي وات وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
چڙ تنين سان چڙ |
|
چڙي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
چڙي چھڙ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
چاھھ تنين کي چاھھ |
|
چاھي جي ڄاڻن |
متان کي ٻين |
|
چاھي چاھھ ڦٽائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڏس تنين کي ڏس |
|
ڏسي جي ڄاڻن |
متان کي ٻين |
|
ڏسي ڏوھھ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڳاءِ تنين کي ڳاءِ |
|
ڳائي جي ڄاڻن |
متان کي ٻين |
|
ڳائي ڳالھھ وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
لاءِ تنين سان لاءِ |
|
لائي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
لائي لاڳ وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڳول تنين کي ڳول |
|
ڳولي جي ڄاڻن |
متان کي ٻين |
|
ڳولي ڳجھھ ڦٽائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ٻول تنين سان ٻول |
|
ٻولي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
ٻولي ٻول ڦٽائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
لئون تنيين سان لاءِ |
|
لائي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
لائي لئون ڦٽائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
بيھھ تنين سان بيھھ |
|
بيھي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
بيھي باھھ پرائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
روءُ تنين سان روءُ |
|
روئي جي ڄاڻن |
متان ساڻ ٻين |
|
روئي راز وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
نم تنين کي نم |
|
نمي جي ڄاڻن |
متان کي ٻين |
|
نمي ناز وڃائيين |
٥-٥-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|