Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڇپر ۾ ڇڙيون

باب: 1

صفحو : 18

[13]

مون کي ماري درد جياري وئين

 

ٿل:

وئين کسي دلڙيون انھن جون جن ۾ تو گھورون گھتيون

 

ديد ديوانيون ڪيون سھڻا! سوين سالم ستيون

١.

سک سمھن ڪھڙي طرح دلدار، دلبر! تو سوا

 

ياد جن کي ٿيون پون رمزن، رھاڻن جون رتيون

٢.

ڪير آھي جو ڪري تو ساڻ سھڻا! ھمسري

 

تنھنجي جلوي کان جھڪا سج، چنڊ ۽ تارا ڪتيون

٣.

ڌڪ نھ اي دلبر! دران ۽ مان فقط تنھنجو آھيان

 

تون تھ پنھنجو قرب ڪر جي مون سنديون موڙھيون متيون

٤.

ڪيئن سڄڻ تنھنجي ڇڏيندو طالب المولا پچر!

 

تو ۾ آھن ڄاڻ پڪ، منھنجون بھ ڪجھھ پيارا! پتيون

٢٧-٥-١٩٥٦ع

ھالا

*

ٿل:

اچي محب مٺا! مون کي ماري وئين

 

مون کي ماري درد جياري وئين

١. ڇا پيار پرين! منھنجا ڪين وڻيئي!

متان عيب اپار ڪي مون ۾ ڏٺئي!

يا دل ۾ ٻي ڪا ڳالھھ ھيئي

وئين، اھڙو وئين جو وساري وئين

٢. مان نھاريان گھڻو نڪرين بھ نٿو

پنھنجي گس تان وري گذرين بھ نٿو

ٿو وساريان مگر وسرين بھ نٿو

منھنجي عمر عجيب! تون کاري وئين

٣. جي رنم سڄڻ! تھ رئڻ نھ ڏنئي

جي کليم پرين! تھ کلڻ نھ ڏنئي

جي ويس تھ مورھئون وڃڻ نھ ڏنئي

گھڙيون ڪئن نھ ڪڙيون ڪري گھاري وئين!

٤. تون اچ تھ سھي ڪي پيار ڪريئين

ڏاڍي چاه منجھان پرين! پير چمئين

وٺي ڀاڪر ۾ مٺا! مٺڙيون ڏيئين

منھنجي عشق کي خوب آزاري وئين

٥. منھنجي آھي دعا ھي، ڏينھن سڀئي

منھنجو نينھن نھوڙي شال نيئي!

مون سان پيار ڪرين تھ ڪا خبر پوئي

پو مون کي چوين تھ تون کاري وئين

٦. منھنجا جاني! سدائين شال تون جِي

من! ايڏو بي پروا تھ نھ ٿي

ڀلا طالب سان ٿو ڪيو ڇا ھي!

جو ٻھڳڻ! ٻارڻ ٻاري وئين

٢٧-٦-١٩٦٥ع

نٿيا گلي – لاله زار

*

ٿل:

کسي دل کڻي وئين ڪجل پائي ڪانيون

 

رکي خوب رمزون عجب عاشقانيون

١. نظر سان نظر کي جڏھن تو ملايو

اِکن ات اِکن سان نئون نينھن لايو

اشارن ۾ اٽڪيون ٻئي بي زبانيون

٢. ڏٺا مون جي ڏوران اھي سرخ ڏورا

پو سمجھيم تھ آھن ھو منھنجا ئي گھورا

ميسر ٿيون ات نيون زندگانيون

٣. مون سمجھيو تھ ھاڻي تو پنھنجو بنايو

وريو بخت منھنجو ٿيو لايو سجايو

ٿيون دور دل مان ڀڄي بدگمانيون

٤. وري محب مٺڙا! نئون نينھن لاتئي

نئون نينھن لائي نئون پيچ پاتئي

نئون پيچ پائي ڪيئي مھربانيون

٥. تو طالب سان دلبر! لئون خوب لاتيون

ڏسڻ لاءِ آھن اکيون روز آتيون

نھارن ٿيون تو لاءِ نرمل! نيرانيون

٢-٩-١٩٦٥ع

ريلوي اسٽيشن گجرات

*

ٿل:

ڇڏي مون کي ڪيئي ڪچو ڪيڏو نھ ڪم!

 

ھاڻي يار! ڪرين ٿو ڪھڙو غم!

١. ھي خبر اٿم مون کي سارين ٿو

رڳو گوندر منجھھ گذارين ٿو

۽ پاڻ کي مفت ۾ مارين ٿو

ڏاڍو سر تي سھين پيو درد، الم

٢. جي ايندين ھلي تھ معاف ڪندس

پر ڳالھيون سڀيئي صاف ڪندس

پڪ ڄاڻ تھ مان انصاف ڪندس

۽ ٿيندس ڪين ڪي مان بَرھم

٣. ڇا ٿيندو، ڀلا پرچاءِ کڻي!

جا گذري سا گذري، بڻي نھ بڻي

۽ ڏيندس الفت اڳ کان گھڻي

تون ڏس تھ اچي ڪڍي دل مان وھم

٤. وٺي ڀاڪر ۾ ٻھ ٽي پيار ڪيئين

مٺيون محب مٺا! ڀرپور ڏيئين

پو پرچي ويندس خوش باش ٿجئين

ڀلا آھي انھي ۾ ڪھڙو اھم(1)

٥. وري اچ تھ پيارا! پيار ڪريئين

ٻئي ٻانھون ڳچي جا ھار ڪريئين

مٺڙن جي مٺا! وارو وار ڪريئين

تنھنجو آھي سڄڻ! منھنجي دم سان دم

٦. مان تنھنجي زندگي آھيان پرين!

پڪ ڄاڻ پرايو ناھيان پرين!

ويٺو رمز ۾ ناتو نباھيان پرين!

جتي سھڻا! ڇڏيئي اتي آھي قدم

٧. جي طالب پنھنجو ڪرڻو اٿئي

پو عشق جو ڏنڊ بھ ڀرڻو اٿئي

سر منھنجي اڳيان اچي ڌرڻو اٿئي

پائي ڀاڪر توسان ٿيان ھمدم

١٦-٧-١٩٦٥ع

اسلام آباد

*

ٿل: خبر ھاڻ پوندي تھ ڇاھي جدائي!

چڱو ھو، ڪرين ھا تون وعدي وفائي

١. اسين خوب توساڻ ماڻا ڪنداسين

نڪي نيڻ پنھنجا نماڻا ڪنداسين

نھ ڪر ھاڻ جاني! تون آڪڙ اجائي

٢. ڇڏينداسون توکي ستائي ستائي

نھ ملنداسون ھڪ پل گھرائي گھرائي

گھڻا ڏينھن دلڙي سڄڻ! تو ستائي

٣. نھ جور و جفا کان ڪڏھن باز اچبو

ٺڙي ٺوڪي محبوب! بدلو بھ وٺبو

ڪنداسون رعايت نھ تو ساڻ ڪائي

٤. مٺا! تنھنجي مرضي جي حجّت ھلائين

نڀائين اسان سان، نھ جي تون نڀائين

برھھ ۾ نھ بلڪل ڪنداسون ڀلائي

٥. اچي پنھنجي طالب کي جي پيش پوندين

چمي چاه مان رخ، ڳچي ٻانھون وجھندين

تھ پو توسان پرچي ڪبي ھڪ ھڪائي

٢١-٧-١٩٦٥ع

اسلام آباد

*

ٿل: رڙي روئي عاشق! ڪندس التجائون(1)

 اميد آھي ٻڌندين سڄڻ! سڀ صدائون

١. ھي تسليم جانان! گنھگار آھيان

مان تو وٽ برابر خطادار آھيان

ڀلي ڪر تون مون تي اي جاني! جفائون

٢. ڪڏھن ڪين تنھنجي سڄڻ! در تان ويندس

پرين! پنھنجي ھر ھڪ خطا کي مڃيندس

ڪندين مون تي آخر عجيبا! عطائون

٣. سندءِ پير پيارا! اکن ساڻ چمندس

ڳچي پاند پائي ۽ پرچائي وٺندس

ڪجئين معاف منھنجون خدارا خطائون!

٤. مان زوري اچي تنھنجي سيني سان لڳندس

سندءِ منھن منور چرين وانگي چمندس

قسم تنھنجو، تو سان ڪندس مان وفائون

٥. سوا تنھنجي ڪائي سندم واه ناھي

تون ڇاتي سان لائج اھا آس آھي

ڪندس منھنجا طالب! مان دل سان دعائون

٢-٨-١٩٦٥ع

اسلام آباد

*

ٿل: لئون ويٺيس لالڻ سان لڳائي

شل نوري نجيب نڀائي!

١.

مس مس حاصل دوست ڪيو مون

 

ربّ سائين ستائي ستائي

٢.

وس پڄيم تھ سھڻل سائين

 

رکان دل ۾ لڪائي لڪائي

٣.

ٻئي ڏنا مون پنھنجي پرينءَ کي

 

سر، ساھھ لکائي پڙھائي

٤.

پاڻ بھ ماريان ٻي کي بھ ماريان

 

ڪير مون کي اچي ھٿ تھ لائي!

٥.

طالب مولا عشق ڪيو مون

 

دل جان سان ڳائي وڄائي

٦-٤-١٩٦٧ع

لاھور

*


 

[14]

مون ڏي حرف ھزار

 

ٿل:

پازي آئون پينار

 

ناھي دم دعوا جو

١.

شاه گدا تنھنجي در جا سلامي

 

منھن جو ڇا مقدار!

٢.

منھنجي عيبن ڏي تھ نھ ڏسجان

 

پنھنجو سڃاڻج پار

٣.

تنھنجي ٻانھن جو ٻانھون آھيان

 

خاصو خدمتگار

٤.

دعوا وارا دور ڏٺا مون

 

برھھ وڏو آھي بار

٥.

تنھنجو غلام ھي طالب مولا

 

پاڻ ئي ڏيينس پيار

١٩-٥-١٩٥٨ع

ڪراچي

*

ٿل:

مون ڏي حرف ھزار

 

پاڻ ڪرم ڪر پنھنجو پيارا!

١.

تون ئي آھين منھنجو سائين

 

محب، مٺا، منٺار!

٢.

ھڪڙي تنھنجي دمدم دلبر!

 

تن ۾ آھي تار

٣.

منھنجي جھولي محبّت سان ڀر

 

ڏيھن جا ڏاتار!

٤.

تنھنجي پناري پيو آئون آھيان

 

ڀيڙو ٿج ڀوتار!

٥.

طالب مولا تنھنجو آھي

 

ياقي، ياور، يار!

٢٤-١-١٩٥٧ع

*

ٿل:

ڪيا محب ڪروڙ محبّت سان

 

ممتاز ھزارين مان نھ رڳو

١.

ھو اگلا ڀر ۾ وھاري ٿو

 

کڻيو نور ڀريون ٻئي نھاري ٿو

 

ڪئين پنھنجا ڪري ٿو قربت سان

 

دمساز ھزارين مان نھ رڳو

٢.

ھر ڪنھن سان ڀال ڀلائي ٿو

 

ھر ڪنھن سان وک وڌائي ٿو

 

نرمل ٿو موھي نزاڪت سان

 

از ناز ھزارين مان نھ رڳو

٣.

ھو قرب ڏئي ٿو ڪو جنھن کي

 

۽ روز اڏي پيو اٻوجھن کي

 

ڪري طالب مولا شفقت سان

 

ھمراز ھزارين مان نھ رڳو

١٦-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ٿل: خبر خاص آيو کڻي اڄ کيانتو

پکيڙو پري کان صحيح مون سڃاتو

١. ٻڌايئين تھ سھڻو پيو توکي ساري

سڄي رات سڪ ۾ ٿو تو لئي گذاري

پڪو پرت جو تو سان جنھن پيچ پاتو

٢. وراڻيئين تھ محبوب وٽ ھاڻ ھل تون

سري ٿي نھ ساعت ھلي ھن سان مل تون

لڳايو اٿس توسان نيھي ٿي ناتو

٣. چيو مانس چئجئين تھ آيو ڪ آيو

متان محب! ھيڻي ڪا وائي ورايو

او محبوب! بلڪل ڪيو تو بلاتو

٤. وراڻيم اکن سان اچي پير چمندس

ٻڌي ٻانھون حاضر اڳيان تنھنجي ٿيندس

نڀائي مان نيندس مون لاتو جو ناتو

٥. کيانتا! خبر خير جي ڏج پرينءَ کي

۽ چئجئين تھ سھڻا! ھي طالب چيو ٿي

رھان ٿو اوھان کان سوا مان بھ آتو

٧-٩-١٩٥٩ع

ھالا

*

ٿل: بخشئي بخشڻھار! – ڀلارا –

منھنجون مڙيئي محب! مدايون

١.                             ادلو گدلو الا! آھيان مان عيبدار

             ڪوجھڙو ڪنڙو الا پازي تنھنجو پينار

جاني جي جيار! – او ڀلارا- ڪين ڪي ڏسجئين ڪوڙين ڪچايون

٢.                            دامن لڳڙي الا! ڇڏج نھ پيارا پرين!

             پنھنجو ڪيو ٿئي الا! سونھارا سيس

مون ۾ عيب اپار- اوڀلارا – پاڻان ڪجئين ڪي بيحد ڀلايون

٣.                            لوڪ ۾ لالڻ! الا! تنھنجي نانءِ سيس

             ننگ سڃاڻج الا! نھ تھ محب مييس

دلبر! ڪج م ڌار – او ڀلارا – تو ۾ ئي آھن سھڻا! سچايون

٤.                            آزيون نيازيون الا! محٻ! تو سڀئي مڃيون

             سھمون سھڻا، الا! سڄڻ تو نھ سڃيون

پاڻھي ڪيئي پيار – او ڀلارا – منھنجي اڱڻ تي از خود تون آيون

٥.                            ڪڏھن ڪوسوالا! ڪامل ڪونھ ٿئين

             پرت ۾ پيارا الا! وڌندو روز وئين

سھڻن جا سردار!- او ڀلارا- جانب! ڏنيون تو جي ۾ جايون

٦.                            طالب مولا الا! جاني پنھنجو ڪيئي

             ڪڏھن ڪونھ الا! نينھن نبيري نيئي

منھنجا مٺل يار!- او – ڀلارا – آ تھ ڳرھاٽيون پيارا ڪي پايون

٢-١١-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*


 

 

(1) إِێْڶ ۽ ۆێِڶ ڦۑ ێجۑ ڤإڢۑۑ ضۑ ڶڷإښبج ښإڷ إِێِڶِ ۽ ۆِێِڶ ڥڎۑ آڷڈۆ ۆۑۆ آێۑ.

(1) ێۑ٪ ڥإڢۑ ڶقبۆب ضۆ ڠإڛڤ ڦۑ ضۆإب آێۑ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org