|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو :
4 |
|
جي ڀائين جاني لھان
پرھيزگاري پار |
|
تھ وڃي پھچين پار |
ھتي جون حقيقتون |
|
رسنديون پريين پار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
پر پرينءَ جي پار |
پاريو پاريو پار |
|
جي ڪيئي قول قريب سان |
١٦-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
جي ڀائين محب ماڻيان |
|
ڪر پرھيزگاري پر |
ھڻ صيقل سيني کي |
|
تھ نور اچئي نظر |
طالب مولا مرد ٿي |
|
قربئون قدم ڀر |
دل ۾ ڪٺو ڪر |
|
محبت جي متاع کي |
١٦-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
رڳي زھد، عبادتون |
|
ظاھر جا ضرر |
ري پرھيز ڪين ملن |
|
وحدت جا وکر |
دلبر آھي دل ۾ |
|
پڇين ڇو ٿو پر |
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڪر ڀلائي ڏي ڀر |
آديسين اکر |
|
اھي ڏسيا ڏيھھ کي |
١٦-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
پرھيزگاري پار |
|
تھ ھادي حاصل تون ڪرين |
نظر سڀڪا نيڪ کڻ |
|
نحيف ٿي نھار |
ھٿ ڀلي رک ھاج ۾ |
|
دل ڌڻي سان ڌار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
دنيا کي ڌڪار |
وک نھ پوئتي وار |
|
قدم کڻج قرب جا |
٢٥-١٢-١٩٥٧ع
ھالا
*
جي ڀانئين جاني لھان |
|
رک پاڪائي، پرھيز |
طالب مولا مرد ٿي |
|
من کي ڏي مھميز |
تھ لالڻ ڏي لبريز |
|
ڀري قدح قرب جا |
٢٦-١٢-١٩٥٧ع
ھالا
*
پِيندين قدح قرب جا |
|
جي ٿيندين پرھيزگار |
نشا ڪري نينھن جا |
|
ٿي سڪر ۾ سرشار |
پي تون سرڪ سڪ جي |
|
ٿي مرد مڻيادار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
تھ قرب ڪري ڪلتار |
وحدت جو واپار |
|
ويھي ڪر وجود ۾ |
٢٦-١٢-١٩٥٧ع
ھالا
*
پاري پر پرھيز جي |
|
عبادت اجار |
محبت رکج من ۾ |
|
وھمن کي نھ وھار |
”قد افلح من تزکيٰ“ ڏي |
|
نوڙت ساڻ نھار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
پرھيزگاري پار |
ڪر ڪا اھڙي ڪار |
|
جنھن کان راضي ربّ ٿئي |
٢٦-١٢-١٩٥٧ع
ھالا
*
عبادتون آھين |
|
پرھيزگار ڪرڻ لاءِ |
طالب مولا مرد سي |
|
جي سينو نھ ساھين |
اوڙون ڏيئي عشق سان |
|
قلب کي ڪاھين |
اندر واريءَ آگ ۾ |
|
پاڻ کي پاھين |
رمز سان راھين |
|
قريب پنھنجو قلب ۾ |
٢٧-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
عبادت جو الله سان |
|
نھ ويھي ڪر واپار |
ڏي وٺ واري ڏيھھ ۾ |
|
ٿيج نھ گنھگار |
اصلي عبد آھيين |
|
ڪر عبديت اظھار |
تھ ٿيندو ھر ھڪ ڳالھھ ۾ |
|
مولا مددگار |
”طالب الدنيا مخنث“ |
|
بلڪل آھھ بيڪار |
”طالب العقبيٰ مونث“ |
|
عورتن آچار |
”طالب الموليٰ مذڪر“ |
|
ٿي مرد مڻيادار |
جيتر ٿيبو ڪين ڪي |
|
پڪو پرھيزگار |
تھ قلب جو قرار |
|
حاصل ٿيندو ڪونھ ڪو |
٢٧-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|