Last Update: 22-05-07
سيڪشن؛ سيڪشن
ڪتاب: عجيب طلسم
باب: 1
صفحو : 10
[3]
تقوا سان ڪر طاعت طلب
ٿل:
طاعت کي ٿي اجاري
تقوا ئي طالبن جي
١.
رک پاڪ تون نظر کي
ڪر صاف اڄ اندر کي
ھن ورھھ جي وکر کي
سچ سان رکج سنڀاري
پو ”ڪين“ مان تھ ”ڪجھھ“ ٿي
٢.
ھٿ ھاج ۾ ھلائج
دل يار سان ملائج
اڳتي ڪا وک وڌائج
ھنجھڙون ھئڻ جون ھاري
پيالو پريت جو پي
٣.
قربائتا قدم ڀر
نڪي غير ڏي نظر ڪر
سر يار جي اڳيان ڌر
نيڪي سان تون نھاري
حاصل تھ يار ڪر ڪي
٤.
مولا جو بنجي طالب
۽ ڪل تي ٿي غالب
ڪنھن ڏي نھ ٿيج راغب
جيئري ئي پاڻ ماري
تون ھن جھان ۾ جي
١٨-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
ماڻڻ گھرين محبوبُ جي
پرھيزگاري ڪر سدا
سرڪي ڀلي سڪ جي چکج
دل غير کان غافل رکج
دلدار سان پو ڀل ٻکج
سڀ خواھشون دل جون پلي
تون راز جي پھرجِ ردا
من مان ڪڍي ڇڏ مير تون
۽ رک ڀلن جو ڀير تون
نھ تھ پوءِ آھين ڪير تون!
جو سر سڄڻ توکي بھ ڏي
جانب ڪندئي جلدي جدا
سکڻا نھ ڏج ٺاھي سبب
ھت ڪين پڇجن ٿا نسب
ھن پِڙ ۾ سو مقبول ٿئي
جو فڪر ۾ ٿيندو فدا
ظاھر ۽ باطن صاف رک
عربي سندا اوصاف رک
اھڙو اندر انصاف رک
آھي حياتي روز ڪي
ڪرڻا فرض آھن ادا
٥.
مولا جا طالب جي ٿِين
پر عشق جا پيالا پين
جڳ جڳ اھي ئي ٿا جين
پو ڪبريا تن کي سڏي
سڻندو سندن ساري صدا
٧-١١-١٩٥٧ع
چڱو رکج گمان
مولائي جي مومن آھين
تنھنجون نگاھون نيڪ جي رھنديون،
ٻي جي بَدن کي مور نھ ڏسنديون
آھي اھو ايمان
غير جا لاڳاپا جي لاھين
ھيڏنھن ھوڏنھن ڪين نھارج
پنھنجو پاڻ سنجھي ئي سنڀارج
مٿان اٿئي آسمان
متان ھتي تون سينو ساھين
جي تو پاڻ سنڀالي ورتو
پوءِ پيمبر کي آھين پرتو
ساڻي ٿيندءِ سبحان
قرب ۾ ڪامل ٿي جي ڪاھين
عيب ثواب جو ڀولو لاھي
سندرو ٻڌجان ساھي ساھي
محبّت وارو مڪان
ماڻيندين جي ماڻڻ چاھين
طالب مولا ڪاھيو ڪاھج
پنھنجي اميد نھ لاھيو لاھج
ٿيجئين سرت سبحان
منزل ڏاڍي آھي پراھين
٢٩-١-١٩٥٩ع
حيدرآباد
جاڳڻ سان رک جار-مسافر
-
جانبُ لھندين جاڳي جاڳي
سمھڻ منجھان متان سور پرائين
وحدت جو ويساه وڃائين
منزل اڳتي آھي اڃائين
متان رسي منٺار – مسافر
سنجھي رکجان يار سجاڳي!
ويل رھڻ جي ڪانھ ڪا آھي
سالڪ! ٻڌ تون سندرو ساھي
لوڪ سندا لاڳاپا لاھي
ورھھ جو ڪر واپار-مسافر
صورت پسندين سھڻي ساڳي
واٽھڙو تون واٽ نھ ڇڏجان
گوندر سان دل پنھنجي گڏجان
اجھو وڃي اوڏانھين اڏجان
سھڻو جت سردار-مسافر
نيئي نھ نھوڙي ننڊ نڀاڳي
مرد ٿي محڪم طالب مولا
سر تي سھجان ڏک ۽ ڏولا
ٿيندا ڏور جھڪون ۽ جھولا
مولا مددگار – مسافر
وحدت سان جن دلڙي واڳي
١-١٠-١٩٥٥ع
امين منزل
[4]
ھتِ آھيان انسان
ڏي ڪو ھيء جوابُ
ڇا ھتِ آھي، ڇا ھتِ ٿيندو!
ڪيئن بي رنگ سمايو رنگ ۾
عاشق ڳوليو ڪھڙي انگ ۾
لاھي ھر ڪو حجابُ
ورھھ وارو ات واقف ٿيندو
”و في انفسڪم“ راز رندانا
”ونحن اقرب“ شوق شاھانا
ھمدم ڪھڙو حسابُ
نرت اتي ڪو نيھي نيندو
”الانسان سري“ سر سارو
”و ھو معڪم“ ناز نيارو
ڇاھي ڏوھھ، ثوابُ
سزا جزا جي خبر ڪو ڏيندو!
برزخ واري ملڪ ۾ ڇاھي
عاشق خود برزخ ڇا آھي!
ھي تھ حياتي حبابُ
ويندڙ ڪونھ ڪو موٽي ايندو
ذات، صفت ۾ ڪيئن آھي ظاھر
مام ٻڌائي مرد ڪو ماھر
پي محبّت جو مئي نابُ
ڪو منصور ھي ملڪ ماڻيندو
٦.
طالب مولا شان شريعت
حسن حقيقت، طور طريقت
معرفت مآبُ
ڀيد وارو ڪو ڀيد ڀڻيندو
١٧-٨-١٩٥٥ع
ڳوٺ گل محمد شر - ضلعو سکر
(1)ھتِ آھين انسان
ھت الاھجي ڇا وڃي ٿيندين!
ملڪ فنا جو آھي مانجھاندو
ڪثرت کان تون ويھھ ٿي واندو
پڪو ڏنئي پيمان
تھ واٽ وصالي وٺيو ويندين
سزا جزا جو ڀولو لاھي
ڪامل ٿي رس قرب ۾ ڪاھي
لاھج غير گمان
سالڪ! نيٺ ھي سانگ سٽيندين
قطرو قلزم جو ئي آھين
اصلي آھين، نقلي ناھين
معنيٰ جو ٿئي مڪان
خيال ڪجئين نھ تھ ڇرڪ ڇڏيندين
ھت اٿيئي سانگ صفاتي
ٿيندين آخر ذات ۾ ذاتي
عاشق عاليشان!
ٻيائي جون جڏھن پاڙون پٽيندين
فنا في الله جي منزل ماڻج
بقا بالله جو ساز سڃاڻج
ٿيجئين سر سبحان
موڳو نھ ٿي، ھي ماڳ مٽيندين
طالب مولا مرد ٿي محڪم
ھادي سان رھھ حال ۾ ھمدم
دم جو رکج ڌيان
ڳالھيون ڀلا ٻيون ڪھڙيون ڳڻيندين!
٢٨-١١-١٩٥٥ع
حيدرآباد، امين منزل
اھا الله جي ڄاڻ
جي تون پاڻ سڃاڻي
پاڻ سڃاڻي
غير نھ آڻي
”من عرف“ جي رمزن اندر
اھي اٿئي اھڃاڻ
”وفي انفسکم و اينما کنتم“
محبّت وارا ماڻ
”ونحن اقرب“ پاڻ چيائين
واھھ جي ھي واکاڻ!
طالبَ، مولا تنھنجو تو ۾
پيھي ويٺو پاڻ
١٥-٧-١٩٥٥ع
جيتر تون موجود
تيتر لا موجود ھو ھوندو
”موتوا قبل“ ٿي ماڻج مطلب
نينھن ۾ ٿي نابود
دور وڃڻ ئي آھي اجايو
ويجھو اٿيئي وجود
ڪک پن ووڙڻ راند ٻاراڻي
شاھد تون مشھود
سر سبحان بھ تون ئي آھين
سوچي ڪر سجود
ھڙئي ھتان ئي ڪر تون حاصل
من مان ئي مقصود
پاڻ ڇڏي ۽ پري تھ نھ وڃ تون
منزل ٻي مسدود
٧.
توکان تو کي ويجھو آھي
مڙني جو معبود
٨.
وڃ وچان تون طالب مولا
خوب ٿيندين خوشنود
١٨-٩-١٩٦٨ع
اسلام آباد
ڏور نھ ٻئا ڪي ڏس
ڏس وجود کان ويجھو پيڙو
گھوريا ٻيا سڀ گس
دور وڃڻ آھي ڀولو بلڪل
ڪر وجود ۾ وس
ھيڏھن ھوڏھن جھوت نھ پائج
ھت اٿئي ھٿ کس
ويسلو ٿي تون ڪين ڪي وھجان
مولا ملي تو مس
”طالب دنيا“ ٿيج نھ ھرگز
چٽ ڪندي ھي چس
ڪنڌ نھ ڦيرج ڪيڏھن طالب
مولا منجھھ نس نس
آھيان پنھنجو پاڻ
جيڪي اڳي ھس سوئي آھيان
ھت بھ اھوئي ھت بھ اھوئي
صورت واري سڃاڻ
سير ڪرڻ لاءِ ھت آئون آيس
اِھي اٿئي اھڃاڻ
اِسم جِسم جو ناز نيارو
ڄاڻو ٿي رک ڄاڻ
برھھ وارا ڏس ڀاڻ
١٣-١٢-١٩٥٤ع
پينگھارو
مون ۾ آھين تون
تون ئي تون
تو ۾ آئون آھيان
وار بھ ويڇو ناھھ ڪو
وچ ۾ ”تون“ ۽ ”مون“
آھي حقيقت ھڪڙي
ڏيھھ ڀلي چئي ڏون
ھردم ھڪ ئي آھيون
سوجھي سمجھيوسون
دوئي آھي ڪانھ ڪا
ھونگ رھي ھڪ ھون
آئون بھ يڪتا آھيان
تون بھ آھين بيچون
پاڻ ئي پنھنجي راز کي
صحيح ٿا سمجھون
شاھد پنھنجي پيار جا
اڀ، عرش ۽ ڀون
طالب مولا جا ٿيا
گفتا گونا گون
[5]
لالڻ لئي لوڙين
آپت ۾ اورين
آديسي ٿا الک کي
بابُو ويھي بَرن ۾
ڏاتِر کي ڏورين
عاشق اسم الله جو
چِت ۾ ئي چورين
مالھا محبّت مام جي
ساميڙا سورين
عدل ۽ انصاف سان
تِر تِر کي تورين
ناتو نينھن فراق جو
ٽوريو پيا ٽورين
جوڳي ڪاڻ جبّار جي
جان، جسو جھورين
طالب مولا سر کي
گھور ڪريو گھورين
٧-١٠-١٩٥٧ع
انڙ پور
ويراڳي ووڙين
ھر ھنڌ حسن حبيب جو
صدما سوز فراق جا
ڪثرت واري قرب کان
منھڙو ٿا موڙين
ھڪ ۾ ويڙا ھڪ ٿي
ٻيائي کي ٻوڙين
ويھي پنھنجي وجود کي
آڌوتي اوڙين
ھنڌ ھنڌ خيما خيال جا
کاھوڙي کوڙين
جايون جاني يار جون
جِيڙي ۾ جوڙين
سامي سوز گداز کي
چاه منجھان چوڙين
طالب مولا محب ري
ٽڳڙا سڀ ٽوڙين
١٠-١٠-١٩٥٧ع
اڇ شريف
ڪوڙي ڇڏي ڪثرت
بيراڳي برن ۾ دونھڙا دکائن
در دوئي جا پوري پلپل
وائي ڪن وحدت
ھوڏ، ھئڻ ۽ ھستي وڃائن
”لا“ کان لنگھي ”اِلالله“ سان اورن
فنا ڪري فرحت
خيال خودي جا خوب ٿا کائن
بقا بالله جو قرب ڪمائي
ماڻن ٿا محبّت
ويھي ورھھ جو وکر وھائن
طلب منجھان ٿي طالب مولا
سڪ سان ڪن صحبت
رندي رمزون روز رچائن
٢٦-١١-١٩٥٥ع
(1) ڥڷێڷ تیۑ ڛإڠڎ ضۑ ڞڎق ڊڷڵ ێیۑ جێ:
ێٔج آێۑإڷ إڷښإڷ ێّج إڵإیۑ فإ ڶۆڷ آێۑإڷ
حڵ ۾ ڣۑڎ ڧێۑڎ ڥیۑ ۆۑیۑ آێۑ.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ
© Copy Right 2007 Sindhi Adabi Board (Jamshoro), Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org