تمهيد
ساراهيان سچو ڌڻي، خالق خلقڻهار،
ڪريان بيان ’ٻانڀڻ‘ ’ٻروچ‘ جو، آهي عالم ۾ اظهار،
ڪنين سڻيو قصو ڪريان، مون تي ناهه ميار:
نازڪ جاڳي ننڊ مان، ٿي سسئيءَ کي سنڀار،
ڪامڻ کي هئا ڪيترا، وهم وڏا ويچار،
پنهون ناهي پلنگ تي، پئي روئي زارو زار،
مادر ! مون کي دعا ڪر، ڏسان ڪيچين جي قطار،
جبل ۾ ”جاڙو“ چوي، من ملي محب منٺار،
لکيو لکڻهار، منهنجو ٻاڻ ٻروچ سان.
ماءُ
تنهنجو ٻاڻ ٻروچ سان، پِٽِيَل ! ڇڏ پچار،
سسئي ! ٿيءُ سياڻي، ڪا ديد اکين ۾ ڌار،
مون توکي نازئون نپايو، هاڻي ڪوهه وڃائين ڪار؟
ساري شهر ڀنڀور ۾، وئي آهه هُوڪ هلي هيڪار:
’چوريءَ رات چڙهي ويا، ناقص ڇڏي نار‘،
جيڏين ساڻ ”جاڙو“ چوي، هتي ويهي ڏينهن گذار،
ٻي وائي هڏ مَ وار، هاڙهي جي هلڻ جي.
سسئي
مون کي پل مَ ماءُ ! آءٌ وينديس پٺيان وَر،
مُورهن مون نه وڻي، گهوٽ بنا هيءُ گهر،
منهنجو پيچ پنهل سان، وڃي هوت ڏسان هيڪر،
وؤڙينديس وڻڪار ۾، آءٌ ڇُلي منجهه ڇپر،
ٻيا ٻارڻ اٿم ”ٻروچ“ چئي، ڪي آيل ! منجهه اندر،
اهو لکيو انگ اکر، منهنجو ٻاڻ ٻروچ سان.
ماءُ
ٻاڪاريو ٻروچ لاءِ، هاڻي ڪوهه ٿي هام هَڻِي !
بات بلوچن پاڻ ۾، ڪا ڳجهي هئي ڳڻي:
’ته ڪيچ نينداسين ڪينڪي، اها کٽياڻي کڻي‘،
سو پنهل وٺي ويا پاڻ سين، ٻَنگي ٻيلهه هڻي،
جتن جا ”جاڙو“ چوي، تون اڃان پڇين پار ڀُڻِي !
هاڻي ڇڏ تون خيال کڻي، هاڙهي جي هلڻ جو.
سسئي
هاڙهي جي هلڻ جي، اٿم تن اندر ۾ تارَ،
کڻنديس پير پنهل جو، پرس پڇنديس پارَ،
آيل ! هٿ اوٺين جي، آهي مَيَن جي مَهار،
وڃي ٿيان وندر ۾، ويجهي منجهه وڻڪار،
ٻُڌان مانَ ”ٻروچ“ چئي، ڪا چڙن جي چونگار !
تانگهڻ کان ئي تار، اٿئي منهنجو ٻاڻ ٻروچ سان.
ماءُ
تنهنجو ٻاڻ ٻروچ سان، پر آءٌ جا پليئين ٿي ماءُ،
جتن جا هيءَ جاڙ ڪئي، تو کي ڪَل نه ڪا،
آڌيءَ اُٿاري ويا آهن چوريءَ جي چانگا،
لتاڙي سي لَڪَن مان، لنگهي ويا لانگها،
توکي ڏيئي ويا ٻن ”ٻروچ“ چئي، هُو سڀ پلي سانگا،
هاڻي سسئي ! سانڀيتا، ڇڏ هاڙهي جي هلڻ جا.
سسئي
هاڙهي جي هلڻ کان ، جوڪس ڪر نه جهَلَ،
ڏيرن جي ڏنگائيءَ جي، ڪانه پئي مون ڪَلَ،
ڪُٺا ڪين ڪُڻڪيا، مَهري انهيءَ مهل،
چڙهي چانگن تي ويا، هو ڪاهي ڪَرهَل،
ليڙا لس لنگهي ويا، وڃي پهتا منجهه جبل،
هاڻي ان هوتن لاءِ، ٿينديس جوڳياڻي، جيجل !
جتن جا ”جاڙو“ چئي، اٿم جوش اندر ۾ جَلَ،
مون کي ماءُ ! مَ پَلَ، منهنجو ٻاڻ ٻروچ سان.
سرتيون
تنهنجو ٻاڻ ٻروچ ساڻ، وِيَئي جوڪس ڇڏي جَتَ،
اِتي ٻيون به ”ٻروچ“ چئي، آيس سهيليون سَتَ،
سڏي تن صلاح ڏنيس: وٺ ماءُ پنهنجيءَ جي مَتِ،
اندر ۾ اوٺيڙن جي، هئي ڪيچين کي ڪُپَتِ،
کٽياڻي ! خراب ڪيئون، چوري تنهنجو چِتُ،
آتڻ ايءُ اجار اتي، ڪامڻ ! ويهي ڪَتِ،
سسئي ! ڇڏ سَنۡبَتِ، هاڙهي جي هلڻ جي.
سسئي
صبر ڪريوڙي سرتيون ! وينديس هاڙهي آءٌ هَلِي،
روڪي رهنديس ڪينڪي، پِرينءَ ري پَلِي،
ڪامِڻَ شل ڪانه ٿئي، ورريءَ ڪا وِلهِي،
جاڳان ها ”جاڙو“ چئي، ته وڃان ها رائي مَنجهه
رَلِي،
هاڻ ڀينر ! ڳالهه ڀَلي، آهي هلڻ پٺيان حق جي.
سرتيون
ڀينر ! ڪوهه ڀُلِي آهين، ڪانه تنهنجي ڪيائون،
ندوري اِن نيهن جون، تر لڌيون هيون لائون،
جَتن تان ”جاڙو“ چئي، ڪيون هيون ورڻ جون وايون،
اهي ڄاڃي ڄام پنهل جا، تن ڪيون ڪَٿائون،
ڪاهي وڃي ڪيچ ۾، تن ڪيون ثابت صلاحون،
سَڱ ته تنهنجو سسئي ! اتي ڇورِي ! ڇِنائون،
اهي ته مَهري مُڪا هئا، آريءَ اُتاهون،
ڏيئي باهه ڀنڀور کي، اچو پنهل وٺي پاهُون،
تو ٻانڀڻِ ساڻ “ٻروچ“ چئي، اچي ڪيائون مُنهن تي
مِٺايون،
پر اندر ۾ اوٺين کي، هيون دل ۾ دغائون،
وٺي پنهل پانهنجو، تو کئون نازڪ ! نيائون،
آڙِي اَناسِي ! ان لاءِ، اڃا وجهين پئي واهون،
ٻيون ماڳ رهن ٿيون مائٽين، جي وَرَن وِلهيون
ٻانۡهُون،
توکي اسين سرتيون سمجهايون، ته تون پيڪن کان نه
پري ٿي.
سسئي
پيڪن کان پري آءٌ، هَلِي وينديس هاڻ،
سرتيون ! هن سنگت جي، ڪانهي مون کي ڪاڻ،
روح نه منهنجو ريجهندو، هِت جوڪس جيڏين ساڻ،
ٽِلِي چڙهنديس ٽَڪرين، آءٌ ڪانڌ پنهنجي ڪاڻ،
جانب ملندم ”جاڙو“ چئي، ٿيندي روح رهاڻ،
پنهنجن پيڪن ساڻ، سُک وَسو وڃي سرتيون !
ماءُ
ماءُ اڳيئون تنهن مُنڌَ جي، آئِي سا اُٿِي،
چئي: نڪي آهين کٽياڻي، نڪي ڌوٻيءَ سندي ڌِيءَ،
مون توکي نازئون نپايو، جيجل ! اندر جيءَ،
دختر ! داغ ڏيئي وڃين، ماريو مون مُٺِيءَ،
هاڻي پنهونءَ جي پُٺيءَ، هاڙهي وڃ مَ هيڪلي.
سسئي
هاڙهي جي هلڻ جي، اٿم سِڪَ سَچِي،
ٻُڌي هيم، ”ٻروچ“ چئي، اها بات بلوچن جي،
سرتيون ! سمڌيس ڪينڪي، هلي ٻولي ٻاروچي،
جاڳيس ڪين ”جاڙو“ چئي، جڏهن آيل ! ويا اُٿِي،
هاڻ اٿم آڳ اندر ۾، انهين جيجان ! جتن جي،
اَئِينۡ صلاح سڀئي، ڏيو ڪامِڻ کي ڪا ڪيچ جي.
ماءُ
ڪوهه تن ڪيچين جي، اچي لڳي اَٿئي لورِي؟
هڪ مونجهارو مَنَ ۾، ٻيو جهِڄَڻ ۽ جهورِي،
هُو تان مُنڌ ! مَهرين تي، چڙهي ويا چورِي،
ڀيڙو ڀاءُ وٺي ويا، ڇڏي تو ڇورِي !
ٻي ٻُڌيسون ڪانه ”ٻروچ“ چئي، گهوٽ پٺيان گهورِي،
هاڻي ناحق نِدورِي ! وڃي رُلِي مرندينءَ روهه ۾.
سسئي
رلنديس وڃي روهه ۾، هاڻي هيڪارِي،
نه آئي مصلحت مَنَ ۾، تڏهين آ گهوٽ وڌي گهارِي،
جاڳان ها ”جاڙو“ چئي، ٿيان ها چانگن تي چارِي،
ته معلومت مون کي ٿئي ها، ستا ٿين جي سارِي،
ته گولي گڏ نِينِ ها، هوند وٺيو ويچارِي،
هاڻي مصلحت موچارِي، ڏيو ڪامِڻَ کي ڪا ڪيچ جي.
شاعر
ڪاف ڪشالا ڪيچ جا، پري پنڌ سُڄَن،
انهن اوٺيڙن کي، مَدِي هئي ڪا مَنِ،
تڏهين تَريُون ٿي تازيون ڪيون، هنن سج لٿي
سانۡجهِن،
ڀنيءَ رات ڀنڀور مان، هليا تَڻڪون ڏئي توڏن،
بَحري اُٺَ بلوچ جا، ٻيا ڏنائون چَٽڪا کي چانگن،
وِنگِي واٽَ وندر جي، هئي سوچِي سَرواڻن،
هاڙهو هوت لنگهي ويا، ليڙا لَس پَٽَن،
هاڻي ڪڍ لڳي ڪيچين جي، تون ڪيئن پهچين تن؟
وَسَنءُ ناهِه وچ تي، ٻيو پاڻي ناهه پَٽَن،
ڪانه هلندي ڪامِڻي، ڪا اُتي منجهه اُڃَن،
ڪيئي بلائون بڇڙيون، رهن منجهه رُڃَن،
کَڻُ، کپَرُ کوڙ اَٿئِي، تن وِههُ گهڻو واتَن،
لُوئر، لُنڊيون، وِرگهيون، واڇِڙيون، ڪوراڙون
ڪَرڪَن،
اَڙل، اَصيل ۽ گَڊا، ڪڍيا وَرَ واسينگن،
ڪاريهر ٿا ڪَرَ کنيو، سامهون سُوسَٽ ڪن،
ٻِمُنهيون ۽ ٻِرگهيون گهڻيون، ٿا سَپ به سُوڙهيون
ڪن،
ڪُلمار، ڪُونۡهيري گهڻا، ٿا وِسيهر وارا ڪن،
سوين سوناريُون، ڀَٽون ڀيڻي، ات لوهاريون لَلهڪن،
جُهوڙ وڙهن ٿا جهَڙپوُن ڏيو، جِت تيز تَلِيهَر ڪن،
ڪُرنڊَ، پِيئڻيون ڪيتريون، ٿا لوڊا لهريون ڪن،
گهڻا جي گهوڙيال اَٿئي، ٻيا سِگهڙيا سانۡ
سِرنگهَن،
اَرڙ بلائون بڇڙيون اتي، ٻيا ڪَرڪا ڪُنڀارَن،
پَدم نانگ پَٽن تي، ٿا اتي ڀَمَنگَ ڀيرا ڪن،
انهن کان پوءِ اڳتي ٿئي، جوکو جانورن،
اَوکا پنڌ پهاڙ جا، ٻيا بدو منجهه بَرن،
آدمخور اتي ٿا، ماڻهوءَ ماس گهُرن،
ڪن لڙايون لَڪَن ۾، اتي وَهريا واگهه وتن،
ببر نر ”بلوچ“ چئي، اتي گجيو گوڙيُون ڪن.
شينهن اتي، شهه گوش ٻيا، اٿئي چيٽا منجهه چُرَن،
لکين اتي لنگور اٿئي، ٻيون بهيرون باندرن،
ڳَهلا جي اٿئي ڳورپٽ، ٻيا چڪر چراخن،
گورک، گينور گهانگهريا، اُت لميو لاتيون ڪن،
راڙهيون اٿئي رڇن جون، ٻيون ممون ماٺ نه ڪن،
بِرجُو، بگهڙ، ڀولڙا، ور ڏيو ويڙهيون ڪن،
زور زناور زنگ رکيو، ٿا مُنڌ ! به مارا ڪن،
جبل ۾ ”جاڙو“ چئي، اٿئي انهيءَ ماڳ مِرُن،
هاڙهي هڏ نه وڃ، مُٺي ! رهه تون مائٽين.
سسئي
مور نه رهنديس مائٽين، طلب اها ٿم تاسَ،
آيل ! تن اوٺين جي، اٿم اندر ۾ اُداسَ،
جيءَ ۾ اٿم ”جاڙو“ چئي، پنهل سندي پياسَ،
هلي مان هاڙهي ۾، وندر وؤڙيندياس،
مانَ مون مسڪين جو، پوي ڪيچين کي قياس،
اهي مرون کِينۡدا ماس، پر هڏ به هلندا هوت ڏي.
شاعر
هڏ هيءَ هوت ڏي، منهنجا هلن مانَ،
ٻُڌان ٿو ”ٻروچ“ چئي، بر وڏا بيبان،
سُڄن سختيون سفر جون، سو ثمر ناهه سامان،
منهنجي ميراين جِي ڪمي آهي ڪانَ،
غافل گناهن ۾، آهيان تار تمام،
ميٽج موليٰ مسڪين جا، ڄامن سندا ڄام !
تون وسيلو وِلهن جو، شاهي تنهنجو شان،
پِرين ! پُل صراط جا، سُڄن دڙڪا ! ۽ دهمان،
وٺي ٻانۡهَن ٻانهي جي، اتي اُڪارج اِمام !
آءٌ به تنهنجو آهيان، ڪو ڀٽ ڳائيندڙ ڀان،
جي پڙهن ڪلمون ساڻ ايمان، سي ڇُٽا سڀ ڇيهن کان.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو سسئي ۽ سهيلين جو
(چيل طالب پليءَ جو )
]هن
مناظري ۾ پنهونءَ جي پٺيان ويندڙ سسئي کي سهيليون
سمجهائين ٿيون ته: سسئي ! اڳيان جبل ۽ رڻ واري
اوکي واٽ آهي، تون نه وڃ. پر سسئي کين چوي ٿي ته:
پنهل کان سواءِ هيءُ ڀنڀور مون کي رڻ ۽ جبل کان
وڌيڪ ڏکيو ٿو ڏسجي، تنهنڪري اها سڃ مون لاءِ وڌيڪ
سٺي آهي جنهن ۾ پنهونءَ کي ملڻ جي اميد آهي.
سهيليون کيس ڏوهه ڏين ٿيون ته: تنهنجي هلت ڪري ئي
پنهون تو کان ويو آهي؛ هاڻي ڪهڙي منهن سان ٿي
پنهونءَ جي پويان وڃين؟ تڏهن سسئي جواب ٿي ڏئي ته:
آءٌ خطاوار ضرور آهيان، پر اُميد اٿم ته پنهون،
منهنجو هيڻو حال ڏسي، مون تي ضرور مهر جي نظر ڪري،
منهنجي خطا بخش ڪندو ۽ مون کي ساڻ وٺي ڪيچ نيندو،
تنهنڪري سرتيون ! مون کي وڃڻ ڏيو. آخر ۾ شاعر،
سسئيءَ کي گنگهار انسان سان تشبيهه ڏيئي آخرت جي
سفر سهنجي ٿيڻ ۽ گنگهارن جي ڇوٽڪاري لاءِ سوال ڪري
ٿو[
سهيليون
سسئي ! وڃ نه سُڃَ ۾، اڳيان اوکي آهِه،
وڃڻ جا وڻڪار ۾، لاڳاپا تون لاهِه،
جبل جاڏو، آهي آڏو، ٻيو رڻ ۾ لڀي نه راهه،
تون ڪئن ڪرين ٿي ڪاهه، سسئي اهڙيءَ سڃ ۾ !
سسئي
سڃ وڻي ٿي سرتيون ! ڀانيان ڀينگ ڀنڀور،
هوتن ڏانهن هلڻ لئي، آءٌ هر هر ڪنديس هور،
جهاڳينديس جبل ۾، لکَ لائينديس زور،
ويو آري ڄام اَتور، آءٌ ويهان هِت هيڪلي !
سهيليون
ڪهڙو اوک اندر ۾، توکي سسئي آهي سور؟
هتان هوت هلي ويا، جي ماڻهو هئا مغرور،
ڪڏهن پهچندينءَ ڪينڪي، آهي ديس انهن جو دور،
ڪوهه ڪرين ٿي ڪُوڪريا، ۽ ماندي مَرين مُور،
توکي ڪهڙو پيو آهي پُور، جو سُک سمهين نٿي سسئي؟
سسئي
چي: سک سمهان ڪيئن سرتيون ! پرين ويو پاڻ،
جبل جهاڳي جانب سان، ڪنديس رَندن تي رهاڻ،
ساهه ڳنهي ويو سرتيون ! منهنجو سوگهو ساڻ،
ماندي مران محبت ۾، ڪوڏئون ڪيچين ڪاڻ،
هوتن بِنان هاڻ، آءٌ ڪين رهنديس جيڏيون.
سهيليون
ڇو نه سُتيينۡ سنڀال ڪري، جڏهن ڏير ويا،
آڌيءَ رات اُٿيو، جِت ڪَرها ٿي ڪُڻڪيا،
اُت نه اُٿيينۡ اوڳڙي ! جڏهن راهي رڻ ٿيا،
پنهل ڳنهيو پاڻ سان، هُو هيڻو هوت ويا،
هاڻي دانهون درد مان، ڪرين ڪڄاڙي لاءِ؟
سچي ڳالهه سُڻاءِ، آهي ڪهڙي تنهنجي مَنَ ۾.
سسئي
من منهنجي ۾ سرتيون ! آهي درد سندو دلدار،
ڏيئي سور سوغاتون، دوست ڪري ويو ڌار،
ٻيو ڪو سُور نه سرتيون ! آهيم اهو آزار،
جهوريءَ جانب يار جي، مون کي ڪيو بيمار،
ڌاران دوست پنهل جي، هِت ويهڻ ٿيو لاچار،
سرتيون ! منهنجي سِڪَ جو، آهي اهو سماچار،
دُعا ڪريوم جيڏيون، شل دوست پسان دلدار،
پهچي پِريَنِ پار، آءٌ ملان محبوبن کي.
سهيليون
پري پار پنهل جو، آهي آڏو جر جبل،
ٿيءُ سياڻي سسئي ! ڪر نه سڏ اَجل؛
اڳيان اوکو پيچرو، ٻي حيوانن هڪل،
مرون ماريندءِ مفت ۾، ڪندءِ ڪانه ڪهل،
ڪير ڪندو جهَل پَل، اهڙي سڃي سفر ۾؟
سسئي
اهڙي سڃي سفر ۾، هوت هلي ايندو،
سسئي کي ساڻ وٺي، وڻڪارئون ويندو،
ڪڏهن ڪين ڇَپر ۾، ڇوري ڇڏيندو،
نباهي نيندو، نال نماڻي پاڻ سان.
نال نماڻي پاڻ سان، وٺي ويندو يار،
ڪين ڇڏيندو ڇپر ۾، محب مڻيادار،
ڪندو مدد مسڪين جي، هوت اچي هڪوار،
ڇٽندا سڀ ڇِيهن کان، عاصي عيبدار،
ورنًہ ٿيندو واهرو، هيئن جو هروار،
هن جو ڪم ڪرڻ آهه، تون ”طالب“ ڇڏ تڪرار،
پاڻهي پاڻ ڀلائيندو، آهي ڀلو جو ڀنڊار،
آري ڏيئي آڌار، نيندو پِرين پاڻ سان.
مناظرو سسئي ۽
سهڻيءَ جو
(چيل ملان بخش جو )
]هن
مناظري ۾، شاعر خواب ۾ ڏسي ٿو ته مجني وٽ عاشقن جي
هڪڙي مجلس ٿي رهي آهي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سسئي
۽ سهڻي وڃن ٿيون. واٽ تي سندن ملاقات ٿي آهي. سسئي
اڳرائي ڪري، سهڻيءَ کي پرائي کير پيئڻ جو طعنو ڏئي
ٿي. جواب ۾ سهڻي هن کي ”ڄمڻ سان ئي نڀاڳي هئڻ“ جو
طعنو ٿي هڻي. ان تي سسئي، کيس پنهنجو مڱيندو سوٽ
ڇڏي، غريب ميهر وٽ وڃڻ جو مهڻو ٿي ڏئي ته سهڻي به
وري کيس اهڙو ئي جواب ڏئي ٿي ته: تو وٽ به ڪئين
جوان تنهنجي سڱ جا طالب ٿي آيا، جن کي تو
خوشامنديون ڪري نان کارايا. سسئي وري ٻيو تير هنيو
ته: تون اهڙي جي پويان وئينءَ جنهن کي تنهنجي مرڻ
تي ڪو ڪهڪاءُ نه آيو. سهڻي وري ان جي جواب ۾ چيو
ته : تنهنجو مڙس به ته توکي ڇڏي هليو ويو. تڏهن
سسئيءَ چيس ته: منهنجي لالن ته لڪن مان به مون کي
ڳولي اچي هٿ ڪيو، پر تنهنجي دوست کي ته ڪو مرم
ڪونه پيو. آخر ۾ سهڻيءَ لاجواب ٿي صلاح ڏني ته
مجلس ۾ ”مجنون“ ۽ ”رانجهو“ ويٺا آهن، انهن کان هلي
فصلو ڪرائجي. آخر مجلس ۾ پهتيون، ٻنهي عاشقن، ٻنهي
ڄڻين کي ساراهيو پر سهڻيءَ کان سسئي کي وڌيڪ سچو
ڪيائون. سهڻيءَ اهو فيصلو ٻڌي سسئي کي پرچايو.[
|