|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 15 |
|
|
[22]
ٻڌان ٿو ٻين کان
|
ٻڌان ٿو ٻين کان |
|
ٿا رئن راتو ڏينھن |
|
وسائن پيا ورھھ ۾ |
|
منجھان اکن مينھن |
|
نٿو ننڊ ڪرڻ ڏين |
|
نانگو، نپٽو نينھن |
|
شوق منھنجي جو شينھن |
|
طالب ھيرايئون ھٿن سان |
٥-١-١٩٦٢ع
ڪراچي
*
|
ٻڌان ٿو ٻين کان |
|
ٿا راتو ڏينھن رئن |
|
واٽون منھنجون ور ڏيو |
|
پڇيو ٿا پڇن |
|
شوق منھنجي جي شينھن کي |
|
پيا پنھنجو ماس ڏين |
|
پنھنجي ڪيي تي پاڻ ئي |
|
رويو ٿا رئن |
|
صلاح آھي سولي |
|
تھ پاڻھي ئي پرچن |
|
صحبتون صديقي جون |
|
نٿيون تن وسرن |
|
ھليا اڱڻ اچن |
|
تھ کلي کيڪاريون تن کي |
٦-١-١٩٦٢ع
ڪراچي
*
|
ٻڌان ٿو ٻين کان |
|
ٿا رئن ڏينھان رات |
|
اٺئي پھر اندر ۾ |
|
اٿن طالب جي ئي تات |
|
منھنجي ئي مقال جي |
|
وائي اٿن وات |
|
پو اچن نٿا عجيب ڇو |
|
ڇا ويا آھن ولات؟ |
|
ممڪن ڪونھي، منھنجو |
|
نينھن ڏيندن نجاتِ |
|
بخشان ھوند براتِ |
|
جي ھلي اچن ھنج ۾ |
٧-١-١٩٦٢ع
ھالار
*
|
توکي ھئن حبيبَ |
|
ڪئن وڇوڙو وڻيو! |
|
محبّت ھيئي نھ من ۾ |
|
لالڻ يار لبيبَ |
|
جو مورھئون منھن مٽي وئين |
|
عاشق کان عجيبَ |
|
طالب مولا کان پري |
|
ناحق ٿئين نجيبَ |
|
نرمل ڪنھن نصيبَ |
|
پري ڪيئي پيار کان |
٨-٧-١٩٦٢ع
راولپنڊي
*
[23]
لڪي ليام پاءِ
|
لڪي ليا م پاءِ تون |
|
سامھون اچ سڄڻ! |
|
تھ پرين ڏيانءِ پرت مان |
|
محبّت سندا مڻ |
|
مون وٽ ولر ورھھ جا |
|
۽ دردن سندا ڌڻ |
|
طالب وٽ آھي تنھنجي |
|
ڳڻن سندي ڳڻ |
|
ورھھ وارا وڻ |
|
ڪڏھن ڏس قريب ٿي |
|
|
* |
|
|
لڪي ليا م پاءِ تون |
|
سامھون سڄڻ اچ |
|
ٻھڳڻ اڃا ٻري پيو |
|
محبّت وارو مچ |
|
طالبُ مولا ٿو چوئي |
|
سھڻا سائين سچ |
|
پرين تون پڻ پچ |
|
جئن آئون پچان ٿو پرت ۾ |
|
|
* |
|
|
لڪي ليا م پاءِ |
|
سڄڻ اچ تون سامھون |
|
جي درد اٿيئي دل ۾ |
|
تھ ٻيھر لنئون لڳاءِ |
|
قدم پنھنجا قرب ۾ |
|
ويتر تون وڌاءِ |
|
طالب مولا ساڻ ٿي |
|
نيھي، نينھن نڀاءِ |
|
نھ تھ چريو ڪين چواءِ |
|
محبت واري ملڪ جو |
|
|
* |
|
|
لڪي پاءِ م ليا |
|
سڄڻ اچ تون سامھون |
|
جي ويھي وعدا تو ڪيا |
|
سي پورا ڪين ٿيا |
|
تھ بھ طالب مولا جا سڄڻ |
|
تو سان پيچ پيا |
|
محبّت واري ملڪ ۾ |
|
جي مئا سي جيا |
|
ورھھ ٿي ويا |
|
ملئي، ماڻھو مٺڙا! |
|
|
* |
|
|
ليا پاءِ م لڪي |
|
سڄڻ اچ تون سامھون |
|
پرين تنھنجي پيار جا |
|
پيا چھڪ چِڪي |
|
طالب مولا مست ٿيو |
|
سڪ ۾ روز سڪي |
|
تھ بھ دلبر تو ڌڪي |
|
دلڙي پنھنجي در تان |
٢٩-٨-١٩٦٤ع
تيزگام
*
[24]
جيڪر آئون ھجان!
|
ھجنم ور ورن تي |
|
ڏنگايون ڏھوار |
|
ٻيون ڪارايون قھر جون |
|
ٽيا جلوا جوھردار |
|
ڪر ڪاريھر جان کڻي |
|
ڏاڍي ڏيان ڏيکار |
|
وجھي ڪمند قرب جا |
|
ڪريان شوق شڪار |
|
ساري عمر عجيب وٽ |
|
رکان غازي گرفتار |
|
طالب مولا طالبن کي |
|
ٻڌي وٺان ٻيھار |
|
صبا لڳي تھ سر ۾ |
|
ھوند ٿِين ھٻڪار |
|
جيڪر ھجان وار |
|
مٿي تي محبوب جي |
|
|
* |
|
|
کڻيو ھميشه پيو ھلان |
|
ڪاريھر جان ڪر |
|
ڪڍي ڇڏيان نھ ڪنڌ مان |
|
ويتر وجھان ور |
|
نانگ بلائون ڇا ڪندا |
|
ٻيا کپايان کپر |
|
سامھون اچن سورما |
|
تھ ڏنگي ڪڍان ڏر |
|
طالب مولا تن کي |
|
ھوند پوي پوءِ خبر |
|
ھجان ھا جيڪر |
|
ڪارا ڪيس قريب جا |
|
|
* |
|
|
مون ۾ ھردم ئي ھجن |
|
ڪي وڏا جاه، جلال |
|
رکان نوري نسبتون |
|
۽ ڪمال تي ڪمال |
|
سج چنڊ منھنجي سامھون |
|
ظاھر منجھھ زوال |
|
ھمسر ھجي ڪونھ ڪو |
|
۽ جوڙ نھ ڪي بھ جمال |
|
جھڪن اچي جود مان |
|
لاکيڻا ڪئين لال |
|
طالب مولا، مون جيان |
|
ڪنھن کي ڪانھ مجال |
|
ميٽي ڇڏيان ملال |
|
جي پرينءَ پيشاني ھجان |
|
|
* |
|
|
جيڪي منھنجي صبح سان |
|
اچي زيارت ڪن |
|
تھ سڀني جا سڀئين پرئين |
|
ھوند ڀلا بخت ٿِين |
|
سڄو ڏينھن سکن ۾ |
|
پيا کلن ۽ ڪڏن |
|
جتي وڃن جڏھين |
|
تھ مڙني ۾ مرڪن |
|
ڪانئر ٿين ڪين ڪي |
|
پر فاتح ئي رھن |
|
گھنڊ وجھي جي گھور ڏيان |
|
تھ مئا جِي جين |
|
طالب مولا تن کي |
|
نھ ڪوسا واءُ لڳن |
|
مون کي مڙيو ڏسن |
|
جي جبِين جاني جي ھجان |
|
|
* |
|
|
عاشقن کي اشارن جا |
|
جام ڪرايان جڃ |
|
لاھيان ھوند ذري ذري |
|
سندن اندر جي اڃ |
|
ڪرايان قرب جا |
|
پلپل پلپل پڃ |
|
لاھي ڇڏيان لحظي ۾ |
|
ڏاکڙا ۽ ڏڃ |
|
طالب مولا محبّت جي |
|
سيبايان سڃ |
|
پو صفن جون صفون ڀڃي |
|
بلڪل وجھان ڀڃ |
|
ماري ڪريان مڃ |
|
جي ابرو ھجان عجيب جا |
|
|
* |
|
|
تلوارن کي اھڙو |
|
ڪٿي ھوندو آبُ؟ |
|
خنجر خود جھڪي پون |
|
تبرون پڻ بيتاب |
|
سينڱون سوين ھجن |
|
تھ بھ منھنجو ڪونھ جواب |
|
پھرين ماھھ شوال جي |
|
اڳتان مون بي آب |
|
ھو ابرو ابتو آسمان جو |
|
آئون سڄڻ وٽ صواب |
|
طالب مولا تعريف ۾ |
|
منھنجي حد نھ حساب |
|
مون وٽ جھڪي محراب |
|
جي ابرو ھجان عجيب جا |
|
|
* |
|
|
اک ڇنڀ ۾ آڻيان |
|
عجيبُ انقلابَ |
|
دلن کي ڌڙڪائيان |
|
شوقئون منجھان شتاب |
|
ڦريو ڦريو ڦٿڪائيان |
|
شوقينن شباب |
|
لحظي اندر لاھيان |
|
ھيڪاري حجاب |
|
طالب مولا تن کان |
|
وٺان ھزارين حساب |
|
نھ منھنجا ھجن جواب |
|
جي ھجان ڇپر حبيب جا |
|
|
* |
|
|
ھوندس حاضر ھر گھڙي |
|
مٿي ميدانن |
|
چيف ڪمانڊر ٿي ڪري |
|
سان سوين سپاھن |
|
ھڪدم منھنجي حڪم تي |
|
ھردم جي ھلن |
|
بلڪل بيباڪي سان |
|
ور ور ڏيو ورھن |
|
ھردم رکن ھٿ ۾ |
|
محڪم مشين گن |
|
بَڇان کڻي تھ بي ڊپا |
|
ڪنھن مان ڪين گسن |
|
جيڪو اچين اڳيان |
|
تنھن کي قتل ڪن |
|
سستِي ھجي ڪانھ ڪا |
|
طالب مولا تن |
|
اھي سڀيئي ئي صفتون |
|
پوريون منجھھ پنبڻن |
|
لاھيان ور وڏن |
|
جي ھجان ڇپر حبيب جا |
|
|
* |
|
|
نھاريان نھ نھوڙيان |
|
ڪيئي جنگ جوان |
|
گھور ڏيان تھ گھائيان |
|
ساري جڳ جھان |
|
نظر اينھين نڪري |
|
جئن گز منجھان ڪمان |
|
اک نھ کڻن اڳيان |
|
سورھھ ۽ سلطان |
|
ڪنڌ نمائن ڪوڙيون |
|
ٻيا خانن سندا خان |
|
دوناليون دٻجي وڃن |
|
مورھئون منجھھ ميدان |
|
”ٿِري ناٽ ٿِري“ ۾ |
|
ڪٿي اھڙا ڪان |
|
ائٽم اينھين ڪيئن ڪندو |
|
جئن آئون ڪندس احسان |
|
ڪران تھ بجلي ٿي ڪران |
|
پر دھرا ڏيان دان |
|
سڪا پڻ ساوا ڪريان |
|
اندر جا ارمان |
|
طالب مولا ڀريان |
|
دردن سان دامان |
|
دانا ڪريان نادان |
|
جي اکيون ھجان عجيب جون |
|
|
* |
|
|
نظر کپائي نھاريان |
|
ڪري جذبا جانانا |
|
تھ واعظ، شيخ ۽ محتسب |
|
ڪريان مڙئي مستانا |
|
زاھدن وڃن وسري |
|
فرض دوگانا |
|
شاھي شاه ڇڏي ٿين |
|
بلڪل بيگانا |
|
وڃن قلندر وس کان |
|
ڪن رقص رندانا |
|
ساقن وڃن وسري |
|
پيارڻ پيمانا |
|
طالب مولا ڪئين ڪريان |
|
آئون دانا ديوانا |
|
جنگ ڀرن جانا |
|
جي اکيون ھجان عجيب جون |
٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٨-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
ڏسي ملاحت منھنجي |
|
گل ڦل شرمائين |
|
موسم جا محتاج ھو |
|
ھي اينھين ئي آھين |
|
خزان اچي تھ خوف کان |
|
کڻيو پلؤ پائين |
|
پنھنجن پراون ۾ |
|
ڪو فرق نھ فرمائين |
|
سونگھڻ ڏين سڀن کي |
|
۽ عبرت نھ کائين |
|
ھٿ لڳي نھ حجاب ڪن |
|
کڻيو ڪنڌ نائين |
|
ڪڇن پڇن ڪين ڪي |
|
جي ڳچي ڪي پائين |
|
طالب مولا پاڻ کي |
|
وڃو وڪڻائين |
|
مٽ سٽ منھنجو مورھئون |
|
ھو ڪڏھين ئي ناھين |
|
آئون حجت نھ رکان ھڪ سان |
|
کڻي چاھئون ڪئين چاھين |
|
ڳڻ سوين ڳائين |
|
جي ھجان ڳل عجيب جا |
|
|
* |
|
|
بلبل ڀلجي ھوند پئي |
|
اھڙا ھجنم انگ |
|
پنھنجي لالائي لال ٿيان |
|
ڪريان دلبري ۾ دنگ |
|
وجھان پري کان پيار جا |
|
ٻھڳڻ ٿي ڪي ٻنگ |
|
اچي جھڪن اڳيان |
|
عاشق ڪئين اڙٻنگ |
|
مون ۾ بوءِ بھار جي |
|
واسيان پيو جھر جھنگ |
|
طالب مولا مون مٿي |
|
پلپل اچن پتنگ |
|
ھزارين حيران ٿين |
|
ڍولڻ ڏسي ڍنگ |
|
توري ڇڏيان تنگ |
|
جي ھجان ڳل عجيب جا |
|
|
* |
|
|
شوقئون شاعرن کان |
|
ڳڻ پيو ڳارايان |
|
ڪوڙين ڪافر پيا چون |
|
تھ بھ مٺيان نھ ڀانيان |
|
ويھي ڪعبي وچ ۾ |
|
مسلمان بنايان |
|
آنء ڪارو ڪارو ئي رھان |
|
پر سوين سڪايان |
|
نظر لڳڻ ئي ڪانھ ڏيان |
|
حفاظت ھلايان |
|
دشمن سندو داغ ٿيان |
|
سڄڻن سيبايان |
|
بخت ڀلا ڀايان |
|
جي طالب مولا تِر ھجان |
|
|
* |
|
|
مون کي ملاحت تي |
|
ڏي فائق فضيلت |
|
کوليان آئون عجيب جي |
|
ڪارو ٿي قسمت |
|
وڌي حسن حبيب جو |
|
منھنجي معرفت |
|
نھوڙيان سڀ ناظرو |
|
منجھھ ھجان حفاظت |
|
لکين لکندا ئي رھن |
|
منھنجي صاف صفت |
|
جت ذڪر منھنجو تھ اچي |
|
ٿئي اوڻائي البت |
|
مڻين مون لئي ئي ھجي |
|
محبن وٽ محبّت |
|
اعليٰ مليم عزت |
|
جي طالب مولا تِـر ھجان |
٢٨ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٩-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
ڌريان اوڏاھين ڌيان کي |
|
جيڏھن طلب تڻ |
|
اتبار نھ ڪريان ڪنھن ڳالھھ تي |
|
جيتر ڳڻيان نھ ڳڻ |
|
ٻڌان نھ ٻولي سان ٻڌان |
|
جنھن ۾ محبّت مڻ |
|
اھو سمجھان ۽ سڻان |
|
جنھن ۾ ورھھ واري وڻ |
|
طالب مولا پيو ڪريان |
|
رڳي ڇنڊ ۽ ڇڻ |
|
سڻان نھ ٻي ڪا سڻ |
|
جي ھجان ڪن قريب جا |
١٤ شوال ١٣٨٧ھھ
١٣-١-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
ٻيون ٻوليون وجھان ٻن |
|
جن ۾ رڳي جار |
|
مٺا ٻول رڳو ٻڌان |
|
ٻيا ھڙئي ڇڏيان ھزار |
|
گلا غيبت جي ھجي |
|
تھ ٻوڙو ٿيان ٻيھار |
|
سڻان سمجھان ڳالھھ سا |
|
جنھن ۾ پختا پيار |
|
سڏ جن ۾ سڪ جا |
|
تن آوازن سان آر |
|
طالب مولا تن ڏي |
|
ڌيان ڏيان ڏھوار |
|
ھي ڪرم ڪري ڪلتار |
|
جي ڪن ھجان قريب جا |
٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٨-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
ڪٿي منھنجو ڍنگ ٿئي |
|
ڪٿي انبَ جي ڦار |
|
ڀلا قوس قزح ڪٿي |
|
ڪٿي منھنجا پار |
|
ڪٿي تشبيه تبر جي |
|
ڪٿي منھنجي ڌار |
|
طالب مولا جڳ ڪندو |
|
پلپل منھنجي پچار |
|
سيکاٽيان سردار |
|
جي ھجان نڪ نجيب جو |
٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٨-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
ڪٽي ڇڏيان ڪيترا |
|
خنجر سڀ خمدار |
|
دڙٻاٽيان دوناليون |
|
محڪم ڪري مار |
|
برھھ منجھھ بنائيان |
|
بيحد بيقرار |
|
طالب مولا تڪڙ مان |
|
سامھون اچن سردار |
|
تھ ويتر ڪريان وار |
|
جي ھجان نڪ نجيب جو |
٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٨-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
مرڪي محبوبن جو |
|
شان وڌايان |
|
سڌون ڪري سڀڪو |
|
تھ چميو آئون چمان |
|
پر اچڻ نھ ڏيان اوڏڙو |
|
ويجھو ڪين وڃان |
|
لکين نھ پڇن لعل کي |
|
جنھن ۾ ڪانھي جان |
|
ياقوت ياد ئي نھ پوي |
|
مورھئون ٻي مرجان |
|
عزت نھ ٿئي عقيق جي |
|
جو شايان نھ منھنجي شان |
|
طالب مولا جي کلان |
|
تھ موتي ڪڍي ڏيان |
|
لعاب ساڻ لڳان |
|
لالڻ جا جي لب ھجان |
١٢ شوال ١٣٨٧ھھ
١٣-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
بند ھجان تھ بلڪل ئي |
|
رعبَ ڄمايان |
|
چران تھ چرپر چؤطرف |
|
بيتابيون ڀايان |
|
مرڪان کڻي تھ مورڳو |
|
بيخود بنايان |
|
کلان تھ ساري لوڪ ۾ |
|
لو لو لٽايان |
|
کلان تھ سر سرھو ٿئي |
|
ھٻڪار ھلايان |
|
ڳالھايان تھ ڳڻن جا |
|
گل ڦل ورھايان |
|
ڪئين راڻا رلايان |
|
لالڻ جا جي لب ھجان |
١٢ شوال ١٣٨٧ھھ
١٣-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
دليون نھ دکايان مورھئون |
|
نھ واتان وڃايان |
|
پراون کي پيار سان |
|
پنھنجو بنايان |
|
ھرڪو حيرت ۾ پوي |
|
سي ٻول ٻڌايان |
|
طالب مولا ھر گھڙي |
|
ڳڻ ئي ڳالھايان |
|
سڀني سيبايان |
|
جي ھجان دھن حبيب جو |
١٦ صفر ١٣٨٨ھھ
١٥-٥-١٩٦٨ع
اسلام آباد
*
|
وعدا سڀ وفا ٿين |
|
۽ پورا ڪريان پيمان |
|
سچ سدائين سليان |
|
ڪوڙ ڳالھايان ڪان |
|
لڏان لچڪان ڪين ڪي |
|
سيف ٿيان سبحان |
|
دشمن سڀ دٻائيان |
|
درس ڪري دھمان |
|
ڳڻن پريون ڳالھيون ڪريان |
|
ھجان نھ جيئن حيوان |
|
مڻين مٺايون ڏيان |
|
جوڙي جڳ جھان |
|
طالب مولا طلب جا |
|
بيحد ڪريان بيان |
|
دھرا رکان ڌيان |
|
جي لالڻ جي لسان ٿيان |
٢٨ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٩-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
اڇو مليم آب پيو |
|
جھڙو عرق گلاب |
|
لاھيان اڃ ذري ذري |
|
شوقئون پيان شراب |
|
پڙھان روز پرينءَ وٽ |
|
بيخودي جا باب |
|
ملنم آب حيات مان |
|
نشا ڪئين ناياب |
|
طالب مولا محب سان |
|
ھجنم ڪين حجاب |
|
لڳان ساڻ لعاب |
|
جي لالڻ جي لسان ٿيان |
٢٨ شوال ١٩٨٧ھھ
٢٩-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
مون کي ڏسي تھ ڦٽو ڪري |
|
ساقي صراحِن |
|
ھٿ لائڻ تھ پري ٿيو |
|
ھو گڏي گلاسن |
|
بلڪل ئي ڀڃي ڪري |
|
پرزا پيمانن |
|
وساري ويھي رھي |
|
موکي کي مٽن |
|
حيرت ۾ حيران ٿي |
|
چٻي ھوند چپن |
|
طالب مولا جي اينھين |
|
ٺاھيس ڌريئون ڌڻن |
|
تھ ڪونجون ڪر نھ کڻن |
|
جي ڳڻن ڀري ڳچي ھجان |
٢٩ شوال ١٣٨٧ھھ
٣٠-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
تڪبر تباه ڪري |
|
منجھھ مٽي ملايان |
|
سٺي سرفرازي کي |
|
گردن جھڪايان |
|
اوچا ٿي اچن جي |
|
سي ڪنڌ نمايان |
|
تڪڙن جي بھ تڪڙ کي |
|
ھيڻو ھلايان |
|
مٿي ڦريل جي مورڳو |
|
آڪڙ اڏايان |
|
پنھنجي اڳيان پيرن جون |
|
ٻانھون ٻڌايان |
|
زيردستيون زور سان |
|
مخدومن مڃايان |
|
محتسبن کي مورھئون |
|
ڳٽ ڳچي پايان |
|
واعظن جا ور ڪڍي |
|
تن کي نمايان |
|
لاھي شيخي شيخ جي |
|
سڌو سمجھايان |
|
پاڻ نمي پاڻ کي |
|
ليڪو نھ لايان |
|
پر طالب مولا اندر ۾ |
|
نوڙتون نپايان |
|
ڪنڌ نھ ڪٿي نايان |
|
جي ڳڻن ڀري ڳچي ھجان |
٢٩ شوال ١٣٨٧ھھ
٣٠-١-١٩٦٨ع
ڪراچي
*
|
عجب وٺي عام کي |
|
ٻي ھڪدم حيراني |
|
تعريفون ڪن تڪڙيون |
|
ڏسي نفاست نشاني |
|
پاڻي پيان تھ ڏسجي |
|
ٿيان نھر نوراني |
|
طالب مولا آئون ھجان |
|
لوڪئون لاثاني |
|
نڪري ھر زبان مان |
|
جاني ڙي جاني! |
|
ڪن سارھھ سبحاني |
|
جي ھجان حلق حبيب جي |
١٣ صفر ١٣٨٨ھھ
١٢-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
ڳايان کڻي تھ ڳڻن جا |
|
کٽڻھار کڙن |
|
ٿين رس رھاڻيون |
|
۽ نغما نوازجن |
|
ققنس کڻي نھ ڪنڌ کي |
|
نھ ڪونجون ئي ڪرڪن |
|
سر لڳن جي سرن تي |
|
تھ ميون دليون جين |
|
اکيون بيماريل برھھ جون |
|
غسل صحت جو ڪن |
|
طالب مولا طلب جون |
|
باھيون ڪئين ڀڙڪن |
|
وار بھ اڀا ٿين |
|
جي آواز ھجان عجيب جو |
١٣ صفر ١٣٨٨ھھ
١٢-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
بلڪل بس ڪري وڃي |
|
طوطو نھ ڪري تنوار |
|
قمري ڪو ڪو کي ڇڏي |
|
تھ چيھو ڪري چونگار |
|
ڪوئل ڪوڪون وسرن |
|
نھ مور کولي منقار |
|
ققنس خود ڪنبي وڃي |
|
پئي حيرت ۾ ھيڪار |
|
ريبيان ربابن کي |
|
گس نھ وٺن گيتار |
|
جلترنگ جڏو ٿئي |
|
نڙ نھ وڄي نروار |
|
وسري وڃن مورڳو |
|
وايولن وھنوار |
|
الغوزا عجب ۾ |
|
نھ سرمنڊل سر تار |
|
سارنگي سڪتي ۾ |
|
مرلي تھ اڳ مردار |
|
ڪرشن ھجي تھ ھٿ ۾ |
|
ٿئيس بنسري بيڪار |
|
زرياب ڪري زاريون |
|
ھڪدم مڃي ھار |
|
خسرو اچي تھ خبر پئي |
|
سڏائي نھ ستار |
|
ابن سينا عجب ۾ |
|
ٻيا مڙئي موسيقار |
|
طالب مولا جي کڻي |
|
آلاپيان آزار |
|
جيڪر ربّ غفار |
|
آواز ڪيس عجيب جو |
١٤ صفر ١٣٨٨ھھ
١٣-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
جوڙ نھ ڪوئي جڳ ۾ |
|
نھ منھنجو ٻيو نظير |
|
مصحف تشبيه منھنجي |
|
آئون ان جو پڻ تفسير |
|
آئون چِھرو چھرو چنڊ کان |
|
اصل ۽ اڪسير |
|
ھجي مھندان منھنجي |
|
مٺو ماه منير |
|
طالب مولا آئون ھجان |
|
اصلئون عالمگير |
|
قادر ربّ قدير |
|
جي منھن ڪري محبوب جو |
١٤ صفر ١٣٨٨ھھ
١٣-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
نڪران جڏھن نقاب مان |
|
تھ طلبون ٿين تمام |
|
نور ھجيم نراڙ ۾ |
|
۽ جلوا ھجن جام |
|
تجلي سندي تاب کان |
|
اکيون جھڪائي عام |
|
نھاريان تھ نمي پون |
|
غازي ٿين غلام |
|
قربئون ڪيئي ڪن اچي |
|
سدائين سلام |
|
طالب مولا ڇا چوان |
|
۽ ڪھڙا ڪريان ڪلام |
|
حاصل مطلب ھي ٿيو |
|
تھ حسين نھ ھڻن ھام |
|
منھنجا سي مقام |
|
جو چوڏھين مٽ نھ منھنجو |
١٤ صفر ١٣٨٨ھھ
١٣-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
ھٿڙا لائن ھيج مان |
|
جودئون ڪيئي جھڪن |
|
ڏين سوين ئي سجدا |
|
نيتئون اچو نمن |
|
دل وارا ڪئين دل سان |
|
ڌوئي پاڻ پين |
|
ڪي چنبڙي چنبڙي چنبڙي |
|
مورھئون منٿون ڪن |
|
عاشق سر کي جيئن رکن |
|
تھ مورھئون مٿي نھ کڻن |
|
طالب مولا تھدليئون |
|
پڻ نذر سر ڏين |
|
چاھئون لکين چمن |
|
پير پرينءَ جا جي ھجان |
١٥ صفر ١٣٨٨ھھ
١٤-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
جتان واٽ وٺي وڃان |
|
۽ قدم گھمايان |
|
تھ سڪل سر ساوا ڪريان |
|
پڻ ڦٽا وسايان |
|
بخت ڀلارا تن سندا |
|
جن پاڻ چمايان |
|
جيڪي پيراندي وھن |
|
سي شاه بنايان |
|
پاڻ ڊگھاريان جن ڏي |
|
تھ فيض فرمايان |
|
طالب مولا محبّت جا |
|
مينھن وسايان |
|
تن جا شان وڌايان |
|
پير پيرينءَ جا جي ھجان |
١٥ صفر ١٣٨٨ھھ
١٤-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
ميندي رتا تھ ملڪ ۾ |
|
کڻي ڏسبا تھ کوڙ |
|
پر اصلي جيڪي ڳاڙھڙا |
|
سي ڪٿي آھن ڪروڙ |
|
جاني جھڙا نھ لڀن |
|
ڀل ڏجي وڃي ڪا ووڙ |
|
سوچيل سمجھيل ڳالھھ جي |
|
ڪئي طالب مولا توڙ |
|
تھ ڪٿي پير پرينءَ جا |
|
ڪٿي ڳاڙھا موڙ |
|
ڪٿي جباري جوڙ |
|
ڪٿي ھاج ھٿن جي! |
١٥ صفر ١٣٨٨ھھ
١٤-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
جيڪر ھجان وار |
|
مٿي جا محبوب جي |
|
ڌوپي واسي نڪري |
|
ڦڻيون ڪري ڦوڪار |
|
ملي مکي مشڪ سان |
|
ڪري خوشبودار |
|
ھر ھر لائي ھٿڙا |
|
مٺا ۽ من ٺار |
|
وجھي گل گلاب جا |
|
بيھي منجھھ بھار |
|
پائي ڏاڻ ڏھھ دفعا |
|
سرسا ڪري سينگار |
|
پلپل ڏيم پيار |
|
طالب مولا مست ٿي |
٢٨ شوال ١٣٨٧ھھ
٩-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
سڳيون ھڻي يار جون |
|
ٿي پٺن تي پوانس |
|
بلڪل بي حجاب ٿي |
|
چاھھ منجھان چنبڙانس |
|
ڪس ڪريانس ڪس تي |
|
پر ماڳھين مس ٿيانس |
|
ڍءُ ٿئي ئي ڪونھ ڪو |
|
پيو ڏينھاڙي ڏسانس |
|
طالب مولا تھدليئون |
|
وريو وريو وڻانس |
|
ڏاڍو ھوند ٺھانس |
|
سرتِن سندي سٿ ۾ |
٢١ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٢-١-١٩٦٨ع
لاڙڪاڻو
*
|
چمان پيشاني پيار مان |
|
ھوءَ نرمل، نوراني |
|
تھ بھ حيا ڪري ڪين ڪي |
|
دلبر، دل جاني |
|
طالب مولا تنھن جي |
|
ڪريان سر تي سلطاني |
|
پوڄيان پيشاني |
|
جي الي ھجان عجيب جي |
٩ شوال ١٣٨٧ھھ
١٠-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
پائي پاڻھي پاڻ مان |
|
دوست دل جاني |
|
سينگاريانس سڀئين پرئين |
|
نظرون نوراني |
|
لڳي ھوند ھرڻ کي |
|
ھڪدم حيراني |
|
طالبَ مولا جي ڪري |
|
اھا آساني |
|
تھ ڪجل ٿي ڪاني |
|
ڪارن کي ڪڪوريان |
١٠ شوال ١٣٨٧ھ
١١-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
سڪايا سون کي |
|
۽ ڇرڪ بھ ڇڏايان |
|
سھڻن کي سوين ڀتئين |
|
چوڏس چمڪايان |
|
بي پرواھن جا پِر ڏي |
|
ڪئين ڌيان ڇڪايان |
|
طالب مولا تن کي |
|
کڻي طلبن ۾ تايان |
|
ھر ھر ھرکايان |
|
جي ھيرو ھجان حبيب جو |
١٤ صفر ١٣٨٨ھھ
١٣-٥-١٩٦٨ع
ڪوئٽا
*
|
ڳاڙھن ڳاڙھن ڳلن تي |
|
لڳيو روز لڳان |
|
ھو پڻ چمن چاھھ مان |
|
آئون پڻ چميون ڏيان |
|
طالب مولا تِر کي |
|
ماڳھن ڪس ڪيان |
|
رمز ڀرئي رخسار سان |
|
مورھئون مس ٿيان |
|
سدائين سھاڳ ٿي |
|
سڄڻن کي سونھان |
|
ٿين بخت سنوان |
|
نرمل جِي جي نٿ ھجان |
١٣ شوال ١٣٨٧ھھ
١٣-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
ڳڻن ڀري ڳچي کي |
|
پلپل ڪريان پيار |
|
محبّت مان مٺيون ڏيان |
|
ھر ھر ۽ ھزار |
|
طالب مولا طلب مان |
|
ٿيان جاني جا جنسار |
|
بخت ٿين بيدار |
|
تھ جھومڪ جاني جا ٿيان |
١١ شوال ١٣٨٧ھھ
١٤-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
لٽڪي لٽڪي لٽڪي |
|
حسن وڌايان |
|
چمڪي چمڪي چمڪي |
|
ڪئين مست بنايان |
|
لڏندي لڏندي لڏندي |
|
دليون ڌڙڪايان |
|
پاپِڙن کي پيار سان |
|
لڏيو لڏايان |
|
طالب مولا پاڻ کي |
|
لالڻ سان لايان |
|
لعلون لڄايان |
|
جي ايرينگ ھجان عجيب جا |
١٦ صفر ١٣٨٨ھھ
١٥-٥-١٩٦٨ع
اسلام آباد
*
|
پرين جيئن پائين |
|
تھ چمان روز چپن کي |
|
طالب مولا ھوند ھو |
|
لبن سان لائين |
|
آءٌ مٺن ڏيڻ کان نھ مڙان |
|
ھو ھر ھر ھٽائين |
|
حبيبَ ھنڍائين |
|
بولو بنجي جي پوان |
١٣ شوال ١٣٨٧ھھ
١٤-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
لبن ساڻ لڳي لڳي |
|
ڪريان لعل نشان |
|
چٻاڙي چس وٺي |
|
عجيب ڪري احسان |
|
طالب مولا ھن ڏي |
|
دم دم آھي ڌيان |
|
جيڪر ٿيان پان |
|
تھ لڳان ھوند لسان سان |
١٣ شوال ١٣٨٧ھھ
١٤-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
ھجان جي حبيب جو |
|
چوکو چندن ھار |
|
ڳھڻو ٿيانس ڳچي ۾ |
|
پلپل وٺانس پيار |
|
پيو لڳان پرينءَ جي |
|
سيني تي صد بار |
|
مٺيون ڏيانس مٺِن تي |
|
۽ چمانس وار وار |
|
طالب مولا ٿي پوان |
|
دلبر جو دلدار |
|
ٿيان سڄڻ جو سينگار |
|
سڄڻ نھ سينگار منھنجو |
٢٢ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٣-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
جيڪر جاني جو ٿيان |
|
بلڪل بازو بند |
|
تھ وجھانس قرب ڪمند |
|
طالب مولا تھدليئون |
١٥ شوال ١٣٨٧ھھ
١٦-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
جيڪر جاني جي ھجان |
|
ٻانھين کنجاري |
|
ڪنڌ ھيٺ رکيم قرب مان |
|
ٿيان ٻلھار ٻيھاري |
|
طالب مولا آئون ٿيان |
|
ھوند پِر کي پياري |
|
وتان سينگاري |
|
ٻھڳڻ سندي ٻانھن ۾ |
٢٥ شوال ١٣٨٧ھھ
١٦-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
جيڪر ھجان گھڙي |
|
تھ ٻک وجھانس ٻانھن ۾ |
|
نرمل نگاھون کڻي |
|
لالڻ مون ڏي لڙي |
|
طالب مولا تنھن سان |
|
اچيم پرت پڙي |
|
پايانس ڪا ڪڙي |
|
ڪرائي ۾ قرب جي |
١٨ شوال ١٣٨٧ھھ
١٩-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
منڊي ٿيان محبوب جي |
|
تھ ھٿ ۾ پئي ھجانس |
|
سنھڙيون سھڻيون آڱريون |
|
چميو چميو چمانس |
|
ھردم پيئي ھٿ ۾ |
|
سدائين سونھانس |
|
ويجھي ھجانس وجود کي |
|
لونءَ لونءَ ساڻ لڳانس |
|
ويتر آئون وڻانس |
|
طالب مولا تھدليئون |
١٩ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٠-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
جيڪر ھجان چيلھڪي |
|
تھ چيلھھ چمان چؤڌار |
|
چنبڙان ۽ چھٽانس پئي |
|
ٻک وجھي ٻيھار |
|
پري نھ ڪري پاڻ کان |
|
ٿيان سندس ئي سينگار |
|
واھھ جا چمانس وار |
|
طالب مولا طلب مان |
٢١ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٢-١-١٩٦٨ع
لاڙڪاڻو
*
|
پازيب ٿي پرينءَ جا |
|
پلپل پير چمان |
|
پانچو پري جي ٿئي |
|
تھ جلوا جام ڏيان |
|
رمز ڀري رفتار تي |
|
ڇيريون ٿي ڇمڪان |
|
قدم قدم تي واھھ جو |
|
ناچو ٿي نچان |
|
ميندي رتڙن جي مٿان |
|
ڪري ٺاھھ ٺھان |
|
سھاڳ ٿي سونھان |
|
طالب مولا تن کي |
٢٣ شوال ١٣٨٧ھھ
٢٤-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
ميندي ٿيان محب جي |
|
تھ پيرن تي ھڻن |
|
مون کي ڏسي محبوب تي |
|
سوين پيا سڪن |
|
سرتيون، ساھيڙيون مڙئي |
|
چاھھ منجھان چنبڙن |
|
طالب مولا طلبون |
|
چريون ھيئن چون |
|
پرين لائي پيرن |
|
تھ بخت ڀلارا ڀائيان |
٢٠ شوال ١٣٨٧ھھ
٢١-١-١٩٦٨ع
دادو
*
|
جيڪر ٿيان ڀتِ |
|
حويلي حبيب جي |
|
پسان روز پرينءَ کي |
|
نھاريان مان نرت |
|
پاريان پيو پرت |
|
طالب مولا تنھن سان |
٢٦-٦-١٩٥٤ع
ھالا
*
|
جيڪر ٿيان زمين |
|
حويلي حبيب جي |
|
مٿان پير پرينءَ جا |
|
جتي ھيٺ جبِين |
|
ھو ھلي سدا ھيج مان |
|
مٿي مون مسڪين |
|
تھ ڪريان آئون آمين |
|
جي طالب مولا ايئن ٿئي |
١ شوال ١٣٨٧ھھ
٢-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
جيڪر ٿيان آستان |
|
دوست سندي در جي |
|
تھ اورانگھڻ جا انيڪ ھو |
|
عجيبُ ڪري احسان |
|
طالب مولا جنھن جا |
|
درشن ئي درمان |
|
ھجن ھرگز ڪين ڪي |
|
سورن جا سامان |
|
اندر جا ارمان |
|
پورا پلپل ۾ ڪريان |
٧ شوال ١٣٨٧ھ
٨-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
جيڪر ٿيان ٿانءُ |
|
پرينءَ لاءِ پيڻ جو |
|
رکان چپ چپن تي |
|
عجيب جي آنءَ |
|
طالب مولا شل ڏئي |
|
ڏاتر اھڙو ڏانءَ |
|
وٺي نرمل نانءُ |
|
لڳان روز لبن سان |
٥ شوال ١٣٨٧ھھ
٦-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
درسني ٿيان دوست جي |
|
تھ اڳيان ھجيم عجيب |
|
سھڻل يار صفا ڪري |
|
ھٿن ساڻ حبيب |
|
ڏسي مون ڏي ڏھھ دفعا |
|
مرڪي محب، مجيب |
|
وڃان جي وڃائجي |
|
تھ نھاريم نجيب |
|
طالب مولا ھيئن ٿئي |
|
تھ قربئون وٺي قريب |
|
اھڙو ٿئي نصيب |
|
جو ھردم ھجانس ھٿ ۾ |
٧ شوال ١٣٨٧ھھ
٨-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
جيڪر ٿيان ھنڌ |
|
پنھنجي جاني يار جو |
|
تھ ملائي مون سان سمھي |
|
سينو ۽ سنڌ سنڌ |
|
مون تي رکي محب سو |
|
ھر ھر قربئون ڪنڌ |
|
طالب مولا تنھن لاءِ |
|
پري ڪريان نھ پنڌ |
|
محبّت وارو منڌ |
|
پئي پياريندو رھي |
٢ شوال ١٣٨٧ھھ
٢-١-١٩٦٨ع
ھالا
*
|
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|