Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 10

 

رھاڻيون راھونڊ ۾

 

رات رھي راھونڊ ۾

 

ڪئيسون روح رھاڻ

ويراڳي ورونھن لئي

 

ڀري آيا ڀاڻ

سوا سوز فراق جي

 

ڪڍيئون نھ ڪنھنجي ڪاڻ

طالب مولا طلب ۾

 

ڪيئون وٽ وراڻ

الله اھي آڻ

 

وري منھنجي وطن تي

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکاشريف- ھالا

*

وري شال وطن ۾

 

سي آديسي اچن

رنگ لڳي راھونڊ ۾

 

محبّت مچ مچن

طالب مولا مرد سي

 

ڏسي اکيون ٺرن

واحد! مان ورن

 

رمي اھي راھونڊ ڏي

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکاشريف- ھالا

*

محبّت جا ميلا

 

رات ھئا راھونڊ ۾

پسي رمز رندن جي

 

روح ڏنا ريلا

وھائيون ورھھ ۾

 

وھواھھ سڀ ويلا

اچن البيلا

 

رمي اھي راھونڊ ڏي

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکاشريف – ھالا

*

ويراڳن جي ورونھھ کي

 

ساھھ سندم ساري

واحد! وٽم شل اچن

 

واڳڙيون واري

ويا گوندر گذاري

 

رات رھي راھونڊ ۾

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکا شريف – ھالا

*

”رمي ھل راھونڊ ڏي“

 

جت وحدت جي واکاڻ

پياسي ات پين ٿا

 

محبّت ڀريا ماڻ

وحد جي ويساه سان

 

ٿو ملي پيارو پاڻ

طالب مولا طلب جا

 

اھي اٿئي اھڃاڻ

نينھن سندا نياڻ

 

ٿا وھن واري وچ ۾

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکاشريف – ھالا

*

”رمي ھل راھونڊ ڏي“

 

جت جوڳن ڪيو جوڳ

ويھي وڃائيو واري ۾

 

رڳن سندو روڳ

ڀوڳن ڪارڻ ڀوڳ

 

ھو طالب مولا مرد ٿيا

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکاشريف – ھالا

*

رند رھن راھونڊ ۾

 

جوڳي ٿيو جنگ

لڪيو ٻڌن لوڪ کان

 

لالائي جا لنگ

دنگن مٿي دنگ

 

پين شوق شراب جا

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکاشريف – ھالا

*

رضا واري رمز ۾

 

رند رھن راضي

محبّت واري مام سان

 

قلب ڪيئون قاضي

قبل نھ ماضي

 

ھردم آھن حال ۾

١٦-٩-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

رندن پنھنجي رمز ۾

 

حاصل ڪيو حال

ميڙيائون محبوب لاءِ

 

محبّت سندو مال

”لباس الڪافرين قلوب المؤمنين“

 

اھو اٿن احوال

طالب مولا مرد ٿي

 

ڪن قرب منجھھ ڪمال

جلال ۽ جمال

 

اوري ڇڏي اڳي ويا

١٦-٩-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

رند ڪن ٿا رمز ۾

 

گوندر منجھان گذر

دم جو کڻن در

 

طالب مولا مرد ٿيا

١٦-٩-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

رندن جي رمز جو

 

رندن کي ئي راز

ويٺي پنھنجي وجود ۾

 

پري ڪن پرواز

”لباس الڪافرين قلوب المؤمنين“

 

غازي رکن غماز

طالب مولا مرد سي

 

نرمل منجھھ نياز

سڀ وڃائي ساز

 

رھن ٿا راھونڊ ۾

١٦-٩-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*


 

[13]

گونگيون گوءِ کٽي ويون

 

اکن کي آئون

 

روڪيان جيئن رئڻ کان

تيئن تيئن تنھنجي تات ۾

 

رھي رنائون

مٺن ماٺ نھ اچڻي

 

جو پرين پڇيائون

طالب مولا طلب ۾

 

سھڻو سوجھيائون

ھنجون ھاريائون

 

سڄڻ ساريندي گھڻو

٢٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

اکن جي اداس ۾

 

ڏاڍو ڏک ٿيوم

آين آب عجيب لاءِ

 

تڏھن پتو پيوم

ريٽن کي روڪڻ جو

 

وڏو وس ڪيوم

طالب مولا تن کي

 

پلوءُ پاند وڌوم

چرين کي چيوم

 

تھ بھ رھيون ڪين رئڻ کان

٢٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

تِتي چيم تن کي

 

تھ مٺيون ماٺ ڪريو

طالب چوي طلب ۾

 

چوندو سڀ چريو

ھدايت حبيب جي

 

ڪي ڪجھھ ڪن ڪريو

وريو ڪي وريو

 

اجھو واءُ وصال جو

٢٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

چيائون تھ چريو نھ ٿي

 

ھي ھنجون مر ھون

ڳوڙھا ڳڙيو ڳلن تان

 

پرينءَ جي لھءِ پون

دردن واري داغ کي

 

ڌويو پيا ڌون

محبوب ڀلي محبّت مان

 

چون جيڪي چون

رويو پيا رون

 

طالب آزار اندر جا

٢٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

وري وراڻيو واھھ جو

 

عجب اکڙين

روئي چيائون رمز سان

 

تھ مٺن محبوبن

اکيون آليون ڇو ڪيون

 

ڪالھھ قريبن؟

طالب مولا تڏھين

 

ٿا وھيو لڙڪ وڃن

جي ٿا محب ملن

 

تھ رئڻ ويندو روڪجي

٢٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

وري ويھي تن سان

 

حيلا ڪيم ھزار

آھن منھنجي بھ اندر ۾

 

عشق جا آزار

ڪڇان ٿو تھ قريب جي

 

مون تي ٿيندي ميار

ڪڇو پڇو ڪين ڪي

 

تھ پوي ڪنھن نھ پچار

طالب مولا ساڻ ئي

 

ويھي ڪريو وھنوار

دلبر نيٺ ديدار

 

ڪرائيندو قرب سان

٢٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

ان دم ھي اندر مان

 

نڪتو ٿيو نروار

تھ طالب مولا تن کي

 

آھي پرينءَ ساڻ پيار

اکيون ڪنديون اکن سان

 

عشق سندو آچار

ايندن ڪونھ عجيب ري

 

ڪڏھن ڪوبھ قرار

ڇڏين تھ ڇيھھ ڪن

 

سو سندن ئي آزار

روئي ڀلي تھ رڄ ڪن

 

سو سندن ئي سينگار

دلبر دل جو يار

 

ملندن تھ ماٺ ڪنديون

٢٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

اکيون ايئن چون

 

تھ پسون روز پرينءَ کي

ويچاريون وس پانھنجي

 

اصلئون نھ آھن

طالب مولا طلب ۾

 

رويو روز رئن

سائين سبب ڪندن

 

تھ روئڻ ويندن روڪجي

١١-٨-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

سڄڻ! سارو ڏينھن

 

رئندي رئندي گذريو

اکن منجھان مينھن

 

وسندي وسندي رات ٿي

١١-٨-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

سڄڻ! ساري رات

 

رئندي رئندي گذري

پرھھ ڦٽي پرڀات

 

تھ بھ اکيون آليون ئي رھيون

١١-٨-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

روئي روئي رات

 

وھائي ڪيم ڏينھڙو

سھڻن سپرين جي

 

وائي ھيم وات

ڪنھين ويل نھ وسري

 

لالڻ سندي لات

طالب مولا کي ھئي

 

طلب تنھين جي تات

اچي ٿي پرڀات

 

تھ بھ اکيون آليون ئي رھيون

٢٩-١٠-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

وسيون ٿيون وسن

 

اکيون اوھيرا ڪريو

ڪھڙي مجال مينھن کي

 

جو اينھين ٿي اچن

طالب مولا طلب ۾

 

ٽميو روز ٽمن

جيڪر محب ملين

 

تھ بھ رھنديون ڪين رئڻ کان

٥-٨-١٩٦١ع

حيدرآباد

*

وسي وسي مينھن

 

سڀئي پٽ پسائيا

سڪا سڀ ساوا ڪيئين

 

رھي راتو ڏينھن

اينھين منھنجي نينھن

 

اندر کي آباد ڪيو

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

ڇو ٿو ڪرين مينھن

 

مون سان ريس رئڻ جي!

طالب مولا سان تھ ڪيا

 

ناحق وڏا نينھن

تنھنجا ٻٽي ڏينھن

 

منھنجي موسم سڀڪا

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

ڇو ٿو ڪرين ريس

 

مون سان مينھن رئڻ جي!

طالب مولا سان ڪيا

 

قربائتي ڪيس

تنھنجا بھ آھن ڪي ڀلا

 

جاني جوڙ ۽ جيس؟

جنين جي ٻاٻِيس

 

جھوريو تنھنجي جان کي

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

اکيون ۽ مينھن

 

ٻئي نھ اکر ھڪڙي

ھو موسم جو محتاج ٿيو

 

ھي وسن راتو ڏينھن

ھن ۾ نرجا نينھن

 

ھو طالب! وسن وقت تي

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

مينھن تھ طالب وس ۾

 

اکيون نھ پنھنجي وس

ھي بِنھين نھ ڪن بس

 

ھو وسي ٿو وقت تي

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

مينھن تھ رڳوئي مينھن

 

پر نينھن نھ آھي ان ۾

ھو وسن فقط وقت تي

 

ھي رئن راتو ڏينھن

ھي شوق ۾ ٻيئي شينھن

 

ھو ھوا تي ھليا وڃن

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

مينھن وسن ٿا مند تي

 

اکيون روز وسن

ھو پروس ويچارا ٿيا

 

ھي وس ۾ ڪين رھن

ھن جي موسم ھڪڙي

 

ھي ٽميو ٽميو ٽمن

ھو رڳو ٻارھين ماه ٿا

 

سڪا ساوا ڪن

ھي دمدم ٿيون دلن کي

 

اڇو آب ڏين

ھو وسيو نيٺ وڃن

 

ھي طالب! وڃن ڪين ڪي

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

متان مينھن ڪرين

 

تون ڪا ريس اکن سان

ھي وسن ٿيون ھر ويل ۾

 

تون ھڪڙي رات وسين

ھي سڪا ساوا روز ڪن

 

تون ٻارھين ماه مچين

مورھئون جي نھ مڃين

 

تھ بيھي ڏس ڀنن سان

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

مينھن وسي ڇا ڪندو

 

وسن ڀل تھ اکيون

جن دلبر جي ديدار جون

 

چاٽيون روز چکيون

پري ھوندي بھ پرينءَ سان

 

ٻيئي پي ٻکيون

جيڪي ربّ رکيون

 

سي طالب ڀلي توڙ ڪن

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

جئن ٿي مينھن وسيو

 

تئن پي اکيون امنڊيون

اوھيرا ٿي ان ڪيا

 

تھ ھن پڻ قھر ڪيو

ھي زوراور زور ۾

 

ھو وسي نيٺ ويو

ھو ويو، ڪونھ وريو

 

ھي طالب ساڳي تات ۾

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

ڪٿي مند مينھن جي

 

ڪٿي اکن آر!

ھو ورن ٿا وقت تي

 

ھي طالب مولا تار

ھي سدا ساوڻ پار

 

ھو محتاج موسمن جا

٩-٨-١٩٦١ع

ڪوه مري

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

ويچاريون وسن

ڪڇن پڇن ڪين ڪي

 

نھ ڪي ڪجھھ ٻڌن

سدائين صبر جي

 

عادت آھھ اکن

طالب مولا طلب ۾

 

گوءِ کٽي گونگن

تڏھين لڙڪ اگھين

 

حبيبن ھٿن سان

٨-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

ڪڇن ۽ نھ پڇن

ٽمن ٽھڪن ورھھ ۾

 

ڪي اندر منجھھ اٿن

اڪيليون عجيب لھءِ

 

ڪريو مانڊاڻا مچن

سدا رھن صبر سان

 

جو عشق لڳو اکن

پيغمبراڻي پر کي

 

پاريو ٿيون پارن

تڏھن محب تن جي

 

ونن منجھھ وسن

طالب مولا طلب جا

 

ڪيا حج ھنن

سڪ ۾ کان سڀن

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٠-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

ويٺيون ويچاريون

رئن رڙن ڪين ڪي

 

بِرھيل بيماريون

ايوب جئن اندر ۾

 

عشق آزاريون

طالب مولا تڏھين

 

ٿيون پِر کي پياريون

محبّت جون ماريون

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٠-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

ڪن محڪم ماٺ مدام

بي زبانيون برھھ ۾

 

ڪڏھن ڪن نھ ڪلام

آڻن آب اندر مان

 

صبح توڙي شام

حبيب نيٺ ھٿن سان

 

ڏنن اگھڻ جو انعام

طالب مولا طلب ۾

 

سڄڻ ڪين سلام

گوليون ھيون گگدام

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٠-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

اٿن ڳجھا ڳاروڙا

جاني لاءِ جڏن کي

 

جي ۾ جاکوڙا

پنھنجي اٿن پاڻ ۾

 

ٽمڻ، ٽاڪوڙا

گونگن مينھن وانگيان

 

ڪن اڀريو آروڙا

مٺن ماٺيڻن جا

 

سڄن نھ ساڪوڙا

طالب مولا طلب ۾

 

ڀنن ڀانڃوڙا

گھوڙا ڙي گھوڙا

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٠-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

لڙڪ سوين لاڙي

سدا رھيون صبر سان

 

پچار نھ پئي پاڙي

حبيب ھلي آئيو

 

ڳوڙھا ڪئين ڳاڙي

طالب مولا طلب ۾

 

سڪ ڇڏين ساڙي

گھوڙا گھوڙا ڙي

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٠-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

نھ ڪنھن سان سور سلن

سوين سوز اندر ۾

 

رکيو روز وھن

دانھون درد فراق جون

 

ڪنھن کي ڪين ڏين

”الفراق اشد من الموتِ“ جي

 

سختي خوب سھن

”الھجر قطعة من النار“ جي

 

رمزن منجھھ رھن

عشق واري آڳ ۾

 

پچيو ٿيون پچن

سڄڻ انھن جي سامھون

 

جھڪيو ٿا جھڪن

طالب مولا طلب مان

 

حبيب ھليو اچن

ڳالھيون تن جي ڳڻن جون

 

مڃيون محبوبن

شابس تن سچن

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٠-٨-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

نھ ڪي ڪنھن کي چون

ڦٽيون، ڦٽ فراق جا

 

دمدم اندر ڌون

بي وصاليون برھھ ۾

 

ھونھنئين ھئن ٿيون ھون

اچي ٻولي ان جي

 

تھ سور ويھي سمجھون

طالب طلبن واريون

 

پيرين اچيو پون

رويو رويو رون

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٦-٨-١٩٦١ع

ھالا

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

لڙڪ سوين لاڙين

ويٺيون پنھنجي پر ۾

 

پرت کي پاڙين

سڪا ساڙي سڀڪو

 

ھي ساوا ٿيون ساڙين

قدم پياري پرينءَ جا

 

عاجزيون آڙين

طالب مولا طلب ۾

 

ور ور ولاڙين

نينھن اندر ناڙين

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٦-٨-١٩٦١ع

ھالا

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

نمي ناز وڃائيين

چوان روز چريون نھ ٿيو

 

پر مٺيون نٿيون مڃن

ستيون سمجھن ڪين ڪي

 

ڌارا اشارن

خبر ناھھ اندر ۾

 

ڇا ارادا اٿن

ڪھي وجھن نھ ڪنھن کي

 

جو صبر ڪيو ستن

مظلومن کان مورھئون

 

ٿا منھنجا ڏوھھ ڏڪن

طالب طلبن واريون

 

شل راضي روز رھن

مولا مدد ٿين

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٦-٨-١٩٦١ع

ھالا

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

ھي صابرين سڙيون

اچي ڪٿي اوچتو

 

عاشق ٿي اڙيون

پنھنجي اٿن پاڻ ۾

 

دردن جون ڌڙيون

رويو رويو رمز سان

 

گذارين گھڙيون

متان مورھئون مون مٿي

 

ڪن نھ ڪاوڙيون

ٿو طالب ڊڄان تن کان

 

جو لالڻ ساڻ لڙيون

ريھون ڪن نھ رڙيون

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٦-٨-١٩٦١ع

ھالا

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

ٿيون سڄڻ سنڀارين

مڙن نٿيون منٿ تي

 

ھنجھون ٿيون ھارين

ڪرڙيون نھاري قھر مان

 

ڏيل ٿيون ڏارين

الله بھ ٻڌي ان جي

 

جي گوندر گذارين

طالب ڊڄان ٿو تن کان

 

تھ مون کي نھ مارين!

پاڻ، ڳڙيو ڳارين

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٦-٨-١٩٦١ع

ھالا

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

ھجن سلامت

مستانن سان مورڳو

 

نھ ھلائبي حجّت

ويچارن کي ورھھ ۾

 

درد جي دقت

چرن کي نھ چوربو

 

ھي البيليون البت

ھردم ڏبن حاضري

 

ماريون ھي محبّت

سڪ جي صديقي چوي

 

سرين سعادت

ھمدردي ڪبي ھنن سان

 

خاصي ٻي خدمت

ھيڏي جن سان حبيب ڪئي

 

تن سان مور ڪبي مروت

طالب چوي طلب ۾

 

اٿن محڪم محويت

نرمل جي نسبت

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

١٦-٨-١٩٦١ع

ھالا

*

پچن پڄرن پاڻ ۾

 

نھ ڪنھن سان سور سلين

سختيون سورن جون سدا

 

جاني ڪاڻ جھلين

ڪنھن کي قلق قلب جو

 

ڏاھيون ڪين ڏسين

ڪامليون، قريشي چوي

 

سھما ڪنھن نھ سڃين

طالب، فقط طلب ۾

 

محبن کي مڃين

ڏوراپا نھ ڏين

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

٢٤-٨-١٩٦١ع

ھالا

*

پچي پڄري پاڻ ۾

 

ڪيئون مانڊاڻا مچي

اٺيون اوھيرا ڪري

 

عاشق تي اچي

ڪيئون ڪانھ قريب سان

 

ڪڏھن ڪابھ ڪچي

طالب مولا طلب ۾

 

ٿيون ريٽيون ٻئي رچي

سچي ڙي سچي

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

٢٨-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

پچي پڄري پاڻ ۾

 

ٿيون خودي ۾ خاموش

آخر آيو انھن ۾

 

جذبو ۽ ٻيو جوش

مست محبّت ۾ ٿيون

 

ٻيئي ڄڻ مي نوش

طالب مولا طلب ۾

 

ھڪٻئي سان ھمدوش

ٿي پنھنجو پردو پوش

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

٢٨-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

پچي پڄري پاڻ ۾

 

پختيون ٿي پيون

وھن ٿيون ورھھ ۾

 

ٿي نياڻ ۽ نيون

ڪالھھ کان بھ ڪرڙيون

 

مست آھن ميون

طالب مولا طلب جي

 

تئونس آھن تيون

ٿي صبر منجھھ سيون

 

گونگيون گوءِ کٽي ويون

٢٨-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

پچي پڄري پاڻ ۾

 

ڪن ريجھي رھاڻيون

اٿن اندر عجيب جون

 

عجيبُ آکاڻيون

ستِن ستر جھليو

 

اٿن گھورن ۾ گھاڻيون

منجھن ئي موجود ٿيا

 

گز ۽ ڪماڻيون

پر ڪيون آھن قريب جي

 

ورھھ ويڳاڻيون

تڏھن رھن ٿيون طلب ۾

 

ھي نرمل نماڻيون

رئندي رئندي تن کي

 

ڪئين راتيون وھاڻيون

ھاڻي سانت صبر سان

 

ٿيون رھن ريڪاڻيون

پرين پنھنجون نھ ڪيون

 

تھ بھ حبيبن ھاڻيون

طالب مولا تن جون

 

ڪھڙيون ڪھاڻيون!

ادب ڪريو انھن جو

 

ھي نينھن جون نياڻيون

جي ستيون ساماڻيون

 

سي گونگيون گوءِ کٽي ويون

٢٨-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org