Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 6

 

جي ڪسين پاڻ قريب کان

 

محب جي منھن سامھون

 

ٿو رکين جاه، جلال

پو ڇو ٿو وريو ووڙئين

 

ويتر تون وصال!

ڪھڙي طرح قرب ۾

 

ڪندين ڪو ڪمال!

ماڻي سگھندين ڪين ڪي

 

جانب جو جمال

ھوند ٿيين حلال

 

جي ڪسين پاڻ قريب کان

٣-٩-١٩٥٧ع

راڻو ٻگھيو

*

اڃا تائين آھھ

 

تو ۾ خيال خودي جو

دل تان ٻک ٻيائي جو

 

لحظي اندر لاھھ

محبت اٿئي محبوب سان

 

تھ سينو ھڏ م ساھھ

قدمن ڏي قريب جي

 

ڪاھيو ڪاھيو ڪاھھ

طالب مولا مرد ٿي

 

رمز انھي سان راھھ

واھيو واھيو واھھ

 

آب اکين مان عجز جو

٣-٩-١٩٥٧ع

راڻو ٻگھيو

*

متان تون ھڻين

 

ڪڏھن دم دوستي جو

ٿيج دلبر يار جي

 

پيزارن پڻي

ھو مالڪ جاه جلال جو

 

۽ دل جو آھھ ڌڻي

طالب مولا مرد ٿي

 

رک ان جي گھرج گھڻي

قرب جي ڪڻي

 

ڪروڙئان ڪثر ٿئي

٣٠-٥-١٩٥٨ع

ھالا

*

سو ڪڏھن کٽندو ڪونھ ڪو

 

جنھن حجّت ھلائي

سھڻي کي سڀين پريين

 

ڏني واحد وڏائي

جن ”آئون“ ۽ ”اسان“ ڪيو

 

سي تڙيا توائي

طالب مولا مرد ٿي

 

رک صبر سچائي

جن ھلائي ھيڻائي

 

تن کي محب مٿي ڪيو

٣٠-٥-١٩٥٨ع

ھالا

*

محب رڳو مٺاڻ

 

سڀ ڪنھن منھن مٺو ڪري

ھر ھر پياريندو پرين

 

محبت ڀريو ماڻ

طالب مولا طلب ۾

 

ڄاڻو ٿي رک ڄاڻ

جو اتي ڪندو پاڻ

 

سو ڪڏھن کٽندو ڪونھ ڪو

٢٢-٦-١٩٥٨ع

ھالا

*

ھنيو جنھن حبيب سان

 

دعويٰ وارو دم

سو کڻي سگھندو ڪين ڪي

 

قرب جو قدم

کائي ڇڏيندو ان کي

 

غصو ۽ ٻيو غم

طالب مولا تنھن کان

 

ٿئي ڪارائتو نھ ڪم

اھو بلڪل بم

 

ٻڌي ٿو ٻيائي جو

٣٠-٨-١٩٥٨ع

راڻو ٻگھيو

*

جو ڪري حجت حبيب سان

 

سو ھردم ھارائي

سڌي ڳاٽ اچن جي

 

سي محبت مارائي

جي نمي اچن نجيب وٽ

 

پاند ڳچي پائي

طالب مولا مرد سي

 

ويا وارو وڄائي

جو سر کي سھسائي

 

اھو اچي عجيب ڏي

٣٠-٥-١٩٥٧ع

ھالا

*

حبيبي حضور ۾

 

جي اوچي ڳاٽ اچن

جن ھنيا دم دوست سان

 

سي موٽايا محبن

اھي خان کٽي ويا

 

جي پڻي پيزارن

طالب مولا تن

 

ماڻيو محبوبن کي

٢٢-٦-١٩٥٨ع

ھالا

*

ھڪ جھڙائي حبيب سان

 

جڏھن ڪئي جن

طالب مولا تن

 

ٻيئي جڳ وڃائيا

٢٢-٦-١٩٥٨ع

ھالا

*

ڪنھن کي ناھھ مجال

 

جو ڪلھو ھڻي قريب سان

تر تفاوت نھ ٿئي

 

ڪو ڪري کڻي ڪمال

ھڻي سڀ حيران ڪيا

 

جاني جي جمال

طالب مولا مرد ٿي

 

وٺ حقيقت جا حال

خودي وارا خيال

 

ڪم نھ ايندا ڪڏھين

٣٠-٥-١٩٥٨ع

ھالا

*

متان ڪو ڀانئي

 

تھ راڻل آھي راند

محبوبن جي منھن تي

 

مھر بھ ٿئي ماند

حجت نھ رک ھيڪاند

 

طالب مولا مرد ٿي

٣٠-٥-١٩٥٨ع

ھالا

*

متان دم ھڻي

 

دوستي جو دلبر سان

جو ھيڻو رھي حبيب سان

 

اھو اتِ وڻي

ھتي گوءِ کڻي

 

ڪو طالب مولا مرد ٿي

٣٠-٥-١٩٥٨ع

ھالا

*

تن کي محب مٿي ڪيو

 

جن پاند ڳچي پايو

ڪنبدي ڪنبدي قريب جو

 

تن قرب ڪمايو

انھن تي عجيب کان

 

عتاب نھ آيو

طالب مولا مرد ٿي

 

جن وجود وڃايو

سدائين سايو

 

تن تي تھدل يار جو

٢٢-٦-١٩٥٨ع

ھالا

*

ڪين کڻي ٿي ڪين

 

تھ ڪين منجھان تون ڪين ٿيين

ھستي، ھوڏ، ھئڻ ۾

 

آھي ئي ڪي ڪين

جو ڪين ۾ ٿئي ڪين

 

سو طالب مولا مرد ٿيو

٢٥-٨-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ھٿ ٻڌي حبيب ڏي

 

ھميشه ھليج

ڪنبي ڪنبي قرب ۾

 

وٽس تون وھيج

طالب مولا محب سان

 

حجّ نھ ھلائيج

اکيون، پير ڪريج

 

پرج پوءِ پرينءَ ڏي

٢-١١-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

حجت ھلائڻ حبيب سان

 

ڏاڍو آھي ڏوھھ

طالب مولا اھڙي

 

عادت ڪبي ڪوھھ

سدائين ستوھھ

 

اڳيان ڪبو ان جي

٢-١١-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

پاند ڳچي پائي

 

ھلبو حبيبن ڏي

وڙ ڪندا واھھ جا

 

عاجز جي، آئي

دلبر پنھنجي در تان

 

نھ ويتر ورائي

طالب مولا طلب ۾

 

نھ سھڻو سڪائي

سڄڻ جي سائي

 

ھردم رھبو حفظ ۾

٢-١١-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

جن لائي پيار پرينءَ سان

 

۽ وري ڪيو پاڻ

عقل منجھائي ان لاءِ

 

ڏاتر ڪيو ڏاڻ

پي نھ ڄاتئون پرت مان

 

محبت سندو ماڻ

طالب مولا تڪڙن

 

ڄاتو نھ ڪڏھن ڄاڻ

ھئن گوڏو گوڏي ساڻ

 

تھ بھ پري رھيا پرينءَ کان

٦-٩-١٩٦١ع

ھالا

*

رکي ھوڏ حبيب سان

 

جن دليئون ڌريائون

تن سڃاتو نھ سر کي

 

جو لئون نھ لاتائون

عشق پنھنجي عجيب سان

 

ڪري نھ ڄاتائون

ڳچي ۾ ڳھھ ڪري

 

پاند نھ پاتائون

طالب مولا تن رڳو

 

وڃايو واتائون

جن ۾ ”اسين“ ۽ ”آئون“

 

تن لائون ئي نھ لڌيون

٦-٩-١٩٦١ع

ھالا

*

پائي پاند ڳچي ۾

 

جي پيش پرينءَ وٽ پون

سي سدائين سرھيون

 

۽ ھنجن ۾ ئي ھون

اھي رويو رويو رون

 

جن سينو ساھيو سڄڻ سان

٢٢-٩-١٩٦١ع

ڪوئٽا

*

سدائين سڄڻ سان

 

سينو جي ساھين

چئبو، ڪچيون قرب ۾

 

سي اڃا ئي آھين

لوٺيون اھي لوڪ جا

 

نھ لاڳاپا لاھين

ٿيون ٺاھھ وڏا ٺاھين

 

تھ بھ طالب پارين پڌريون

١٠-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

جن ڪن ڪيو پاڻ

 

سي پرينءَ کان پري رھيون

تن عقل کي اجھو ڪيو

 

تن ڏاھپ ٿين ڏاڻ

ڀورن لڌو ڀاڻ

 

طالب مولا طلب ۾

١١-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

ھنيو جن حبيب سان

 

دعويٰ وارو دم

تن محبت جي ميدان ۾

 

ڪنبي نھ رکيو قدم

جن ويڙھي ويو وھم

 

سي طالب رسيون نھ توڙ کي

١١-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

ھڻ نھ دم دعويٰ جو

 

پو متان پڇتائين

ان کان اڳ چڱو اٿئي

 

تھ پاند ڳچي پائين

متان وقت خودي ۾

 

ويھي وڃائين

بڇڙي ٿيندي ڪانھ ڪا

 

جي چڱي چتائين

ھٿ ٻڌي حبيب ڏي

 

تون ھلج ھتائين

ڪاوڙيون قريب جون

 

پاندن ۾ پائين

طالب مولا طلب ۾

 

چئو سڄڻ کي سائين

جي ناتو نڀائين

 

نھ ڪڇ پڇ ڪنھن پر ڪين ڪي

٣-٩-١٩٥٧ع

راڻو ٻگھيو

*

تو ۽ تنھنجي يار ۾

 

وڏا فرق ڦير

ڪلھو نھ ھڻ قريب سان

 

ڀلا آھين ڪير!

ٿي آڏو ھلين حبيب سان

 

جو من ۾ اٿئي مير

پاءُ بھ آھين ڪين ڪي

 

۽ سڏائين ٿي سير

ڪڏھن ٿينديءَ ڪين ڪي

 

شينھڻ منجھان شير

ڪاڻ ڪڍندا ڪانھ ڪا

 

دلبر اٿئي دلير

طالب آھين تن جي

 

تھ نينھن ۾ ڪر نھ نبير

پرجھي نھ کڻندينءَ پير

 

تھ مٿو کپندئي مٽي ۾

٣-٩-١٩٥٧ع

راڻو ٻگھيو

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org