سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :2

عام جو شاعر اڳين ۽ اصلي ريتين ۽ رواجن جي مٽجڻ ۽ نين رسمن جي رائج ٿيڻ کان نهايت متاثر ٿيو آهي. اڪثر جڏهن نوان قاعدا ۽ قانون قائم ٿيا، نوان واهه ۽ رستا نڪتا، يا ٻيا نوان سرشتا چالو ٿيا ته اهي محض حڪومت جي فيصلن طور عمل ۾ آيا ۽ نوڪر شاهي اهي اهڙيءَ طرح عمل ۾ آندا جو ان ۾ عوام جي آساني جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، ۽ نڪي نئين تبديل کي ذري جيترو به ”ڪم تڪليف ده“ بنايو ويو. انهيءَ ڪري، اقتصادي سڌارا سي آيا پر ماڻهن تي جيڪا ٿيڻي هئي سا ٿي گذري، مادي ترقي ۽ تبديل سا آئي پر ماڻهن لاءِ آساني ڪانه ٿي. انهيءَ ڪري اڳئين سرشتي جي بدلجڻ تي شاعرن ڪنهن حد تائين بجا طور افسوس ظاهر ڪيو آهي. نه فقط اڳيون آسانيون ختم ٿيون پر نوان ڪم ئي ڄڻ ابتا رٿيا ويا. انهيءَ جو مثال پراڻن واهن جي خاتمي ۽ براج جي نون واهن وهڻ ۾ نمايان آهي. هيٺين مصراعن ۾ انهيءَ سرشتي تي مؤثر نموني ۾ تنقيد ڪيل آهي (186):

ويا پراڻا پورجي، نوان ٿيا نروار،

اُبتا واهه وهائيا، سکر براج سرڪار.

”واٽر ۽ گهلو واهه“ جي مناظري ۾ اڳين واهن ۽ نون براجن ۽ واٽر ڪورسن جي ڀيٽ ڪيل آهي. نون براج واهن ۽ واٽر ڪورسن آبادي وڌائي ۽ غيرآباد زمينون آباد ڪيون؛ اڳيان واهه فقط آبڪلاني ۾ چار مهينا وهندا هئا ۽ بعضي ته فصل ئي پورا ڪين پچندا هئا. شاعر، واٽر ڪورس جي زباني اهي حجتون نون واهن جي طرفداريءَ ۾ پيش ڪيون آهن (187). ٻئي طرف اڳئين سرشتي ۾ جيڪي خوبيون هيون سي خود هاريءَ جي زباني ٻڌايون اٿس، جو واٽر ۽ گهلو واهه کي وڙهندو ڏسي، پنهنجي راءِ ڏئي ٿو.

اول ته براج جو نئون سلسلو آيو پر خود هاريءَ کي ڪوبه فائدو ڪونه پهتو (189):

اچي لنگهيو اوچتو، هاري هر کڻي،

جوڙو ڍڳن اڳ ۾، چوني ڏيڍ مڻي،

ڪلهي ڦاٽل قميص ۽ گوڏ به گهاء گهڻي.

اڳن واهن وقت آباديءَ تي خرچ ٿورو ۽ پيدائش گهڻي هئي، پر نون براج واهن تي خرچ وڌي ويا ۽ جيتوڻيڪ ٻه- فصلي (ٻه فصل) ٿي ته به ماڻهن تي قرضن جا ڪوٽ چڙهي ويا. هڪ واٽر ڪورس جي کاٽين جا خرچ، ٻيو واري جو پاڻي جنهن تي آبادي گهٽ ٿئي، ۽ ٽيون انجنيري کاتي جي رشوتخوري جي بازار گرم: فصل فصل تي رشوت نه ڏيو ته واٽر ڪورسن کي دڪيون ۽ ماڊولن جا منهن بند. پاڻيءَ جي واري جي ڇڪتاڻ سببان ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪشومت، ۽ نئين آباديءَ جي نئين مرض سببان ماڻهن ۾ اڳين مروت ۽ لحاظ جو خاتمو. اهڙين حالتن ۾ ته هن موڪي پِيچ کان اڳين چرخي چڱي هئي (189-190).

واٽر وڙهه نه وير سان، ڇڏ حاڪم ساڻ حجت،

اڄ ماڻهن هن کي مٽيو، تڏهن تَتا ! رکين تهمت،

اهو چار مهينا چُست ٿي، وهيو ساڻ همت،

ته به تو کان سرس اُپايائين، سُڪار هئا سڀت،

تون سارو ورهيه وهائين، ته به قرضين جي ڪثرت،

’وارو‘ هر هڪ کي مليو، قادر جي قدرت !

هر هر ڀڳو پيو آهين پَڏي ۾، تو ۾ تر نه آهي طاقت،

دٻيو دِڪا ڏينئي ماڊول کي، داروغا ساڻ دهشت،

تنهن موڪي کان چرخي چڱي، جا هاڃا ڪري حرڪت،

تنهنجي آئي الفت وئي، ڪوڙ ٻيو ڪلفت.

اڳ راڄن جا چڱا مڙس هوندا هئا، جن جو راڄن تي هٿ هوندو هو، ۽ انصاف ڪندا هئا. پر انگريزن جي ڌاري حڪومت ۾ طاقت ڪاموراشاهي کي ملي ۽ ڪامورن جو زور وڌيو، انهيءَ ڪري چڱن مڙسن جي بدران ماڻهن جو رخ ڦري ڪامورن ڏي ٿيو. ”ڪالو ۽ جهرڪي  جي مناظري“ ۾ ڪالوءَ کي جهرڪي وڏو دڙڪو ڪامورن جو ڏيئي چوي ٿي ته ”آءٌ اچان ٿي صاحب سڏائي“ (632):

آڻي ايس-پي، ڪليڪٽر ڪوٺائي،

ڪمشنر ڪاردار ڪيترا، سڀ مڏيون منگائي...

معاملو مُٺيءَ جو وجهندو جمعدار جاڳائي،

آڻي انسپيڪٽر کي، وڌو صوبيدار سڏائي،

پيسا ڏيئي پوليس کي، ڪو سوار سڏائي...

سچو ٿيندو سروير، من داروغو دٻائي،

آسرو ’ايس – ڊي – او‘ ۾، نه ته انجنير ۾ آهي،

ترت تپيدار ايندا، ڪوٽارن کي ڪاهي...

جهڳڙو جهرڪيءَ جو وجهندو سپر ويز سڻائي،

چڱا مڙس چوڌاري، پاڙي مان پڇائي،

ڪامورا سڀ ڪوٺائي، عرض ڪنديس انهيءَ کي.

حڪومت جي زور تي ڪامورن عام طرح ابتا قلم وهايا، انصاف کي ڪُٺو ۽ ماڻهن کي بي انتها ستايو. ڪامورن ۾ ڄڻ انصاف جي اهليت ئي ڪانه هئي. ”ٻيڙي ۽ ڀُنگري جي مناظري“ ۾ شاعر ٻيڙيءَ جي زباني ڪامورن جي عدل تي هڪ عجيب انداز ۾ طنز ڪئي آهي (136) ته :

قدر منهنجو ڪامورن کي، ٻيو منشين ۾ آ مان،

پتلون پايو، سيل دکايو، جيڪي عدل ڪن انسان.

هر حڪومت ۾ نوڪر هميشہ ٻين تي آڪرو پئي رهيو آهي. انگريزن جي حڪومت ۾ ته سرڪاري نوڪرن جي ڄڻ چوٽي آسمان سان پئي گسي. پينشن ۾ وڃڻ کان پوءِ به کين فخر هو ته ’اسان نوڪري ڪمائي آهي؛‘ ان وقت به ٻين عام ماڻهن تي سندن اک ئي ڪانه ٿي ٻڏي. ”جمالي ۽ گدڙ جي مناظري“ ۾، جڏهن جمالي گدڙ کي پوليس جو دڙڪو ڏئي ٿو ته گدڙ رعب تاب سان کيس ٻڌائي ٿو ته آءٌ خود سرڪاري نوڪري ڪمايو ويٺو آهيان ۽ پينشن بردار آهيان؛ تون مون سان ڪونه پُوري پوندين (440).

چئي: ڏيندين پوليس ۾، پر آءٌ اڳيئي عملدار،

قاعدي ۽ قانون جو  آءٌ، سالڪ سُوِيچار،

بابو منهنجو باليسٽر هو، تون حريف ٿيءُ هوشيار،

آءٌ شاهپور شهر ۾ هئس سلحدار سوار،

پوءِ جلدئي جهڏي گدام ۾  ٿيس جانب جمعدار،

هلان هلي حرن ۾، ٿيس سانگهڙ صوبيدار،

پنجويهه سال پورا ڪري کڻان پينشن جو پگهار،

جُڙيئي جواني جمالي يار ! مون سان پورو پوندين ڪينڪي.

پاڙي ۽ راڄ ۾ ڌرين جا هٻئي کي انهيءَ قسم جا دڙڪا هر ڪنهن کي معلوم آهن.

اڪثر شهرن ۾، ڌرين جي سوالن جوابن ذريعي شاعرن ڪن شخصن، گروهن يا سماج جي ريتين رسمن تي ضمني تنقيد ڪئي آهي. ”حاصل فقير ۽ ڪانگ جي مناظري“ ۾، ڪانگ حاصل فقير کي جواب ڏيندي، مُلن بابت چوي ٿو (576):

اهي موچاري کاڌي تي، مُلا ! آئِين مرندا،

خَتمي جو جي ڪٿي سڏ آئِين سڻندا،

ڀڄي انهيءَ ڀت کي رهڙي اَئِين رسندا،

وات سان مِڻ مِڻ ڪري ٻُڪ وڃي کڻندا،

بي توڙا بي پُڳا اتي ڪوڙ ڪندا،

رُڪ پنهنجي منهن تي ٻَڌايو ڦرندا،

چڱن جي چوڻ سان واريا ڪين ورندا،

اُٿلي انهيءَ اَهَڏ ۾ پاڻهي اَئِين پوندا،

غريبن ۽ مسڪينن کي ڦورن جيئن ڦرندا،

ڪتاب ڏسي، حساب ڪري، ڪڍڻا ڪي ڪڍندا،

سورهن هٿ ڪپڙ، ٻه مڻ انّ، ڇيلو، ڪڪڙ پيا ڪڍندا،

اهڙو حساب مريضن کان وڄائي وٺندا،

’پنڌرهين ڏينهن چڱو ٿيندين‘ وري اهڙا ڪوڙ ڪندا،

ڀروسو الله تي اوهين ڪڏهن ڪين رکندا،

شيطان جي چوڻ تي هوڪاري هلندا،

عالمن جي مجلس کان پاسي پيا ڀڄندا،

اڄ وقت جا ماڻهو، ڀوپن سان ڀرندا.

”پيري ۽ جواني جي مناظري“ ۾، شاعر جوانيءَ جي زباني زمانِ حال تي تنقيد ڪئي آهي (101) ته:

اڄ ويو مان مسڪينن جو، اچي ٿيو ڪميڻن جو قدر،

وڏيرن کي تڏهن وڻندين، جڏهن ڏيندين لچائيءَ جي لَر،

ويو عدل اميرن مان، رڳي هلي پاليسيءَ جي پَر،

گلا ويئي گوءِ کڻي، ٿيو آهي ڪوڙ ڪثر،

نه آهي غور غريبن جو، اچي دُزن مچايا ڌمچر،

چڱن مڙسن کي وڻن چاپلوسيءَ وارا، جي ڪندا حرامڙائيءَ جا هنر،

جي سچ سڃاڻن ڪينڪي، رڳو مُٺاين جا مڪر،

ڪڍندا عيب اشرافن مان، اڄ سڀ کي وڻي ثمر،

پيري مريدي پوري ٿي، آيو وقت آخر،

غيرت ويئي گم ٿي، هلن پيا ناحق جا نظر،

نڪي سڃاپن ننگ نياڻين جا، هلن پيا لُنبن جا لشڪر،

حياءِ لڏي هليو ويو، سڃاڻن نه ڀيڻ مادر،

زالون هن زماني جون، ڏين چارئي پهر چڪر.

”پيري ۽ جواني جي مناظرن“ (95 ۽ 102) ۾ جوانن ۽ پير مردن جي عملن، عادتن ۽ نفسيات تان پردو کنيو ويو آهي. ”پڳ ۽ ٽوپي جي مناظري“ (112) ۽ ڪن ٻين مناظرن ۾ نين رائج ٿيندڙ رسمن ۽ عادتن- مثلاً پڳ يا پٽڪي بدران ٽوپي پائڻ، حقي يا چلم جي بدران ٻيڙي ڇڪڻ- تي تنقيد ڪئي ويئي آهي. ”ٽوپي ۽ پٽڪي جي مناظري“ (117) ۾ شاعر آخر ٻنهي ڌرين جو پرچاءُ ڪرايو آهي، ڇو ته سندن وڙهڻ بيسود آهي، جو ”هاڻي ماڻهن ڪيو ملڪ ۾ آهي مٿو اگهاڙو“ (121)، ”مٿي اُگهاڙي“ جي نئين فيشن ڏانهن انهيءَ اشاري کان سواءِ ”مٿي اُگهاڙي“ جي پر معنيٰ اصطلاح ۾ ماڻهن جي عادتن ۽ اطوارن تي پڻ هڪ وڏي طنز ٿيل آهي.

(ج) ظرافت ۽ چرچي جي چاشني: مناظرا خالص سنڌي خوشطبعي ۽ گفتي جي ملوڪت جو بهترين مثال آهن[1]. ٻهراڙيءَ جو شاعر پنهنجي ماحول کان پوريءَ طرح واقف آهي، ۽ سوال جواب ڪندڙ ٻنهي ڌرين کي پوريءَ طرح سڃاڻي ٿو. جڏهن هو هڪ ڌر جي زباني ٻيءَ ڌر جي عادتن ۽ اطوارن کي بيان ڪري ٿو ته پورا پار پتا ڏئي ٿو، ۽ جڏهن سياڻپ ۽ سگهڙپائيءَ سان سچ چوي ٿو ته طنز ۽ مذاق جو اهو  ته سامان ۽ سمان پيدا ڪري ٿو، جو پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کان ٻَڌا ٽهڪ نڪري وڃن ٿا. موٽر ۽ جيپ پاڻ ۾ چپ پون ٿا ته جيپ، موٽر کي چوي ٿي ته آءٌ سڀني رستن تي هلان ۽ اهڙيءَ طرح ”وريام وڙڪائي، گهمايو ٿي گهر ڇڏيان“ (181). اونهارو، سياري کي چوي ٿو (200) ته:

جن کي لقب ’سر‘ جو، توکي نهاريندا سيئي،

غريبن وٽ ڇا اٿئي، رڳو ڏڌ ۽ مهي،

شاهوڪارن وٽ اٿئي، ياقوتيون ٻيا ڪُشتا پڻ ڪيئي،

بادام، بيضا، مرغيون، ٻيا گيهر اٿئي گيهي،

اي سيارا سجهنديئي، وڃي وارو ڪر ڪنهن وزير تي.

اٺ ۽ ڏيڏري جو پاڻ ۾ اٽڪڻ (276، 278) وارو عنوان ئي کل جهڙو آهي. اُٺ ۽ ڏيڏري جو مناظرو چيل ڪوڙي لغاري جو (276) گفتي جي ملوڪت ۽ ظرافت جو هڪ نهايت عمدو مثال آهي. اٺ، ڏيڏريءَ کي ”نڪ چپي ۽ پيٽ ڍُڙڪي“ سڏي ٿو. جنهن تي ڏيڏري هڪ ڪِرڙي (سانڊي) کي وڃي دانهن ڏئي ٿي (277) ته:

ماريو اُکل پيرو، ڇڄ ڪانڊيرو کائي،

لب لوڏيندو اُٺڙو، مون ٿو هيئن مڃائي:

’پيٽ ڍڙڪي، نڪ چپي، ڦِٽ جي ڦٽ آهين،

پاڻيءَ ۾ بُڙ بڙ ڪرين، سڪيءَ تي ساهين.‘

اهو سُڻي سانڊو ٿو کيس دلداري ڏئي ته:

’نه ناني ! لونگ چٻڻي، تون درياء ڌياڻي،

مومل ويهه ماڙيءَ تي، تون سدا رهاڻي.‘

گدڙ شينهن سان اٽڪي ٿو ۽ نيٺ جان بچائي ماءُ وٽ پهچي ٿو ته اڄ شينهن مون کي نهوڙي نيو هو، پر خير سان اچي تو وٽ پهتو آهيان. اتي ماڻس چويس ٿي (286) ته:

پڻهين به پُٽ هو پنجهاهييٖ جو، سؤ سؤ ماريندو هو شينهن،

پر جڏهن کٽس ڏينهن، تڏهن جهنگ ٻلي جهوري وڌس.

ڪانءُ ڏيڏري تي عاشق ٿئي ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته:

”سانول تو وائي، ڪَرڪِينۡ پئي ڪونج جان“

اهو ٻڌي ڏيڏري چويس ٿي (225) ته:

ڪونجون مٽ نه منهنجي، تون ڪوڙ هڻين ٿو ڪانءُ،

هو ٿيون رُلن روهه ۾، اسان ويهون ٿڌي ڇانء،

جيڪي نينهن ڳنهندا نانء، سي ڪئين ڪٺاسون ڪانوَڙا !

چتون، چانهه تي عاشق ٿئي ٿو ۽ مئنا وٽس ميڙ ڪري موڪلي ٿو، جنهن کي آخرڪار چانهه مڃي ٿي ۽ چوي ٿي (324) ته:

منهنجا ميان مٺوءَ کي ساري ڏيج سلام،

تَتي ڏينهن تمام، ملنديس ليسوڙيءَ جي لام تي.

هڪ سيڙهه هاريءَ جون وليون کائي وڃي ٿي، جنهن کي سمجهائيندي، آخرڪار هاري کيس ڪتن جا نالا وٺي ڊيڄاري ٿو، ته اهي ڪتا ماريندئي. سيڙهه جواب ڏئيس ٿي ته تنهنجن انهن ڪتن کي آءٌ گهڻو سڃاڻان (387):

’وينڊي‘ وڙهڻ ڇڏيو، ’واڳون‘ منجهه وهم،

’ڪَڪَڙ‘ اچي ڪينڪي، جنهن کي گوجو آهي غم،

’مانگر‘ در مهتن جي، درس ڏئي ٿو دم،

’ڀونئر‘ ڀڻڪڻ ڇڏيو، جنهن جو قوت ٿيو آهي ڪم،

ويو تاءُ ’تليهر‘ کان، جنهن جي قوّت آهي ڪم،

’ڏکڻ‘ ڏسي ڪينڪي، جنهن کي اکين ۾ آگم.

انهيءَ تي هاري کيس آسپاس جي ٻين راڄن ۽ ذاتين جي ڪتن جا نالا کڻي دڙڪو ڏئي ٿو ته اهي ڪڏهن ڪين ڇڏيندءِ؛ پر سيڙهه چوي ٿي ته آءٌ انهن ڪونڌرن کي به سڃاڻان ٿي (388):

ڇا سهڪائيندو ’سوهين جو‘ قدر اسان جي ڪير،

اٿئي ڪَرن سُڪو ’ڪورين جو‘ ڇانهيري ڇپير،

شل اچي ’شڪارين جو‘ جنهن کي هڏن جي آ هير،

ٿو جُهُون ڏئي ’جوکين جو‘ ڪري گرهه مٿي گير،

ڏاڪڙ ئي ’ڏاهرين جو‘ ڏئي ڀؤنڪيو نَرا ڀير،

گوبو ڇڏي ’گولوءَ جو‘ پل نه ڪو هڪ پير،

اٿئي روازي ڪتو ’رازن جو‘، ڇا وڙهي وٺندو وير؟

غم ۾ ’گنهوراڻين جو‘ ٿو چپ چَٽي چَپير،

ماڻهو ڏسي ’مهاڄڻ جو‘ ڪندو بازر منجهه بهير،

اٿئي مدو ڪتو ’ماڇين جو‘ جنهن جي چُلهه ساڻ چهير،

ڳاٽ کنيو ’ڳرواڻين جو‘ سانجڻ ڪري سوير،

آ سڪڻو ڪتو ’سوهين جو‘ جنهن جي کاري ساڻ کهير،

ڦند ڦٽا ڪِر ڦير، وجهنديس ويڌ ولين ۾.

مڇر ۽ ڀنڀوري پاڻ ۾ اٽڪن ٿا، ۽ آخر ڀنڀوري راڄ جي پَرين مڙسن کي چوي ٿي ته ”آچار ڪري اسان جو، اهو فيصلو ڇڏايو“ (239).

تڏهن مردن بيهي مڇر کي، سامهون چيو سچ،

رنج نه ٿي رن زال سان، پِٽيل ! تون پَرچ،

هو کائي پئي پانهنجو، کُهيل کنيون خرچ،

آهين وڏو لُچ. جو رنجايئي رن زال کي.

اهو ٻڌي مڇر چيو ته :

رنجايان رن زال کي، ٿي تڙيل ڪري تڪرار،

ٻيو منهن چڙهي مهڻا ڏئي، گهڻي ڪري پچار،

سمجهايَوَ ڪين َ سُڃيءَ کي، پر مون ڏي ڪَيوَ ميار،

گوهر ! ٻڌي گفتار، ڪا ڳَڻَ ڪريو هن ڳالهه جي.

مولوي الهرکيو اوٺو ڪاوڙجي پنهنجي گڏهه کي هيسي ٿو ۽ چويس ٿو ته :

گڏهه ! تو گلا جي لولي آهي لائي،

ڪهڙيءَ ريت قائم جو، تو کيٽ ڇڏيو کائي؟

انهيءَ تي گڏهه سڄو داستان ٿي سڻائي ته هن اڳ ڪهڙا ڪهڙا سُور سَٺا، ۽ ان کان پوءِ ڪيئن اچي مولوي الهرکيي وٽ اڙي آهي (525):

پوڙهي ڍڳيءَ جي پئسن ۾ آءٌ اوهان وٽ آئي،

نوڙي منهنجي نصيب لاءِ ’ساڪر‘ سنباهي،

سلهڙ هڻي ’سونهاري‘، مون کي مرڳو مسائي،

ٻڌي پاسا پاڃاريءَ جا ’عثمان‘ اڙائي،

’مقيم‘ وڌي موچڙن جي، مون کي هيڪاندي هائي،

هڪ ڏينهن ’حمير‘ کان ڇوڪرن ڇوڙائي،

’نوروءَ‘ مون کي نوڙيءَ بنا، وَڏهه ڪيو واهي؛

نيٺ ملي ’نوروءَ‘ کان مون کي آخر اَجائي،

ته ’جيئندي‘ جلدي جلدي، پاڻهي پهرائي،

’ڪليو‘ ڪڇيوئي ڪونه ڪو، نه ’منٺار‘ موٽائي،

جهلي اڳ ’اَئل‘ جو، ڪيم وڌڻ جي وائي،

ته ’پارئي‘ منهنجو پاسو وٺي وڃي ورائي،

ڀڄي ويس ڀرٽن مان، مون کي ڊيڍن ڊگائي،

ٻني ٻين سڀني کان جڏهن ڏٺيم سائي،

تڏهن ڪاڙهي تتي قائم وٽ، آءٌ انهيءَ پر آئي.

هڪ نوريئڙو سنگن جو کرو ڏسي کائڻ تي هري ٿو (557):

هن پُڇر کي پري کان پيو داڻن جو دونڪار،

سو نوريئڙو نڪار، رڙهي پيو راهه ۾.

انهيءَ تي هاري سدورو ماڇي نوريئڙي کي هڪل ڪري چوي ٿو (558) ته:

ڀڄي وڃ ڀاڙيا ! تون، آهين ٻليءَ کاڌي وٿ،

مري پيندون موچڙي سان، سڙيا ڪونهئي ست،

مٽجي ٿيس مست، ته گهلي هڻندوسئين گوڏي هيٺان.

اتي نوريئڙو به آڏو کيس ٻولائي ٿو ته:

گهلي ڪندون گوڏي هيٺان، پر آهيان مڙس تنهنجو مَٽ،

ڪپڙا سڀ ڪُتري، چيري ڪندوسانءِ ڇٽ،

سَڌ ڪري سامهون نه ٿج، ته پڌر کوڙايئين نه پٽ،

جهڙپ ڏيئي جهٽ، اڳٺ ڇنندوسئين اوچتو.


[1] . خاص طرح هيٺيان مناظرا نج سنڌي ظرافت ۽ گفتي جي ملوڪت جا عمدا مثال آهن: ٻيڙي ۽ حقو (129)، ٻيڙي ۽ ڀونگري (134)، واٽر ۽ گهلو واهه (185)، اونهارو ۽ سيارو (200)، اُٺ ۽ ڏيڏري (276، 278)، سانڊو ۽ سانڊي (293)، ڪڙمي ۽ ڏاند (340)، ڪڙمي، هرڻ ۽ گڏهه (367)، هاري ۽ سيڙهه (383)، يوسف ۽ گدڙ (415)، جمالي ۽ گدڙ (437)، مولوي الهرکيو ۽ گڏهه (524)، سدورو ۽ نوريئڙو (558)، خانو مل ۽ ڏيڏر (580)، حاصل فقير ۽ ڪانگ (583)، ڪؤڙو ۽ سرڻ (609)، مرزو ۽ چٻ (613).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org