|
|
سيڪشن؛ شاعري |
ڪتاب:
ڇپر
۾ ڇڙيون |
باب:
1 |
صفحو :1 |
|
ڇپر ۾ ڇڙيون |
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ |
[1]
ھادي آھي ھڪڙو
تڏھن بھ ھڪ الله ھو |
|
جڏھن ڪجھھ نھ ھو |
جڏھن ھوندو ڪين ڪي |
|
تڏھن بھ سو ئي سو |
”وحده لاشريڪ له“ |
|
ثاني سندس نھ ڪو |
صحيح آھي سمجھيو |
|
طالبُ! مولا تو |
اھو ئي اھو |
|
ھادي آھي ھڪڙو |
٩-١٢-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
اڄ بھ اھو ئي آھھ |
|
جيڪو ھئو اڳ |
ھئڻ رڳو ھن جو |
|
جلوو آھي جڳ |
قرب ۾ ڪلتار جي |
|
مانجھي ٿيجئين مڳ |
طالب مولا مرد ٿي |
|
وٺ داور وارو دڳ |
نھ لڀندين ساڳيو سڳ |
|
جي پاسي ڪندين پاڻ کي |
٩-١٢-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
ھادي سو، حڪيم سو |
|
مالڪ سو، مختار |
رازق سو، رحيم سو |
|
جابر سو، جبّار |
اڳ بھ سو، پوءِ بھ سو |
|
اڙين جو آڌار |
”الله الغني و انتم الفقرآءُ“ |
|
سو ئي سو سردار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڪر وحدت جو واپار |
قادر سو ڪلتار |
|
قائم دائم ڪل تي |
١٠-١٢-١٩٥٥ع
ميرپورخاص
*
بقا ھڪ الله کي |
|
ٻيو سڀ فنا |
ھستي فقط ھن جي |
|
انسان سندس ادا |
ھو جبّار جل جلاله |
|
جائي جلوه نما |
’اِن الله عليٰ کل شيءِٕ قدير‘ |
|
صفت سندس سدا |
سڀئي سطوت ان جا |
|
گولا ۽ گدا |
اڳيان ان جي ڪا |
|
ڪانھي طاقت ڪنھن جي |
١٥-١٢-١٩٥٥ع
ڪرم نظاماڻي
*
الله ئي الله |
|
ٻيو سنڀران ڪين ڪي |
ڪن ۾ ٻانگي ٻانگ سان |
|
ڪيو آواز اِلاّالله |
مادر مون معصوم کي |
|
چيو لولي ۾ الله |
ڪونھي ٻيو ڪريم ري |
|
ھو شاھن سندو شاھھ |
آھي ان جي امر ۾ |
|
سفيد ۽ سياھھ |
ھادي سو ھمراھھ |
|
ھردم آھي ھڪل ۾ |
٢٦-١٢-١٩٥٥ع
ڪرجات
*
|
|
قدرت جنھن جي قديم |
”ڪل شيءٕ محيط“ سو |
|
حاذق اھو حڪيم |
قائم ذات قدير جي |
|
آھي پاڻ عليم |
قادر اھو ڪريم |
|
قائم ڪائنات ۾ |
٢٨-١٢-١٩٥٥ع
ڪرچات
*
صفتون سو ھزار |
|
ذات آھي ھڪڙي |
ڪار فرما ڪريم ٿيو |
|
انسان سڀ اوزار |
ھلايو حڪمت سان |
|
قدرت کي ڪلتار |
ڪافي قرب انھي سندو |
|
ٻي محبت ئي مردار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڪر نوڙت ساڻ نھار |
ڏس عبرت جا آثار |
|
حسن قبح ۾ ھڪڙا |
١-١-١٩٥٦ع
ھالا
*
دوا اھو، دارو اھو |
|
طاقت اھو، طبيب |
طالب مولا تنھنجو |
|
حاذق اھو حبيب |
قادر آھي قريب |
|
پر ڏسڻ کان ڏور ٿيو |
١-١-١٩٥٦ع
ھالا
*
ھلي ھر ڪنھن جاءِ تي |
|
فائق جو فرمان |
انسان مان حيوان ڪري |
|
حيوان مان انسان |
پري ڪونھي پاڻ کان |
|
مالڪ جو مڪان |
”ڪل شيءٕ يحرڪ“ ۾ |
|
غير نھ ڪو گمان |
سبحان ئي سبحان |
|
ٻيو سر ۾ سجھي ڪونھ ڪو |
١٠-١-١٩٥٦ع
تعلقو کپرو
*
جنھن ”ڪن“ چئي ڪل جوڙيو |
|
تنھن واحد کي واکاڻ |
وحدت جي ويساه سان |
|
وجود پنھنجو واڻ |
ڪر اتبار احد تي |
|
ايمان اِتي آڻ |
ڪافي تو لئي ڪريم ٿيو |
|
ڇرڪين ٿو ڇاڪاڻ |
در ھڪڙو ديک تون |
|
ٻي جي ڪڍ نھ ڪاڻ |
تون تيڏانھن ئي تاڻ |
|
طالب! مولا جنھن طرف |
٢٥-٧-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ڏسڻ کان جو ڏور |
|
سو ويجھو آھي وجود کان |
ڪک پن ۾ ڪريم جو |
|
نسورو ئي نور |
ذرڙو ذرڙو، ذرڙو |
|
لئي ڪاملن ڪوه طور |
جو ڏسي نٿو ڏيھھ ۾ |
|
تنھن قلب جو قصور |
دريون دنيا واريون |
|
پھرئين پٽي پور |
طالب مولا ڄاڻ تون |
|
ھر جا اٿئي حضور |
ھو دل کان ناھي دور |
|
ھردم آھي ھنج ۾ |
١٦-٥-١٩٥٦ع
ڪراچي
*
پري ڇو پلاڻيين |
|
واحد اٿئي ويجھو |
”ونحن“ واري ويڙھھ ۾ |
|
وار بھ نا ويڇو |
آھي سوئي سو |
|
در تون پور دوئي جا |
٢١-٥-١٩٥٦ع
ھالا
*
جو پري ناھھ پساھھ کان |
|
تنھن واحد کي ئي وٺ |
ڪڍي ڇڏ قلب مان |
|
ھستي وارو ھٺ |
طالب مولا طلب ۾ |
|
ڪر ڪلمي سان ئي ڪٺ |
من مان ڪڍي مٺ |
|
مولائي تون مرد ٿي |
١٩-٦-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
ھادي سوئي ھڪڙو |
|
ٻولي ڪبي نھ ٻي |
وحدت جي واپار ۾ |
|
ٿيبو مرد مچي |
”قل ھوالله“ ۾ قادر جي |
|
آھي صفت سڄي |
واحد جي وحدت جي |
|
ڪھڙي ڳالھھ ڪبي! |
ھلي ڪا چلي |
|
دوئي واري جي دنيا ۾! |
١-٩-١٩٥٦ع
ھالا
*
”وحده لا شريڪ له“ |
|
ويجھو اٿيئي |
”ماسويٰ“ کي مرد ٿي |
|
ڏھاڳ ڇڏ ڏيئي |
قدرتون ڪريم جون |
|
قلب ۾ ڪيئي |
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڇڏ نرت اتي نيئي |
پڪ اٿئي پيئي |
|
عاشق ”اِلا الله“ ۾ |
١-٩-١٩٥٦ع
ھالا
*
عاشق ”اِلا الله“ ۾ |
|
اٿئي واحد جو وصال |
سا صيقل ھڻي صاف ٿي |
|
ڪر قرب منجھھ ڪمال |
تھ پسين جل جلاله جي |
|
جلوي جو جمال |
ڪر اطاعت ان جي |
|
خاصو رکج خيال |
تھ ھادي ٿيئي حال |
|
طالب مولا طلب ۾ |
١-٩-١٩٥٦ع
ھالا
*
آڻج ”اِلاّالله“ سان |
|
الله تي ايمان |
رھبر ٿيندئي راھھ ۾ |
|
ڪلمو ۽ قرآن |
ھادي جي حڪمت ۾ |
|
ھرڪو ئي حيران |
ناھي زور زبان کي |
|
ڪري باري جو بيان |
قرآن ۾ ڪريم جو |
|
شائق پس تون شان |
جيڪي لکيم جي سان |
|
سو بھ آگي جو احسان |
طالب مولا طلب ۾ |
|
دوئي کان رک ڌيان |
ھڪڙو اٿئي حنان |
|
شڪ نھ آڻج شرڪ جو |
١-٩-١٩٥٦ع
ھالا
*
شائق شڪ نھ آڻجئين |
|
شڪ جو ٿين نھ شڪار |
ھادي ھڪڙو مڃ تون |
|
جل جلاله جبّار |
شرڪ نھ ڪجئينس شان ۾ |
|
قادر اٿئي قھار |
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڪر احد تي اتبار(1) |
ٿو سمجھي سڀ ستّار |
|
ڪيفيتون قلب جون |
٨-٩-١٩٥٦ع
ڪراچي
*
آھي ھڪ الله |
|
حاڪم سو حڪيم |
ھر ھنڌ اٿئي ھڪڙو |
|
مالڪ ئي مقيم |
قائم آھي ڪل تي |
|
مولا مستقيم |
”الله الغني و انتم الفقرآءُ“ |
|
اھوئي عظيم |
طالب مولا آھھ سو |
|
عالم پاڻ عليم |
ڪريم ئي ڪريم |
|
قادر آھي ڪل تي |
١٥-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
قائم دائم ڪل تي |
|
خالق خلقڻھار |
ڪونھي ٻيو ڪريم ري |
|
مالڪ ۽ مختار |
ڪر اطاعت ان جي |
|
بندا نھ ٿي بيڪار |
سڌو ھل سائينءَ سان |
|
آھي ستّار ۽ غفار |
ھو ڍڪي ٿو ڍڪڻ ٿي |
|
عاصي عيبدار |
طالب، مولا کان نھ وجھھ |
|
وٿي ھڪڙو وار |
اصلوڪو اقرار |
|
پاڻا پارج پرت سان |
١٧-٩-١٩٥٦ع
حيدرآباد
*
گھڻو سارج ساه سان |
|
سبحان سنجھھ صباح |
آھي قرب ڪريم جو |
|
محبت جو مفتاح |
”فاذڪروني اذڪرڪم“ |
|
فڪر ڪاڻ فلاح |
مڙئي آھھ مباح |
|
محبت جي ميدان ۾. |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکاشريف
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ڪتاب جو مهاڳ --
ٻئي ڇاپي جي
ناشر طرفان --
ناشر طرفان
ٻه لفظ --
ڪتاب جو
مقدمو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|