|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 14 |
|
اکن مينھن وسايو
اکن مينھن! وسائيو |
|
اڃا ويھھ عجيبَ |
طالب مولا طلب ۾ |
|
نوان ڪري نصيبَ |
پسي متان پرين پوين |
|
لالڻ يار لبيبَ |
ھو ماٺ ڪن مجيبَ |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
اکن مينھن وسائيو |
|
ڪري ڪارونڀار |
اڃا وڃ نھ عجيب تون |
|
محب، مٺا، منٺار |
طالب چوي تن ۾ |
|
اڃا وسڻ جا وھنوار |
جڏھن ڏين وار |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
اکن مينھن وسائيو |
|
وسنديون سڄي رات |
منجھن ڪانھي مورھئون |
|
بس ڪرڻ جي بات |
طالب چوي تن کي |
|
تنھنجي آھي تات |
پرھھ ڦٽي پرڀات |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
اکن مينھن وسائيو |
|
وسنديون رات سڄي |
ويندين جي وسڪار ۾ |
|
تھ بيحد پونديون ڀڄي |
وڃ نھ، مٺا ويھھ تون |
|
لالڻ ڪر نھ لڄي |
ترس پِرين تڪڙا |
|
تھ وڃن ھي نھ ھڄي |
بادل کٽن کڄي |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
اکن مينھن وسائيو |
|
چؤڦير آھي چِڪ |
طالب چوي طلب جي |
|
تڙ مان پيون تڪ |
سڄڻ لاھيون سڪ |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
اکن مينھن وسائيو |
|
وڃڻ نھ جنھن جي وس |
اڃا ويتر وسڻ جا |
|
ارادا(1)
اٿس |
بيھھ تھ ڪري بس |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
اکن مينھن وسائيو |
|
گوڙ نڪو گھمسان |
اھڙي گونگي مينھن کان |
|
الله ڏي امان |
سڄڻ رھھ تون راتڙي |
|
اھو ڪر احسان |
نھ تھ ترسي پؤ طالب چوي |
|
مٺا ٿي مھمان |
اڇو ٿئي آسمان |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
ھڪ اکن مينھن وسائيو |
|
ٻي اوندھھ انڌوڪار |
ٿيو ماري منھنجي من کي |
|
تنھنجي وڃڻ جو ويچار |
چوٿون اويل آھھ عجيب ٿي |
|
پنجون پليو نھ ٿئي پيار |
ڇھون بي مدو نھ بس ڪندو |
|
وسڻ جو وھنوار |
جڏھن وڃڻ جو ڏي وار |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
بلڪل ڪندو نھ بس ڪا |
|
اھو مٺا مينھن |
رھي پؤ ھي راتڙي |
|
تھ نڀايون ڪو نينھن |
طالب مولا طلب ۾ |
|
شوق جو پاليو شينھن |
جڏھن ٿئي ڏينھن |
|
پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان |
٢٧-٩-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
ڳوڙھا ڳڙيو ڳلن تان |
|
ٿا منٿون مٺا ڪن |
ڪري قرب پانھنجا |
|
عجيب من اگھن |
منھنجي پاران مٺڙا |
|
ٿا توکي ھيئن چون |
ترسي پؤ طالب وٽ |
|
تھ سڪون سڀ لھن |
حبيب ساڻ ھٿن |
|
اگھڻ جو انعام ڏيو |
١١-٥-١٩٥٩ع
*
ھي لڙڪ منجھھ اکن |
|
ڄڻ سچا موتي سپ ۾ |
تن جا سوداگر سپرين |
|
ٿا وڏا قدر ڪن |
ھي بلڪل بازارن مان |
|
ڪنھن کي ڪين ملن |
نھ وڪجن وينجھار وٽ |
|
نھ ھٽن تي ھجن |
طالب مولا طلب ۾ |
|
جي ڪريو لڙڪ پون |
تن سھڻن ۽ سچن |
|
ملھھ مورھئون ناھھ ڪو |
٥-١٠-١٩٥٨ع
*
[19]
سار سنڀار
ڪري اٿيا اتر کان |
|
ڪڪر ڪارونڀار |
وسڻ سندا ويس ھا |
|
ٻيا منجھن سو سينگار |
مٿان ”ڪوه مري“ جي |
|
ڪيئون وارو وار |
ڪٿي ڇوھا ڇوٽ مان |
|
ڪٿي بوند بھار |
پھاڙن تي پرت مان |
|
ڪيئون وسڻ جا وھنوار |
پسايائون پيار مان |
|
ڪنوارن ڪاپار |
ھو ڊوڙي ڊڪي ڊيل جان |
|
ھليون ھوٽل ۾ ھڪوار |
جھڙيون ھرڻيون ھيج مان |
|
ڪن رمز ڀري رفتار |
ڪلھا ھڻي قرب مان |
|
شائق ڪيئون شڪار |
پاتل ڪجل ڪانيون |
|
نرمل ڪيئون نھار |
واٽھڙن تي ورھھ جا |
|
بيحد وڌئون بار |
ڪي وڻن ھيٺ ويٺيون |
|
ڪي دڪانن تي ڌار |
ڪئي نھ بس بيھڻ جي |
|
مٿائن ملھار |
پسي پاڻي ۾ پِين |
|
ڪپڙا قربدار |
بدن بَکيو تن مان |
|
چيلھھ ڪيا چمڪار |
ھو سمٽيو سوڙھيون ٿي ويون |
|
جي گوڙ ڪيا گجگار |
نھ ڄاڙي ڄاڙي سان ملي |
|
جو سي ڪيا سٽڪار |
ھوڏنھن گل گلاب جا |
|
ھيڏھن ھي دلدار |
ڏاڍا ڍو ڪرائيا |
|
ڏسڻ مان ڏاتار |
جڏھن بس برسات ڪئي |
|
تھ ھلڻ لڳيون ھيڪار |
نوري نظارن جا |
|
ڇا شاعر ڪري شمار |
سمجھڻ وارا سمجھندا |
|
پيارن سندا پار |
ڪارا ڪارا ڪنڍڙا |
|
ونگڙا ونگڙا وار |
سھڻا سھڻا سنھڙا |
|
ڇلڙا ڇڳيدار |
چھٽيل ڄڻ چندن تي |
|
ماريندڙ سي مار |
ڀرون پيشاني ڀر ۾ |
|
جئن ڍال اڳيان تلوار |
اکيون عجيبن سنديون |
|
خاصيون ٻئي خوددار |
سنھڙي سنھڙي نڪ سان |
|
گڏ گلابي رخسار |
ڏند چپ محبوبن جا |
|
جوھر جلويدار |
قربائتن ڪلھن تي |
|
ڪونج ڳچي ۾ ھار |
جواني جي جوش کان |
|
اڀريل سيب انار |
ٻانھون ٻھڳڻ جون |
|
واھھ جا مٿن وار |
ڪراين ۾ ڪنگڻيون |
|
۽ چوڙا چوڙيدار |
نازڪ ھٿ حسين ٻئي |
|
حسن جا ھٿيار |
چيلھھ چيتن کان چوکي |
|
لڏي لچڪيدار |
ھٿين پيرين ھڪڙا |
|
نھ ثاني سندن سردار |
اھي اسان کان ئي پڇو |
|
دم دم جا ديدار |
ڪھڙا ”ڪوه مري“ ۾ |
|
ھا جھلڪا ۽ جنسار |
جبل پنھنجي جاءِ تي |
|
سڀئي سبزه زار |
مٽي نھ ڏسجي مورھئون |
|
رڳي ساوڪ جا سينگار |
گل ڦل تن جي گود ۾ |
|
وڌا قدرت سان ڪلتار |
وھن تن جي وجود مان |
|
چشما ڪئين چوڌار |
درخت تن ۾ دل گھريا |
|
سدا سايي دار |
طالب ڏسيو تن کي |
|
برھھ سندا بيمار |
رويو وھن رمز ۾ |
|
ھو نيڻين واھيو نار |
جو جدا آھن جن کان |
|
جاني جِي جيار |
تن کي آھي طلب جي |
|
تن ۾ لڳل تار |
سي سک ھوندا ڪين ڪي |
|
جن کان جدا يار |
تن کي ”ڪوه مري“ جا |
|
جار لڳن جنسار |
وسن ھن جي ونن ۾ |
|
جانبَ جلويدار |
جن لڌي وري ڪانھ ڪا |
|
سندن سار سنڀار |
ويچارن ويچار |
|
آھن پنھنجي پِرينءَ جا |
٩-٨-١٩٦١ع
سيسل ھوٽل، ڪمرو نمبر ٣١
ڪوه مري
*
[20]
وٽان جيئن ويام
وٽان جيئن ويام |
|
وري نظر نھ آئيا |
سھڻن سپرين کي |
|
ڏٺي ڏينھن ٿيام |
ڪئين پيغام پرت جا |
|
مٺڙن ڏانھن مڪام |
جيڪي ڏوھھ نھ منھنجا |
|
سي مڙيئي مڃيام |
طالب مولا طلب جا |
|
پلو پاند ڏنام |
تھ بھ آيا ڪين اڱڻ تي |
|
وھلور ٿي ويام |
الا! ڪيئن ھيام |
|
ويا ڪيئن ٿي سپرين |
١-١-١٩٦٢ع
ڪھور
*
ڪالھھ ھئا ھو جيئن |
|
اڄ نھ ساڳيا سپرين |
جيڪي اٿم جِي ۾ |
|
ملن تھ چوان تيئن |
پرور پھچائينم شل |
|
سڄڻ سھڻن سيئن |
چوان تھ ڪيانو ڪيئن |
|
طالب سان طلب ۾ |
٢-١-١٩٦٢ع
ڪھور
*
ھو جيئن ڪالھھ ھئا |
|
اڄ نھ ساڳيا سپرين |
ڪھڙو پھھ پين جو |
|
وريا ڪين، وئا |
دور ڪيائون دل کان |
|
نکٽ ڪنھن نئا |
ورھھ ويھي تن سان |
|
مون وڏا قرب ڪئا |
اڳ ھا حبيب ھڪڙا |
|
ھاڻ ٻھڳڻ ٿيا ٻئا |
وڃي ٿاڪ ٿئا |
|
طالبُ ڇڏي طلب ۾ |
٣-١-١٩٦٢ع
ٽنڊو مٺا خان
*
حبيبن ئي ھيئن ڪيو |
|
تھ ڪنھن کي ڏوھھ ڏجي |
فيصلو فراق جو |
|
نازڪ ڪٿ نجي |
پنھنجي ويھي پاڻ سان |
|
قائم قرب ڪجي |
طالب پنھنجي طلب ۾ |
|
حبيب ڪر ھجي |
پنھنجي ٿوپ ٿِجي |
|
سدا پنھنجي پاڻ لاءِ |
٩-١-١٩٦٢ع
حيدرآباد
*
[21]
ڪونجِن ڪرڪي ڪالھھ
ڪونجن ڪرڪي ڪالھھ |
|
مون کي رت رئاڙيو |
رئندي رئندي رئندي |
|
ھيڻا ٿيم حال |
ھو ٻيھر وڃي ٻچن سان |
|
ڪنديون واھھ وصال |
آئون پاڙي رھان پرينءَ جي |
|
تھ بھ جر وھايان جال |
طالب مولا طلب ۾ |
|
سڪندي وريا سال |
ڪيم گڏ فراق جا |
|
ميڙي چونڊي مال |
عجائب احوال |
|
آھن منھنجي عشق جا |
١٢-١-١٩٦٢ع
بودليجا
*
ڪرڪي ڪونجڙين |
|
مون کي رت رئاڙيو |
مون سڪ ۾ اينھين سمجھيو |
|
تھ پيون پار ڪڍن |
پر ھن کي ٻاجھھ ٻچن جي |
|
رڙڪيو ٿيون رڙڪن |
آئون سڏڪا سھڻي لئي ڀريان |
|
ٿا اڌما روز اچن |
جي پاڙي رھي پرينءَ جي |
|
ھجر منجھھ ھلن |
طالب مولا تن کي |
|
پلپل پيار ڏجن |
جي محبت منجھھ مرن |
|
سي جيئرا آھن جڳ ۾ |
١٣-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
ڪرڪڻ جي ڪونجڙيون |
|
اٿو ٻچن لئي ٻاڪار |
وڃي پنھنجي وطن ۾ |
|
ٿيون ڪريو خوب قرار |
آئون پاڙي رھان پرينءَ جي |
|
تھ بھ عشق سندا آزار |
اھنجي ورونھن ولر سان |
|
آئون دلبر کان ئي ڌار |
طالب ھاريان طلب ۾ |
|
لڙڪن لک ھزار |
مون کي پرينءَ پچار |
|
اھنکي ور وطن جي |
١٤-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
ڪرڪي ڪالھھ اوھان |
|
جذبا، جوش جاڳائيا |
اوھان ٻوليو ٻاجھھ مان |
|
آئون پيو رت رئان |
اھنجي ورونھن ولر ۾ |
|
آئون جھوري منجھھ جھڄان |
اھين موٽي پڄو ملڪ ۾ |
|
ڪٿان جو ڪٿان |
آئون پاڙي رھي پرينءَ جي |
|
سڪ ۾ روز سڪان |
رئان ۽ رڙان |
|
طالب مولا طلب ۾ |
١٥-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
ڪونجون مونجھون نھ ٿيو |
|
وينديون وري وطن |
ملنديون اتي محبّت مان |
|
ٻيھر ساڻ ٻچن |
آئون پاڙي رھان پرينءَ جي |
|
تھ بھ ھنجھون ھارجن |
جو مون کي ڌار ڌڪي ڪيو |
|
پاڙيچن پرين |
جئن طالب مولا ساڻ ڪيو |
|
مٺن محبوبن |
ھئي ھئي حبيبن |
|
ھئن ڪڏھن ڪيو ڪونھ ڪو |
١٦-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
ڪونجون مونجھون نھ ٿيو |
|
وينديون وطن وري |
ٻيھر ملنديون ٻچن سان |
|
اينديو پت پري |
آئون پاڙي رھان پر جي |
|
تھ بھ مون لئي ڳالھھ ڳري |
ويجھي ھوندي ورھھ ٿيا |
|
پرين نھ آيو پري |
طالب مولا دل ڪئي |
|
ھن جي چاھھ چري |
جنھن جاني جي جدائي کان |
|
ساعت ڪين سري |
سو وري ويو وري |
|
موٽي موٽيو ڪين ڪي |
١٧-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
ڪونجن ڪھڙا حال |
|
اسان جي عشق جا |
ھو پرديسان آئيون |
|
ڪالھوڻي ڪال |
سڪندي مون کي سڄڻ لا |
|
ٿيا سالن مٿي سال |
ھو ٻڙھڪن رڳو ٻچن لا |
|
آئون رئان جاني لئي جال |
پکيڙا پڻ پيار ۾ |
|
ڪن ٿا قرب ڪمال |
پر اسان وانگر انھن کي |
|
مورھئون ناھھ مجال |
طالب مولا طلب ۾ |
|
ھت جھوري ۽ جنجال |
ھت وڃڻ ساڻ وصال |
|
ھت ھنجھون ھاريون ھجر ۾ |
١٨-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
ڪٿي ڪرڪڻ ڪونج جو |
|
ڪٿ عاشق جون آھون |
ھو ٻھڪيو ٻوليون ڪن ٿيون |
|
ھت ڳجھھ اندر ڳاھون |
ھي بي وطن وطن ۾ |
|
ھو پرن ٿيون پاھون |
ھو ٻيھر ٻچن سان ملن |
|
اٿيو اتاھون |
ھن کي عشق عجيب جو |
|
ڏي سٽون ۽ ساھون |
طالبَ، طالبن جون |
|
قريب ڏي ڪاھون |
ويچارن واھون |
|
ٻيون ويون وسري |
١٩-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
ڪرڪي اڄ ڪونجن |
|
رئاڙيو سڄو ڏينھن |
ھن کي ٻاجھھ ٻچن جي |
|
مون کي نرجو نينھن |
ھن جو چاھھ چڻڻ سان |
|
شوق سندم ڄڻ شينھن |
محبت وارو مينھن |
|
طالب وسايم ورھھ ۾ |
٢٠-١-١٩٦٢ع
ھالا
*
(1) إۑڎإڈإ ێیڼ ڦصۑ صڎ ڶحۑ ۆڐڷ ۽ ڠإڶ
إښجڠڶإڵ ضۆ كۑإڵ ڎڦۑۆ ۆۑۆ آێۑ.
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|