تمهيد
ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب سَڌر،
مٺو محمّد ڪارڻي، آهي امت جو آڌر،
ٻيڙي ڀُونگري پاڻ ۾، ٻڌو ضد زبر،
ڀَڙڪو ڏيئي ڀُونگري چيو: تون مون کان ناهين ڪثر،
پڏائين ٿي پاڻ کي، ته آهيان سُريلن ثمر،
پر سندرو ٻَڌن سوال تي، جوان اهي اڪثر،
سُريلا پيا اڄ سَٽُن ۾، ڇڏيئون پٽيءَ جي پچر،
ڀاڳ وريو مون ڀونگريءَ جو، لائينِ سيني ساڻ سُکر،
مليو ٺاهيو مِٽيءَ مان، مون کي ٺاهيو ڪَن ٺِڪر،
ڪي ته بنائين ڪاٺَ مان، واڍا ڏيو ڪي وَرَ،
آءٌ غريب امير سان، وتان ڀاڪر پايو ڀَر،
تو ڪيئي خان کُٽائيا، لُچي ! ڏيئي لَرَ،
تنهنجا پن اچن پارڪر کان، مُنهن ۾ بدوڪي بَجَر،
هاڻي ٽِيڪو ڇڏي ٽَر، نه ته خوار ڪنديسانءِ خلق ۾.
ٻيڙي
خوار ڪندينءَ ڇو خلق ۾، اٿم موالين ۾ مان،
اڻ لڀ شيءِ آڪري، مون لاءِ هرڪو آهي حيران،
هاڻي ٻنگ لڳو آ ٻيڙيءَ جو، ماڻهو ٿيا مستان،
ڦوڪ ڀري اڳ ڦٽو ڪندا هئا، هاڻي پئين پهلوان،
هٿ سڙيو حرڪت ناهي، پر ذرو نه ٿئي زيان،
چپ سڙيو، عضوو کريو، ته به اندر آهه ارمان،
قيمت واري ڪين ڇڏيون، آهي سريلن سامان،
محبت مون سان ماڻهن جي، ٿا ڪوڙين ٿين قربان،
مُنهن چڙهيو مهڻا ڏئين، پنهنجي شڪل ڏس شيطان !
بڪ ڦٽي ڪر بي ايمان ! نه ته چِلهينديسانءِ چنبن
سان.
ڀونگري
ڇو چلهيندينءَ چنبن سان، مان به ڀونگري آهيان ڀَڙ،
مناظرو ڪرين ٿي مُنهن ڪاري ! تو کان آهيان ڪثر،
توکي ڦوڪ ڀريو ٿا ڪن ڦٽو، مون کي هرڪو ٻڌي هَڙِ،
تنهنجي خرچ کُٽائيا، تون پنهنجا وڃائين وَڙَ،
مون سان لُچي ! نه لَڙ، نه ته مارينديئسين مُڪن
سان.
ٻيڙي
ڇو ماريندينءَ مُڪن سان، منهنجو شهر ۾ آ شان،
سِيل ٻيڙي، پَن پاڪيٽ، جوڙين ويٺا جوان،
قدر منهنجو ڪامورن کي، ٻيو منشين ۾ آ مان،
پتلون پايو، سِيل دُکايو، جيڪي عدل ڪن انسان،
سي مون نَر نمائي ڇڏيا، جن جي در مٿي دربان،
رئيس وڏيرا رولي ڇڏيم، جيڪي کٽن ويٺا خان،
ٻيا ٻانڌارا ڪن ٻيلپو، آءٌ تن غريبن جو گذران،
اڳي ڪم آئينءَ ڪولهين کي، هاڻي ڪيئي مسلمانن ۾
مڪان،
جهٽ ۾ پئي جهيڙا ڪرين، تون نسوري نادان !
آءٌ اصل کان اڳوان، تون نسل آهين نِڪمي.
ڀونگري
نسل آهيان جي نڪمي، هاڻي نڪري ٿيس نروار،
”جڏهن وري، تڏهن ڀري“ اها آهي پهاڪي پچار،
مون کي سڀڪو وتي سانڍيو، ڪريو هنئين جو هار،
ڏيو پَلٽ ٿا پاري جي، مون تي چٽ ڪڍن چوڌار،
آءٌ ڪَر کنيو ويهان ڪچهرين ۾، ٿيون موالين جي
مهندار،
وزم، گانجا وير پين، صافا ڏيئي سينگار،
سُلفيون ڀريو، صدائون هنيو، ڪن عليءَ کي اظهار،
وٺيو نالا نبين جا، سي غازي ٿين گينوار،
تون گندي ٿي گلائون ڪرين، موليٰ وجهندءِ مار،
تون مَرڪ هُئين مهتن جو، توکي ٻُلهيندا هئا ٻار،
دسيو وجهنئي دٻلين ۾، جهڙي بندياڻي بجار،
اڃا به ٻِٽيون جهلين ٻانڌارن جون، بيهو منجهه
بازار،
مون کي مست موالي موليٰ جا، درس ڪرائين ديدار،
تون کاڻي ! ٿي آهين خوار، جو گلا ڪرين ٿي گاروڙين
جي.
ٻيڙي
گِلا نه آهي گاروڙين جي، سلفي ! چوانءِ سچ،
ڪنڌ ڦِڏي ڪُوچڙي ! تنهنجي مٿهي تي ٻارين مچ،
امين وهاري، عدالت ڪرائين، ته اوري هلي اچ،
ته آءٌ سونهان سڀڪنهن ۾، يا تون ٿي ويهين وچ ؟
تنهنجي نشي نهوڙيا، ڳري ويا آهن ڳَچ،
جگر جلايئي جيئرن جا، ڪڍن کانگهارا کَچ،
هاڻي پرچين ته اچي پرچ، نه ته ٽوڪينديسانءِ ٽُنگن
تان.
ڀونگري
ڇو ٽوڪون ڪندينءَ ٽنگن تان، آهي جبَّار جي جوڙ،
آدم بني انسان ڏس، خاوند خلقيا کوڙ،
جي اهڙا عيب اُگهاڙيندينءَ، ته ٺوڪر لڳندءِ ٺوڙ،
دنيا آهي دورنگي، نه هلي تَونگر ڪنهن سان توڙ،
تون خلل ۽ کيٽي کان، مُنهڙو کڻي موڙ،
ته پرچي وڃون پاڻ ۾، لاهي گِلا جو گوڙ،
مَٽ نه آهي محبت جو، قيمت ملهه ڪِروڙ،
ڪلمون پڙهون ”قاضي“ چئي، ته لهي ساري سوڙهه،
ٻڌي محشر منجهه موڙ، اچي مدد ٿيندو مصطفيٰ.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو ٻيڙي ۽ چلم جو
(چيل ڏني فقير جو )
]
هن مناظري ۾ چلم پاڻ کي خوبصورت چئي، ڪونج وانگر
ڪچهرين ۾ ويهڻ جي هام هڻي، جڏهن ٻيڙيءَ کي پاڻ کان
گهٽ ڪوٺي ٿي، تڏهن جواب ۾ ٻيڙي پنهنجي مقبوليت ۽
شوقين جوانن جي پسنديءَ جو دم ڀري چلم کي ڪني
ڪوجهي ڪوٺيندي کيس چوي ٿي ته: توکي رڳو روڳي ۽
موالي اوتارن ۾ رکيو ويٺا آهن، جن کي جونئون پيون
ٻرڪن. آخر ۾ سگهڙ وچ ۾ پئي، ٻنهي کي خراب چئي،
صوفين جي ساراه ٿو ڪري، جي انهن ٻنهي بدعتن کان
پري آهن. ۽ آخر ۾ ڌڻي تعاليٰ کان سوال گهري مناظرو
ختم ڪري ٿو.[
تمهيد
واکاڻيو واحد کي، توهين بندا ! ڪريو بندگي،
رسول معشوق موليٰ جو، جنهن ظاهر ڪئي زندگي،
ٻه بدعتون پاڻ ۾، اوچتيون پيون اَٽڪي،
پوءِ ڪَڙڪي ڪَٽڪي، ٻِيڙي چڙهي وئي چلم تي.
چلم
چئي: چڙهندينءَ ڇا چلم تي، هنئين ساڙ حرامڙي !
لُچي ! مون سان لُڙ ڇڏ، کاءُ نه گِدامڙي،
ٿيندينءَ خوار خلق ۾، نياءُ ڪندا چار چڱامڙي،
آهين اڳ جِيتامڙي، ڪرين ٿي وات وڏين سان !
ڏس ته ٽوپي اَٿم ٽنگ جيڏي، ناز ڀريو اٿَم نڙ،
ويهان، سونهان ڪچهريءَ وچ ۾، جئن ڪُونج کڻي ڪر،
سوين سَلامي منهنجا، بيهودي ! ڇا ايندئين بَر؟
اُٿي ٽَرڙي ٽَر ! نه ته گُڏي وجهنديسانءِ گوءِ
سان.
ٻيڙي
ڇا گُڏيندينءَ گوءِ سان، منهنجو رءِ لڳو آهي رنگ،
ننڍي وڏي کي مون، پاڻُ هنيو آهي ٻنگ،
ڪِني، ڪَميڻي، جنڊا هوڙي ! تو جوٽي کڻي جنگ،
جڏهن نروار ٿيس نسنگ، تڏهن ڪُٽجين ٿي ڪنڊن ۾.
چلم
ڪُٽجان ٿي ڪُنڊن ۾، تو ڄاهي وڌو آهه ڄار،
دلبو ڏيئي ڌتاري، ڪيئي هٿ ننڍڙو ٻار،
بُڙڪو ڏيئي بُڇڙي ! ڪٿان ٿئين نروار،
طرحين ڪندينءَ تار، ته به مرد نه ڇڏيندا مون کي.
ٻيڙي
نيٺ مرد ڇڏيندا توکي، آءٌ تو پٺيان هلندي،
شاهه گدا کي آءٌ، ويراڳڻ آهيان وڻندي،
عزت ۽ شان ۾، تو کان وڃان چڙهندي،
تون وت ڪاڙهن ۾ ڪڙهندي، تو کي ٽوٽين ٽاري ڇڏيو.
چلم
چئي: ٽوٽِين آهي ٽاريو، پر پِيئَڻ وارا مون
پِرکيا،
ڪَنٽُورَ ۽ ٻَٽُور، توتي ڇورا آهن سکيا،
مَليو صابڻ مُنهن کي، ڏيارين چُمين جا چَٽڪا،
ٻڌيو آڏا پٽڪا، اُهي گُونهر گهمن گهٽين ۾.
ٻيڙي
گُونهر گهمن گهٽين ۾، تون اوتارن ۾ اوڳي،
پيٽ کوڙيو پَٽن تي، توتي چار ويٺا آهن چوڳي،
گهوگهو ڏئي پيا گِهرينَئِي، رات ڏينهن روڳي،
هاڻي ماٺ ڪر موڳي ! ته مٿو نه ڪوڙيانءِ موچڙن سان.
مٿو ڪوڙائينديسانءِ موچڙن سان، کڻي حجم ايندو
پاڪي.
وجهندءِ ڪرٽ ڪنڌ ۾، ڇڏ چَنڊي ! چالاڪي،
کارايو اٿئي خان کي، آهين ڏائڻ وڏي ڏاڪِي،
پوءِ آقي ۽ باقي، دسائينديسَئين ڌوڙ ۾.
چلم
ڇا دسائيندينءَ ڌوڙ ۾، تنهنجو قد ڏٺو مون ڪاٺي،
ماڻهن جڏهن مون کي ڇڏيو، تڏهن توتي ٿي آهي چاٽي،
چلم کي چهواٽا وجهڻ، ڇا تنهنجي آهي ڇاتي؟
ڀڄي پري ٿيءُ پاپِي، نه ته مارائينديسئين موالين
کان.
ٻيڙي
ڇا مارائيندئين موالين کان، جن جي ڏٺي اچي کِلَ،
جُونۡين جن جي جانَ ۾، سرڪي ڪيا آهن سل،
پِنڪِين جي پورا ڪيا، نَشي نهوڙيا نَل،
ڪريو چلم تي اُٽَل، گِگُون ڳاڙين گوڏ ۾.
چلم
گِگُون ڳاڙين گوڏ ۾، پر تو ۾ آهن چوڪ،
ٻُلهِينَئي ٿا ننڍا وڏا، ڦِلهو ڪري ڦوڪ،
ٻانڊي ! پويان لوفرن، تو ٿيلهي ڇڏيا ٿوڪ،
پوءِ ساڙيو تنهنجو سوڪ، گڏي ڇڏينئي گپ ۾.
هاڻ اهڙن افعالن، بُکي ! ڪرين ٿي بَڪَ،
چلم چاهيندڙ گهڻا، سا توکي آهي پَڪ،
چرش، ڀنگ پي پانهنجا، نشين وڃايا نَڪَ،
پوءِ ڇو نه وجهين چَڪ، توکي تيلين آهي تپايو.
ٻيڙي
تيلين آهي تپايو، تو به ڏيهه وڌا آهن ڏاڙهيٖ،
مَٽ پاڻيءَ جو ناس ڪرين، جي ڪو توکي آگهاري،
سير تماڪ سُڃ ڪرين، ٽانڊن تي ڪاڙهي،
هاڻ ڪو چڱو چِتاري، ته ڪنهن جي خرچ کُايا.
انهيءَ تنهنجيءَ ٽهل، ڪئين وڌا آهن ٽوڙي،
هوڏ رکي هٺ سان، چري ! وڌئي چوري،
سَهه سَت، ڪر مقابلو، پليت ! پير کوڙي،
ڪنهن ٿڌي ٿوري، ڪينَ ڇڏيانءِ ڪُنڊ ۾.
چلم
ڪين ڇڏيندينءَ ڪُنڊ ۾، تون پليت پاپياڻي،
مڙسن جو مٽ ناهين، نينگر وتين تاڻي،
چاڪي ڏسي چلم جي، کِٿِي آهين کاڻي،
اڄ يا سڀاڻي، ٻِيڙي ! هڻندءِ ٻَن ۾.
ٻيڙي
مون کي هڻندا ٻَن ۾، يا تنهنجو وڃي ٿو مَٿو !
چلم جي چاهڻ وارن، ٻيڙين جو ٻڌي رکيو سَٿو،
ٻيڙي هلي جٿي ڪٿي، ڪونهي سندس ڪَٿو،
اهو موالين جو جَٿو، ڀِيڙي هڻندءِ ڀَن ۾.
چلم
ڇا ڀَيِڙي هڻندا ڀَن ۾، آهيان ڪرامت جي ڪانِي،
پَر مڙسي پهلوان آهيان، سڀ نشي جي نانِي،
ڇا موالي ڇا صوفين کي، آءٌ آهيان سياڻِي،
آهيان بدعت جي باني، ڪاڻ نه ڪڍان ڪنهن ڪوجهيءَ جي.
ڇو ڪنهن ڪوجهيءَ جي ڀَلا ! ڪڍان آءٌ ڪاڻ !
مردن جي مون وٽ لڳي، راتو ڏينهن رهاڻ،
چون: ’چِلم جي چَٽڪي تي، موج ويٺو ماڻ‘،
هاڻي اڄ يا سُڀاڻ، سٽي ڪڍندئي سِنڌ مان.
ٻيڙي
ڇو سٽي ڪڍندا سِنڌ مان، تون ماٺ نه ڪرين مَم !
پوڙهي، ڪُراڙي، ڪُرڪڻي، تون ڳهلي ! ڇڏ ڳَم،
ڪو شيطاني شڪ اٿئي مٿي ۾، جو تازي ٿِينۡ دمدم،
هاڻي نياز ڪري نَم. مزو اٿئي محبت ۾.
چلم
مزو آهي محبت ۾، ته پوءِ پاڻ ٻئي راضي،
متان عَلم عدالت جو کڻي، ڪري قضا ڪو قاضي،
صوفي پاڻ کان سرس ٿي ويا، گوءِ کڻي غازي،
اها سان جي آزي، ڪير ڏسندو ڪو نه ڪو.
ڪير ڏسندو ڪونه ڪو، پر مالڪ کي سڀ سار،
”ڏنو فقير“ عرض ڪري ٿو، الله جي اختيار،
قبول ڪندو، امن ڏيندو، مولو مون مختيار،
ڪلمي ساڻ قرار، لڏائيندو لوڪ مان.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو چلم ۽ ٻيڙي جو
(چيل اميد علي لغاريءَ جو )
]
هن مناظري ۾ سگهڙ تمهيد طور چلم جي زباني سندس ٺهڻ
۽ ڪچهريءَ ۾ سينگارجي رکجڻ جو بيان ڪيو آهي. چلم
پنهنجي تعريف پاڻ ڪندي آخر ۾ ٻيڙيءَ کي چوي ٿي ته:
آءٌ وڏي ۽ وڏي جڳ جي آهيان ۽ مون کي مانجهي مرد
پيئن ٿا، تنهنڪري منهنجي اڳيان نوڙت نياز ڪر. پر
ٻيڙي کيس سمجهائي ٿي ته: آڳاٽو زمانيو ويو. هينئر
رسمون رواج ئي اور آهن، هينئر آءٌ سڀني کي وڻان
ٿي، ڇاڪاڻ ته کڻڻ ۾ سولي ۽ اوکيءَ سوکيءَ ۾ هردم
حاضر آهيان. تنهنڪري توکي ڪو اڌ تي به ڪونه پڇي.
ان تي چلم ڪاوڙجي ٻيڙيءَ جا عيب اگهاڙي ٿي ۽
منجهائس پيدا ٿيل بيمارين جو ذڪر ڪري ٿي. آخر ۾
سگهڙ چوي ٿو ته: اسان جو ٻيڙي يا چلم ۾ ڇا وڃي، هر
ڪو پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي. آخر بنا ڪنهن فيصلي
جي مناظرو ختم ٿئي ٿو.[
|