سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :43

ڪالو

ڇو ٺونگا هڻندا ٺوڙهه تي، ناهي تنهنجو ڊپ،

ليلي ! تنهنجي لشڪر کي، ٽارو آهي ٽَپ،

بيڪار ۽ بڇڙي، ڪمڻي ڪمبخت،

بَڇون ڪرائين بدڪار، چِڙي تون چَڙهت،

اُٿاريانءِ ٿو آکيري تان، جهرڪي آءٌ جهٽ،

لاهيانءِ ٿو ليلي، وِلهي تنهنجا وٽ،

ڪڍي ٻاهر ٻچن کي، ڪندوسانءِ مٿو چٽ،

بند ڪر بڪوات کي، چڙي تون چپ،

اسان تان آکيرو، تون پکياڻي پٽ،

ليلي ! تو لاچار ڪيو، نڀاڳي نپٽ،

وجهان جَلو جُوتن جو، مارِي  ! ڏيانءِ ٿو مت،

جهلي وجهانءِ جهوري، ڳلي منجهه ڳَٽ،

هاڻي جهرڪي جهٽ پٽ، اُڏري وڃ اسان کان.

 

جهرڪي

ڇو اُڏري وڃان اوهان کان، آهي ’پنجابين‘ جو پاڙو،

’الهڏتو‘ مدد ڪندو، چوڌري ڪندو چاڙهو،

’پناهگير‘ پکياڻيءَ کي، ڏيندا ساٿ سهارو،

’ماڇي‘ ۽ ’مهاجر‘ ڪندا، وجهه ڏسي وارو،

”ڪالو“ مون ڪهڙو، هنيو تنهنجو ڌاڙو ؟

ڇو ٿو ڪرين مون تي، ٻيلي بيگناهه ڪاڙهو !

سمجهايو ’سچار‘ کي، منهنجو رڳو آهي مارو [1]،

خلقيل وڻ خدا جو، نه ڪر ٻٻر تي وسڪارو،

ڪيو اٿم ڪيترا ڏينهن، آنن تي آرو،

پِٽ کڻين ٿو پکيءَ جي، دعا سندو دارو،

’چوڌري‘ ڏسي چارو، سمجهاءِ هن ”سچار“ کي.

 

ڪالو

سمجهو اڳ ’سچار‘ آهي، پکيءَ ڪهڙو پاور،

هٺ ڪر نه هيترو، تون بڇڙي ڇڏ بانور،

لڏي وڃ لاڙ ڏي، چِڙي کاءُ چانور،

هلي وڃ هُڙيءَ ۾، هتي نه ڪر حشر،

نڪري وڃ ’ناري‘ ڏي، ٻچا وٺي ٻِسر،

هٿ وجهي پڇ ۾، ڀرون وجهندس ڀِتر،

يا ڪوڙيندس ڪياڙي، يا هڻندس ڪي پادر،

سنڀر هتان ساجهر، پير ڊاهه تون پانهنجا.

جهرڪي

پير نه ڊاهيان پانهنجا، طاقت ناهي توکي،

ڪيس ڪنديس تو ’ڪالو‘ تي، ٺاهي ۽ ٺوڪي،

احوال آفيسرن کي، ڏيان خبرون سڀ کوٽي،

ته ڏوهه بنا ڏکِيءَ تي، پيو ڀيرا ڏيو ڀونڪي،

عرض ڪنديس آءٌ، اتي ڪورٽ ۾ ڪوٺي،

پوءِ ٺاهي ۽ ٺوڪي، ڪيس ڪريان ٿي ”ڪالو“ تي.

 

ڪالو

ڪيس ڪرين ٿي ’ڪالو‘ تي، مُئي تون مَلِيش [2]،

ڪرم ڦٽو تنهنجو، نڀاڳي نفيس،

بڇ ڪري بازن جي، ڏياريانءِ مهمِيش [3]،

جٺ ڪريانءِ جوڙي، ڪرائي ڪانگن کان ڪِيس،

ڪپار ڪٽايانءِ ڪيترو، آڻي پري کان پوليس،

هاڻ ڀڄي وساءِ پرديس، متان مردار ٿيئين ماڳ تي.

 

جهرڪي

مردار نه ٿيان ماڳ تي، اچان صاحب سڏائي،

آڻي ’ايس پي.‘ [4]، ڪليڪٽر ڪوٺائي،

ڪمشنر، ڪاردار ڪيترا، سڀ مڏيون منگائي،

گورنر، گورا، گانڌي، لشڪر سڀ لاهي،

صدر سمورا سياستي، من ڊپٽي ڊيڄائي،

قلم قاعدي قانون سان، وزير وسائي،

لاپو ڏيئي ليڊرن کي، ڪامريڊ [5] ڪوٺائي،

معاملو مٺيءَ جو، وجهندو جمعدار جاڳائي،

آڻي انسپيڪٽر کي، وڏو صوبيدار سڏائي،

پيسا ڏئي پوليس کي، ڪو سوار ستائي،

پاڻيهي ايندا پٽيوالا، ڪو  پيري پڇائي،

اچي ويندا آبدار، بيلدار بتائي،

سچو ٿيندو سرويل [6]، من داروغو دٻائي،

آسرو ’ايس . ڊي . او.‘ [7] ۾، نه ته انجنير آهي،

ترت تپيدار ايندا، ڪوٽارن کي ڪاهي،

ڍڪ منشي ڍورن کي، جيئن اڳيان ڪاهي،

وري ايندو واڪسينيٽر، ڇڏيندو ٽُڪن سان ٽُڪائي،

ڊپ ڏيندس ڊاڪٽر جا، انجيڪشن آڻائي،

جهڳڙو جهرڪيءَ جو، وجهندو سپرويز [8] سڻائي،

چڱا مڙس چوڌاري، پاڙي مان پڇائي،

ڪامورا سڀ ڪوٺائي، عرض ڪنديس انهن کي.

 

ڪالو

عرض ڪري ٿي اَياڻي بيحيا بيشرم،

سڃي ڇڏ سِيل کي، ڀڃانءِ ٿو سڀ ڀرم،

سڻائين ٿي سرڪار کي، ناهي تنهنجو ڌرم،

بڇڙي  ! ٿيندينءَ بدنام، نانگي  ! ٿي نرم،

مُٺي تنهنجو مرهم، ڪوڙي آهي ڪهڙو ٿيو ؟

 

جهرڪي

ڪوڙي نه آهيان ’ڪالو‘، ڏس شاهد سڏائي،

پڇي ڏس پاريهل کان، ڪبوتر ڪوٺائي،

قاضي پنهنجو پاڻ کي، ٿو چَتُون چَوائي،

ڪوئل، ڪٻر، ڪانگ کان، ڏس ڪونجهه ڪڇائي،

بلبل، باز، باشو، سڀ سرڻيون سڏائي،

ڳجهيون، ڪئين ڳالهيون ٿي پاٽڀڙ ٻڌائي،

مَينا، مور مُنهن تي، سَچ ٿو سڻائي،

ٻوڙِي، ٻَگهه ٻُڌائي، کريون سڀ خبرون.

 

ڪالو

ٻُڌيون تنهنجون خبرون، هاڻ ٽپڙ کڻي ٽر،

هلي وڃ هتان تون، ڇڏ دَلبِئر اسان جو در،

پري گذار پکي تون، موڳي وڃي مر،

ميوا کاءُ ملڪ جا، چِڙي وڃي چر،

پوءِ جهرڪي ! پَون جهُري، پکي تنهنجا پر،

لُچي ڏيئي لانگوٽو، وڃي ڏس جهنگ جهر،

سڃا ڏسي سَر، وٿاڻ وساءِ پانهنجو.

 

جهرڪي

وٿاڻ وسايان پنهنجو، آءٌ کري تي خوش،

آهي ڪونه اوهان جو، وڻ اِنهي تي وس،

هليو وڃ هتان تون، غافل ڏيئي گس،

ڳالهايو تو ڪيترو، هاڻ زبان ڪر بس،

ٻَڌي آهي ڪهڙي تو مون سان کس ؟

جهرڪيءَ کي جهنگ ۾، مُٺا ! تون نه دس،

ڇڏينديس وڻ کي مُٺا ! آءٌ مس،

ليلي کي لوڌڻ ۾، توکي ڪالو ! ڪهڙي ڪس ؟

مون مسڪينڻ سان تون راهي ڪر رس،

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، تون پکيءَ ساڻ پس،

ڀؤ ناهي مون کي، نه توکي آهي ترس،

اهي تنهنجا حرص، ڪڏهن هلندا ڪينڪي.

 

ڪالو

هولِي ! ڇڏ حرصن کي، نه ڪر تون تڪرار،

هاڻ کائين ٿي جوانڙي ! تون منهنجي هٿان مار،

پٽي پر تنهنجا، آءٌ ڪڍندس ڪئين خار،

کڙو وجهي کانڀاڻيءَ ۾، هڻندس تو ڪاپار،

لڳندوءِ وڃي لُڪِيءَ ۾، بند ٿيندئي گفتار،

هاڻي ٻچا ۽ ٻار، کڻي وڃ تون کودڙي !

 

جهرڪي

کودڙي چئو نه مون کي، جينڻ مون جنجال،

چِينچايو [9] چِڙي کي، ٿو ڪالو ! ڪرين ڪمال،

بَر ۾ آهيان بيوس، ناهي هيڻيءَ جو حال،

ٻَر ناهي ٻچن کي، ڌڻي آهي رکپال،

رهڻ هت رنڙيءَ جو، ڦوسيءَ جو في الحال،

مهلت ڏي مون کي، سچار هڪڙو سال،

اُڏامي وينديس وڻ تان، کڻي مڏيون ۽ مال،

ڪالو ! ڇڏ ڪُرڪو، تَرڪ ڪر تِرڪتال،

وڃان يا ويهان، اٿم خوشيءَ جو خيال،

وڙهين جهِڙين مون سان، ٿو ڪرين هيڻا حال،

لڏائيندو ڪير ليليءَ کي، ڪنهن ماڻهو ناهه مجال،

متان اکر مون کي ڪڍين، اهڙي ئي احوال،

ويهنديس اِنهيءَ راڄ ۾، وڻ تي اَٿم وصال،

ڪيو آهي مون قبضو، هن بارڊر تي بحال،

سچار ! ڪر صحبت، ڇڏ آڪڙ سندا اعمال،

هاڻي آهي منهنجو، سائين کي سوال،

سائين سدا سُکڙا، ڀلو ڪندو مون ڀال،

صاحب ربّ سنڀال، ڪندو هن ڪميڻيءَ جي.

 

ڪالو

ڪڍي تو ڪميڻيءَ جو، قادر هتان پير،

وائِي وراءِ وڃڻ جي، نه ڪر تون اوير،

سيگهه ڪر سڃي ! تون، ڪونه ڇڏائيندءِ ڪير،

هر ڪنهن سان ٿي هُل ڪرين، ڏکي ! تون ڏڦير،

سٽ سان پٽ جهَليندينءَ، سڏائين ٿي شير،

تنهنجو نه ٿيندو ڪير، مرين ٿي مفت تون.

 

جهرڪي

مفت نه مرنديس آءٌ، ڪڏهن وينديس ڪانه،

ٻٻر تي ٻيلي ! آهي مُٺيءَ جو مڪان،

ڇڏينديس نه ڇپر کي، آءٌ هي پاڪستان،

وسائينديس وڻ کي، هتي منهنجو آستان،

تنهنجي دڙڪي داٻ جو، ناهي مون ارمان،

شل مالڪ هجي مهربان، ته سک گذاريان ڏينهڙا.

 

ڪالو

سک گذارين ڏينهڙا، ڦُوسِي ! ڇڏ تون ڦند،

لاهي ڇڏ ليلي تون، دل مٿان هي ڌَنڌ [10]،

چِڙي ! تون چيتو ڪر، نه ته ماري وجهندس منڌ،

ڇڏ اجائي گفتگو، بڪوات ڪر بند،

متان ٿئين مردار تون، هاڻي انهيءَ هنڌ،

قيد ڪريان ٿو آءٌ، جِنڙي تنهنجي جند،

ڦيرڻ نه ڏيندس ڪنڌ، نُنهن ڏيندس نڙيءَ تي.

 

جهرڪي

نُنهن ڏيندين نِڙيءَ تي، مارين ٿو مصيبت،

پاڙي ۾ پکين کي، ٿي دِلِي ڏيان دعوت،

مڙي ايندا مغرب کان،  ٿيندي بڇڙي تو عاقبت،

کوڙيون ڀڃي ختم ڪندا، داڻن تي دهشت،

پکي ايندا پاڻيهي، ڪري ڪٻر سان ڪارپت،

وريا ايندا ويچار سان، مور جي معرفت،

ڏيئي پکين کي پارت، انّ کڻايان ٿي اوهان جو.

 

ڪالو

انّ کڻائين ٿي اسان جو، مڪر ڇڏ مڪار،

ٻچا کڻايان ٿو آءٌ، ڪري ڪانگن کان قطار،

بنائيندس مان توکي، قِيمون ڪندس ڪاپار،

جيرا، بڪيون جلائي، ڪندس توکي بيڪار،

کائيندا خوشيءَ مان، ٻيرا تنهنجا ٻار،

سسي، سَنڌ ساڙي، ڪريون توکي تيار،

هٿ کڻ وڻ تان، وڃي گولي تون گذار،

ڀڄي وڃي ڀيڙي ٿي، ڪر پکين جي پچار،

کِسڪي وڃ کِنَ ۾، هت مرڻ جا آثار،

پوءِ اسان تان آزار، ليلي ! ڇڏ لاهي.

 

جهرڪي

ڇو آزار لاهيان، آهي تنهنجي بادشاهي،

توکان منهنجي آهي سوڀ سوائي،

پاڙا آهن پکين جا، رهزن راڄ شاهي،

پرواهه ناهي مون کي، ڪالو ! تنهنجي ڪائي،

جهرڪيءَ سان جهيڙو ڪري جنگ ڇو مچائي؟

چڙيءَ سان تو آهي، چمچي بازي [11] بنائي،

زميندار جي زور تي، ٿو ڪرين وڏائي،

آهين تون اُنهن جو، نوڪر ۽ نائي،

فخر ۾ ڦاٽين ٿو، وڏيري جا واهي !

شور ڇڏ تون شاهي، هٺ نه ڪر هيترو.

 

ڪالو

هٺ ناهي هيترو، آهيان ’ڪالو‘ ڪمدار،

پکي تنهنجي پَٽيل کان، آهي زبر زميندار،

چڙي تون چالاڪِڙي، هاڻي ٿيءُ هوشيار،

آکيري مان اَنڌي تون، نِڪر نڀاڳي ! ٻَهار [12]،

لهان ٿو ليلي هاڻ، سُڃي ! تنهنجي سار،

وڍايان ٿو وڻ کي، پهرين اهو ٽار،

وڇڙين ٿي وڻ کان، ساري سڀ ڄمار،

ڌڻي ڪندو ڌار، توکي هن وڻ کان.

 

جهرڪي

ڌار نه ٿيان وڻ کان، هي پهريون فرض،

ڇا ڪندا ڇوڪرا ! اهي ليليءَ کي لفظ،

کاڌو آهي خالي تو، مون مُٺيءَ جو مغز،

کڻايو آهي تون ڪينڪي، ڪالو ! مون کي قرض،

ڪالو ! تنهنجي ڪاوڙ جي، ناهي گوليءَ کي غرض،

نماڻيءَ جي ننگ جو، آهي الله کي عرض،

مالڪ مريئي مون تان مِٽائيندو مرض،

ناهي تنهنجي غرض، رهندس انهيءَ وڻ تي.

 

ڪالو

مرين انهيءَ وڻ تي، تون نڀاڳي نار،

هچا پوي توتي، تون وٺي ويٺينءَ ٻچا ٻار،

چڙي ! تون چنبي جيڏي، ڇا بندي لاءِ بار،

پر قياس اچي ٿو توتي، نحس ۽ نڪار !

ماڻهن سان معاملو آ اوکو ۽ اسرار،

آءٌ وڃان ٿو هليو، ڪر نه تون بيزار،

شل شڪارين جو شڪار، ٿئين انهي ماڳ تي.

 

مناظرو محمد بخش ۽ جهرڪين جو

(چيل محمد بخش جو )

]هن مناظري ۾ شاعر جي پوک تي جهرڪين اچي مارو ڪيو. گهڻيئي ڪوشش ڪيائين ته جيئن جهرڪيون ٻنيءَ ڏانهن نه اچن پر انهن جند ڪانه ڇڏيس. نيٺ هڪڙي ڏينهن بيزار ٿي جهرڪين کي چيائين ته اوهان سان وڙهڻ جي اٽڪل پيو ڳوليان. تنهن تي جهرڪين چيس ته اسان جا آکيرا تنهنجي ٻنيءَ کي ويجها آهن، تنهنڪري سهوليت سان تنهنجي ٻنيءَ تي اچون ٿيون، ٻيو پاڙيسري به آهيون، تنهنڪري تنهنجو اسان سان جهيڙو ڪونه جڳائي. باقي هڪڙي اٽڪل توکي ٻڌايون ٿيون، ائين ڪندين ته پوءِ خدا ڪندو ته توکي هڪل به ڪرڻي ڪانه پوندي. ائين چئي جهرڪيون کيس اڳڙين جي اُڻن وجهڻ جي اٽڪل ٻڌائين ٿيون، پر شاعر کي جهرڪين جي ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي، تنهنڪري وڌيڪ ٻڌائين ٿو ته: ٻارهين رپئين جو ٻج اڌاورو آڻي ٻنيءَ ۾ وڌو  اٿم، تنهنڪري پکين کان بچائڻ ضروري ٿو سمجهان، هاڻي اهان جو علاج آهي کانڀاڻي ۽ ڳوڙهو، جي حياتي پياري اٿو ته قادوءَ جي ٻنيءَ ڏانهن لڙي وڃو. شاعر  جو چوڻ آهي ته جهرڪين جي صلاح سان اڳڙين جا اَڻا ٺاهي وڌم، ان بعد وري جهرڪيون نه آيون.[

محمد بخش

جهرڪيون ! اچو ٿيون جوش مان، هيڏي ڪريو هُل،

ويساهي ويهي رهو، ڪانه پويوَ ٿي ڪل،

سٽي جنبن [13] سان ڪندس، ڀترن ساڻ مهل،

ويٺو ٽليان ٽل، جهرڪيون اوهان جي جهيڙي جي.

 

جهرڪيون

اسان جي جهيڙي جي، تون ٽَل ٽَل ڪانه،

’مجنو‘ آهي مست، جنهن جو شاهه رکيو آهه شان،

واهيرو اٿئون ويجهڙو، آهي ڀر ۾ ’ڀائي خان‘،

اُڻان [14] ڪر اڳڙين جا، ڌري پنهنجو ڌيان،

توکي الله ڏيندو ايمان، تون هڪل ڪندين ڪانه ڪا.

 

محمد بخش

ڇو نه هڪل ڪريان اوهان کي، ڪهڙو ڪريان علاج ؟

ٻارهين روپئين جو ٻج وڌم، روپيو ڀريان پيو وياج،

کانڀاڻي ۽ ڳوڙهو آهي، اصل تنهنجو ڏاج،

هاڻي ڪر ”محمد بخش“ تي ٻاجهه، ڪاهي پئو ’قادو‘ ڏي.
 

مناظرو ڄام چانڊيي ۽ بُربلي جو

(چيل ڄام خان چانڊيي جو )

]هن مناظري ۾ ڄام خان چانڊيو (شاعر) هڪ بُربُلي (نر بلبل) کان بيزار ٿي، ان کي پوک مان تڙڻ جي ڪوشس ڪري ٿو. پاڻ اڳيئي ’باڊڻ جوار‘ مان ڪڪ آهي، ويتر مٿان بَربلي ۽ سندس جوءِ جو آزار، سو بربلي کي ڏس ڏئي ٿو ته: ’ٽيٽهاري‘ ۾ پوک پڪي پئي آهي، اوڏانهن وڃو. بُربلي جواب ڏنو ته: ڇو اسان کي ٻئي پاسي جو ڏس ٿو ڏين. هيءَ ساڳي ٻني جڏهن ٻين جي هٿن ۾ هئي تڏهن چؤڌاري پکي پيا چڳندا هئا. پر تون آهين جو ڪڻو به نٿو چڳڻ ڏين. ڄام خان چويس ٿو ته: اهي هئا موالي لڏو، پر اسين پاڻ ۾ ڳچ همراهه آهيون، محنت ڪريون ٿا، تڏهن ٿو گذر سفر ٿئي. اسان کي اوطاق جي خرچ لاءِ به ان جا خرار گهرجن. هاڻي جي چڱائي گهرين ته ٻيءَ ڪنهن ٻنيءَ ڏانهن اُڏامي وڃ. ان بعد بربلو، ڄام خان کي اچي منٿ ڪري ٿو ته: هينئر سياري جا ڏينهن آهن، ٺهيل ٺڪيل اجهو ڇڏي ٻاهر نڪرندس ته ٻچا سيءَ ۾ مري ويندا، ان تي ڄام خان چويس ٿو ته: هن کان اڳ تون پاڙي ۾ پيو هئين، پر خواهه مخواهه چوري تي سنڌرو ٻڌي تڪرار ڪري اچي خوار خراب ٿيو آهين.[

 

ڄام خان

’الله جل جلالہ‘، جوڙي جوڙ جبار،

پوکيم پوک پريت مان، ڏسي پاڻي سندو پار،

’باڊَڻ‘ کان مون بس ڪئي، ههڙي جڏي جُوار،

جا پنجين ’پوهَه‘ ۾ نه پڪي، آهي سائي سڀ ڄمار،

اَچي هريو هڪ بُربلو، جو ڇتو آهي ڇلنگار،

جهيڙو ٻَهڙو ٻولاهو، تهڙي نانگي سندس نار،

سو ويري ورچيئي ڪين ٿو، اچي کائي رکيو کار،

توکي ڏس ڏيان ڏيهه جو، ڪِي انڌا ! ڪر اعتبار،

ته پڪي اٿئي پرت مان، اڄ ’ٽيٽهاري‘ جي ٽار،

ڀيڙا ٿي آئين ڀارَ، هلي سڀ ويهو ’سنگهر‘ ۾.

بربلو

ڪين وڃون ٿا ’سنگهر‘ ۾، توتي ناهيون بار،

رزق رسائي رازق ٿو، جو سدا شاهوڪار،

اڳ به هن زمين تي، ڪي هاري هئا هزار،

پر ’مهلُو‘ نالي مرد هو، سو ڪونه ڏيندو هو گار،

هو ٻانڌاڻي ٻيڙين جو، پيو حُقي تي هيجار،

دلو پيءُ ’دلياڻين‘ جو، ڪندو هو تن اندر کي تار،

عيب وٺئي ڙي انڌا ! جي کڻي تون پٺ تي پاسو وار،

پکي هوندا هئا پوک ۾، چڻندا پيا چوڌار،

هرڪو گُج ڀريو گينوار، وريو ويندو هو واهيري.

 

ڄام خان

وري ويندا هئا واهيري، پر پڇ ته ڏيئين پار:

ته اهو پگهر نه هو پيءُ جو، اُهو ’موساڻي‘ مڪار،

جنهن جيئري پنهنجي جانب کي، ڪيو هو بکن ۾ بيزار،

تنهن نادان نالائق تي، ماڳهين ناهه ميار،

اسين ڌنڌو ڪريون ٿا دل سان، ٿو الله ڪري انبار،

پوءِ آيا ويا اوطاقن ۾، جتي کائجن پيا خرار،

مڙس مڙيئي مٿير آهن، ويهڻ جا وينجهار،

ڪن رهاڻيون راڄ سين، سي کليو ڪن کينڪار،

سچو آهي سردار، ته پاڙ وڃائينداسون پکين جي.

 

بربلو

ڏئين ٿو پاراتا پکين کي، تون ٻاروچڪو ٻار،

’دلاڻين‘ جي ديهه ۾، نه آهي ڪو زبر زميندار،

هڪل ڪرين ٿو هيبت مان، وڃي ٿو ڳيري جي ڳٽڪار،

اهو عيب اميرن ۾، جو لوڌين پاڙي مان پهنوار،

رکجن هيڻن مٿي هٿڙا، مٿئون ڏسي ٿو ڏاتار،

جي وينداسون ’وَلاسيي‘ [15] کي، ته ڪٻرون ڪنديون ڪُوار،

اهو آهي اندر ۾ آچار، ته ڪين وينداسون ڪيڏهين.

 

ڄام خان

ڪين ويندين جي ڪيڏهين، ته ٽُنڊا ! مُنهن تان ٽَر،

اڃا رات وهاميو خير سان، اچيو ٿئي اَسُر،

اسين نيّت ڪريون نماز جي، تون ڪرين ڪانن تي ڪرڪر،

جيسين پڙهون تسبيح ربّ جي، تيسين سُڃا ! صبر ڪر،

جڏهن پرتئون چڙهون پيهي تي، تڏهن ڪارو مُنهن پيو ڪر،

”ڪُل نفس ذائقة الموت“ ايندو هر ڪنهن ايءُ امر،

ڪجهه خوف خدا جو ڪر، نه ته هڻندين گهڻا هٿڙا.

 

بربلو

هڻندس گهڻا هٿڙا، ته به مڙهيون اهي ماڳ،

اسين وڙهون وڳون ڪونه ٿا، نه ڪي ڪريون ڪو کٽراڳ،

ڪڻڪون کائون ’ڪلري‘ جون، ٻيو ’سورهڏي‘ جو ساڳ،

ڪٿئون ڏمريو ڏيهه ڌڻي، ڦِٽو ’ڀوريءَ‘ سندو ڀاڳ،

’لال لوهارڻ‘ لڏا کنيا، لڳو ’دونهارڻن‘ کي داڳ [16]،

’هُد هُد‘ اُٺ حيران ٿيا، ته ناهي پکين سوا ڀاڳ،

هاڻي والي وارج واڳ، ته نخرا ڪريون ’نوت‘ ۾ [17]،

 

ڄام خان

نخرا ڪندينءَ ’نوت‘ ۾، سا توکي آهي پڪ،

پر ٻيڙيءَ ٻڏا ! ٻروچن کي، ڪوهه ٿو ڪرين ڪڪ ؟

چوريون ڪيئي ’چانڊين‘ جون، نه ڪنهن جو هادي وڃائيندو حق،

اڄ ته ڄاريون پڪيون ”ڄام“ چئي، ٿي ’مولچند واهه‘ تي مَڪ،

روڙي انهن کي رات ڏينهن، پيا ڦوڪيو هڻو ڦڪ،

کاڌا هئي کُڳ ’کڏي‘ ۾، پڙ هاڻي پيو ڪتن سان لڪ،

نانگا ! وڍائي نڪ، ٿئين لڄارو ليلَن ۾ [18].

 

بربلو

ڪَيُئي لڄارو ليلن ۾، مون ۾ ڪهڙا ڏٺئي عيب اَپار؟

تون طعنا هڻين ٿو تڪڙا، انهن مهڻن سان نه مار،

کينداسون خوشيءَ منجهان، جا تنهنجي ’تُري‘ تيار،

اٽڪياسون اچي اوچتا، هاڻي سوڀون وس ستّار،

کاڌو سون پاسو ’پنهور‘ جو، ڪئين هيسياسون هزار،

اڃا توکي ڪاوڙ قلب ۾، ڪرين ٿو وڙهڻ جا ويچار،

ڪجهه نرميءَ ساڻ نهار، ته اسين ڇڏيون پُٺي پوک جي.

 

ڄام خان

ڇڏي پٺي پوک جي، هتان توکان وڏا ويا،

هيءَ جا پوک پرائي، سا ٿيندي ڪين نيباهه،

جن جُڳ ڪيا هُئا ’جياري‘ ۾، تن کي راتؤن رڇ پيا،

ور چڙهيا ڪنهن وريام جي، جنهن سڀئي سوگها ڪيا،

جتي کاڌي کُٽن خزانا، اُتي چُوڻا ڇا چلندا،

جهوتون ڏيندي جهنگل ۾، اچي ساٿين سڏ ڪيا،

ڪئين خان کپي هت ويا، تون ڪين جَٽيندين جنگ ۾.

 

بربلو

جنگ ڏئين ٿو جانورن سان، هي تو ۾ پيريءَ جا پار،

ڳوڙها هڻين ٿو ڳوٺن تي، جتي ويٺا آهن وانڍيار،

کانڀاڻي تو خان جي، ڪري ٿي ميل پنڌ ۾ مار،

جتي اڏجي ٿي عشق منجهان، ڪا بلبل جي بازار،

جڏهن ٿئي وقت وچينءَ جو، لڳي ليلن سندي لار،

’سائينداد‘ جي سيري ۾، ’ٿاريلا‘ ڪن ٿار،

هميشہ هُرلي ’هوت‘ ۾، اسان جو تُور ته ٿئي تيار،

وٺيو ٻچا ٻار، اسين پيا آهيون انهيءَ پٽ ۾.

 

ڄام خان

پيو آهين انهيءَ پَٽ ۾، ته تنهنجي سگهي لهندس سار،

نه ته اٿنديئي کڻج آٿر، وڃي رکج ’بگو کڏي‘ تي بار،

کاڄوڪر وڃي ’کاهي‘ ۾، ويهي پنج ڏينهن پگهر ٺار،

پوءِ ترت وڃج ’ترائي‘ تان، وڃي ٿج ’ملا حسڻ‘ جو مُجار [19]،

جَوَ وڃي کاءُ ’جاتيءَ‘ ۾، ٻيا ’چوهڙ‘ سندا چار،

هتي ککا ! ٿئين ٿو خوار، نه ته وڃي مزا ماڻج ’ماڃر‘ ۾.

 

بربلو

ٻڌي گفتگو غمگين ٿي، ليزم ٿيو لاچار:

ته ڪين پڄنداسون ڪڏهين، مفت کِينداسون مار،

آهي هيڏو زور ’حمزاين‘ کي، جن وٽ وهي پيسي سندي پار،

هاڻ ته راضي ڪريون رئيس کي، وٺي هلونس ٻُنڀي اندر ٻار،

ڇڏ ته ويهون ڇٻر ۾، نه ته هٿ سان کڻي مار،

جي ڪڍندين اسان کي ڪکن مان، مٿان آهي سياري جو ٺار،

ڪِين پنهنجو ننگ نهار، ته اسان سکيا ٿيون ساڻيهه ۾.

 

ڄام خان

سکيو گهڻو هئين ساڻيهه ۾، پر ڀورا ! ٿين تون ڀُوڪ،

ٿئين هيڏو خوار خلق ۾، ٻي هر ڪنهن سندي هُوڪ،

سَٺئي پنهنجي سر تي، چوريءَ سندي چوڪ،

ماڻهن ليکي مُجرو، پر هيءُ سهڻو ٿيو سلوڪ،

ڪلمي سندي ڪُوڪ، سِگهي سڻج سائل جي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو حاجي ۽ ٻوڙيءَ جو

(چيل حاجي خاصخيليءَ جو)

]هن مناظري ۾ شاعر جي پوکيل جوئر تي ٻوڙي (پکي) جهاز تي اچي ٿي. حاجي کيس هڪل ٿو ڪري ته: ٻوڙي ! ٻنيءَ کان ٻاهر ٿيءُ، ڇاڪاڻ ته سور کائي سانوڻيءَ جي پاڻيءَ تي پاڇاٽي پوک ڪئي اٿم، سا تنهنجي هٿان کاڄڻ نه ڏيندس، هاڻي مهرباني ڪري حاجيءَ کي هلاک نه ڪر. ٻوڙي جواب ڏئي ٿي ته: اڃا رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ آئي آهيان، پر جڏهن ولرن جا ولر ايندا، تڏهن ته تو جهڙا گهڻا هلاک ٿيندا. پوءِ جڏهن لابارا پوندا تڏهن موٽي وطن وينديس. پر شاعر کيس وڌيڪ ڳالهائڻ کان منع ڪري هڪدم وڃڻ جي هدايت ڪري ٿو، ٻوڙي به کيس اهڙو ئي جواب ڏئي چئي ٿي ته: آءٌ اڃا رڳو تنهنجي شرافت جي ڪري مڙي ٿي وڃان، پر جي وهيا، هيڙها، ڳيرا، ٺوڙها ۽ جهرڪيون سڏيم ته پاڻهي خبر پئجي ويندئي. حاجي کيس ٻڌائي ٿو ته مون به کانڀاڻيءَ ۾ پَٽ جو نئون پوڇڙ وجهايو آهي، جيڏي مهل ڳوڙهن جو وسڪارو ڪيم، ’سرانڍ‘ ئي وسري ويندئي. آخر ۾ ٻوڙي کيس منٿ ٿي ڪري ته: نالي خدا جي مون کي سرانڍ مان نه ڪڍج، ڇو ته آکيرو به اتي ئي اٿم، جنهن ۾ سنهان ٻچا وهاريا اٿم؛ باقي انجام ٿي ڪريان ته تنهنجي ٻنيءَ جو نالو نه وٺندس. اهڙيءَ طرح مناظرو ختم ٿئي ٿو.[


[1] . سچار = ڪالوءَ جو ٻيو نالو.

[2] . مليش = مليڇ. گهٽ ذات.

[3] . مهميش = مهميز.

[4] . ايس . پي. = سپرنٽينڊنٽ پوليس.

[5] . ڪامريد = هاري ورڪر.

[6] . سرويل = سروير.

[7] . ايس . ڊي . او. = انجنيري کاتي جو هڪ آفيسر، سب ڊويزنل آفيسر.

[8] . سپرويز = سپروائيزر.

[9] . چينچائڻ = چچائڻ، آزارڻ.

[10] . ڌنڌ = ڦڏو، فساد.

[11] . چمچي بازي = لائي چائي، جهيڙو.

[12] . ٻهار = ٻاهر.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي کان ملي.

. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 401.

[13] . جنب = زنب، وڏو ڀتر.

[14] . اُڻان = نشان.

* . هن مناظري جي روايت لاڙ ( تعلقي ٽنڊي باگي) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 129.

[15] . ولاسيو  = بدين تعلقي جي تاريخي ايراضي، ’ونگي‘ سان لاڳو.

[16] . ’لال لوهارڻ‘ ۽ ’دونهارڻي‘ پکين جا نالا.

[17] . نوت = نوتيار جي قوم بستين واري اراضي، تعلقو بدين.

[18] . ليلا = ننڍا هيڙها پکي.

[19] . مجار = مجاور.

* . هن مناظري جو متن ”نئين زندگي“ فيبروري 1955ع تان ورتل آهي.

*  شاعر حاجي خاصخيلي، وڪيل جي ڳوٺ. تعلقي سنجهوري جو رهاڪو آهي. چاليهه  سال کن ٿيا جو گُذاري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org