مھاڳ
ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ڇپجي آھي رھيو، ٻي ڀيري بھ، ان
۾ ڪيا ويا آھن ٻھ طريقا اختيار. ھڪ ”اکن پيرن“
وغيره جي داستانن سان ”رمزون آھن روح جون“ داستان
کي ملايو آھي ويو ۽ ھڪ ٻيو ڪم ھي تھ سنڌ يونيورسٽي
جي ھڪ جمالي شاگرد، جنھن جو اڳتي ايندو ذڪر، ان جي
موجب چوڻ تھ سندس خيال ۾ جيڪي ڏکيا آھن لفظ، انھن
جون معنائون سمجھاڻي معمولي سان لکجن جيڪي اچن
سمجھڻ ۾. آھي اميد مون کي وڏي تھ ڪيل ذڪر وارو
ڪتاب جيڪو آھي ھٿن ۾ اوھان جي اھو پسند ايندو
اوھان کي ۽ ڏاڍو وڻندو.
خيال آھي نون شاعرن ۽ ڪجھھ غير شاعرن جو منھنجي
واسطي اڄڪلھھ ھي، تھ زبان فارسي زياده استعمال
ڪريان ٿو ائون؛ موزون شاعري ۾ پنھنجي. موجوده دور
۾ جيڪڏھن ماڻھو نٿا سمجھن زبان فارسي تھ ڏوھھ
فارسي جو ڪھڙو. ٻيو تھ نٿي پڙھائي وڃي فارسي
اسڪولن ۾، تھ پوءِ ناھي قصور انھن شاگردن جو بھ.
لکندڙن کان ٻڌان ٿو اڄڪلھھ نظم توڙي نثر ۽ پڙھان
ٿو رسالن ۾ ھندي ۽ سنسڪرت زبانن جا لفظ ڪيئي ۽
جملا، جي ڪيا وڃن ٿا استعمال سنڌي ۾ آل جال. ڇا
استعمال انھن لفظن جو ناھي اعتراض جوڳو؟ طريقو
بھترين آھي ھي، تھ زبان جيڪا ڳالھايون ٿا روز،
منجھھ گھر ۽ ٻاھر گھر کان، ڇو نھ زبان ان ۾ لکون
نظم ۽ نثر وغيره، جئن اڄڪلھھ لکجڻ ٿي ويو آھي
شروع.
شاعري عروضي، جيڪا پاڪ ۽ ھند ۾ ڪيئي صدين کان پئي
ٿي ڪئي وڃي، جا ٿي وئي آھي عام مقبول، ان کي نھ
ڪبو فارسي سان جيڪڏھن مرصع (رنگين ۽ خوبصورت) تھ
لڳندي ڦڪي ڦڪي.
شيخ اياز جا لکيل ھيٺ پڙھندا غزلن جا شعر ڪجھھ
ڏسندا ۽ ڪندا غور انھن تي تھ ڪيئن نھ آھن سينگاريل
فارسي سان. ٿئي ٿي بيحد خوشي انھي تي تھ شيخ صاحب
بھ آھي غزل گو بھترين شاعرن مان شاعر ھڪ.
١. مونس ماھتاب آھيان مان
ڪنھن پرندي جو خواب آھيان مان
٢. خالق ڪائنات ڏس تنھنجي
جستجو جو جواب آھيان مان
*
١. خار زار حيات ۾ رقصان
پنھنجي خوشبو جو ڪاروان آھي
٢. اي تصور سندم تڏي تي اچ
ڪنھن پکڙي جي ڪھڪشان آھي
*
١. اي اکئون پياريون اکئون اڄ بيحساب
منھنجي تشنھ روح تي اوتيو شراب
٢. عاشقي ۾ روح کي آزاد رک
جسم جو زنجير آ دور شباب
٣. حور و غلمان ۽ طھورا ٿو رکين
عرش وارا تون بھ گھٽ ناھين جناب
*
١. اجھو دارو رسن جو ڪو پيام آيو
ملي اڄ زلف جانان سان صبا آھي
٢. زمين جي تشنھ لب جنت پڪاري ٿي
ڪٿي ھو باد و باران جو خدا آھي
(ڀؤنر ڀري آڪاس)
ڪافين ۾ منھنجي، لفظ ۽ جملا فارسي، محاورا،
استعارا، اشارا ۽ تشبيھون وغيره آھن بلڪل. ڪي
ڪافيون تھ زبان فارسي جي آميزش سببان ڪن ٿيون رنگ
غزل وارو پيش، جيڪي پڙھندا منھنجي ڪتاب ”بي پير
اکيون“ ۾.
سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد ھڪ، نالي غلام علي جمالي
بي-ايس- سي (آنرز) روم نمبر ٧ انٽرنيشنل ھاسٽل مان
٣-٥-١٩٧٧ع ۾ منھنجي ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جي گھڻن ئي
سنڌي لفظن جو نوٽ بڪ ڀري آھي موڪليو ۽ آھي لکيو ان
۾ تھ انھن لفظن جون معنائون ڪتاب مذڪور جي ڇاپي ٻي
۾ لکان ضرور. پڙھندا جمالي صاحب جو خط اھو ۽ ڏسندا
ڪتاب جي آخر ۾ لفطن جون معنائون.
خط
٧- انٽرنيشنل ھاسٽل يونيورسٽي
٣-٥-٧٧ع
سلمه ربَ تعاليٰ
عالي جناب پير حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
السلام عليڪم: خيريت طرفين خيريت.
عرض حال تھ توھان بزرگن جي شعر جو مجموعو ”ڇپر ۾
ڇڙيون“ بنده جي نظر مان گذريو. حد درجي جي خوشي ٿي
تھ ھڪ پير جي دماغ اسان جي سنڌي ادب کي جيڪا سگھھ
بخشي آھي جيڪا مکڻ ۾ ماکي وانگر آھي. بيت تمام سٺا
آھن ۽ ڪافيون تمام پياريون ڏنل آھن انھن ۾ لفظ اصل
سنڌي جا ڪافي ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي اڄوڪي شاعرن جي
شعر ۾ گھٽ آھن. ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۾ اھا ھڪ وڏي
ڳالھھ ڏسڻ ۾ آئي تھ ھرھڪ شعر جي ھيٺان تاريخ ۽ ھنڌ
ڏنل آھي. اھا حقيقت ۾ وڏي محنت جو نتيجو آھي.
توھان جي مجموعي ۾ مون کي ڪافي اصل لفظ ڏسڻ ۾ آيا
آھن. جيڪي عام ماڻھو جي لاءِ ڪجھھ دقت آھي جو اھي
سمجھي سگھن. ھونئن تھ توھان جي شعر کي عام ماڻھو
تمام آساني سان پڙھي ۽ سمجھي سگھن ٿا. جيئن تھ
نجيب – اشرف – عميق – گھرو يا اونھو – ھيجئون –
دليئون – مورھون – اصل مطلب تھ ڪافي لفظ آھن جن جي
معنيٰ جي ضرورت پوي ٿي. جيئن تھ محترم مرحوم علامھ
آءِ. آءِ. قاضي صاحب شاھھ رحھ جي رسالي پٺيان
ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون آھن جيڪي لفظ شاهھ
صاحب پنھنجي شعر ۾ چيا ھئا. ان ڪري منھنجو نماڻو
عرض آھي تھ توھان جي ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۾ معنائون ڏيڻ
گھرجن. اِن ڪم لاءِ توھان جي اجازت سان بنده توھان
صاحبن کي پنھنجي ٿوري علم سان اِھي لفظ معنائن
سميت چونڊي روانھ ڪريان جيڪي توھان پنھنجي ايندڙ
ايڊيشن ۾ شايع ڪريو.
مھرباني
توھان جي جواب جو انتظار رھندو
بنده غلام علي جمالي
ائڊريس
غلام علي جمالي – شاگرد بي –ايس- سي (آنرز)
روم نمبر ٧ انٽرنيشنل ھاسٽل
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ
شاعر ھر ڪنھن کي وڻندو آھي ڪلام پنھنجو ۽ چاھيندو
آھي ھي، تھ ڳائڻو فقط ڪلام سندس ئي ڳائي ويٺو.
تنھن ڪري آئون بھ ڪلام پنھنجو ئي ٿو ڪريان پسند
جنھن ۾ ڪيتريون ئي آھن خوبيون بھ.
ٻين ڪيترن ئي صاحبن جو آھي اعتراض تھ آئون شاعري ۾
پنھنجي بلبل ۽ گل، ميخاني ۽ مي، مينا ۽ ساغر، شاھد
۽ ساقي وغيره وغيره جو ئي ڪريان ٿو ذڪر. حقيقت آھي
ھي تھ مضمونن انھن جي پردي ۾ لاٿي وڃي ٿي کل ابتي،
آمرن ۽ ظالمن جي، ڪٿي ڪٿي ۽ ڪڏھن ڪڏھن مضمونن انھن
کي خوبصورتي سان لکڻ بھ فن آھي عظيم ۽ شاعرانھ آھي
ڪمال – بقول غالب
ھر چند ھو مشاھده حق ڪي گفتگو
بنتي نھين ھي ساغر و مينا ڪھي بغير
طالب الموليٰ
١٦ محرم ١٤٠٨ع
١٠ سيپٽمبر ١٩٨٧ع
لنڊن |