تمهيد
اول صفت ڪر الله جي، سدائين ساراهه،
بيچُون آهي بيمثل، جو خالق خلق الله،
ڪُن منجهئون قادر ڪئي، باريءَ سڀ بناهه،
ماڻهو جِنّ، مَلڪَ ٿيا، مِهر مُنوّر ماهه،
ديوَ پريون داور ڪيون، هزده الف ارواح،
سڀڪنهن تي سائينءَ جي، سدا نظر نگاهه،
صاحب صنعت جو ڌڻي، باري بيپرواهه،
تنهن جي سنجهه صباح، ڪر تعريف طلب سان.
حمد هزار حڪيم جا، لطف لکين احسان،
جنهن مڪو محمّد ڪارڻي، ضعيفن صمان،
اوجر عالم کي ڪيو، سرور تنهن سلطان،
اوڀاري اسلام کي، ڪُٺائين ڪفران
نازل نبيءَ ڄام تي، قادر ڪيو قرآن،
”اِن هٰذالفي الصحف الاوليٰ“ ٻڌ شرف تنهن جا شان،
پڙهه تنهن کي پرت مؤن، ادب سان انسان !
دلداريون دارو مُڪيون، سرور ڏي سلطان،
”وما اَرسلناڪ الاّ رحمة العالمين“ فرمايو فرقان،
”لا تقنطو امنِ رِحمةُ الله“، ٿيا دلاسا درمان،
”وکَسوفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪ فَتَرۡ ضيٰ“ ٿيا آجا سڀ
عصيان،
ايڏا رحم ڪيا رحمان مَٿئون محمّد مصطفيٰ.
پَرَ سُونهن سرور ڄام سان، چيدا چارئي يار،
اول امير ابوبڪر، جو آهه صديق سچار،
جرئت جو جابر عمر، جنهن ڀڳا ڪوٽ ڪفار،
عدالت عثمان ڪئي، شجاعت شهسوار،
اسد الله علي هو، جنهن ڀڳا زور زنّار،
امر تي اِسۡتاده ٿيا، تهتا ترت تيار،
چارئي حضرت جي اڳيان، هئا مجلس منجهه مڻيار،
سونهارا سردار، هئا پيارا پاڪ نبيءَ جا.
جگر گوش جانب هئا، عجب امير امام،
نُور مَنجهئون نادر ٿيا، پيدا وير وريام.
خاصا خُلد نشين ٿيا، پيش پيغمبر ڄام،
اعليٰ شان حَسن هو، تقويٰ ساڻ تمام،
حضرت مير حُسين تي، ٿيا آگي جا انعام،
خالص دوست خدا جا، هئا اوجارا اسلام،
محبت تن مدام، سدا سيني ساهه کي.
نسوروئي نُور، ٿيا چاچا مرسل مير،
ڪامل قُوّت اڳرا، نرمل نيڪ نظير،
حضرت حمزي جي رهي، اندر منجهه اڪير،
افضل شاهه عباس هو، مشغل ماه مُنير،
لک اصحاب نبي جا هئا، پيارا پاڪ پذير،
رهن راتو ڏينهن، وٽ ڪامل قرب ڪبير،
اهڙا شاهه امير، آهِن داڙو دلگيرن جا.
مدد تَني جي مان وٺي، ڪيان حقيقت حال،
مَرُ ٻُڌن ماڻهو معتبر، رکي خوشيءَ سان خيال،
سر جان دعائون دوست ڪن، شوق منجهارون شال،
عقل آهر پانهنجي، اوريم هيءُ احوال،
ترت اچي تڪليف سان، ڪيو سڄڻ ماڻهوءَ سوال:
ته، دلِي ۽ طالب جو، ڪو قصو ڪُلّ ڪمال،
اٿي الله جي آسري، ڪيم دل کي درس دلال،
مَر مُلڪن منجهه مقال، ٿئي ”شاهه محمد“ شعر جي.
موليٰ سندي ملڪ ۾، هو هڪ عاشق اُداسي،
ملڻ ڪارڻ محب جي، هو پلپل پياسي،
عجيبن جِي اندر ۾، هئي ان کي اوڪاسي،
نِينگر نئين هڪ ناز سان، هئي خوب پري خاصي،
سڪ تنهن جي سوز ۾، سُوريل سنياسي،
ڪين مليو ٿي محب سان، هو عاشق اندر آسي،
ديدون دلبر يار سان، ويس ڦهڪجي ڦاسي،
اهو عاشق اَرداسي، وڃي چاري بيٺو چاهه تي.
سڄڻ ڏٺائين سامهان، ايندا تِت انوار،
خوش ٿيو منجهه خمار جي، جڏهن دوست ڏٺائين دلدار،
سُرخرو سرِ حال ٿيو، پسي دلبر جو ديدار،
نار کنيا ٿي ناز مؤن، قدم ڪبڪ رفتار،
مور، مرگهه مفتون ٿيا، پسي هلڻ جي ڍار،
وَرَ واسينگن جان وجهي، جي وري اُکيلي وار،
آهو اُفتادا ٿيا، پسي کيپ خمار،
سِر گهڙو، سينهون مٿي، کنيو ڪونج ڪُنوار.
عبرت ۾ عاشق ٿيو، تنهن نيڻين هاريان نار،
جڏهن گهايل گهڙي کي ڏٺو، سِر سڄڻ جي سوار،
تڏهن پهريون گهڙي کؤن پُڇو، تنهن سوال ڀري سُڏڪار:
عمر گذاريم عشق ۾، ساري سڀ ڄمار،
ماندو منهڻ ڏسڻ لئي، آهيان اڪيچار،
فِدا جان جهان ڪيان، جي محب ملن منٺار،
سڄڻ مَٿئون صد بار، سِرُ ته صدقي گهوريان.
طالب
ڪر سچي هن ڳالهه جي، تو ڪهڙو ڪيو ڪم؟
سِر چڙهئين سڄڻن جي، ٻَڌي بَکيڙو بَم،
عمر وَئي افسوس ۾، گذاريندي غم،
محبت مجني جان ڇڏيو، سوز سُڪائي چم،
عيش دنيا جون عشرتون، ٿيون طلب انهيءَ سان تَم،
حال اچي همراز ٿيو، اندر عشق اَلم،
سِڪ جو منهنجي ساهه کي، خال نه پوي خم،
دلا ! هڻ نه دم، لَهه سڄڻ جي سِر تئون.
بَمُ جهلي بر سر چڙهئين، هوتن جي هاڻي،
پس تون قيمت پانهنجي، جو ايڏو آڀاڻي،
ڀڄي شل ڀورا ٿِئين، کورن ۾ کاڻي،
ٺهڪي شل ٺڪريون ٿِئين، موج نه هيءَ ماڻي،
گانڊو، تنهن گِلال کي، ڪَيان گُم اند گهاڻي،
وڃي پڇ بازار مان، تون ڪيئن وڪاڻي،
وڪامي وَهَندو وڃي، پيسي تي پاڻهي،
توڙي ڪَڍئِي گُل گِلال، ته به ڏيئي آني تي آڻي،
هستي ڇڏ هوش رک، لهي پؤ پاڻهي،
ڀورا ! بي فرمان ٿئين، ڄاڻ نٿو ڄاڻي،
انهيءَ ٽيڳَر سان ٽاڻي، متان مُنهَن وارا جهلين.
سڄڻن ٿيءُ نه سامهون، رهه ادب منجهه اديب،
غيرت توکي گم ڪندي، سندي هوت حبيب،
ڀانڊا ! ڀؤ نٿو رکين، غافل، ڇو نه غريب !
ڪُوڙا ڪم ڪچا ڪرين، هڻي ڪلهو ساڻ قريب،
ڪِرين متان ڪنڌڙو ڀَڄَئي، ٿئين ڀورا بدنصيب !
توڙي پُڇندين لک طبيب، ته به ڳنڍي ڳنڍيندءِ ڪو نه
ڪو.
بم ڇڏي ڀؤ رکج، هردم ٿي هوشيار،
ڪاهل ! ڪم فهمي ڪَيءِ، ڌيان دلا ! ڪو ڌار،
ملڪن ۾ مشهور ٿي، هيءَ گِلا جي گفتارَ:
صلح نه ڪَيءِ سهڻيءِ سان، جا ٻوڙيئي اندر ٻار،
سڏيندي ساهڙ کي، وئي نيڻ وهائيندي نار،
اڃا ڪندءِ رب قهار، مقابلو محشر ۾.
دلو
سالڪ ان سوال جو، ٻڌ جواب جُڙي،
منهن تي آڇ نه ميهڻا، ميان ! وڃ مُڙي،
ساهڙ ۽ سهڻيءَ جي، هئي محبت گڏ مڙهي،
ويندي وِيرُن مؤن، ڪندي ڪاهه کُڙي،
موجان تنهن مهراڻ جون، ٿي سگهيس ڪين پُڙي،
ملندي هئي ميهر کي، وڃي جوءِ جُڙي،
ڏس قضا جي قلم جي، ائين نوڪ اُڙهي،
راهه انهيءَ ۾ رات جو، آئي مُنڌ مُڙي،
بيگاني سان ڀر ۾، کُپي ويس کُڙي،
وهوچي جي واٽ تي، پئي ٻاهڙ وٽ ٻُڙي،
پوءِ گهِڙي گهيڙن وچ ۾، ڪري هوڙهه هُڙي،
ڦَٽي فلڪ فراق جي، ويس ٽڳا سڀ ٽُڙي،
ٻُڏي ويئي ٻار ۾، چڙهي ڪين چڙهي،
ويئي لهرين منجهه لڙهي، ٿي غرق، مُئي غيرت سان.
طالب
ڪچا ! تو مؤن ڪين ٿيو، آنۡ مٽيءَ جو مولو،
لَههُ سگهو، لُڙ لاهه تون، ڀڃي اهو ڀولو،
لاهي ڇڏ لڱن تؤن، هي چريائيءَ جو چولو،
ڪر سچي هن حال جي، جو روح وِڌئي رولو،
تَڙ تَڪبّر تَن مؤن، اهو ابليسي اولو،
ٿي گولن جو گولو، گهار غريبت سان لهي.
دلو
طالب ! ڇڏ تڪڙ کي، ٻڌ سوال سندو جواب،
بس ڪري هيءَ بات سُڻ، بحر برهه جو باب:
ڪري گلائون غير جون، تو طرحين وڌو تاب،
”الغيبت اشد من الزّنا“، ٿيندءِ آگي ڏانهن عذاب،
ڳجهيون دل جون ڳالهڙيون، ٻُڌشائق شرح شتاب،
ڇا ڪثر ڪمال تون، جو رکين حرف حساب،
خاڪ، هوا مؤن خلقئين، ٻي آتش تو ۾ آب،
بر جنهين تي بانورئين، دُرس ڪرين دولاب،
بها بيعيون ڇو ڪرين، آڻي هيٺ عتاب؟
ٿيندين موڳا مهڻي هاب، جڏهن سچي ڪندس سڀ حال جي.
عاشق ! هن احوال جي، سڻ گويائي گفتار،
جنهن سان پهتس پرينءَ کي، انهيءَ انداز اپار،
پهريون ئي پريت مؤن، ڪئي ڪَٿ ڪنڀار،
تڏهن کڻي ڪوڏر قهر سان، بيٺو الله توهار،
گِل کي گُڏي گِلال، تنهن ڪيو کوڙ کنڌار،
ٺَهوڙي ٺَپڻيءَ سان، تنهن ماري ڪيو مسمار،
پَڻي ڪيائين پلڪ ۾، محڪم ڏيئي مار،
ڀڳائين ڀترن کي، ڍوئي ڪيائين ڌار،
جسم منجهارئون اسم کي، تنهن ترت گڏيو تڪرار،
چَلهو ڪيائين چاهه جان، چؤطرف چوڌار،
گڏيائين ٿي گِل کي، ڪُٽي ڪُٽ ڪنڀار،
لوڙيائين تنهن لڏ کي، آڻي اڪيچار،
ساڪڙ سفالن جي، وڌي تنهن ويتار،
هستيءَ جو سڀ حال ويو، ٿي عاجزي اظهار،
ڏوراپو هن ڏک جو، مون ڪين چيو ڪنهن يار،
صبر سيني ۾ ڌري، ڪيم اهنج سڀ اختيار،
”اِن الله مَع اَلۡصّابرين“ ڪيم آيت تي اعتبار،
من سائين ربّ ستار، کڻي آجو ايذائن کان ڪري !
باب تنهين هن باب جي، بنايو هي حال،
چَلهي کي چوطرف، تنهن پختو ڪيو پيمال،
آڻي الٽيائين اتي، جوش منجهئون جر جال،
وهايائين وير جان، آب اُتس الحال،
ڳاري ڳوهي ڇڏيو، تنهن پاڻيءَ سان پيمال،
ماريائين مٽيءَ کي، ڪري زبون زوال،
ڀري سو ڀرپور ڪيو، هڪ گهنٽي منجهه گِلال،
اٿيو اَلاهر ڪري، پيس خاطر اندر خيال،
تنهن کڻي ڪوڏر قَهر سان، پٽيو تنهن پاتال،
اُٿلائي ايذائن سان، تنهن حالَئون ڪيو بي حال،
لتاڙيائين لتن سان، منجهئون قهر ڪمال،
ماري تنهن محزون ڪيو، موٽي موم مثال،
ڪُڇان تان ڪوڙو ٿيان، مشڪل ڪرڻ مقال،
مِٺو ڀانيم ماٺ کي، توڙي ههڙو ٿيم حال،
”فاصۡبِر صَبرً اجميلاً“، هي حڪم مڃيم هر حال،
تنهن جي بعد بحال، کڻي پرتئون پنوڙا ڪيا.
پهريون پنوڙو کڻي، تنهن چاڙهيو سر چَڪَ،
لَٺ کڻي لهرو ڏنو، تنهن ڦيريو مثل فَلڪ،
هٿ گڏي حڪمت سندا، جوڙي ڪئي تنهن جَڪ،
صورت منهنجي سال ڪئي، پوري منجهه پَلڪ،
کڻي ڇيوڻ ڇوهه مؤن، تنهن ڪوريو پاڙئون پَڪ،
رکيائين رٿ سان ڪري، تنهن ڍولئي ڏيئي ڍَڪ،
اُن ڏينهن آڊوکو ڪري، ترت ڪيائين تَڪ،
ٻئي ڏينهن ٻيهر ڀڳا، تنهن شرڪ اندر شَڪ،
ٺپڻيءَ سان ٺاهي هنيا، تنهن دردن مٿئون ڌَڪِ،
برابر تنهن بعد مؤن، لڳا اهڙا لَڪَ،
ڪڇيم ڪنهن سان ڪينڪي، ڪري ٻيجائي بَڪ،
مزو ڀانيم ماٺ مؤن، پيس چَپ کي پائي چَڪ،
”والله يُحبّ الصابرين“، هيئن هاديءَ چيو حق،
نِرتيون وٺي نَڪ، گذاريم هن غم ۾.
گذاري هن غم کي، جڏهن سُڪي ٿيس صاف،
مون چيو مون تان ٿيا، اهنج مڙيئي معاف،
کُڙي هنيم گِلال سان، لاءِ چٽن جي لاف،
تنهن جوڙي چيو جواب ۾، عارف بااَلطاف:
اڃا مُشقّت ٿي ! چيئي، قوي چوُن ڪوهه قاف،
”فَليّضحهَ ڪُو اقلِيلاً وَّ لۡيِبۡڪُو
اڪَثِيراً“،
چيو مولي منجهه مصحاف،
ٻوڙا ٻُڌ تون ڪنن سان، اهي اشارا اشراف !
تنهن مهل اڳي انصاف، آ دلا ! تنهنجي دم جو.
سُسي ويس صبر ۾، وقت انهيءَ وهلور،
اٿي مليائين ميٽ کي، دم ۾ با دستور،
ٿڦيندو ٿانون کي، وڃي ڌريندو دور،
مليائين مون کي گهڻو، تنهن محض نه ڇڏيو مور،
آڻي رکيائين اُس تي، وري سنڀائي سُور،
سُڪي تت سارو رهيس، موٽي تنهن مذڪور،
گل ڪڍي گم سان، تنهن ڪيو زيب ظهور،
چٽ ڏسي چهرو ٿيس، مغز ڦريو مخمور،
دڙڪو تت ”ديدڙ“ چوي، ڏنو ڪنڀار ڪلور:
سرهو ٿي نه ساهه ۾، ڪر ماتم کي منظور،
سنڀري سوريءَ چڙهه تون، ميان ! مثل منصور،
دڙڪي تنهن دهشت ۾، وِيس ڪَنبي منجهه قصور،
”اَلَّسڪۡتُ من التّڪلّم“ ڪيم سيني منجهه صبور،
رضا تي راضي ٿيس، مرضيءَ تي مشڪور،
”وَ تو اصلو ابا الحَق و تواصوا با لصّبر“، چيو
غافر رب غفور،
توڙي بار پوي ڀرپور، ته به سور نه سلان ساهه جو.
اٿيو الاهر ڪري، ٻڌي قصد ڪَسر،
ناطق نِهائينءَ کي، ڪيو صاف سڌر،
ميڙي ڇيڻا مال جا، تنهن آندا اُت اَپر،
لِههَ لئي لوچيندو وتي، منجهون ڪَست ڪنڀر،
آڻي انهيءَ ماڳ تي، ڪيو ڪاريگر ڪَهڄَر،
ٿاڦان ٿَهرائي رکيون، تنهن پهريون پاسن ڀر،
برابر ڀانڊن کي، سٿيو تت سوجر،
مون کي انهيءَ ماڳ ۾، تنهن وڌو نيئي ويتر،
وجهي لوڙهو وجد جو، تنهن بند ڪيو برابر،
ڦوڪي باهه فراق جي، ويو دٻي سڀئي دَر،
آرانبي آتش جي، دُودُ ڪيو ڌمچر،
آڻي حال انهيءَ ۾ ساڙيو سوز سقر،
چاهي ۾ چوطرف جان، مَتو ڌم ڌچر،
هوش اتي حيرانِ ٿيو، هڪ خالق آهه خبر،
پَچي انهيءَ پورَ ۾، وئي آتش منجهه اندر،
ٽي راتيون ٽي ڏينهن، هُيو غمن ساڻ گذر،
عاشق انهيءَ احوال جو، لکان ڇا دفتر !
رَچي تنهن هنڌ راس ٿيس، سنگتين منجهون سر،
نڪتس لَعلَون لعل ٿي، منجهون اوجاري احمر،
صبر جو سائين ڏنو، نفعو ڏس نشر،
”الصبر مفتاح الفرح“، درست چيو دلبر،
عاشق انهيءَ پر، ٿي سَٺم جفائون سر تي.
جڏهن صادق ٿيس صبر تي، رضا منجهه رحمان،
امداديون آگي ڪيون، سائين اڄ سبحان،
تڏهن پرين پير ڀري، اچي کنيو مون کي خان !
تنهن ڦوڪي ڪڍيو فساد مَؤن، دست کڻي دل جان،
گهڻائي گِلال کي، دُرس ڏنائين دان،
وٺي ويو وٽ پنهنجي، تنهن درد ڪيا درمان،
دَستين ڌوتائون اچي، شرط وڏي سان شان،
اُماهِيائون ادب سان، ايڏا ڪيئون احسان،
سينگاري سر تي کنيو، محبن ڏيئي مان،
قادر جي قدرت کي، ڪَمِي آهي ڪانَه،
لک ڀيرا لطفن تئون، ڪوڙين ٿيا قربان،
”فَانِ مع المعسر يسراً“، ٻُڌ فائق جا فرمان،
عاشق ! ڏس امانت ڪري، تون دل ۾ رکي ڌيان،
ادا ! انهيءَ احوال جو، اورين ٿو ارمان،
ته سِر چڙهڻ سڄڻن جي، آهي نهايت نقصان؟
ناحق ٿئين نادان، پرين ته مون کي پاڻهي کنيو.
طالب
مغز نه هڻ ماٺ ڪر، سِر چڙهين سڄڻن،
هي ٻُڌ حرف حريف تون، جي چيا دانائن:
هيٺانهين هوتن سان، اڪثر ڪئي عارفن،
نياز ڪري نئڙت سان، ورتئون مَزا محبن،
خَس، خجالت خوار ڪيو، آهَزِيمت هلڪن،
ڏس جواهر جوان ! تون، توڙي ڪَوڙيون لک لهن،
تان تَرو وٺن تار ۾، تُرهي تان نه تَرن،
هلڪڙائي ڇڏ هورڙا، ٿي ڳورو منجهه ڳُڻن،
سامهون سڄڻن سان، آهي ڪم فهمي ڪوڙن،
سرڪشون سڄڻن سان، ڪڏهن ڪين ڪجن،
لَهِي پَئو، لُڙ لاهه تون، ڪڍ مَستي منجهون من،
توڙي لائق لک ڏين، ته به ادب ڪجي اُنِ سان.
بس ڪر، ٻُڌ بابت، دلا ! نه وڌاءِ تون،
بِر ٿي بَم گهڻا هڻي، وري وڃائين وات،
جهلي آتش ظاهري، ٻي خواري خرابات،
ڪچو آهين ڪين ٿئين، تو حل نه ڪئي حاجات،
ٻُڌ انصاف اسان جا، هاڻي حڪايات،
آگي عنايت ڪري، ڪنهن پر ڏنم ڏات،
جڏهن ظاهر ڪندس ذات، تڏهن دِلا لهندين دَمَ ۾.
اول ۾ آگي جڏهن، رکيو خلقت سندو خيال،
قادر ”ڪُن فيڪون“ سان، جوڙيو جڳ بحال،
اُپايائين اُڀڙا، بي ستون برحال،
ظاهر زمِينان ٿيون، قدرت ساڻ ڪمال،
فرمايو فائق اتي، ظاهر ذوالجلال:
”انا عرضنا الامانة علي السمٰوات والارض و الجبال
فاء بين ان يحملنها و اشفقن منها و حملها الانسان“
ايڏو عزّ ٿيو اقبال،
امانت انسان تي، آگي ڪئي اِنزال،
موليٖ مَلڪَن کي چيو، ري فرصت في الحال،
مِٽِي تن موجود ڪئي، جوڙيو جسم جمال،
آتش آب هوا کي، تن گڏيو مثل گِلال،
فرشتن کي ”فَاسجدو !“، فائق چيو في الحال،
سِر نائي سجدا ڪيا، مَلڪن ٻُڌي مقال،
مُنڪر تت ملعون ٿيو، ويس تباهي سان تال،
”فَنَفَخۡت فِيِہ مِنۡ روحي“، ٿيو سندم بخت بحال،
بَر سِر بار برهه جو، پَيم جهُلي سِر جوال،
ٻري آتش عشق جي، جيءَ اندر ۾ جال،
تون ٽن ڏينهن واسطي، ڪُرڪين ڪوهه ڪُلال؟
محنت جي موڳا ڏئين، گِلا سر گِلال،
دِلا ٿيءُ دلال ! ته ڪنهن جو بخت بلند ٿيو؟
تڏهن دِلي اتي دَهلجي، ڪئي باادب بس،
وَهمن ويڙهيو تنهن کي، ڪيو بُرائي بيڪس،
گم ٿي غيرت ۾ ويو، ٿِيس اڳيون چوڻ عَبث،
ترتئون طالب کي، تنهن جوڙي چيو جَس.
اُتائين ادب سان: تو سچ چيو شابس !
آءٌ بيڪار ۽ بيوس، تون طالب آن طلب سان.
بَس ڪئي دلي بات کؤن، ويو سِجهِي سارو،
هنيو طالب عشق جي، نَرَ اتي نعرو،
لٿو لُڙ تن جو، خفو کاپارو،
”شاهه محمّد“ شوق مؤن، ويا وڄائي وارو،
هاڻي مزو اٿئي ماٺ جو، مِڙنئونِ موچارو،
ياد ڪر يزدان کي، ويههُ مَ ويسارو،
سخت ٻُجهي سڪرات جو، ٿو هاڙهو هاڪارو،
ڪرهاً نيندءِ ڪاڪ تي، جيئن ترت کڙي تارو،
قبر ۾ ڪاڙهو ٻجهي، اوندهه انڌارو،
ڪلمون ڪرارو، پڙهه ته ڇُٽين پاپ کؤن.
لا اِلہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو دلي ۽ طالب جو
(چيل عبدالرحمان چانڊئي جو )
]هن
مناظري ۾ هڪ عاشق، پنهنجي معشوق جي مٿي تي دلو
ڏسي، رقابت جي جوش کان دلي کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو،
۽ کانئس معشوق جي قرب حاصل ٿيڻ ۽ ان جي مٿي تي
پهچڻ جو سبب ٿو پڇي. دلو جواب ۾ مٽي کوٽجڻ کان وٺي
ڌڪ کائڻ، ڪٽجڻ، سٽجڻ، سڪڻ ۽ سڙڻ پچڻ تائين پنهنجون
سموريون تڪليفون بيان ڪري ٻڌائي ٿو ته ”آءٌ انهن
ئي سختين ۽ سورن سهڻن کان پوءِ هن سهڻي محبوب وٽ
سرفراز ٿيو آهيان.“ پر عاشق وري دلي جي انهي حالت
کي حقير ڄاڻندي پنهنجي طلب ۽ سڪ جو ذڪر ڪندي دلي
کي ٻڌائي ٿو ته ”انسان ۽ عشق جو ازل کان پاڻ ۾ ٻول
ٻڌل آهي، تڏهن ئي آءٌ سڀ خواهشون ترڪ ڪري، فقط
محبوب جو طالب رهيو آهيان. اي دلا ! منهنجي هي
زبون حالت به انهي سڪ سبب ٿي آهي“. عاشق جي سڪ ۽
طلب ۾ اهڙي حالت ڏسي، آخر دلو ان جي اڳيان باادب
ٿئي ٿو.[
|