Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 12

[15]

سر سدائين سٽ ۾

 

پير بھ آھن پير

 

پر سر انھن کان سرسو

قدم قدم تي جھڪڻو

 

ڏي سجدا ڍيران ڍير

ان جي پيشاني ۾

 

رڳي ڀلائي جا ڀير

طالب مولا سڏجن

 

ٿا ھردم مرد مٿير

صبح ساڻ سوير

 

ڏي سجدا سائينءَ اڳيان

 

*

 

پير فقط پرينءَ وٽ

 

پري پھچائي

سر سوين ڏئي سجدا

 

محبّت مڃائي

ڪفر ۽ اسلام ۾

 

فرق فرمائي

محبّت جي مقتل جو

 

ميدان ملھائي

پاڻ کي پرينءَ لاءِ

 

ڪڏيو ڪھائي

ڳڻ سدا ڳائي

 

طالبُ مولا تنھن جا

 

*

 

پير بھ آھن پير

 

پر سر نھ رکي سانگو

گلا غيبت جو کڻي

 

گھور ڏئي گھانگو

نڪري نرمل ڪاڻ ٿو

 

نينھن ۾ ٿي نانگو

ٻي مڙيئي ملڪ ۾

 

ٿئي مٿو مھانگو

سر ٿئي سھانگو

 

سڄڻ وٽ صديقي چئي

 

*

 

سر سدائين سنرو

 

اوچي ڳاٽ اچي

وعدي تي وصال جي

 

ھو محبتي مچي

رضا واري رمز ۾

 

بلڪل ڪين بچي

نيزي واري نوڪ تي

 

نينھن ۾ خوب نچي

سانگو ڪيو نھ سچي

 

ڪپجڻ کان قريشي چوي

 

*

 

پير نھ ڪڏھن ٿين

 

سدا برابر سرن جو

ھي مارڳ ۾ محبوب جي

 

ھليو پيا ھلن

سر وڃن سوري ڏي

 

تھ وري ڪين ورن

پير رڳو ئي پرينءَ لھءِ

 

زخمي ٿيو پون

طالب مولا تن کي

 

شابسون بھ ھجن

پر قربانيون ڏين

 

سر سوين ئي سڄڻ تان

 

*

 

پير ويچارا پرت مان

 

گھڻوئي ٿا ڪن

سر ٿين جت صدقي

 

ات ڪٿي پير پڄن!

پير وڍيا تھ مٽي ۾

 

دٻجو ٿين دفن

سر شھادت بعد پڻ

 

نيزن تي چڙھن

پير بھ طالب طلب ۾

 

مورھئون ڪونھ مڙن

پر سرويچ ئي صديقي چوي

 

صديق ٿا سڏجن

پير ڦريو ڦٽجن

 

۽ سر سدائين سٽ ۾

 

*

 

پير بھ اھڙي ذات

 

جو سر مٿن ڏي سجدا

پير نھ وڍجن پرينءَ وٽ

 

پر سر ٿئي گھاتو گھات

سر جي صديقي چوي

 

مقتل ۾ ٻي بات

جت اڏي ۽ ڪات

 

ات پيرن ڀيڻي ناھھ ڪا

 

*

 

پير بھ پير  آھن

 

پر سر وانگر نھ سٽ ۾

جت سر جي بازي ٿي لڳي

 

ات پير نٿا پڇجن

سر ٻڌن ٿا سھرا

 

پيرن مينديون لڳن

طالب مولا سر ئي

 

ڪپجو قبول پون

ڪونڌر سي ڪوٺجن

 

سر ڪيا جن صدقو

 

*

 

پير پري ئي ٿا رھن

 

سر سونھن لالڻ لڳ

پيرن ڏني منڊ ملي

 

سرن ڏني ٻئي جڳ

پير سدائين پنڌ ۾

 

سر ڏين ٿا سڳ

جنھن کي الله اوراھون

 

سر ۾ سا ئي رڳ

طالب مولا طلب ۾

 

سر ڏين چاھئون ڄڳ

سر تھ اگھاڙا بھ ٺھن

 

پر پير نھ ٻڌن پڳ

سر سوري جي سامھون

 

ھو دم دم ڳولن دڳ

ھو مارڳ ۾ ئي مڳ

 

ھي ڪپجو قربانيون ڏين

 

*

 

پير بھ پوريون ڪن ٿا

 

پر سر  چڙھن تي چوٽ

جت پير پڄن ئي ڪين ڪي

 

ات سر وٺن ٿا ووٽ

پير تپن ٿا ڪوٽ

 

سر ڀڃن ٿا ڪوٽ

پير تھ موٽي بھ سگھندا

 

پر سر آھن اڻ موٽ

سرويچ ئي سدائين

 

ڄٽ بھ ٿين ڄاموٽ

ھي طالب مولا طلب مان

 

ڪئي پرت اندر پالوٽ

تھ پير نھ ٿين گھوٽ

 

سھرا ٻڌجن سرن تي

 

*

 

صدقي سر تان سون ٿين

 

۽ چاھھ منجھان چانديون

سرويچن لئي سورميون

 

محبّت ۾ مانديون

جن جن ڪيون سرن سان

 

رڻن ۾ رانديون

انھي ور جي ورونھن کان

 

وھون نھ ڪي وانديون

سر جنين جا صدقي

 

تن لئي ھلن ھيڪانديون

سر ڏئي سھاڳڻيون

 

بلڪل ٿيون بانديون

سر ڏيئي سوکڙيون

 

انھن ئي آنديون

محبّت ڀلي مڻين ھجي

 

تھ بھ پيرن پيرانديون

سرن، سيرانديون

 

سدائين صديقي چوي

 

*

 

ڪٿي پير پڄن

 

سرن سان صديقي چوي

پيرن ۽ پيزار تان

 

ٿا صدقي سر ٿين

پيرين پون ٻيڙيون

 

سر سرھا گل چڙھن

پير تھ ڪاٺي جا بھ ٿا

 

ٽنگن منجھھ وجھجن

پر ڪٿان ملن ڪونھ ڪو

 

جي ٿا سر وڃن

پير فقط چمجن ٿا

 

۽ سرين ٻک پون

سڄڻ سدائين سرن کي

 

ٿا سيني رکيو سمھن

پير پيراندي ئي رھن

 

کڻي ھنڌ پلنگ ھجن

سرن ھيٺ اچن

 

ٻانھون ٻانھيارن جون

 

*

 

ٻانھون ٻانھيارن جون

 

سرن وھاڻا

سر لايو سر سان

 

ڪن محبّتي ماڻا

سر لھءِ ڪن سھاڳڻيون

 

وار بھ وڇاڻا

سيءُ سياري جو لڳي

 

تھ پري نھ ڪن پاڻا

سر ئي سيباڻا

 

سورمن کي صديقي چوي

 

*

 

پير ويچارا پنڌ ۾

 

شوقئون ھلن شتاب

ڪڙيل ڪن ئي ڪونھ ڪو

 

ھلڻ منجھھ حجاب

سچ ٿو صديقي چوي

 

ڪپجو ٿين ڪباب

مارڳ ۾ محبوب جي

 

ٿين خون خراب

ويھو رھن واٽ تي

 

بلڪل ٿيو بيتاب

چرڻ کان چور ٿي

 

ھارائين حساب

ڏين جنبڻ کان جواب

 

تھ بھ سر سريو پڄي سڄڻين

 

*

 

ڪڏھن ڪنھن نھ ٻڌو

 

تھ پيرن سوريون ماڻيون

سر فدا ٿي سڄڻ کي

 

ڳڻن ساڻ ڳڌو

ٻيڻو ٿئي ٻين سان

 

پر سڄڻ وٽ سڌو

”الانسان سري و انا سره“

 

مورھئون ڪين منڌو

سر وڃي سوري تي

 

پنھنجي لالڻ کي لڌو

سر ٿو صديقي چوي

 

ڪري نھ ڪم ڪڌو

سر سوري پاڻ وڌو

 

پير اھي ئي پٽ تي

 

*

 

پير بھ پنھنجي جاءِ تي

 

وڏا وڙائتا ٿِين

محبوبن جي ماڳ ڏي

 

پريو پھچائين

حبيب جي حضور جي

 

واٽ نھ وڃائين

اھي ٿورا انھن جا

 

اصل کان آھين

پر سر انھن کان سرسا

 

جو ڪنڌ بھ ڪپائين

پيرن وانگر ڪين ڪي

 

راز بھ ٻڌائين

پير حقيقت پانھنجي

 

لوڪان نھ لڪائين

سر سڄڻ جي سر کي

 

پاڻ ۾ پائين

سچ پچ صديقي چوي

 

ات پير ئي پڄائين

پر سر ٿا سرچائين

 

سجدا ڏيئي سڄڻ کي

 

*

 

سر کي جھلي سھڻا

 

ٿا پلپل پيار بھ ڪن

سو سو ڀيرا سڪ مان

 

چاھئون چميون ڏين

سر کي سيني تي رکيو

 

محبّت مان ملن

ٻانھون ھار ڪري کڻيو

 

ڳچي منجھھ وجھن

پري ٿيو پرينءَ کان

 

تھ سر لئي خوب سڪن

ويھو رھن ورھھ ۾

 

تھ اڱڻ عجيب اچن

سر سلامت تنھنجو

 

اھا دعا بھ چون

طالب مولا طلب مان

 

سر کي سلام بھ ڪن

پرين پير چمن

 

اينھين ٿئي نھ ڪڏھين

 

*

 

پير تھ رڳي پير ٿيا

 

پر سرسا سر سو وار

ڪارا وار ڪلھن تي

 

رڳي رعبدار

وڏا جاه جلال جا

 

پيشاني ۾ پار

بيحد ڀِرن جا ٿين

 

ڏاڍا ڪي ڏھڪار

اڙٻنگ آھن اکيون

 

جنگي ٻئي جھونجھار

پنبڻيون پيڪانن جان

 

قھري منجھھ قطار

نظرون نھارن جي کڻيو

 

تھ شير بھ ٿين شڪار

سونھن سونھاري سان

 

شھپر ٻئي شھڪار

ڪٿي گل گلاب جا

 

ڪٿ رنگينا رخسار

ڪنڍا نڪ ڪونڌن جا

 

جڙيل جلويدار

ڏند چپ سوڌا سھڻا

 

گجگوڙيون گفتار

اوچا ڪنڌ انھن جا

 

جن جا مٿا مڻيادار

صفون ڀڃن ٿا سو دفعا

 

سھڻا سي سردار

ڪسن تھ بھ قبول پون

 

قربئون وٽ ڪلتار

سچ پچ صديقي چوي

 

ڪي ويھي ڪن ويچار

تھ تسليم ڪن تن کي

 

وھوا سڀ وينجھار

تن کي پير پڄن ڪيئن

 

جن جا حوصلا ھشيار

پير ويچارا پٽ تي

 

سر سدائين سوار

طالب مولا تن جي

 

وڃي پري پئي پچار

ھو سوري جا سينگار

 

سوري نھ سينگار تن جو

 

*

 

پيرن برابر پرينءَ ڏي

 

نانگو ٿي نيو

پر سر سڄڻ کي پانھنجو

 

قربئون جھڪي ڪيو

ات پير نھ پڄي سگھيا

 

جت سر وڌي ويو

پير رھيا ئي پٺ تي

 

۽ ڳچي پاند پيو

پي پيالو عشق جو

 

سر کلي ٿيو کيو

سر ئي ويو سڄڻ وٽ

 

ات ٻيو نھ ڪو ٽيو

سر پاتو صديقي چوي

 

لالڻ وٽ ليو

اينھين ڪڏھن ٿيو

 

جو پيرن ٻڌو پٽڪو!

 

*

 

سچ پچ صديقي چوي

 

چڱا ھئن ٿا چون

تھ پيرن جايون پنھنجون

 

جن ۾ جتيون پون

پرين وھاري پاڻ سان

 

تھ بھ پير پري ئي ھون

ڪوڙ نھ ڪبو ڪڏھين

 

جو صحيح سمجھيوسون

سر سڄڻ جي سر سان

 

سدا، ڏٺوسون

چڳون تن جون چاھھ مان

 

وٺيو دلبر ڌون

سدائين سنڀرون

 

تھ ھنجھون حاصل سرن کي

 

*

 

سدائين سرن جون

 

جوٽون وھاڻا

سڄڻ جي سينن کي

 

سر ئي سيباڻا

چمن پيشاني پيار مان

 

پرين ٿا پاڻا

سچ پچ صديقي چوي

 

ٿين حبيبن ھاڻا

ماڻا ۽ ٽاڻا

 

انھن سان عجيب جا

 

*

 

جِتي سر کپت

 

ات قدم ڪپجي ڇا ڪندا!

سر جي اتي سوڀ ٿئي

 

جت پيرن جي نھ پڄت

سر، اتي صديقي چوي

 

جتي گھورون گھت

پرين پڇن نھ پيرن کي

 

سر جي وٽن وڻت

پير نھ ڪن پرڻ ۾

 

ڪڏھن ڪابھ ڪپت

پر پيرن سندي پت

 

سر ئي سدائين ٿو رکي

 

*

 

سسن جي سدا ٿئي

 

رڻن ۾ ئي راند

پير وڍجن تھ پري پون

 

سسي پوي پلاند

سچ پچ صديقي چوي

 

وقت نھ ڏي ويساند

ھڻيو ٿي ھنڌ ڪري

 

سسي نھ وڃي وڙواند

اھا اصلئون آھھ ڪا

 

خاوند سندي خاند

تھ سسيون نيزي پاند

 

ڌڙ ويچارا ڌوڙ ۾

 

*

 

ڏاھپ سان ڏولي

 

جاني جوٽون ڪري ڏنيون

ويھي ڪيئين ورونھن سان

 

ٻاجھاري ٻولي

اسان اڳ ۾ ئي تھ پي

 

ڳالھھ اھا ڳولي

سدا ملي سر کي

 

جانب جي جھولي

طالب مولا ڪو ڀڃي

 

ھي پرجھي پرولي

توڙي ھئا منجھھ ھولي

 

تھ بھ ڦٽيل پير پري رھيا

 

*

 

پيرن ڇيھھ ڇنا

 

تھ بھ پھچن در دوست جي

سرن اچي آستان تي

 

سجدا سو ڏنا

سروھھ سوري کان وري

 

ڪڏھن ڪونھ ڊنا

موٽن مورھئون ڪين ڪي

 

سينگارين سنا

ڪوجھا جي ڪنا

 

تھ بھ سڄڻ جا صديقي چوي

 

*

 

جڏھن پير پرڻ کان

 

مورھئون ٿيا مجبور

پھچايئون نھ پنھنجي

 

منزل تي مھجور

ڏنئون جواب جنبڻ کان

 

سانجھي ۽ سحور

منٿون مڃيئون ڪين ڪي

 

۽ مڙيا نھ ھو مور

تھ سر سرڻ ئي لڳو

 

پھتو پھريين پور

اگھيئين ھلي آستان سان

 

نراڙ وارو نور

ھو ويچارو وھڻ کان

 

ويو ٿي وھلور

قرب مان قريشي چوي

 

ڪيائين ڪلور

حاصل ٿيو حضور

 

طالب مولا تڏھين

 

*

 

عاشق ھلن ابتا

 

مورھئون مٿي ڀر

سر ڀر سڌا ٿا وڃن

 

دلبر واري در

پيرين پنڌ وساريئون

 

مرڳو ڇڏي مگر

قرب مان قريشي چوي

 

وڃڻ جي ڪن ور

پارين ٿا پرت جي

 

پيغمبراڻي پر

سريو ڪن ھو سر

 

منزلون محبوب جون

 

*

 

سپر سڀڪوئي ڪري

 

ڪپر ڪري ٿو ڪو

پيرن ساڻ تھ پنڌ ۾

 

ھرڪو ھلي ٿو

جنھن پيرين پنڌ وساريو

 

سو صادق ۽ سچو

طالب مولا توڙ ڪري

 

جيڪو جاني جو

سر جنھين جو سٽ ۾

 

سر ڀر سري سو

مڃائي مٿو

 

محبّت محبوبن کي

 

*

 

ڪٿي سير سرن جو

 

ڪٿي پيرن پنڌ

ھن جو سير سماء تي

 

ھنن ھي ئي ھنڌ

قريشي چئي ڪنڌ

 

قرب سان ٿو ڪپجي

 

*

 

سر کي چميون چاھھ مان

 

ڏين وھون ويچاريون

راتيون وھائن رمز ۾

 

سر سان سچاريون

سيءُ نھ سريتن کي لڳي

 

جن لئي سر ٿيا ستاريون

سر کي سينن تي رکي

 

ٻکجن ٻانھياريون

وٺن ساءُ سرير جو

 

سر ڏئي سوڀاريون

منھن تي رکي منھن کي

 

ڏين مٺيون موچاريون

طالب مولا جن ۾

 

طلب جون تاريون

سي ري سر سرچن ڪين

 

ڪي سدا سوگاريون

سر ڏنا جن سر کي

 

گل تنين گاريون

اھي سيني سمھاريون

 

سريتن صديقي چوي

 

*

 

سريتِيون سمن تي

 

سدائين سھڙن

سريتن جي سڪ ۾

 

رکي سر نھ سمھن

سريتا سريتن تان

 

صدقو سر ڏين

سريتا صديقي چوي

 

سر ڏئي سرچن

جي سر ڀر سري اچن

 

تن پيرن پنڌ وساريو

 

*

 

سريتن ۽ سريتن ۾

 

وڏا فرق ڦير

سريت سريتي ڪانھ ٿئي

 

اھا آھي ڪير؟

سريتيون لڀن لکن مان

 

سريتيون ڍيران ڍير

سريتن رڳي سونھن ٿي

 

سريتن ڀلا ڀير

سريتن جي صاف دل

 

سريتن من ۾ مير

سريتيون سر ڏين ٿيون

 

سريتون مڙئي خير!

سريتون ھلن حساب تي

 

نينھن جي ڪن نبير

سريتن کي صديقي چوي

 

حبيبن جي ھير

سريتن سر پير

 

سريتون ٿين سکڻيون

 

*

 

سريتون سو ھزار

 

سريتي ڪاڪا ٿي ٿئي

سريت ھرھر ڏي ھڏي

 

سريت پلپل پيار

سريت محڪم مال تي

 

سريت وفادار

سريت طالب طمع جي

 

سريت قرب قرار

سريت رڳو سمھڻ لھءِ

 

سريت سار سنڀار

سريت ٻي جو سر گھري

 

سريت سر ڏي يار

سريت پري پيرن سان

 

سريت ڀر ڪاپار

سريت فقط سامھون

 

سريت پرپٺ پار

سريت ڀلي سھڻي

 

پر سيرت جا نھ سينگار

سريت آخر ٿي ٿئي

 

ڌڪا ڏيو ڌار

ڄمي ڏي ڄمار

 

سريت صديقي چوي

 

*

 

پير ڳولين پنڌ ۾

 

وريو وريو واٽ

ڦٽجو ڦاڪون جي ٿين

 

تھ اٿڻ کان ڏين آٽ

سر ڪڏھين نھ سر ڪيا

 

جي قرب مان ٿيئن ڪاٽ

چڙھن نيزي نوڪ تي

 

تھ بھ اوچا انھن ڳاٽ

سچ پچ صديقي چوي

 

ڪڏن جئن ڪنواٽ

لڏن نھ اڳيان لاٽ

 

مٿا مٿيرن جا

 

*

 

مدامي منصور جان

 

سرويچ ئي سڏجن

سر ھميشه حق تي

 

ڪڏيو ٿا ڪپجن

سر جِتي ڏين سجدا

 

پير اتي نھ پڄن

پيرن پڇا ناھھ ڪا

 

سر اطاعت ڪن

سردارن جي سٿ ۾

 

پير نھ پڳ ٻڌن

وڻن ڪنھن کي ڪين ڪي

 

جي اگھاڙا ٿين

سر اگھاڙا سڀين پرين

 

ٺھيو ٿا ٺھن

ڪانگيون ڪلاھون ڪڏھين

 

پيرن ۾ نھ پون

قرب سان قريشي چوي

 

سڀڪي سر سھن

جھڪن جانب اڳتان

 

تھ بھ ھنجن منجھھ ھجن

پيرن پنڌ وساريو

 

ڏسي سرڻ سرن

تن لئي طالب تڏھين

 

سڄڻ روز سڪن

ٻنھي ٻانھن وچ ۾

 

سھڻن وٽ سونھن

ٿا گفتا گوءِ کڻن

 

سچ پچ صديقي جا

 

*

 

پيرن کي پريت جا

 

اصلئون آھن انڌ

ھلن ات ھو ھيج مان

 

جت حبيباڻا ھنڌ

نماڻن نصيب ٿيا

 

رڳي پراڻا پنڌ

پر قبول پون ڪنڌ

 

سڄڻ وٽ صديقي چوي

 

*

 

پيرن پنڌ گھڻا ڪيا

 

حبيب وٽ ھلي

پِرين جي پيزار جي

 

سرن مٽي ملي

سورن جي صديقي چوي

 

سرن ڳالھھ سلي

ھڻي انھن ھنڌ ڪيو

 

رمزن منجھھ رلي

سر ٿيا جي صدقي

 

تھ جاني جھول جھلي

ھي ھلي ڪا چلي

 

ٿين پير پرينءَ تان صدقي!

١ ۽ ٢ مارچ ١٩٦٧ع

اسلام آباد

راولپنڊي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org