|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 5 |
|
عشق نھ بيت المال
عشق عشق سڀڪو ڪري |
|
پر عشق ڪري ٿو ڪو |
جو ڪڇي پڇي ڪين ڪي |
|
سر بھ ڏئي ٿو سو |
سو طالب مولا مرد ٿئي |
|
جو عاشق عشق سندو |
جو محبت اندر مو |
|
سو جِيرو آھي جڳ ۾ |
٦-٤-١٩٥٧ع
ھالا
*
عشق عشق سڀڪو ڪري |
|
پر عشق بھ ڪن ٿا ڪي |
ھت اڏي ۽ ڪات جي |
|
بازي ٿي بنجي |
”العشق نارالله“ مان |
|
ڪو سڙي سالم ٿئي |
سڌڙيو سڀڪو سيراف کان |
|
ڀڄيو پيو ڀڄي |
طالب مولا سي |
|
جي ڪڏھن ڪڇن ڪين ٿا |
٦-٤-١٩٥٧ع
ھالا
*
عشق عشق سڀڪو ڪري |
|
پر عشق ڏکيو ڏاڍو |
جنھن جو ڪريم ڏي ڪاڍو |
|
اھو طالب مولا مرد ٿيو |
١٩-٥-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عشق نھ چرچو ڀانءِ |
|
ھو شاھن سندو شاھھ |
حجت ھلندي ڪانھ ڪا |
|
ڪئس باري بي پرواھھ |
خودي وارن کي خوب ٿو |
|
پڃي ڪري پاھھ |
طالب مولا ان کان |
|
ڪو ڪو آھھ آگاھھ |
جو صدقي ڪري ساه |
|
اھو ماڻي ان کي |
١٩-٥-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عشق نھ ڀانءِ آسان |
|
ٿو ھرھر سوري تي سڏي |
سودو ڪبو سر جو |
|
اِتي کپي ايمان |
جنھن ھنيو دم دعوا جو |
|
سو نابود ٿيو نادان |
طالب مولا مرد ٿئي |
|
ڪو عاشق عاليشان |
سو مرد کتي ميدان |
|
جو عاشق ھجي عشق جو |
١٩-٥-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عشق نھ بيت المال |
|
جو ملي محتاجن کي |
عشق آھي ان سندو |
|
جنھن ڪيو قرب ڪمال |
طالب مولا طلب ۾ |
|
جو رکي خاص خيال |
جانب جو جمال |
|
اھو ماڻيندو عشق سان |
١٩-٥-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
آھي عشق الله جو |
|
ٻيو سڀڪي سمجھج سور |
محبّت مولا پاڪ جي |
|
”نور عليٰ نور“ |
سو طالب مولا مرد ٿيو |
|
جنھن تي راضي ربّ غفور |
جنھن کي پرور سندو پور |
|
عشق بھ عاشق ان جو |
١٩-٥-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عشق اڙانگو آھھ |
|
ٿو لاھي ور وڏن جا |
طالب مولا مرد ٿي |
|
سينو ھڏ نھ ساھھ |
سانگا سڀئي لاھھ |
|
پو عاشق سڏائج عشق جو |
٢٧-٥-١٩٥٧ع
ھالا
*
عشق نھ اٽڪل سان ٿئي |
|
ھت سر جي بازي لاءِ |
توري تڪي پڙ ۾ |
|
پير پختا پاءِ |
دنيا، عقبيٰ کي ڇڏي |
|
نرمل وٽ ڪنڌ ناءِ |
ھڻ نھ دم دعويٰ جو |
|
لوڪئون پاڻ لڪاءِ |
طالب مولا مرد ٿي |
|
قرب کي ڪماءِ |
پنھنجو پاڻ پچاءِ |
|
ويھي پنھنجي پاڻ ۾ |
٢٧-٥-١٩٥٧ع
ھالا
*
عشق نھ اٽڪل سان ٿئي |
|
عشق الاھي راز |
حجّت نھ ھن سان ٿي ھلي |
|
جو مالڪ ڪئو ممتاز |
پاڻ وڃائي پانھجو |
|
ڪر نوڙت ۽ نياز |
طالب مولا مرد سو |
|
جو حقيقت سان ھمراز |
ڇيڙ سريلو ساز |
|
محبت جي مضراب سان |
٣١-٥-١٩٥٧ع
ھالا
*
عقل جي اثبات ۾ |
|
رڳي رد ۽ قد |
اتي آسڻ عشق جو |
|
جتي شد نھ مد |
جو لنگھيو کان لاحد |
|
سو طالب! عاشق عشق جو |
٢٨-١-١٩٦٠ع
*
سمجھھ جيسين ساڻ |
|
تيسين ڪجھھ ئي ڪين ٿئي |
عقل کي اوري ڇڏي |
|
وٺ عشق جو اھڃاڻ |
متان کريل کير ٿيين |
|
سالم ٿيج سنباڻ |
طالب مولا طلب ۾ |
|
ٿي ڄٽ وڃاء نھ ڄاڻ |
جنھن کي سمجھيئي پاڻ |
|
اھو ناھين پاڻ تون |
٢٩-١-١٩٥٧ع
*
عاشق جي آھين |
|
تھ ھڪدم ھئڻ ڇڏ |
ترڪ دنيا کي ڪري |
|
لالڻ پاسي لڏ |
ھستي، ھوڏ حرام ٿئي |
|
کوءِ وجھينس، کڏ |
اھڙي اندر اڏ |
|
طالب مولا مرد ٿي |
٧-٣-١٩٥٧ع
ھالا
*
عاشق جي آھين |
|
تھ ھڪدم ڇڏ ھئڻ |
ويساھھ سان وحدت جو |
|
پوک وجود ۾ وڻ |
ڪروڙن کان ڪثر ٿئي |
|
قرب سندو ئي ڪڻ |
طالب مولا پٽ سان |
|
ھستي کي تون ھڻ |
توري تڪي کڻ |
|
قدم پنھنجو قرب ۾ |
٧-٣-١٩٥٧ع
ھالا
*
عاشق جي آھين |
|
تھ ووڙي ڏس وجود |
حرص ھئڻ ڇڏ کڻي |
|
نينھن ۾ ٿي نابود |
”العشق نارالله“ کي |
|
ڪر محبتي! مقصود |
تھ خالق ٿئي خوشنود |
|
طالب مولا مرد ٿي |
٧-٣-١٩٥٧ع
ھالا
*
عاشق جي آھين |
|
تھ وٺ رسولي واٽ |
محبت واري مي سندا |
|
ماڳ انھي تي ماٽ |
اتان اڃ، اساٽ |
|
طالب مولا دور ٿئي |
١٠-٣-١٩٥٧ع
ھالا
*
عاشق جي آھين |
|
تھ پر رسولي پار |
نفس نامراد کي |
|
ماري ماري مار |
”من عرف نفسه“ جي |
|
عمل کي اجار |
شارع شريعت جي |
|
ٿي وڃي پرئين پار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڪيڏھن ڪيم نھار |
ڪر اھا ئي ڪار |
|
تھ اگھين آگي جي اڳيان |
١١-٣-١٩٥٧ع
ھالا
*
عاشق جي آھين |
|
تھ پار رسولي پر |
مار موذي من جو |
|
ڇڏ نھ ڀلي جي ڀر |
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڪار قرب جي ڪر |
ولھن مٿي ور |
|
ڪري عشق عجيب جو |
١٣-٣-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عاشق جي آھين |
|
تھ تقويٰ ڪر تمام |
پاڪائي سان پرت جو |
|
ڪنبي ڪج سلام |
مٿاھون محبوب جو |
|
مڙني کان مقام |
طالب مولا مرد ٿي |
|
نرمل جو وٺ نام |
ڪنھن کي ڪر نھ سلام |
|
سڄڻ ڌاران سڪ جو |
١٣-٣-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عاشق جي آھين |
|
تھ ناتو نڀائيج |
عمر ساري عجز سان |
|
پاند ڳچي پائيج |
طلب واري تند کي |
|
ويٺو وڄائيج |
طالب مولا درد کي |
|
لوڪان لڪائيج |
پرينءَ لئي پائيج |
|
لڪي لياڪا لوڪ کان |
١٣-٣-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عاشق جي آھين |
|
ھڻ نھ دعويٰ جو دم |
عبديت اثبات ڪر |
|
قربئون ڀر قدم |
ٿي ھمدم سان ھمدم |
|
طالب مولا مرد ٿي |
١٣-٣-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
عاشق جي آھين |
|
تھ سوچي ڪر سجود |
شرڪ جو نھ شڪار ٿين |
|
ھڪ مالڪ ٿئي معبود |
ٿي بود ۾ نابود |
|
طالب مولا مرد ٿي |
١٣-٣-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|