|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 19 |
|
طالب تنوارون ڪري
آگا١ ڪريان عرض ٿو |
|
ٻيئي ھٿ ٻڌي |
وک وک تي وڌي |
|
طالب تنوارون ڪري |
|
* |
|
طالب تنوارون ڪري |
|
رت ڦڙا روئي |
دشمن دفع تون ڪجان |
|
چيو ”تقنطوا“ توئي |
راتو ڏينھان روح کي |
|
آسر اھوئي |
ڪونھي ڪو ڪوئي |
|
تو ري مدد منھنجي |
|
* |
|
مولا! مددون منھنجيون |
|
ھن دم ڪر ھزار |
سر کي سجدي ۾ رکي |
|
پلپل ڪيم پڪار |
مھابي محمد جي |
|
ڪا چڱي ڪر چوڌار |
منھنجو مٿو مٿي ٿئي |
|
ھزارن ۾ ھروار |
منھنجي مداين جو |
|
ستر ٿيج ستّار |
طالب مولا تو اڳيان |
|
ٿو عرض ڪري اظھار |
غافر ربّ غفار! |
|
ڪر تون سھنج سڻايون |
|
* |
|
سڀئي سھنج سڻائيون |
|
تون آگا ڪر عطا! |
ڀلا ٻيو ڪو ٻڌندو |
|
سائين سندم صدا! |
پناه ڏي تون پنھنجي |
|
عالم جا اجھا |
جيڏو آھين پاڻ تون |
|
ڪر ايڏا وڙ وڏا |
ٻيو ڪير ڪريم آھھ |
|
سائين تو سوا! |
طالب مولا جا |
|
مشڪل سڀ معاف ڪر |
|
* |
|
مشڪل سڀ معاف ڪر |
|
تون ھادي حڪمتدار! |
نڪمايون نڪري وڃن |
|
جئن مکڻ منجھان وار |
قادر آھين ڪل تي |
|
غالبُ ربّ غفار! |
جيڪي ڊوھھ فريب ڪن |
|
سي گدودي ڪر غار |
پردو ٿي پينار جو |
|
تون سدائين ستّار |
ھلاءِ سڀ ھدايت سان |
|
پڪو، پوڙھو، ٻار |
ربّ! تنھنجي رحم جو |
|
طالب طلبگار |
ان کي ڏئي آڌار |
|
مخالف مات ڪرين |
|
* |
|
مخالف مات ڪري |
|
مون کي ڪر مٿي |
تو کي عرض الله! ڪيم |
|
اھا ڪٿ ڪٿي |
لٿي ۽ پٿي |
|
ٿئي طالب فاتح فضل سان |
|
* |
|
ڪري عرض اپار ھي |
|
ڪريان ٿو آمين |
رھبر رھج راھھ ۾ |
|
ربّ العالمين |
سازشن تي سڀئين پرئين |
|
يا ربّ پڙھھ يسٰين! |
مھت ڏيج مھابي |
|
ختم المرسلين |
الاھي آمين! |
|
طالب ڪئي طلب ۾ |
|
* |
|
طالب ڪري طلب ۾ |
|
رويو صدا ربّ! |
مخالفن کي منھنجي |
|
آڻين منجھھ ادب |
ختم ڪر خالق تون |
|
چرين سندي چب |
ڏي ھڙني کي ھدايت جي |
|
طالب چوي طلب |
سھڻا ڪري سبب |
|
چڱي وجھين چِت ۾ |
|
* |
|
چڱي وجھين چِت ۾ |
|
ھادي ڏين حيا |
ڪڇي سگھن ڪين ڪي |
|
مون کي ڏيج ڏيا |
پنھنجا ھجن پاڻ ۾ |
|
اڪثر سڀ اڙيا |
موٽي لڳنن منھن ۾ |
|
سندن سڀ گھڙيا |
طالب چوي تڙيا |
|
وري اچن واٽ تي |
|
* |
|
وري اچن واٽ تي |
|
ھادي سڀ ھڪدم! |
ڪچو کڻن نھ ڪڏھين |
|
پنھنجو ڪوبھ قدم |
مدايون ڪڍين من مان |
|
مولا تون محڪم! |
پڇتائين سڀئين پرئين |
|
ڏين فيض ساڻ فھم |
طالب چوي طلب ۾ |
|
دائم نھ ھڻن دم |
خرابيون ختم |
|
اڄ ئي ڪر الله تون! |
|
* |
|
اڄ ئي ياالله تون |
|
آزيون سڀ اگھاءِ |
مھابي مرسل جي |
|
عرض ھي اوناءِ |
طالب سندا تاءِ |
|
دشمن پنھنجا پاڻ ۾ |
١٠-٥-١٩٦١ع
امين منزل - حيدرآباد
*
[35]
پاڻ مرادو اچ
پاڻ مرادو سڏ |
|
تھ اوريان حال اندر جا |
سھڻا، سڄڻ، سپرين! |
|
ڇرڪ سڀيئي ڇڏ |
طالب مولا تنھنجو |
|
عجيب! ان کي اڏ |
گوڏي ساڻ تون گڏ |
|
تھ پرت وراھيون پاڻ ۾ |
٢٧-٢-١٩٦٦ع
ڪراچي
*
پاڻ مرادو ٿي |
|
تھ ھڙئي حال ٻڌائيان |
منھنجي بھ پرين پيار جا |
|
پٽ پيارا پيءُ! |
طالب جو تو ساڻ ئي |
|
قرب آھي قوي |
جاني! گڏجي جي |
|
عجيب! اداسي آھيان |
٢٧-٢-١٩٦٦ع
ڪراچي
*
پاڻ مرادو اچ |
|
تھ ڪريان تو سان ڳالھڙيون |
طالب مولا طلب جون |
|
ڳالھيون ڪري ڳچ |
ھڪدم ھھڙي حال ۾ |
|
پرين اچي پھچ! |
منھنجا سھڻا! سچ |
|
تون ئي واھھ ولھي جي |
|
* |
|
پاڻ مراديون ڪر |
|
ويھي مون سان ڳالھڙيون |
قربائتا! قرب جي |
|
ڪر ولھي تي ور |
يا سڏ مون کي سپرين |
|
دلبر پنھنجي در١ |
نھ تھ ھلي آءُ حبيب! تون |
|
ھن گوندر ئي جي گھر |
تھ پاري پوري پر |
|
طالب مولا طلب جي |
|
* |
|
ٻڌ ھنيڙي جون ھزار |
|
پاڻ مراديون ڳالھڙيون |
اچ تھ سھي اڱڻ تي |
|
حبيب تون ھيڪار! |
ڏيندس وٺندس ورھھ جا |
|
وھوا سڀ وھنوار |
جي سچي ھوندي سھڻا! |
|
تھ مڃيندس ميار |
اعتراف ڪندس ان جو |
|
ٻھڳڻ آئون ٻيھار! |
جي حرفي ٿئين حبيب تون |
|
تھ بھ معاف ڪندس منٺار! |
ڏيندئي رڳي پيار |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
* |
|
ڪريون اڄ عجيب! |
|
ڪي پاڻ مراديون ڳالھڙيون |
ڪن ڏئي ٻڌجان قرب جون |
|
ڪرم ساڻ قريب! |
درد اچي دور ڪر |
|
طالب جا طبيب! |
نرمل مون نصيب |
|
جي اچين منھنجي اڱڻ تي! |
|
* |
|
پرين اچي تون پڇ |
|
پان مراديون ڳالھڙيون! |
ماٺ نھ ڪر محبوب تون |
|
ڪجھھ تھ پيارل ڪڇ١ |
لڪي لوڪان لڇ |
|
طالب ساڻ طلب ۾ |
|
* |
|
ٻانھون ڪري ھار |
|
ڪريون پاڻ مراديون ڳالھڙيون |
ڀلا ڇاھي ان ۾ |
|
جي پيارا ڪجن پيار١ |
سڏي وٺ سڄڻ تون |
|
يا ھلي آ ھڪوار |
محب، مٺا، منٺار! |
|
طالب مولا تنھنجو |
٢٨-٢-١٩٦٦ع
ڪراچي
*
[36]
مٺايان مٺو گھڻو
کنڊون، ماکيون، مصريون، |
|
جي کڻي اچجن کوڙ |
مٺايون سڀ ملڪ جون |
|
ڀل ڪٺيون ڪجن ڪروڙ |
تھ بھ مٽ مٺي جو نھ ٿِين |
|
ڪٿ وڃي ڏجي ووڙ |
ھو مٺو مڙني کان گھڻو |
|
ھي جاني سندي جوڙ |
ڪئي طالب مولا توڙ |
|
ڳولي انھيءَ ڳالھھ جي |
٢-٣-١٩٦٦ع
تاراھھ
*
مدام آھن مٺاڻ |
|
اڻ ميا عجيب ۾ |
پِڪون پياريئين پرت جون |
|
پاڻان ڄاڻي پاڻ |
منھنجو منھن مٺو ڪيئين |
|
ڏئي مٺن جا ماڻ |
ٺاھي ويٺو وجود ۾ |
|
وھڻ جا وٿاڻ |
طالب مولا تنھنجي |
|
ڇا ويھي ڪري واکاڻ! |
مون کي پرينءَ پٺاڻ |
|
پينڌ پاتا پرت جا |
٢-٣-١٩٦٦ع
تاراھھ
*
گھڻئي ماڻھو مٺا |
|
پر مڙنيان محب مٺو |
اينھين مون نھ ڏٺو |
|
ڪو طالب مولا ملڪ ۾ |
٢-٣-١٩٦٦ع
تاراھھ
*
کنڊان، ماکيان، مصريان |
|
منھنجو مٺو محبوب |
مٺاڻن کان مٺو گھڻو |
|
طالب جو مطلوب |
مون سان ٿيو منسوب |
|
طالب مولا تھدليئون |
٣-٣-١٩٦٦ع
ھالا
*
مٺايان مٺو گھڻو |
|
منھنجو محب مٺو |
ڏاڍو اٿم ڏٺو |
|
تھ بھ نئين سج نئون ٿو ڏسان |
٣-٤-١٩٦٦ع
نوابشاه، تيزگام
*
[37]
آھي آب حيات
ڪٿي ماکيون، مصريون |
|
ڪٿي پرين پِڪ! |
چکئي چريائي نھ ٿئي |
|
پڻ سڪن مٿي سڪ |
دارو آھي درد جو |
|
ھردم سا ھڪ ٽڪ |
طالب مولا جي رھي |
|
ڇو نھ انھي ڏي ڇڪ! |
چوان چڙھي چوٽِ ٿو |
|
ناھي لوڪان لڪ |
ڳالھھ اھا ئي لک جِي |
|
حقيقت ۾ ھڪ |
تھ ھن جي تکي تِڪ |
|
مڙني مشروبات کان |
|
* |
|
ڪٿي ماکيون، مصريون |
|
ڪٿي شھد شڪر! |
مد کي ناھھ مجال ڪا |
|
جو ڪلھو ھڻي ڪنھن پر |
مٽ مورھئون نھ ٿين |
|
مشروبات مگر |
ڏني لبَ لبن جي |
|
عجيبن اگر |
طالب مولا تر |
|
ھرھر ڪبو حلق کي |
|
* |
|
طالب مولا ھن ۾ |
|
نھ شڪ، گمان، دليل |
ھوءَ جڙي ھن جھان ۾ |
|
ھن جي ھت سبيل |
ھوءَ ھتي ملي تھ بھ ڪڏھين |
|
ڪنھن کي ڪا قليل |
ڪٿي سلسبيل |
|
ڪٿي پڪ پرين جي! |
|
* |
|
لائق لبَ لبن جي |
|
نس پِس نجابت |
طالب مولا تنھن ۾ |
|
نامي نجاست |
سراسر سعادت |
|
آھي پڪ پرين جي |
|
* |
|
کڻي اچن اڻ ميون |
|
چاشنيون مان چين |
مورھئون ماکيون، مصريون |
|
۽ اچي انگبين |
ٻي مڙيئي ملڪ جون |
|
شيون سڀ شيرين |
ٺاھي ڀلي ٺاھھ سان |
|
مشروبات مشين |
ھي طالب مولا پي ڏسن |
|
جي ميخانن مڪين |
تھ وسري وڃي راھھ جا |
|
مورھئون مئي مشڪين |
بيشڪ بي قرين |
|
آھي لبَ لبن جي |
|
* |
|
ڪٿي لب لبن جي |
|
ڪٿي شاخ نبات! |
شرم شوڌارا ڪري |
|
۽ مڙئي مشروبات |
طالب مولا ٿيا اچي |
|
جت معالج سڀ مات |
اتي پڪ پرين جي |
|
ڪري ڏاتر ڏني ڏات |
اصلي آب حيات |
|
آھي لبَ لبن جي |
|
* |
|
ڪٿي لبَ لبن جي |
|
ڪٿي عرق گلاب! |
جئن جئن پيچي پيار مان |
|
تئن نشا ڪري ناياب |
طالب مولا تنھن جو |
|
آھي حد نھ حساب |
ڪٿي لبن لعاب |
|
ڪٿي شيشا شراب جا١ |
|
* |
|
جڏھن ياقوتِن |
|
ڪجھھ بھ ڪيو ڪينڪي |
طالب مولا تڏھين |
|
ٿي ماريو مايوسن |
پر اتي لب لبن |
|
اچي ٻيڙا پار ڪئا |
|
* |
|
ھليو نھ زور ذھبْ جو |
|
مھل نھ ڪئي موتِن |
اوڄ نھ ڏني جڏھين |
|
جواھرات جڏن |
ڪجھھ بھ ڪيو ڪينڪي |
|
خالص خميرن |
جتي بلڪل بس ڪئي |
|
دائم دوائن |
طالب مولا جو اچي |
|
پھتي پڪ پرين |
تھ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو |
|
سوھارن سرڪن |
ڪٿي لبَ لبن |
|
ڪٿي جواھر مھرا! |
٢٤-٨-١٩٦٨ع
٢٤ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
ھالا
*
ھڙان وڙان اچي ڪيا |
|
وس وڏا ويڄن |
ستِن سور وڌائيا |
|
فرق نھ ڪيا ڦڪن |
پڙن نيو پوئتي |
|
ھيڻو ڪيو حبن |
آڻي ڏاھن ڪئين ڏنا |
|
شيشا شربتن |
تڪليفون طلب جون |
|
ٻيڻيون ڪيون ٻڪن |
لاٿا درد نھ دل جا |
|
حاذق حڪيمن |
معجونن مان ڪين ٿيو |
|
اثر نھ ڪئو عرقن |
جوارش جڏو ڪيو |
|
ڪم نھ ڏنو ڪشتن |
ڪجھھ نھ ماءُ اللحم ڪئو |
|
لوڏيو لعوقن |
ويتر سوز نوان ٿيا |
|
دور نھ ڪئا دارن |
ھئي بيماري برھھ جي |
|
سا سنوان ڇا سمجھن! |
اتي تڏھين ڪجھھ نھ ڪئو |
|
تڪڙن تشخيصن |
ويٺا ھارائي وير ۾ |
|
تھ بھ ترس نھ طبيبن |
اتي انھي حال ۾ |
|
سنڀاليو سڄڻن |
ڪو جو پور اچي پيو |
|
ھڪدم حبيبن |
پھتا پري پلڪ ۾ |
|
ڪئا قرب قريبن |
اچي پاڻ پريم مان |
|
پياري پِڪ پرين |
طالب مولا ٿي شفا |
|
انھي ئي پيرن |
ڪٿي لعاب لبن |
|
ڪٿي حيلا حڪيم جا! |
|
* |
|
مد مرڳو وڪجي |
|
ھر دم مٿي ھٽ |
پيالو اڃا پري ھجي |
|
تھ ڇوھئون اچي ڇٽ |
ان جي پيتي پاڻ ٿئي |
|
ڏاڍي ڏاڙھي پٽ |
طالب مولا ٿي وجھي |
|
وسڪي وڏا وٽ |
اچو چڙھن اکن تي |
|
تھ لھن ڪين لٽ |
ڪٿي مي جا مٽ |
|
ڪٿي پِڪ پرين جي! |
|
* |
|
ڪٿي پڪ پرين جي |
|
ڪٿي مئي جا ماٽ! |
انھي سرڪي واسطي |
|
ليلائن ٿا لاٽ |
چکي جن ھي چاٽ |
|
سي طالب راحت رسيا |
٢٥-٨-١٩٦٨ع
٣٠ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
ھالا
*
جا ڪٿي نھ ملي ڪڏھين |
|
سا ڏني نيٺ نجيب |
آخر اچي عجيب ٿئا |
|
طالب مولا طبيب |
ڪٿي لب لبيب |
|
ڪٿي مفرحون ملڪ جون! |
٣٠-٨-١٩٦٨ع
٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
ھالا
*
ڪٿ طبيبن تدبير |
|
ڪٿي عطا عجيب جي! |
ڪٿي لب لبن جي |
|
ڪٿي لبُوب ڪبير! |
طالب مولا محبُ جي |
|
ڪري قربَ ڪثير |
تھ ڪٿي ٿئا اڪسير |
|
ڪٿي پڪ پرين جي! |
٢-٩-١٩٦٨ع
٨ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
حيدرآباد
*
ڇنڊا ڦيڻا ڪئين ڪيا |
|
پيرن، فقيرن |
ڌاڳن ڌونڌاري ڇڏيو |
|
تايو تعويذن |
ڏاڍو ڏينھاڙي ڏنو |
|
ٻيڻو ٻر ٻڪن |
سوڀ سحِيقن مان نھ ٿي |
|
لوڙھيو لبوبن |
طالب مولا توھھ ڪئي |
|
تر نھ تِرياقن |
ٻيڻا چاڪ چڪائيا |
|
مرڳو مرھمن |
وڌي لب لبيب جو |
|
منجھھ مڙني مرڪبن |
مورھئون کان مرضن |
|
شافع شفا پو ڏني |
٩-٩-١٩٦٨ع
١٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
ڪراچي
*
ڪرين ٿو قرب ۾ |
|
لالڻ ڇا کان لڪ! |
پنھنجو بنائي پيار مان |
|
ڇو ٿو ڀرين ڇرڪ! |
شايد تو وٽ ناھھ سا |
|
ڇاتي واري ڇڪ |
طالب مولا سان نھ ڪر |
|
دم دم دلبر ڌڪ |
لائي لب لبن سان |
|
سرڪي پياري سڪ |
جانب يار! جيار تون |
|
حقيقت ٿئي ھڪ |
علاج اٿيئي منھنجو |
|
حبيب! ھي ھڪ ٽڪ |
جاني! جياري ڇڏيين |
|
جي طلبئون ڏيين تڪ |
پرين پيارين پڪ |
|
تھ وري جاني جي پوان! |
١٠-٩-١٩٦٨ع
١٦ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
حيدرآباد
*
[38]
ويل وقت نھ آھيان
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ پِڪ پريمي پيار |
انھي آب حيات مان |
|
ڏاتار! ڪي ڏيار |
طالب مولا کي مٺا |
|
ماري، ماري نھ مار! |
کڻي نظرون ناز سان |
|
جاني! پاڻ جيار |
پھريان وعدا پار |
|
ويل وقت نھ آھيان |
١٥-٩-١٩٦٨ع
٢١ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
ھالا
*
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ اچي ڀاڪر پاءِ |
جڏي منھنجي جسم کي |
|
پنھنجي لڱين لاءِ |
سالن کان پوءِ سپرين |
|
پنھنجا پير چماءِ! |
سھڻا صديقي کي |
|
بيخود اچي بناءِ! |
پنھنجو سڳنڌ سنگھاءِ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ مون لئي ٿيج مڇڏ |
تون قوي آھين قرب ۾ |
|
منھنجو ھيڻو ٿئي ھڏ ھڏ |
سھڻا! صديقي کي |
|
گھرائي وھارج گڏ |
سڏ ۾ ڏيندس سڏ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ھڪل ۾ رس ھاڻ |
طالب مولا جي پرين |
|
ڪر ڪا وٽِ وراڻ! |
مٺڙا! مون کي ماڻ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ساڻي ٿي سان سڏ |
پرتي اٿئي پيار جي |
|
لالڻ سائين لڏ! |
اکيون پوريو اچ تون |
|
اڳيان کوھھ نھ کڏ |
شل آڏي اچئي نھ اڏ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ محبّت ۾ ٿي مڳ |
اونھين پيار وري بھ ڪر |
|
جئن عجيب! ڪيئي اڳ |
طالب مولا وٽ پرين! |
|
پرچي ڏي ڪو پڳ |
ورڇون ڏي وصال جون |
|
تھ درد بھ وٺن دڳ |
اچي لڱين لڱو |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ھلي آءُ حبيب! |
لائي لڱ لڱن سان |
|
مٺيون ڏينم مجيب! |
سھڻا صديقي جا |
|
لائق يار لبيب! |
منھنجا ٿِي نصيب |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ گڏجي پيالا پي |
مون کي بھ جوڙي جيارجان |
|
۽ تون پڻ جانب جي! |
سينو سيني تي رکي |
|
سڄڻ لاھھ ڪو سي |
سچ ٿو صديقي چوي |
|
ٿوپ ٿڪي جو ٿي |
ڪر ڪو قرب قوي |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ قربَ اچي ڪي ڪر |
نوازڻ جا نجيب تون |
|
پير پيارا ڀر! |
محبّت واريون منزلون |
|
سڀيئي ڪر سر! |
راتِن جي رھاڻ جي |
|
ويتر ڪجئين ور |
آھن تو لھءِ اکيون |
|
طالب سنديون تر |
سھڻا! صديقي کي |
|
نوري تون نظر! |
گھرائي وٺ گھر |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ڳري لاءِ ۽ ڳل |
ويھي وري وصال جون |
|
رمزون سڀئي رل |
کڻي چاڙھج چاھھ مان |
|
وري گھورن گھل |
سينو سيني تي رکي |
|
جذباتن کي جھل |
جن وھڻ وھھ ڪري ڏنو |
|
تن پورن کي پڻ پل |
سچي ڳالھھ تون سل |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ دل جا ڌوئج داغ |
اچي پيارج عشق مان |
|
اڻ ميا اياغ |
بيٺا ڪري بھار اچِ |
|
برھھ وارا باغ |
ٿو زوري منجان زاغ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
ٿي حامي منجھھ ھڪل |
نھ تھ مون کي گھراءِ محب تون |
|
جي ھجيئي جانب جھل! |
مون کان تھ نھ ٿي ٿئي پرين! |
|
پورن سندي پل |
تو ۾ مٺڙا محب! ڪا |
|
اصلي ڪانھي ال |
تھ منھنجا بھ ناھن ملڪ ۾ |
|
بلڪل ڪي بدل |
اچي اوڳاڙ عشق جي |
|
ڍولڻ! مون کان ڍل |
سھڻا صديقي چوي |
|
عاجز لاءِ امل! |
منھن جا محب مٺل |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ٺار مڙيئي ٺپ |
طالب مولا کان ڪبا |
|
ڪھڙا ڊاءَ ۽ ڊپ! |
بِرج کيڏون برھھ جي |
|
لائق! ڪر لھپ |
ٻھڳڻ! ٻاونگير جي |
|
ھجني کٽڻ جا کپ |
ڏي ڪا شوق شراب مان |
|
لالڻ ساقي لپ! |
چتا آھن چپ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
اچي اولا لاھھ |
ليڪا سڀ لڪڻ جا |
|
ڊڄ نھ، ڍولڻ ڍاھھ! |
قرب مان قريشي ڏي |
|
قربدار تون ڪاھھ |
اچ تھ سھي عجيب تون |
|
پو سينو ڀلي ساھھ |
وسائين نٿو وجود مان |
|
برھھ واري باھھ |
سوين ھجنئي شابسون |
|
اِينھين ڪبو آھھ! |
چاھئون وري چاھھ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ محب اچ مون وٽ! |
عجيب! عزت تنھنجي |
|
نھ گوھر ٿيندي گھٽ! |
کڻي سيني لاءِ تون |
|
جي پيل آھيان پٽ |
تارون طلبن واريون |
|
قربدار نھ ڪٽ! |
نرمل! نوحاڻيءَ لاءِ |
|
سانگا کڻي سٽ |
منھن نھ مٺا! مٽ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ وائي ڪر وصال |
پھريين ڏينھن پرين مٺا! |
|
جا ڏٺم جوت جمال |
تھ ڪڏھن ڇڏيو ڪونھ ڪو |
|
تنھنجي خاص خيال |
سچ پچ صديقي چوي |
|
ماريو ھن ملال |
جو ڀڄي پرين پري ٿيين |
|
قربدار ڪلال! |
ھاڻي تھ پڇ حال |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ پيارا! لھھ پرگھور |
حبيب! اچي ھٽاءِ ڪا |
|
قلب واري ڪور |
ڏي ڪا وٽ وصال جي |
|
تھ جھڪي ٿئي جھور |
نرمل! نوحاڻي جي |
|
لھن ھنيين جا ھور |
موٽي اچ تون مور! |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ عجيب ھلي اچ! |
محبّت ڏني ڏينھڙا |
|
ڳڻ تھ ٿيا ڳچ |
مري نھ وڃان محب مان |
|
پلڪن منجھھ پھچ! |
نرمل نوحاڻي سان |
|
محبّت اندر مچ |
سڄڻ سائين سچ! |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ مھر خموشي ھڻ |
تھ ٻاھر ٻاڦ ئي نھ ڪڍان |
|
ڄيرين پوان نھ ڄڻ |
ڌڪي دلبر! دور ڪر |
|
دردن وارو ڌڻ |
اڃا سلو سڪ جو |
|
سائو آھي سڻ |
ڏينس پاڻي پيار جو |
|
تھ وڌي ٿئي وڻ |
ميوا جھلي محبّت جا |
|
سي کاءُ اچي، ٻيا کڻ |
عجيب! کپئي اچڻ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
ھلي اچ ھاڻي |
زوراور! زبان کي |
|
پرين ڏي پاڻي! |
توکي معلوم منھنجي |
|
عجيب! آکاڻي |
پري نھ ڪر پاڻ کان |
|
ڄاڻي سڃاڻي |
طالب مولا جا مٺا! |
|
ٿو ڄاڻ سڀئي ڄاڻي |
اھو آھي ڇا ڀلا |
|
اڄ ۽ صبحاڻي! |
ويل نھ وھاڻي |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ھاڻي ڏيج نھ ڏڃ |
پياري پڪ پيار جي |
|
پرين! ڪرائج پڃ |
حبيب! ھاڻي ھجر ۾ |
|
ماري ڪجئين نھ مڃ |
توري مٺا! من سان |
|
بلڪل آھي ڀڃ |
سڄڻ! صديقي تو سوا |
|
رڳي ڀانيئي رڃ |
اچي اجھائج اڃ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
بلڪل ڪينڪي ڀڄ |
حبيب! اچي ھڪ ٿي |
|
منھنجي حال ۾ ھڄ |
تھ ولوڙي ڪيئن ورھھ ٿو |
|
احوال جڙئي اڄ! |
طالبُ مولا، تون ٻئي |
|
ڏيون ڪڙاين ڪڄ |
رلجِي ڪر ڪو رڄ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ رڙھي اچي رس |
حقيقت ھن حال جي |
|
پرين پيارا پس! |
ڪندين اڄ احسان ھي |
|
تھ جڳ بھ چوندئي جس |
قريشي سان قرب ۾ |
|
ڪر رھاڻ ۽ رس |
سڪ ۾ صديقي سان |
|
صحبت ڪج سرس |
کڻي کائج ڪس |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ رسڻا لاءِ ڪو رنگ |
وري اچي وجود کي |
|
ٻيڻو پاءِ تون ٻنگ |
تھ ڇڏي شھرت شھر جي |
|
جھونجھي لھون جھنگ |
طالب مولائي ۽ تون |
|
وري وجھون ونگ |
ٺار اچي انگ انگ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ھاڻي ڪڍ نھ ڪنڌ |
پرين! اچي پيار تون |
|
وري محبّت منڌ |
نھ تھ مون کي گھر گھراءِ تون |
|
جي پڄئي نٿو پنڌ |
مون وٽ تھ آھي مورڳو |
|
عشق وارو انڌ |
سڪ ۾ صديقي جو |
|
سڪي ٿو سنڌ سنڌ ُ |
ھي ئي اٿئي ھنڌ ُ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ لاھھ برھھ جا بند |
نوري اچي نواز تون |
|
عجيب آسروند! |
پيارج لب لبن جي |
|
ڪيڏھن ڪبا قند! |
اچي قوت قلب کي |
|
سنگھاءِ اچي سڳند |
نٿو اچين نجيب تون |
|
ڇو ڦير ڪيئي ۽ ڦند! |
حيرت کان ھن ڳالھھ جي |
|
ٿم ڏندن مٿي ڏند |
صديقي تنھنجي سڪ ۾ |
|
ٿو سڙي جئن سپند |
رس رڙھي سڀ رند |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ اچي اڱڻ اڏ |
ڇڏ ھي رسڻ روز جا |
|
کڻي وجھين کڏ |
طالب مولا سان وري |
|
گوڏو پنھنجو گڏ |
قسم قادر جو اٿئي |
|
ڇرڪ سڀيئي ڇڏ |
سھڻا! کڻي سڏ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ڇڏ تون ڊاءُ ۽ ڊپ |
ھلي اچ تون ھيجِ مان |
|
ٽپ تي ڏيئي ٽپ |
طالبُ مولا آھيان |
|
سڄڻ! ناھيان سپ |
ھجئي منھنجو کپ |
|
تھ ويل وقت نھ آھيان |
١٦-٩-١٩٦٨ع
٢٢ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
ھالا
*
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ صحبت مان ڏي ساءَ |
ھليو اچ حبيب! تون |
|
ڪبا نھ ڪي ڊپ ڊاءَ |
وري ڪي وصال جا |
|
وار ورھھ ۾ واءَ |
ڪھڙا ڪبا قرب ۾ |
|
ڀلا رک رکاءَ! |
طالب مولا مان بھ وٺ |
|
ڪي تھ سڄڻ تون ساءَ! |
ھلي آءُ ”ھماءَ“! |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ سڄڻ! ٿي نھ سخت |
نوري! نوحاڻي کي |
|
ڏي طلبن وارو تخت |
ٿي ھاڻ بھ منھنجو بخت |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
ٿي نماڻي نصيبُ |
اڳ ۾ ئي تون آھيين |
|
لائق ۽ لبيبُ |
طالب مولا لاءِ ٿي |
|
طلبن منجھھ طبيبُ |
جيڪر ٿيين قريبُ |
|
تھ ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ قلب مان ڪڍ ڪچ |
ھيڻي وٽ حبيب تون |
|
پاڻھي پري اچ |
ويھي ڪريون قرب جون |
|
دلبر ڳالھيون ڳچ! |
صديقي چوي سچ |
|
تھ ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ اکيون اچي ڪر چار |
ھجر ۾ نھ حبيب! تون |
|
ڀل محبت ۾ پيو مار |
اھا سرت صديقي چوي |
|
دلبر سائين ڌار! |
ڪر قربائتي ڪار |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ھاڻ نھ وڃاءِ ويل |
پرين! ڪر ڪا پيار جي |
|
ريھي ريل ۽ ڇيل |
تھ ڪريون ڪي قريب ٿي |
|
محبّت سندا ميل |
سورن جي صديقي چوي |
|
بيھي ڪريون ڀيل |
سڄڻ! اچ سويل |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ نرمل ڪر نھ نراس! |
تنھنجا سور صديقي چوي |
|
ٿا مورھئون کائن ماس |
گڏجي گوندر کي |
|
نھوڙي ڪريون ناس |
عجيب! ھجئي احساس |
|
تھ ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ کڻ قرب جا قدم |
عجيب! اجايا ٿا وڃن |
|
دوري وارا دم |
گڏج تھ گوندر لاھيون |
|
غلط ڪريون سڀ غم |
رکون ڦٽ فراق تي |
|
محبّت جا مرھم |
اٿئي منھنجي سر جا |
|
ڪيئي سو قسم |
لاھي ڇڏ وھم |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ رس تون ڪارڻ ربّ |
ڦٽا ڪر فقير سان |
|
سڀيئي سبب |
سچ ٿو صديقي چوي |
|
چڙون ڇڏ ۽ چب |
عجيب! نھ کاءُ عجب |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ لالڻ ڇڏ لڪون! |
ڦٿڪن ٿيون فراق ۾ |
|
تو لئي سڄڻ سڪون! |
اکن اوھيرا ڪري |
|
چؤطرف ڪيون چڪون |
عادت ھي نھ اسان جي |
|
تھ ڍورن جيئن ڍڪون |
طالب مولا کي تڏھين |
|
ڏي طلب مان تڪون |
پيارج پاڪ پڪون |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ پرين رھھ نھ پري! |
دردن سوڌي دلڙي |
|
پئي ڳڻتن منجھھ ڳري |
فرق فقط ھي ٿورڙو |
|
پئي ٻڏي ۽ تري |
تنھنجي بھ سريو ٿي وڃي |
|
منھنجي بھ پئي سري |
سچ ٿو صديقي چوي |
|
ھيئن وري نھ ڪي سري |
مالڪ مرضي جو ٿيين |
|
ڏس دل تي ھٿ ڌري |
اچ تون پير پري |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
ڍولڻ منھنجا ڍول! |
نوري! ڪر نوازشون |
|
تھ جھلي بيھان جھول |
قلب مان قريشي جي |
|
ھڪدم لھن ھول |
پورا ڪر تون پيار مان |
|
جي ٻيھر ٻڌئي ٻول |
ويتر ڪين وسارجان |
|
قربن وارا قول |
سھڻا! صديقي جي |
|
ڪر ڳجھارت جي ڳول |
تھ روح رچنديون ڪي ڪريون |
|
ريجھي منجھھ رتول |
ڀلائي ڇڏ ٻيا ڀول |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
محب مٿي جا موڙ |
منھنجي ڏئين ڪا ڪنھن کي |
|
وڃي جيڪر ووڙ |
تو سان بھ ڪيا ڪڏھن |
|
ڪي گوندرن گوڙ! |
يا اسان سان اصل کان |
|
پئي ڪري پرت پتوڙ |
تنھنجي ڪئي طلب ۾ |
|
طالب مولا توڙ |
جوڙ اچي ڪا جوڙ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
ڏي طالب کي نھ تڏ |
ھن وٽ آھي ڪانھ ڪا |
|
پرين پيارا پڏ! |
پرتي اٿئي پيار جي |
|
لالڻ سائين لڏ! |
ڌڪي ڪڍ دوري کي |
|
ڪر گدلي سان ڪا گڏ |
قريشي سان قرب جي |
|
اچي ڪر ڪا اڏ |
ڇڏي اچ ھوءَ ڇڏ |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
۽ مران ڪين مان |
تھ ھليو اچ حبيب تون |
|
حالي ھڪ لڱان |
تھ وڻئين ڏاڍو وجود کي |
|
۽ ريجھين پئين روحان |
طالب مولا کي مٺا! |
|
ھوند چمين چاھھ منجھان |
سڏ پرين! تون پاڻ ڏي |
|
تھ پلڪ اندر پڄان |
وري ھوند اچان |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ پري اچي ڪر پيار |
ھاڻي ڇڏ حجاب کي |
|
عجيب ڇڏي آر! |
ڏسندين تھ چاھئون چنبڙندين |
|
بلڪل بي اختيار |
نوري! نوحاڻي جو |
|
ٿي غمن ۾ غمخوار |
سچ ٿو صديقي چوي |
|
تھ ٻھڳڻ ٿي نھ ٻار! |
قريشي قربائتو |
|
ٻيھر بھ ٿئي ٻلھار |
طالب مولا ٿو چوي |
|
ھي عشق منجھان اظھار |
اھو ڪر اتبار |
|
تھ ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ پت پرت جي پار |
رمزون روز رسڻ جون |
|
ٽيھھ ئي ڏينھن تون ٽار |
اصلي تنھنجو آھيان |
|
ھنيون نھ ھرگز ھار |
نھ تھ عاشق چواءِ نھ اصلي |
|
۽ وعدا سڀ وسار |
ڪوڙو سمجھيئي قرب ۾ |
|
محبوب سائين مار! |
طالب مولا ڏي پرين! |
|
کڻي ڪنڌ نھار |
اکيون اچي ڪر چار |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ کڻ برھھ جو بار |
سوگند تنھنجي سر جو |
|
اٿم نينھن نبار |
اصلئون تنھنجي عشق ۾ |
|
ٻھڳڻ! ناھيان ٻار |
اچ تھ جھولي ۾ جھلي |
|
اھڙو ڏيئين پيار |
سيوڪارن ۾ سھڻا! |
|
وٺجئي ھڪ ھڪ وار |
طالب مولا ساڻ ڇڏ |
|
گوھر تون گينوار! |
ٻنھي ٻانھن جو کڻي |
|
پاءِ حقيقي ھار |
اھو ڪر اتبار |
|
تھ ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ اچي ڪر احسان |
سڏڪا ھر ھر ٿو ڀري |
|
اندر جو ارمان |
تون بھ انسان آھيين |
|
آنءُ بھ آھيان انسان |
مشڪل مڙئي پانھنجا |
|
اچ تھ ڪريون آسان |
يا فطرت ۾ ڪو فرق پيو |
|
ڇڏيو جذباتن جھان! |
آرزو مان عشق ويو |
|
ٿي تقاضا تالان! |
يا ختم ٿي ويون خواھشون |
|
۽ سڪ جو ويو سامان! |
متان تاب تمنائن ڇڏيو |
|
۽ مطالبن ميدان! |
نوري! نوحاڻي جو |
|
اڃا نينھن اٿئي نالان |
حبيب ھميشه نھ اچين |
|
تھ بھ محب ٿي مھمان! |
نرمل! ٿيس نادان |
|
تھ بھ ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
اچ عجيب الاڙي! |
اکيون عاجز ٿي پيون |
|
ڳوڙھا سو ڳاڙي |
حبيب سائين! ھجر ٿو |
|
لونءَ لونءَ لتاڙي |
کٽي واري کنڀ جان |
|
پئي محبّت مناڙي |
آوي وانگر عجيب! ٿي |
|
سڪ سدا ساڙي |
ڪيل قول قرار تون |
|
اچ پرين سڀ پاڙي! |
تھ بھ سمجھين نٿو صديقي چوي |
|
گھوڙا گھوڙا ڙي! |
من پڇين اچين پاڙي |
|
ويل وقت نھ آھيان |
|
* |
|
جي ڀائين جيئرو ھجان |
|
تھ ڏک نھ ڏي ڏوڙا |
عشق ھڻي ٿو اڻ ڳڻيا |
|
ھر ھر ھٿوڙا |
پيارا يار! پڇي تھ ڏس |
|
سڀ اوڙا ۽ پاڙا |
ھلن ڪئن حبيب ٿا |
|
جھان ۾ جوڙا! |
پنھنجا بھ پرين شل ھجن |
|
جوڙا سجوڙا! |
تھ بھ سمجھين نٿو صديقي چوي |
|
گھوڙا ڙي گھوڙا! |
ٻڌين نٿو ٻوڙا |
|
تھ ويل وقت نھ آھيان |
١٧-٩-١٩٦٨ع
٢٣ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
حيدرآباد ۽ ملتان جي وچ ۾
فوڪر فرينڊشپ پي ڪي ٦٠٢
*
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|