|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 17 |
|
[27]
قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي!
حيرت ٿم ھن ڳالھھ جي |
|
حاڪم سائين حبيب! |
عجب آھم ھن جو |
|
تھ کليم ڪئن نصيب |
سچ ٻڌائج سھڻا |
|
ماڻھو مٺا مجيب |
طالب مولا ساڻ ڪئن |
|
لائق ڪيئي لبيب |
اڻ ڏٺي عجيب |
|
قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي |
|
* |
|
اڻ ڏٺي عجيب تو |
|
قرب ڪني سان ڪئن ڪيو! |
پانڌي تنھنجي پيار جو |
|
نرمل اچي نيو |
ڏيئي نياپو نينھن جو |
|
کڻي لالڻ تنھن ليو |
گھران گھرائي ورتئي |
|
جو طلبن ھيئي تيو |
طالبُ مولا پيار سان |
|
تو ڍولڻ آھھ ڍيو |
عجيب! اڻ ميو |
|
مد پياريئي پيار جو |
|
* |
|
اڻ ڏٺي عجيب ڇو |
|
اچي پور پيئي! |
محب مون مسڪين جو |
|
ڪئن نرمل نانءُ ٻڌئي |
حيران ھردم آھيان |
|
جو منھنجي نينھن نيئي |
آئون ڪنو ڪوجھو ئي ھيس |
|
ڇو حبيب ھي نھ سيئي |
طالب مولا کي مٺا |
|
چاھھ منجھان چاھيئي |
مون گمنام گدلي سان |
|
ھيڏو پيار ڪيئي! |
سڄڻ ڪئن سمجھيئي |
|
تھ آئون اھڙو آھيان! |
|
* |
|
عجيب! اگلو آھيان |
|
نھ صورت ۽ سينگار |
ادلو، گدلو، اڀرو |
|
نھ منھن ۾ مڻيادار |
تون سرتاپا سھڻو |
|
سھڻن جو سردار |
تو وٽ طالب مولا |
|
اڄ آھي عرض گذار |
سڄڻ سچ ٻڌاءِ تون |
|
تھ سچ پچ اٿئي پيار |
متان مون کي وھم ئي |
|
آھھ ڪيو گرفتار! |
اچي ئي نٿو اتبار تھ |
|
قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي |
|
* |
|
توکي ڏسيو ۽ وريو |
|
ٿو پسان پنھنجو پاڻ |
تھ مٽ نٿو ٿين مٺڙا |
|
مورھئون ئي مون ساڻ |
طالب مولا ڪٿ ٿيو |
|
ڪٿ پرين تون پٺاڻ! |
ڪٿي منھنجو ماڻ |
|
ڪٿي تنھنجي تور ٿي! |
|
* |
|
سڪ جي کنيم ساھمي |
|
ھٿ ۾ اڄ حبيب! |
ھڪ پاسي تون ھئين |
|
ٻي پاسي آئون عجيب! |
ڪيم انصاف امين ٿي |
|
نرمل، يار، نجيب |
تور ڪئي مون طلب مان |
|
لائق، لکي، لبيب |
اعتبار ڪن ان تي |
|
مٺڙا، محب، مجيب |
سوگند آھي تنھنجو |
|
قلب کان بھ قريب |
طالب جا طبيب |
|
تنھنجو وزن وڌي ويو |
١٥ ذيقعده ١٣٨٧ھھ
١٥-٢-١٩٦٨ع
سرور آباد
*
اھو لڳيم عجب ٿو |
|
مون سان ڪئن ڪيا تو پيار |
مون ۾ تھ آھن مورڳو |
|
عيبن جا انبار |
ڏسيو پنھنجي پاڻ کي |
|
ٿو مرم وٺي منٺار |
جوڙ بھ تنھنجو ناھيان |
|
ڪامل، قربدار |
طالب مولا سان تھ ڪئا |
|
ڪرم ھي ڪلتار |
تنھنجو قسم دلدار |
|
تھ کھھ بھ کڙي جِي جي ٿيان |
|
* |
|
اچي عشق عجيبَ |
|
مون ڪني سان ڪئن ڪيئي |
مون ۾ ڏٺئي محب ڇا |
|
مٺڙا ماڻھو مجيب! |
ڪٿي منھنجو منھن مٺا |
|
ڪٿ تنھنجو حسن حبيب! |
تنھنجو قسم تھ تنھنجي |
|
لائق ناھيان لبيب |
حيران ھن کان آھيان |
|
عاشق مون اديب |
طالب مولا ساڻ ڪئن |
|
ڪيئي قربَ قريب |
منھنجا ھي بھ نصيب |
|
جي کھھ کڙي جي ٿي پوان |
|
* |
|
ڪٿي تنھنجو شان |
|
ڪٿي آئون اگلو! |
ھڪجھڙو ناھيان |
|
تنھنجو مٿي مون کان مان |
گھرائي وھندين گڏجي |
|
ھي اصلي نھ ھو امڪان |
طالب مولا کي نھ ھو |
|
اھڙو وھم، گمان |
تھ ايڏو ڪندين احسان |
|
ڪوڙي تي قرب جو |
|
* |
|
ھوئي ڪونھ حبيب ھي |
|
مون کي خواب خيال |
پيدا ٿيو ئي ڪونھ ٿي |
|
سھڻا ھي سوال |
تھ ڪنڙي کي قرب جو |
|
ڏيندين محبّت مال |
تو تھ گھرائي بخشيو |
|
جانب پاڻ جمال |
طالب مولا ۾ تھ ڪئو |
|
آھھ ڪناين ڪمال |
آھين ڪو لڄ پال |
|
ٻيو آئون تھ اھوئي آھيان! |
|
* |
|
تو تھ وڏا ئي وڙ ڪيا |
|
اگلي مٿي عيان |
تنھنجو منھنجو مقابلو |
|
جي قلبئون ٿو ڪيان |
تھ ڦڪو پيو لڳان |
|
تنھنجو قسم طالب چوي |
|
* |
|
تنھنجو نقش قدم |
|
منھنجي سو سجدنئان سرسو |
عيب پسي پانھنجا |
|
ٿو اچيم شاه شرم! |
تون تھ ڪرين ٿو طلب مان |
|
پنھنجو قرب ڪرم |
مون کي تھ منھنجي حال جو |
|
ماري پئو مرم |
طالب مولا ٿئو ڪٿي |
|
۽ ڪٿي تون صنم! |
تنھنجي سر جو قسم |
|
کھھ بھ کڙي جِي جي ٿيان |
|
* |
|
عيبن وارو آھيان |
|
لوڪان يار لڪاءِ! |
گوڏو گوڏي سان گڏي |
|
لالڻ ڪين لڄاءِ |
طالب مولا کي مٺا |
|
ڀل سڪ ۾ خوب ستاءِ |
پر قسم اٿئي قادر جو |
|
سڄڻ سچ سڻاءِ |
ٻھڳڻ ھي تھ ٻڌاءِ |
|
قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي! |
|
* |
|
جڏھن گھران گھرايئي |
|
نياپو ڪري نينھن |
تھ مون ڏي محب موڪليئي |
|
شوق بنائي شينھن |
طالب مولا کي ڏني |
|
دردن پرين پينھن |
اکن تڏھن مينھن |
|
وڏڦڙا وسائيا |
٢١ ذيقعده ١٣٨٧ھھ
٢١-٢-١٩٦٨ع
ڄام صاحب
*
پھريون ئي پيغام |
|
محب جڏھن تو موڪليو |
ڏٺم تھ مون کان ئي وڏو |
|
نرمل تنھنجو نام |
تون خاصن ۾ خاص ٿئين |
|
آئون عامن ۾ پڻ عام |
ويھي سوچيم سھڻا |
|
پنھنجو محب مقام |
ھلندو ڪئن حضور ۾ |
|
نڪمو ھي ناڪام! |
دل ۾ چيم تھ ڪئن ڪندس |
|
قريبُ ٿي ڪلام! |
جي سڄڻ ڪيو سلام |
|
تھ طالب مولا ڪئن ڪبو! |
٢٢ ذيقعده ١٣٨٧ھھ
٢٢-٢-١٩٦٨ع
سرور آباد
*
ھردم ھراسيل آھيان |
|
ڏسي پنھنجي حيثيت |
قربائتا ڪري وڌيئي |
|
مون ادنيٰ سان الفت |
سڀئين پرئين تون سرسو |
|
منجھھ فائق فضيلت |
مون ۾ تھ ڪائي ڪانھ آھھ |
|
خاصي ڪا خصلت |
مون ۾ او منھنجا مٺا! |
|
عيب اٿئي البت |
اڃا تھ آھي تو سندي |
|
مون سان مروت |
پر منھنجي مداين کي ڏسي |
|
جي نرمل ٿيئي نفرت |
۽ طالب مولا کان پرين |
|
جي مٽي وئين محبّت |
تھ ان لئي ٿي ويندي |
|
تڏھن قائم قيامت |
پو ڪيڏھن ويندس ڪئن ڪندس |
|
جو فنا ڪندي فرقت |
شل چڱي ھجي قسمت |
|
نھ تھ ڪنھنجو ٿيندس ڪين ڪي |
٢٧ ذيقعده ١٣٨٧ھھ
٢٧-٢-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
چڙ نھ ڪرين تھ چئي ڏيان |
|
معاف بھ ڪج منٺار! |
دلبر ۽ درياء جا |
|
عجيب آھن آر |
پور پين تھ رات ۾ |
|
ھو وڃو وسائن پار |
پٺ ورائي جي ويا |
|
تھ وري ڪن نھ نھار |
ترس نھ پوين تر جو |
|
نھ وٺن خبر چار |
سال لڳيو ئي ٿا وڃن |
|
جي موٽن کڻي ٻيھار |
ڪھڙا آھن دلربا |
|
عمرن تي اتبار! |
تيتر قيامت کان وڏا |
|
آھن انتظار |
ماريو ڇڏين ٿا من کي |
|
وڏا ھي ويچار |
جي ڌڪي ڪيئي ڌار |
|
تھ طالب مولا ڪئن ڪندو! |
٢٠ صفر ١٣٨٨ھھ
١٩-٥-١٩٦٨ع
اسلام آباد
*
[28]
جنھن کي چئجي ڪاند
جنھن کي چئجي ڪاند |
|
سو ڪميڻو ڪئن ٿئي! |
ھو ھميشه ھڪڙي جو |
|
وڃي نھ ڪي وڙواند |
طالب چوي، چِڪ ۾ |
|
پوي نھ ان جو پاند |
ھو ڏندين آھي ڏاند |
|
محتاج نھ ڪنھن مھري جو |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
جنھن کي چئجي ڪاند ٿو |
|
ان جو اعليٰ شان |
ھو جنھن جو ٿيو جڏھين |
|
تھ ٿئي نھ ٻي مھمان |
ھو ڏئيس طعنو تک مان |
|
ڄڻ لڳس ڪک جو ڪان |
قربائتي جي قھر کان |
|
شل الله ڏي امان! |
سچ ٿو صديقي چوي |
|
جوڌو ھو جوان |
جئن سوگ رکي ٿو سان |
|
تئن وري ويجھو نھ اچي |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
جنھن کي سڏبو ڪاند |
|
تنھن سان ليکا ڪھڙا! |
طالب چوي تنھن کان |
|
وڃو متان وڙواند |
جنھن سان پختو پاند |
|
عمر تائين اٽڪيو |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
جن ڪن ڀانيو ڪاند کي |
|
رڳو ڪري راند |
تن منھن کنيو نھ معرڪين |
|
وييون ٿي وڙواند |
ھو اڇو اجرو ئي رھيو |
|
ھن پيئي چڪ پلاند |
غفلت ۾ نھ غرق ٿيو |
|
وقت نھ ڏي ويساند |
طالب چوي طلب ۾ |
|
ھن سان ٿيو ھيڪاند |
خاوند سندي خاند |
|
ولھيون ٿي نھ وڃائيو |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
جن ڪن ڀانيو ڪاند کي |
|
رڳي راند ڪري |
ڪاند انھن جو ڪين ٿيو |
|
ڪا جيئي يا مري |
ڪلفت ساڻ ڪڏھين |
|
ولھو ڪونھ وري |
جا ھلي سندس حضور ۾ |
|
اکيين وکون ڀري |
سا ڪامڻ ڪاند گھري |
|
جا ڪيڏھن نھاري ڪين ڪي |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪاند گھڻو ڪم |
|
ڪامڻ ڪم ئي ھڪڙو |
ھو پلپل گھرن پيار ٿا |
|
جو وڃائين وھم |
ھي ھردم ڀري حاضري |
|
ڏيئي ھڏ ۽ چم |
پر ھڻي نھ ھرگز ھوءَ ڪڏھن |
|
دعوا وارو دم |
پو بلڪل ٿي باھم |
|
منڌ، متيندو ڪين ڪي |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪاند نھ ڪرڙا ٿا ٿين |
|
ڪاند نھ ڀانيو راند |
جنين جي پلاند |
|
اوھين اچي پيئيون |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪڏھين ڪميڻي |
|
ڪاند نھ ڪئي پانھنجي |
ھزار ڀيرا ھوءَ ٿئي |
|
ٻيڻي جي ٽيڻي |
ڪاند انھي جي پاند سان |
|
ھلي جا ھيڻي |
سا ئي سڱيڻي |
|
ڪاند ڪندو قرب سان |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪڏھين ڪميڻيون |
|
ڪاند نھ ڪيون پانھنجون |
حاصل حق انھن کي |
|
جي ھلن ٿي ھيڻيون |
سرت رکي جن سڪ جي |
|
ٿيون سيئي سڱيڻيون |
ٻيون ٻيڻيون ۽ ٽيڻيون |
|
ٿيون، تھ بھ ٿيندن ڪين ڪي |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
سي ڪاند نھ ڪري پانھنجون |
|
جي ٿيون حق ڀڃن |
تن جايون ورتيون جي ۾ |
|
جي رکيو سيل رھن |
سي ئي جِيريون جڳ ۾ |
|
جي محبّت منجھھ مرن |
جي ٻين جي ٻڌن |
|
سي پنھنجن پرايون ڪيون |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
سي ور وٺي ڀاڪرين |
|
جي ڳاٽ ڏين ڳارا |
ھنج حاصل تن کي |
|
۽ ور ڏئين وارا |
ڪاند ڏسي ٿو قرب کي |
|
نھ اڇا نھ ڪارا |
سدا رکين سيني سان |
|
پون جي پارا |
سي لڳي نھ سھاڳڻيين |
|
توڙي سخت سيارا |
قرب سان قريشي چوي |
|
ڪن ڀلي ڀلارا |
سڄڻ سوگارا |
|
ٿين قربائتن ڪنن جا |
٣١-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪاند نھ ڏسي زال |
|
ماکي نھ ڏسي وڻ |
ھوءَ بھ ڪري آر ٿي |
|
۽ ڪاند بھ ڳڻي ڳڻ |
ڀلو برابر بُڻ |
|
پر سلڇڻيون ئي سھاڳڻيون |
٣١-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
اھي قبول ڪاند وٽ |
|
جي قربائتيون ڪنيون |
ھو مھر گھري مھري جي |
|
نھ تھ ڪري ڇوريون ڇنيون |
اھي وٺي آغوش ۾ |
|
جيڪي ڀيڄ ڀنيون |
مٺيون ڏين مٺن تي |
|
جي ڊاءِ سندس ڊنيون |
ھن ڏھھ ڏھھ ڀيرا ڏنيون |
|
وٽيون تن وصال جون |
٣١-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
وٽيون سي وصال جون |
|
وٺن ٿيون ونيون |
جي ور ور ڏيو ور سان |
|
بيٺيون آھن ڀِنيون |
ونيون ۽ ٻنيون |
|
ڪاند وسارن ڪين ڪي |
٣١-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪيئي پائن پاڻ کي |
|
چوڙيون ۽ چنيون |
ور انھن کي ويجھڙو |
|
جي لاڪس روز رنيون |
بي وڙن جو ور نھ ٿئي |
|
ھو ڪوڙين ڪن ڪنيون |
طالب مولا طلب ۾ |
|
ٿيون گسن بي گنيون |
جن جون پيرن کان نھ پنيون |
|
تن جون پرينءَ سڀ پڄائيون |
٣١-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
سھاڳ جي سيج تي |
|
سا سورمي سمھي |
جا قرب منجھان ڪاند کي |
|
ٻئي ٻک وجھي |
ھو ڏي مٺي ھڪڙي |
|
تھ ھيءَ ڏھھ ڏھھ ڀريو ڏئي |
اٺئي پھر انھي وٽ |
|
ٿي ھيٺاھين ھلي |
ھي ٽڙيو پئي ٽڙي |
|
ھو جي پائي پير اڱڻ تي |
١-٩-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪاند ھڪڙي ڪامڻي |
|
ڌڻڻ منجھان ڌڻي |
اھا وڻي ور کي |
|
جيڪا ڳري ڳڻي |
ھو ڏسي مھر مھري جي |
|
۽ کڻي ڪونھ کڻي |
ڇنل تارون طلب جون |
|
ڏيو اميريون اڻي |
سائي سرھي سرتئين |
|
ڪڏيو ڪنڌ کڻي |
سا سورمي صديقي چوي |
|
ڄام ٿي ڄڻي |
محبّت ڏي مڻي |
|
طالب مولا تنھن کي |
١-٩-١٩٦١ع
ڪراچي
*
اگلي سگلي ٿي ٿئي |
|
جنھن ۾ ڳرا ڳڻ |
ھو منگي ٿو مھر کي |
|
ڪاند نھ وجھي ڪڻ |
چڱو چڱايون ئي ڏسي |
|
ڀلي ڀلا ھجن بڻ |
صفتن جي صديقي چوي |
|
چونڊ ڪري ۽ چڻ |
داناء سندي ڌڻ |
|
ڪڏھن گسي ڪين ڪي |
١-٩-١٩٦١ع
ڪراچي
*
ڪچي ڪري ڪامڻي |
|
تھ ڍولڻ ٿو ڍڪي |
ٻھڳڻ ان کي ٻي دفعي |
|
ڌڪيو ٿو ڌڪي |
داناء پنھنجي دل ۾ |
|
طلبون ئي تڪي |
اھا ونھون وڌيڪ ٿئي |
|
جنھن جو ڏوھھ ڏڪي |
جا ڪريو بڪ بڪي |
|
سا ڪڍيو ڇڏي قريشي چوي |
١-٩-١٩٦١ع
ڪراچي
*
جيڪا ڪامڻ ڪاند کي |
|
ھر ھر ڏي ھڏي |
سوين ڪري سينگار سا |
|
گل ٿي اچي گڏي |
طالب مولا تنھن جي |
|
ٻيڙي ئي ٻڏي |
ٿڏي ڪاند ٿڏي |
|
سا سدا صديقي چوي |
١-٩-١٩٦١ع
ڪراچي
*
[29]
سو نھ چئبو ڪاند
جيڪو ڪميڻو ٿئي |
|
سو نھ چئبو ڪاند |
اھو ور واھيات ٿيو |
|
پاڪ نھ جنھن جو پاند |
سو ڏھڻو آھي ڏاند |
|
سچ ٿو صديقي چوي |
|
* |
|
جيڪو ڪميڻو ٿئي |
|
سو ولھو نڪي ور |
جنھن جو منھن مدي ڏي |
|
۽ بيحد آھي ڀر |
سو مٿي نھ ڪندو مورھئون |
|
ڪڏھين پنھنجو ڪر |
ھنڌ ھنڌ جنھن جو گھر |
|
سو ڪاند نھ قريشي چوي |
|
* |
|
ڪاندن وڏا پاند |
|
جن وٽ سکيون سورميون |
جن جا چارئي پلو چڪ ۾ |
|
سي نھ چئبا ڪاند |
وڃن جي وڙواند |
|
اھي ڪميڻا قريشي چوي |
|
* |
|
ور انھي کي سڏبو |
|
جو ور ڏيو ڪري ور |
جو ور ور چوي ونھونءَ کي |
|
۽ وريو ڏئي ور |
جنھن کنيا وڃڻ لئي ور |
|
سو ڪاند نھ قريشي چوي! |
|
* |
|
ور سڏائڻ سولو |
|
پر ڏکيو ڏيڻ ور |
ڪوڙو چئبو ڪاند سو |
|
جو وجھي وڏو ور |
سو ئي سڏبو ولھو |
|
جو وڃي ڪري ور ور |
جنھن جو ونگو ناھي ور |
|
سو سچو صديقي چوي |
|
* |
|
ور اھي ئي ور ٿيا |
|
جيڪي حق رکن |
ڪري ور ونھن تي |
|
پلپل پيار ڏين |
وٺيو وريو وٺن |
|
ونھون ھر ھر ڀاڪرين |
|
* |
|
جي ور کڻيو وڃن |
|
اھي نھ چئبا ور |
جن ۾ وڏا ور |
|
سي ڪوڙا قريشي چوي |
١-٩-١٩٦١ع
ڪراچي
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|