[9]
دلڙي ڏئي مون درد پرايو
ٿل: |
مون کان نٿيون وسرن سڄڻ! تنھنجي ڳڻن
جون ڳالھڙيون |
|
تنھنجي ڳڻن جون ڳالھڙيون، چشمن جون
چؤکيون چالڙيون |
١. |
جيڏھن کڻين نازڪ نظر، بينا ڪرين ٿو بي
بصر |
|
ٿيون باخبر ڪن بي خبر، ڪيفي، ڪڪوريل،
ڪالڙيون |
٢. |
ھن برھھ ڪئين ٻاريا بَٺا، سھما سون جا
مون سٺا |
|
مر لوڪ ڏي مون کي مٺا! اھڙيون عجب
اوڀالڙيون |
٣. |
ٿا عشق جا ٻارڻ ٻرن، رڙھندس مٿي رھبر!
رندن |
|
ڀل منھنجي پيرن ۾ پون، اڄ ڇو نھ
ڇوھئون ڇالڙيون! |
٤. |
دردن ڪيو دل کي بسم، ڪٽ طالب المولا
جو غم |
|
تنھنجي سڄڻ! سر جو قسم، اکڙيون رھن
ٿيون آلڙيون |
١٢-٣-١٩٥٥ع
ھالا
*
ٿل: مون سان دلبر دلڙي نھ لائين ھا
جي لايئي تھ توڙ نڀائين ھا
١. ڇو پيارا پلپل پيار ڏنئي
ڇا ڇا ٿي چيئي ڇا وعدا ڪيئي
ڀلا يار ٻڌاءِ تھ ڇا ٿي ويئي
جي ڇڏڻو ھيئي تھ ٻڌائين ھا
٢. تنھنجي نرمل نينھن نھوڙي نيس
اچي پيارا تنھنجي پيش پيس
جي لائق تنھنجي ڪين ھيس
تھ بھ رمزن ۾ پيو رھائين ھا
٣. مون وفائون ڪيون تو جفائون ڪيون
مون عطائون ڪيون تو خطائون ڪيون
مون صدائون ڪيون تو ندائون ڪيون
منھنجا ڪي تھ پرين ڳڻ ڳائين ھا
٤. آئون ڪين سڄڻ توکي جھليان ھا
پنھنجي پاڻ کي پاڻھي پليان ھا
پنھنجون آليون اکيون ويٺو مليان ھا
رڳو يار مون کان موڪلائين ھا
٥. ٿي اوچتو تون بيگانو وئين
ڪنھن وھم گمان نھوڙي نئين
آخر تون بھ تھ ھڪ انسان ھئين
ڪجھھ سوچي سمجھي سھائين ھا
٦. تو پاڻ ئي مون کي پسند ڪيو
۽ خوب سڄڻ خرسند ڪيو
وري ھجر جي قيد ۾ بند ڪيو
تنھن کان مورھئون من نھ ملائين ھا
٧. ھاڻ ڪيترو تون بيدار ڪندين
ڪو وقت ايندو فرياد ڪندين
پنھنجو طالبُ مولا ياد ڪندين
ٿي ويسلو وجھھ نھ وڃائين ھا
٩-٨-١٩٥٥ع
ھالا
*
ٿل: تو دلڙي يار! ڏتاري |
پو ير! ڪانھ ڪيئي پوئواري |
١. تنھنجا ڪيس پيارل! ڪارا، آھن پيچ انھن جا پيارا
ڪن ونگ وجھڻ لئي وارا، پائن ڳٽ ڳچي ۾ ڳارا
ڪن قيد سياڻا سارا، مھميرن تي سي مارا
ٿين وير بھ ات ويچارا، ٿا شاھھ ڀرن شوڪارا
منھنجي نرمل! آھھ نيزاري
٢. تنھنجي پاڪ پرين! پيشاني، آھي نرمل! نور نشاني
سج چنڊ لڳي حيراني! ناھي تنھنجي ثريا ثاني
ٿيا تنھنجا مٽ نھ شاني، ڪر اچڻ سندي احساني
وٺ محب مٺا! مھماني، اچ اڱڻ مٿي دل جاني!
تنھنجي محبّت دلڙي ماري
٣. تنھنجون اکڙيون ٻئي ميخانا، يا پر ٿيل پيمانا
يا محب! ٻئي مستانا، ڪن درد وارا ديوانا
اتي جنگ ڀرن ٿا جانا، تون شمع ٻيا پروانا
تنھنجا شوق آھن شاھانا، ھي راز ٿيا رندانا
تنھنجي اڳتئون توبه زاري
٤. تنھنجي قرب ڪرايون ڪيھون، شب روز رئان ڪري
ريھون
ڏنيون پرت پيارل! پيھون، ويون ورھن گذري ويھون
ٿي دلڙي ڇيھون ڇيھون، پيون لال لڱن ۾ ليھون
تنھنجي فڪر سڪايون ڦيھون، اچ برھھ ۾ گڏجي بيھون
ڪئي گوندر آ گلزاري
٥. محبوب! ڦٽا ڪر ماڻا، ھي رمز سکئين ڪيئن راڻا!
تنھنجي گھور گھمايا گھاڻا، نٿا مورھئون وڻن وھاڻا
تنھنجي صدمن ڪيا سنڌ ساڻا، اچي پرت پڄائج پاڻا
وجھان ٽپڻا روز ۽ ٽاڻا، تنھنجا سور آھن سيباڻا
تنھنجي تات، طلب ۽ تاري
٦. اچ وعدا پرت جا پاڙيون، ھڪ ٻئي سان سور
سلھاڙيون
دل، دل ڏي لالڻ! لاڙيون، ٿا سور وڃن سنڌ ساڙيون
ٿيو چيتو آھھ چيھاڙيون، دل درد وڃن ڌونڌاڙيون
اڄ ورھھ وسايون واڙيون، تنھنجي درجون مٽ نھ ماڙيون
ڪر سھڻا يار! ستّاري
٧. تنھنجو طالب مولا آھي، ٻئي ساڻ ڀلا ٻيو ڇاھي!
رس تنھن کي قرب مان ڪاھي، ٻيا لڳ لاڳاپا لاھي
ڇڏ وير ورھھ جي واھي، ڪير سينو توسان ساھي!
اھا طاقت ڪنھن کي ناھي، اچ مون وٽ گاھي ماھي
لاءِ برھھ جي يار! بھاري
٨-١١-١٩٥٥ع
ھالا
*
ٿل: جڏڙي جي جا جيارا- او پيارا!
تون ئي تھ آھين جاني جياپو!
١. اٿندي وھندي پرين! تنھنجي تات اٿم
سھڻا، سپرين، سڄڻ! وائي وات اٿم
مون ڏي سڀ ميار – او پيارا!
تو سان ئي آھي سڱ ۽ سياپو
٢. تون ئي ڀلارو ڀلو، مون ۾ عيب اپار
ڪانڌ! ڪميڻي جي ساري لھج سنڀار
ڀيڙو ٿج ڀتار – او پيارا
محب! منجان ٿي نينھن جو نياپو
٣. راتيون روئي رڙي ويٺي وھايان مٺا!
ڏينھن ڏکن جا وري ڏاڍا مون ڪي ڏٺا
موٽي اچ منٺار – او پيارا!
تنھنجو ئي آھي ڇاتي تي ڇاپو
٤. طالب مولا چوي اچين تون پير ڀري
من اھڙو وري ڍارو مون لئي ڍري
پلپل ڏي ڪي پيار – او پيارا!
ڪر نھ ھيڪاري سھڻا! سھاپو
٢١-١-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
ٺل: ساريو، ساريو، ساريان، او سھڻا سائين ڪيئن
وساريان!
١. |
روئي روئي حال وڃايم |
|
توري ڪنھن کي ڪين ٻڌايم |
تنھنجون واٽون نھاريان
٢. |
دردن آھي ڏاڍو جھوريو |
|
ماس ھڏن تان ڪوري ڪوريو |
پلپل توکي پڪاريان
٣. |
ڪونھ ڪيئي ڪو قياس ڪٺي تي، |
|
رحم نھ آيئي محب! مٺي تي |
تو لئي اڱڻ ٻھاريان
٤. |
جاني! جڏي وٽ پير ڀري اچ، |
|
مٺڙا ماڻھو! قرب ڪري اچ |
ساھئون توکي سنڀاريان
٥. |
ڌاري ڪري تو آھي ڌڪاريو |
|
وئين تھ وري تو ڪونھ نھاريو |
ويٺي گھنگھر ۾ گھاريان
٦. |
پڪ ڄاڻج تان تنھنجي آھيان |
|
ھرگز ٻي ڪنھن جي مان ناھيان |
ڏک ۾ ڏينھن گذاريان
٧. |
ڪڏھن ڀلا تون موٽي ايندين |
|
طالب جو ڪئن ٻيھر ٿيندين! |
ويٺي ھنجھڙيون ھاريان
٩-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
ٿل: سڪندي سال ٿيا ٿينديس نيٺ چري
ٿينديس نيٺ چري وينديس مفت مري
١. دلڙي ڦري وري ويٺين وساري
تارا ٿڪي پيا توڏي نھاري
ڳڻتن منجھھ ڳري وينديس مفت مري
٢. قرب جا ڪوڙين ڪانگ اڏايم
آب اکن مان ويھي وھايم
دلڙي درد ڀري وينديس مفت مري
٣. پيارا پرين! مون کي ھئن نھ وسارين ھا
ڪاتھ گھڙي مون سان گڏجي گذارين ھا
لڳڙي ذوق ذري وينديس مفت مري
٤. دلڙي ڏئي مون درد پرايو
توکي پيارا! ترس نھ آيو
ٿِيڙي ڳالھھ ڳري وينديس مفت مري
٥. طالب مولا کان نھ پري ٿي
منھنجي تھ توري ڪانھ سري ٿي
تنھنجي ڪيئن سري! وينديس مفت مري
١٩٦٢ع
*
ٿل: دلدار ڇو ڏيئي پيار، وري يار
سھڻا سڄڻ تو ڪئن وساري آھيان!
١. ڇو ٿو ڌڪارين الا، مفت ۾ مارين ڀلا!
جاني، مٺا، جي جيار، سردار!
شايد پرين ڪا آئون اڌاري آھيان!
٢. مون ڏي مڙيائي الا، تو ڏي نھ ڪائي ڀلا!
حاڪم سائين! ھزار وھنوار
مون ڏي ٿيا، تن محب ماري آھيان!
٣. ھٿڙو نھ لاھج الا، ناتو نڀائج ڀلا!
گولي سندءِ گنھگار، نيڪار
توڙي ڪني ڪوجھڙي ڪاري آھيان!
٤. سڻھل سائين الا، واڳون ورائين ڀلا!
منھنجا پرين، من قرار، غمٽار!
تنھنجي اھائي قرب واري آھيان!
٥. مھڻن سان ماريئي الا، ڳڻتن ۾ ڳاريئي ڀلا!
طالب چوي قربداري، منٺار!
تنھنجي ڀلارا جي جياري آھيان!
٣٠-١١-١٩٥٧ع
حيدرآباد
*
ٿل: ڪري قرب اچڻ، وري موٽي وڃڻ
اھا رسم رکڻ، اختيار نھ ڪر
ھڪ ڀيرو ملڻ، ڇني ناتو ڇڏڻ
مھڻا منھن تي ڏيڻ، اختيار نھ ڪر
١. ويا ورھھ وري، آئين ڪونھ وري
دل درد ڀري، ڳڻتين ۾ ڳري
ٿي نيٺ چري، منھنجي ڪانھ سري
ھيئن منھڙو مٽڻ، اختيار نھ ڪر
٢. تنھنجي اک جي اڻي، ڏاڍي دل کي وڻي
ڏي قرب ڪڻي، منھنجو آھين ڌڻي
تنھنجي گھرج گھڻي، آھيان ھڪڙي ڄڻي
ڌڪي ڌار ڪرڻ، اختيار نھ ڪر
٣. آھيان عشق اري، من تو لئي مري
پنھنجا قرب ڪري، اچ پير ڀري
ٿي ڪين پري، منھنجي دلڙي ٺري
رڳو يار! رسڻ، اختيار نھ ڪر
٤. جوشن ۾ جلي، دل ڪين پلي
اچ ھاڻ ھلي، وارث تون ولي
ناھي ٻي ڪا ڳلي، ٿو ڄاڻي علي
ڏک ڏاڍا ڏيڻ، اختيار نھ ڪر
٥. تنھن جو طالب مان محبوب! آھيان
ڪئن تو سان رسان! در ڪين ڇڏيان
ٿو توڏي ڏسان، ڇا توکي چوان!
رڳي تنڪا ھڻڻ، اختيار نھ ڪر
٢١-١٢-١٩٥٧ع
قاسم ٻگھيو
*
ٿل: |
تو مان اميد نھ لاھينديس |
|
ڪن ڏئي ٻڌجان سھڻل سائين! |
١. |
ور ور ڏئي محبوب موچارا! |
|
ڀاڪر توکي پائينديس |
|
سينو پنھنجو سڄڻ سچارا! |
|
تنھنجي سيني لائينديس |
پو من پنھنجا ڀال ڀلائين!
٢. |
آڻي پنھنجو اکڙيون عجيبا! |
|
تنھنجي قدم لڳائينديس |
|
پنھنجي لبن کان حاڪم حبيبا! |
|
تنھنجا پير چمائينديس |
مئي سان شال تون ناتو نڀائين!
٣. |
منھنجي اڱڻ تي جڏھين ايندين |
|
پو سڀ سور سڻائينديس |
|
پيار جو ھٿڙو مون تي ڌريندين |
|
محب! مٺايون وراھينديس |
ويھي مون سان راتيون وھائين
٤. |
اگلي عيبن واري آھيان |
|
تڏھن بھ تنھنجي سڏائينديس |
|
ڪاند! ڪميڻي آئون ناھيان |
|
پنھنجي پرت پڄائينديس |
تنھنجي ھونديس سھڻا سائين!
٥. |
منھنجو ڀلارا! بخت بھ تون ئي |
|
تو سان حجت ھلائينديس |
|
منھنجو تاج ۽ تخت بھ تون ئي |
|
تنھنجا ئي ڳڻ ڳائينديس |
طالب کي شل سيني لائين!
٣-٨-١٩٦٠ع
ڪوئٽا
*
|