|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 20 |
|
|
[39]
ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي!
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
آھي چريائي |
|
ڪڏھن ڪبي ڪانھ ڪا |
|
حقيقت ھوائي |
|
مورھئون متان تون ھجين |
|
صفا سودائي! |
|
سچ ٿو صديقي چوي |
|
طالب مولائي |
|
ناھي ڪڏھن ڪائي |
|
ڪنھن کي خبر ڪنھن جي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
چريائي آھي |
|
ڪھڙو پتو ڪنھن کي |
|
ان سان ٿيو ڇاھي! |
|
متان اھي عشق ۾ |
|
ويا لاڳاپا لاھي! |
|
طالب مولا ھو متان |
|
پيو نينھن نباھي! |
|
چئي نوحاڻي ناھي |
|
ڪنھن کي خبر ڪنھن جي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
آھي وڏي چڪ |
|
متان ھڏ ھنن جا |
|
رلندي ٿيا رڪ! |
|
طالب مولا ڪا ھنين |
|
متان محبّت رڪ! |
|
ھي ٺڙي ڇڏج ٺڪ |
|
تھ ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
ھي ڳالھھ ئي اجائي |
|
متان پيتئون پريم جي |
|
ڪا سرڪي سوائي! |
|
حقيقت ھن حال جي |
|
ڪنھن کي نا ڪائي |
|
شايد محبوبن ڪاڻ |
|
ٿيا آھن توائي |
|
اھڙي منزل محبّتي |
|
ھئي اسان تي بھ آئي |
|
متان دردن ھن کي |
|
ڇڏيو کپائي کائي! |
|
طالب مولائي |
|
ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
ڏاڍو آھي ڏوھھ |
|
سردي گرمي ھڪڙا |
|
لڱ اٿن ڄن لوھھ |
|
وڌي وين وجود ۾ |
|
محبوبن جو سوھھ |
|
طالب مولا ھن کي |
|
آھي طلبن سندو توھھ |
|
اھو آھھ اندوھھ |
|
تھ ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
ڏوھھ آھي ڏاڍو |
|
متان ھجين ڪو ڪاڍو |
|
ڪنھن کي خبر نھ ڪنھنجي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
ھي ڪم نھ ڪاملن |
|
متان سودا سڪ جي |
|
۽ محبّت اٿن من! |
|
تڏھن پيا طلب ۾ |
|
رڃون سڀ رلن |
|
مٿان تن جي مورڳو |
|
پيا ڪيئي کليو کلن |
|
ھو مڙئي محبوبن لاءِ |
|
سر تي ٿا سھن |
|
طالب مولا تن سان |
|
ھمدرديون ھجن |
|
اندر ڇا اٿن |
|
ڪنھن کي خبر ڪنھنجي! |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چوڻ |
|
خوف نھ خدائي |
|
پھرين ڏس تون پاڻ کي |
|
متان تون ئي توائي! |
|
سوچڻ سمجھڻ کان سوا |
|
ڌوڙ تھڙي ڇائي |
|
متان نھ چريو تون ھجين |
|
رک سمجھھ سجائي! |
|
طالب مولائي |
|
ڪنھن کي خبر نھ ڪنھنجي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چئي |
|
خلق نھ کلائين |
|
متان حقيقت پانھنجي |
|
ٿو ٻين ٻڌائين! |
|
سمجھھ وارن جي سامھون |
|
متان سنئون سڏائين |
|
طالب مولا ڌيان سان |
|
سوچج سدائين |
|
ڪڏھن پنھنجي پاڻ کي |
|
متان پڏائين |
|
سمجھھ رکج سائين! |
|
ڪنھن کي خبر نھ ڪنھنجي |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو چئي |
|
پاڻ نھ چريو ٿي |
|
سور پنھنجا پاڻ ئي |
|
پاڻھي ويٺو پي |
|
ھميشه ھلڻ جو |
|
اٿئي رستو اِي |
|
ڪنھن تان ڪين کلون ڪبيون |
|
قادر آھھ قوي |
|
نظر ڪندئي نبّي |
|
طالب مولا تڏھين |
|
|
* |
|
|
چرين کي چريو نھ چئو |
|
سامھون آھھ سميع |
|
ڪنھن جو ناھي ڪنھن سان |
|
خريف ۽ ربيع |
|
طالب! مولا جي اڳيان |
|
مدام رھج مطيع |
|
واحد اٿئي وسيع |
|
گھرج چڱايون چاھھ مان |
١٨-٩-١٩٦٨ع
٢٤ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
اسلام آباد
*
|
چرين ڪھڙيون چت |
|
سي تنين کي خبرون |
|
جي ھتِ ھوندي ھتِ |
|
سي ڪامل قريشي چوي |
|
|
* |
|
|
ڪھڙيون چت چرين |
|
سي تنين کي خبرون |
|
سرڪي سڪ سرين |
|
پر ۾ پنھنجي پيار جي |
|
|
* |
|
|
چرين ھڪڙيون چت ۾ |
|
ٻين آھن ٻيون |
|
پرينءَ کان تن پاکريون |
|
نيت ساڻ نيون |
|
وڃي ٿانيڪيون ٿيون |
|
طالب طلبون تن سان |
١٦-٩-١٩٦١ع
ھالا
*
[40]
ڇپر ۾ ڇڙيون
|
وڃ تون سج لھي |
|
تھ پير وڃائيان پرينءَ جو |
|
ويھي رھان واٽ تي |
|
متان پھچان ڪيچ ڪھي! |
|
جھوتون ڏيندي جبل ۾ |
|
وڃيم ڀل تھ وھي |
|
جو پاري سگھيس نھ پنھل سان |
|
جا مون پر ۾ ڳالھھ پھي |
|
ڪھڙي منھن محبوب جا |
|
سھما سگھنديس سھي! |
|
طالب مولا محب جي |
|
روح ۾ ڳالھھ رھي |
|
ڀل صدما سور سھي |
|
پھچان پوءِ پنھونءَ کي |
٧-٨-١٩٥٥ع
پيٽھڙو
*
|
سسئي سان سورن جا |
|
عشق ڪيا آزار |
|
جانبُ جت وٺي ويس |
|
ٿيا ڪيچي سڀ قھار |
|
وٺي واٽ وھي ويا |
|
ڪرھا ڪري قطار |
|
اوٺن ڪيا ڪينڪي |
|
اوڳي لئي آچار |
|
طالب مولا تن لاءِ |
|
پلپل ڪڍيائين پار |
|
تن کي ڪھڙي خبر چار |
|
جن عمر اٺ ٿي چاريا! |
١٣-١٢-١٩٥٤ع
پينگھارو
*
|
اٺن ڪين اٿاريس |
|
موڳن ماٺ ڪئي |
|
پنھل سندي پرڻ جي |
|
پروڙ ڪانھ پئي |
|
اٿي تھ ان کي اندر ۾ |
|
لاتي طلب تئي |
|
جھلئي جھل نھ ڏنئين |
|
ھئي محبّت منجھھ مئي |
|
وئي ڙي وئي |
|
واڪا ڪندي ور ڏي |
٤-١-١٩٥٥ع
ٿاڻو بولا خان
*
|
حجت پائي ھوت ڏي |
|
جي ھلڪيون ٿيون ھلن |
|
سي رسن ڪين راز کي |
|
پيون رندن تي رلن |
|
طالب مولا محب سان |
|
محبّتيون ملن |
|
سي کليو ۽ کلن |
|
جن عاجزي اجھو ڪيو |
١٧-٤-١٩٥٥ع
ھالا
*
|
ڏونگر ڏکويينم |
|
جو سکن ۾ سمھي رھيس |
|
سکن ساڙي ڇڏيس |
|
تھ ڏک وڏا ڏيينم |
|
پنھل ري پرديس ۾ |
|
متان ٿوپ ٿيينم |
|
رندن ۾ رڙن ڪندي |
|
رلايو رلايينم |
|
پِٿون پير ڪريينم |
|
جو سڄڻ سنڀاليم ڪينڪي |
٥-٧-١٩٥٥ع
عبدالحڪيم ٻرڙي جو ڳوٺ
*
|
ڀلي ڏک ڏٺام |
|
سڄڻ ري سنسار ۾ |
|
پنھل پاھون ويو ھليو |
|
تھ گوندر اچي گڏيام |
|
جبل ڀلي جاڙ ڪئي |
|
جو نينھن ۾ ننڊ ڪيام |
|
سنجھي سنڀاريم ڪينڪي |
|
تھ ھتان ھوت ويام |
|
تڏھن سور سٺام |
|
جو سمھي رھيس سيج تي |
٧-١١-١٩٥٥ع
ھالا
*
|
ڀلي ور ويو |
|
ڏئي ڏھاڳ ڏکن جو |
|
سک وندي سان سيگھھ ۾ |
|
ڀل ڪيچن قھر ڪيو |
|
نيو ڙي نيو! |
|
عشق آري ڄام جي |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
٢٥ صفر ١٣٧٧ھھ
پکا شريف
*
|
ديسي تھ سڀڪنھن سيڻ |
|
ڪجن پرديسي پرين |
|
روئڻ روز انھن لاءِ |
|
نھاري نھاري نيڻ |
|
ورھھ وارا ويڻ |
|
پيا سيبائن ساھھ کي |
١٠-٣-١٩٥٦ع
ڳوٺ صوفي
صبح ١٠ بجھ
*
|
پنھنجو ڪن نھ ڪن |
|
پرين پنھنجا مون ڪيا |
|
ڪڏھين من ھو قرب مان |
|
ڏکي ڏي ڏسن! |
|
محبّت ساڻ محبوب سي |
|
واري واڳ ورن |
|
طالب مولا طلب جا |
|
ٿا دل ۾ دود دکن |
|
ھن کي جن نھ ڪن |
|
مون کي عشق اليل ڪيو |
٢٠-٩-١٩٥٢ع
ھالا
*
|
منھنجا ٿين نھ ٿين |
|
پرين پنھنجا مون ڪيا |
|
ڪنديس ورھاڙو ور تي |
|
ميڙيون مان مڃين! |
|
ويھي شل ڪنھن ور ۾ |
|
ساڻم سور سلين! |
|
ڏيئي پاند پريت جو |
|
ڍڪڻ ٿي ڍڪين |
|
طالب مولا تھدليئون |
|
جانب سام جھلين |
|
ڏکي کي ڏسين |
|
من پرين وجھھ پرچائڻ جا! |
٢٠-٩-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
منھنجا ٿيا ڪينڪي |
|
پنھنجا پرين ڪيام |
|
رلندي رلندي رندن تي |
|
گذري ڏينھن ويام |
|
سکن سنگت ڇڏيو |
|
۽ ساڻي سور ٿيام |
|
گوندر اچي گڏيام |
|
طالب مولا طلب ۾ |
٢٠-٩-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
ڪنبدي ڪنبدي ھل تون |
|
اڳيان اٿئي ڪيچ |
|
مٿو متان مٿي کڻين |
|
ھيڻي ٿيجئين ھيچ |
|
جنھن سان پاتئي پيچ |
|
سو ڏاڍو اٿئي ڏيھھ ۾ |
٦-٧-١٩٥٥ع
ڳوٺ جمان، تعلقھ شھدادپور
*
|
سورن مون کي سرتيون |
|
ڀينر ڪڍي ڀڃ! |
|
مورھئون ناھھ مين لاءِ |
|
مئن وٽ ڪا مڃ |
|
ھتان حبيبن موڪلي |
|
ڄيرن سندي ڄڃ |
|
ھلي آيا ڪين ڪي |
|
جو ڳالھين ڪريان ڳڃ |
|
تڏھن سختن جي ڪيئون سڃ |
|
جڏھن طالب ھيس تن جي |
|
|
* |
|
|
طالب ھيس تن جي |
|
تڏھن ھيڏيون ڪيون ھن! |
|
پراين کي پرت مان |
|
ڪي ئي ڪين پڇن |
|
پنھنجن مٿي پيار جا |
|
ايڏا بار اچن! |
|
ڪوڙيون ڪڏھن ڪينڪي |
|
سھندا بار سھن |
|
جي مٺيون محبوبن |
|
سي پاڻھي ڪيئون پانھنجون |
|
|
* |
|
|
آھون ۽ دانھون |
|
ندا ناھھ نجيب جي |
|
مطلب آھھ مٺي جو |
|
تھ اچن اوراھون |
|
طالب طلبن واريون |
|
روز ڏسن راھون |
|
ٻئي کڻي ٻاھون |
|
ٿي سڏيان ھوت حبيب کي |
|
|
* |
|
|
متان ڏئي ڪي مھڻا |
|
مئي کي ماريو |
|
اٿو ھمدردي ھن سان |
|
تھ ور وڃي واريو |
|
ميون! نھ تھ ماٺ ڪري |
|
گھر ھلي گھاريو |
|
اوھين سکن واريون |
|
نھ لايو، نھ پاريو |
|
طالب چوي طلب ۾ |
|
منھنجي سڪ سڄڻ ساريو |
|
اوھين ويتر وھاريو |
|
آئون ھرگز وھان ڪينڪي |
|
|
* |
|
|
اوھين وھڻ واريون |
|
ھلڻ واري ڪام |
|
سنڀالي سرتِن کي |
|
سوين ڏجو سلام |
|
آنءُ ٿي وڃان ور ڏي |
|
ھڻي وڏي ھام |
|
مون لئي شام صبوح ٿيو |
|
۽ صبوح آھي شام |
|
اِھي اوھين ۽ عام |
|
آئون طالب آھيان تن جي |
١٢-٨-١٩٦١ع
لاھور
*
|
پنڌ مڙوئي پنڌ |
|
پر پرينءَ وارو پنڌ ٻيو |
|
سي ڪين پھچنديون ڪيچ کي |
|
جي ھتان پڇن ھنڌ |
|
ڪھنديون اھي قرب سان |
|
سگھو نھ جنين سنڌ |
|
ٿينديون واصل ور سان |
|
جن کي عشق وارو انڌ |
|
ڪٻڙو جنين ڪنڌ |
|
سي نھ وڃائن واٽ کي |
١٣-٣-١٩٥٨ع
کپرو
*
|
ھلو، تھ ڏيکاريانو |
|
ھوت ٻاروچل پنھنجو |
|
جيڪو آھي جوءِ ۾ |
|
ڇپر سڄي جي ڇانو |
|
ميون اوھين بھ مست ٿيو |
|
اھڙو ھو اٿانو |
|
پر ڀلي اوھين بيھي رھو |
|
نٿي آنءُ نيانو |
|
ٿيو نھ عاشق ان تي |
|
آنءُ رقيب ٿي رھانو |
|
طالب چوي طلب ۾ |
|
جي ڪا چاٽ چکيانو |
|
جي ھڪڙي ڏينھن ڏٺانو |
|
تھ ھليون سڀيئي ھوت ڏي |
|
|
* |
|
|
پيو ڪانھ ڪڙي |
|
ڪڏھين ڪا قرب جي |
|
نھ تھ ھلو ھا ھوت ڏي |
|
عاشق ٿي اڙي! |
|
گھر ۾ گھاريو ڪيم ھا |
|
گوندر جي گھڙي |
|
آنءُ وينديس پنھنجي ور ڏي |
|
لڪن ساڻ لڙي |
|
جو جانب پنھنجي جِي جي |
|
جِي ۾ ميخ جڙي |
|
طالب آھيان تنھنجي |
|
سورن منجھھ سڙي |
|
پڙي جي نھ پڙي |
|
تھ بھ رڙھندس انھي راھھ ۾ |
١٣-٨-١٩٦١ع
لاھور
*
|
جھليو ڪيم جيڏيون |
|
ٻيھر مون کي ٻڙيون! |
|
ڪوھياري قلب ۾ |
|
پاتيون قرب ڪڙيون |
|
ڪم نھ ڀايان قيام کان |
|
گوندر جون گھڙيون |
|
ھو ٻٽي ٻاھر نڪتا |
|
چانگن جون چڙيون |
|
آنءُ گھاريان ڪئن گھنگھر ۾ |
|
سوريتي، سڙيون! |
|
ڇو ٿيون ڏيو ڇوھھ مان |
|
طالب کي تڙيون! |
|
ڏونگر ڏورڻ آئيو |
|
ڪندس رڃن ۾ رڙيون! |
|
ڪندو ڪھل ڪٺي تي |
|
آري ڄام اڙيون! |
|
نھ تھ بھ ڇپر منجھھ ڇڙيون |
|
ھڻندس ھوت پنھونءَ لاءِ |
١٣-٨-١٩٦١ع
لاھور
*
|
|
نئون
صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|